Realtime Hit Counter

Monday 2 May 2011

”اوڏ اِتهاس“ جو آڳو پيڇو عبدالرئوف سومرو

”اوڏ اِتهاس“ جو آڳو پيڇو
عبدالرئوف سومرو


اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا عوام جو ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو آهي. اليڪٽرانڪ ميڊيا لمحن ۾ نت نيون خبرون، حيرت انگيز ۽ ڇرڪائيندڙ اسٽوريز اسڪرين تي آڻي عوام کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي پر ٻئي پاسي پرنٽ ميڊيا به اليڪٽرانڪ ميڊيا جي عروج باوجود پنهنجي بقا کي برقرار رکيو اچي. اخبارون ۽ رسالا ڪرنٽ اشوز توڙي علمي ادبي موضوعن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا آهن پر ڪتابن جو اجراء پنهنجي پر ۾ وڏي تاريخ رکي ٿو. ڪتابن جي سفر ۾ صدين کان وٺي اڄ تائين لکين موضوعن تي لکيو ويو آهي پر اها ٻي ڳالهه آهي جو اليڪٽرانڪ ميڊيا جي طوفان قارئين کان ڪتاب پڙهڻ جي ڪرت کسي آهي پر پوءِ به کوڙ سارا ”ڪتابن جا ڪيڙا“ ڪتابن کي تلاش ڪري وٺندا آهن ۽ پسند جا ڪتاب وٺي علم جي اڃ اجهائيندا آهن. اهڙن ڪتابن ۾ تاريخي ڪتاب ناياب ٿيندا پيا وڃن. تاريخي ڪتابن جو مواد ئي اصل ۾ ان جو جوهر ۽ جلوو ٿئي ٿو. ان سلسلي ۾ سارنگا پبليڪيشن جي ڪوشش جس لهڻي، جو انهن تاريخي ڪتابن جي تلاش ۾ هڪ قدم اڳتي وڌائيندي اوڏ کتريه چندريڪا کي ”اوڏ اِتهاس“ جي نالي سان ڇپائي نئين تاريخ رقم ڪئي آهي. اهو ڪتاب 1930ع ڌاري ڀارت جي مهان ليکڪ ٺاڪر لڪشمي نارائڻ سنگهه ڀڳوتي پرشاد سنگهه هندي زبان ۾ اوڏن جي نسل بابت تحرير ڪيو. هو لکي ٿو ته، هن 1917ع ڌاري اوڏ جاتي تي تحقيق شروع ڪئي ۽ ڏهه سال تاريخ سهيڙيندو رهيو هو. هن ڪتاب کي سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جو ڪريڊٽ امولک داس کيتاڻي ڏانهن وڃي ٿو پر افسوس جو هو پنهنجي حياتيءَ ۾ اهو تاريخي ڪتاب ڇپرائي نه سگهيو پر ڪتاب جي ڇپائيءَ لاءِ پنهنجي پٽ رٽائرڊ پروفيسر شوقين مل اوڏ کي پارت ڪري ويو. ويهن سالن جي وقفي کان پوءِ شوقين مل نامياري ليکڪ ۽ شاعر سردار شاهه جي نگرانيءَ هيٺ ڇپائيءَ جو ڪم حوالي ڪيو، اها ذميواري رام اوڏ کي سونپي ويئي. هي ڪتاب ٻن حصن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ پهريون حصو ٺاڪر لڪشمي نارائڻ سنگهه جو ۽ ٻيو حصو ”اوڏ اڀياس“ رام اوڏ جو لکيل آهي. اوڏ اتهاس جو مهاڳ عبدالقادر جوڻيجي لکيو آهي ۽ بئڪ ٽائيٽل تي سنڌ جي مشهور ڪالم نگار سردار شاهه جي مختصر ۽ معنيٰ خيز لکڻي، جيڪا ڪتاب جي مترجم امولک داس کيتاڻي جي باري ۾ ساروڻيون ساري ٿي.

هن ڪتاب جو پهريون حصو نون بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ليکڪ اوڏ نسل جي تاريخ بابت اوڏن کي راجپوت ثابت ڪندي اهو لکيو آهي ته اوڏ سورج ونسي راجپوت چڪر ورتي مهاراجا سگرجي جو اولاد آهن ۽ انهن جي حڪمراني اوڏ ديش (اوڙيسه) ۾ هئي. رِشي اوءرو جي ڪارنامن جي عيوض مهاراجا سگرجي پنهنجي پيڙهيءَ جو نالو اوڏ رکيو ۽ لفظ اوءرو مان اوڙ ۽ پوءِ سنسڪرت زبان ۾ اوڏ ٿيو. ليکڪ هن ڪتاب ۾ اوڏن جي نسل جو ذڪر تاريخي حوالن سان ڪندي راجا سگر، ڀاگيرت ۽ آهوڪِجي وغيره جو احوال اهڙو ته عاليشان اوريو آهي، جنهن مان ان وقت جو مذهبي، سماجي، ثقافتي عڪس پسي سگهجي ٿو. ان کانسواءِ اوڏ نسل جون شاخون پڻ آيل آهن، جنهن ۾ لڪشمي نارائڻ سنگهه برهما کان شروع ٿيندڙ اوڏن جو نسلي شجرو شري رامچندر سان وڃي ملائي ٿو. ان ڪتاب جي انفراديت ان ڪري به آهي، جو ليکڪ پراچين اتهاس جي ناياب ڪتابن تي نگاهه وجهندي پنهنجي موقف جي دفاع ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ اهڙن ڪتابن جا حوالا ڏئي ٿو، جيڪي ڪتاب سنڌ جي اڪثر تاريخدانن جي پهچ کان پري آهن. گنگا نديءَ جي وهڪ کان ويندي اوڏ ديش جي عظمت بابت هن ليکڪ ڏاڍي معقول ۽ منفرد انداز ۾ اتهاس سهيڙي اوڙيسه جي عروج جو احوال بيان ڪيو آهي. مجموعي طور تي ”اوڏ اتهاس“ ۾ ليکڪ ڪتاب ۾ اهڙي دلچسپي رکي آهي، جو پڙهندڙ صفحي پويان صفحا پڙهي يڪساهيءَ ۾ ڪتاب کٽائڻ جي ڪوشش ڪندو پر ڪٿي به بوريت واري بحر ۾ قطعي غوطا ڪونه کائيندو. ان ڏس ۾ مترجم به ڪمال جو ڪم ڪيو آهي، جو پڙهندڙ ائين ئي محسوس ڪندو ته اهو ترجمو نه پر اصل سنڌي ٻوليءَ ۾ سرجيل آهي.

اوڏ اتهاس جي ٻئي حصي جي ”اوڏ اڀياس“ جي ليکڪ رام اوڏ وڏي سنڌ جي قلمڪارن کي مزيد تحقيق ۽ تنقيد جي دعوت ڏني آهي. هن سنڌ جي عام لکارين تي ڇوهه ڇنڊيندي اوڏن بابت اڻپوري معلومات جو به سوال اُٿاريو آهي. هن مقالي ۾ سنڌ جي اوڏن جي زندگيءَ ۽ ڪرت سميت سندن ڪڙم ۽ قبيلن، مذهبي ڏڻن ۽ رسم جي ڄاڻ ڏني آهي. صنعتي انقلاب کانپوءِ اوڏن جي پيشيوراڻي پسمنظر ۾ ڪهڙيون تبديليون آيون؟ هنگلاج ڏانهن اوڏن جي ياترا، ڀڳتن جي منڊلين ۽ سنڌ ۾ ستسنگ ۾ ڀگتن جي ڀڄنن تي فني حوالي سان به قلم کي جُنبش ۾ آڻي ڪيترن ئي اُلجهيل مامرن کي سلجهايو آهي. ان کانسواءِ سنڌو ڪناري ويد رچنا ۽ راف ٽي ايڇ گرفٿ جي ڪتاب تان رگويد ۾ آيل سنڌوءَ جي احوال کي به ترجمو ڪيو آهي ۽ اهي شبد سنڌوءَ جي عظمت متعلق آهن. هن حصي ۾ حال حيات ۽ پرلوڪ پڌاري ويل اهم اوڏ شخصيتن جو به ذڪر ڪيل آهي. اهي پروفائيل ڪافي گمنام ڪردارن کي منظر عام تي آڻين ٿا. اوڏ اتهاس جو پهريون حصو هند جي قديم اوڏن بابت ۽ ٻيو حصو سنڌ جي موجوده اوڏن جي رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن، مذهبي ۽ ثقافتي پسمنظر جو شهپارو آهي.

abdulraoofsoomro@yahoo.com
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com

No comments:

Post a Comment