Realtime Hit Counter

Wednesday 13 November 2013

سنڌي مولوين جو شاندار ماضي – ملان ۽ مسٽر جو ڪردار- حافظ سڪندر تنيو

سنڌي مولوين جو شاندار ماضي – ملان ۽ مسٽر جو ڪردار- حافظ سڪندر تنيو

November 3, 2013 at 4:06pm


سنڌي مولوين جو شاندار ماضي – ملان ۽ مسٽر جو ڪردار- حافظ سڪندر تنيو


مروج سياسي نظام انگريزن جي دور کان شروع ٿيو. جنهن کي پارلياماني جمهوريت جو نالو ڏنو ويو، ان ۾ جديد تعليم يافته مسٽر صاحبان، انگريزن طرفان عطا ڪيل جاگيرن جي مالڪي ۽ مذهبي ماڻهن پئي حصو ورتو.
ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ مذهبي طبقي جي قيادت ڪانگريس ۽ جميعت علماءَ هند سان سلهاڙيل هئي، جيڪي ٻيئي جماعتون هندوستان جي ورهاست ۽ ٻه قومي نظرئي جون سخت مخالف هيون، جڏهن ته مسلم ليگ کي وري انگريزن جي حمايت حاصل هئي. ان ۾ آغا خاني واپاري، جاگيردار طبقو شامل هيو.
مسلم ليگ جي منشور ۾ مذهب جي بنياد تي ملڪ کي ورهائڻ جو نقطو شامل هيو، جڏهن ته ڪانگريس ۽ جميعت علماءِ هند گڏيل هندوستان ۾ رهي مسلمانن ۽ هندن کي سندن تعداد جي توازن مطابق ملڪي وهنوار هلائڻ جون حامي هيون.
سنڌ ۾ ان وقت جيڪا مذهبي قيادت هئي، ان ۾ عبيد الله سنڌي، محمد صادق کڏي وارو، دين محمد وفائي، عبدالڪريم چشتي، حماد الله هاليجدي، تاج محمود امروٽي جا نالا مٿين فهرستن ۾ هئا. اڄ جيئن ان دور ۾ هندو مسلم تضاد کي انگريزن جي خواهش مطابق ڄاڻي واڻي وڌايو ويو هيو، جنهن ۾ سنڌ ۾ مسٽرز طبقو فرقيواريت کي وڌائڻ ۾ پڻ اڳ اڳ ۾ رهيو. ليڪن ان وقت جي سنڌي مولوين پنهنجا پلئه، ان گند ۾ پسجڻ کان بچائي رکيا. مون کي محترم جي ايم سيد ۽ ٻين شخصيتن لاءِ انتهائي احترام آهي ۽ نه ئي منهنجو مقصد ڪنهنجي ڪردارڪشي ڪرڻ آهي، صرف حقيقيتن کي ظاهر ڪرڻ مقصد آهي ۽ تاريخ جا بي رحم فيصلا پڻ ڪنهن جي به عقيدت جو احترام نه ڪندا آهن. يورپ جا ماڻهو پنهنجي هيروز جو سخت مواخذو ڪندي ڪين ڪيٻائيندا آهن، ليڪن اسان وٽ ئي الميو آهي جو شخصيت پرستي جي بتن جي پوڄا هميشه کان ڪرائي ويندي آهي. ان پوڄا ڪرائڻ ۾ سياسي ماڻهو پنڊت ۽ ٻائي جو ڪردار ادا ڪندا آهن. مون اڄ مئگزين جي هڪ پرچي ۾ پڙهيو هيو، جنهن ۾ مولانا عبيدالله سنڌي سان منسوب هڪ  جملو ٿيل هيو، ”شخصيت پرستي نبين سڳورن جي به نه ڪبي آهي، سندن فڪر ۽ نظرئي کي follow ڪرڻو پوندو آهي“ ۽ واقعي به شخصيتون هميشه لاءِ  نه رهڻيون آهن، سندن فڪر کي پائيدري حاصل هوندي آهي.
سنڌ ۾ سکر درياهه جي ڪپ تي منزل گاهه نالي هڪ ميدان هيو. هندن جي دعوي هئي ته اسان جو اتي مندر آهي اها جاءِ اسان کي مندر لاءِ ڏني وڃي، جڏهن ته مسلمانن ان ميدان تي مسجد ٺهرائڻ لاءِ گهر ڪري رهيا هئا. ۽ انهيءَ معاملي تان ڪجهه هندو مسلم فساد به ٿيا. انهن فسادن ۾ مسلمانن جي حمايت ۾ جديد تعليم يافته طبقي منجهان جي ايم سيد، علي محمد راشدي، ايوب کهڙو، حاجي عبدالله هارون سان گڏ درگاهن جا مجاور پير ۽ غير سياسي ذهن رکندڙ تنگ نظر مولوي، علماءِ هند ۽ سنڌ جي سموري قيادت هندن کي زمين ڏيڻ جي حق ۾ هئي، سندن بقول ته اها ملڪيت هندن جي ئي آهي. مسلمانن کي ان تي زبردستي قبضو ڪرڻ نه گهرجي. ٻنهي مذهبن وارا هن خطي جا قديمي رهاڪو آهن. مذهبي وراداري کي ٽوڙڻ نه گهرجي، ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ پڻ ملي ٿو ته حضرت عمر جي روبرو پڻ اهڙو مسئلو آيو هو جنهن ۾ غير مسلم فرياد ڪئي هئي ته سندن پلاٽ تي مسجد ٺهي ويئي آهي، حضرت عمر ان تي حڪم جاري ڪيو ته يا ته پئسن سان ڪنهن کان زمين خريد ڪئي وڃي پر جيڪڏهن ڪنهن جي پلاٽ تي قبضو ڪري عمارت ٺاهي وڃي ته ان کي مسمار ڪيو وڃي بهرحال ان واقعي ۾ ملان ۽ مسٽر جي ڪردار جو تعداد اوهان جي سامهون آندو اٿم. 1875ع جي آزاديءَ واري جنگ کان پوءِ ديوبند مدرسي جو بنياد وڌو ويو. جتي مذهبي تعليم سان گڏ سياسي تعليم جي تربيت به شاگردن کي ڏني ويندي هئي. حضرت شيخ الهند محمود الحسن جڏهن مدرسي جو انچارج بڻيو ته هن سنڌ مان عبيد الله سنڌي ۽ محمد صادق کڏي واري کي گهرايو، کين چيائين اسان هي مدرسو مذهبي تعليم ڏيڻ لاءِ بڻايو آهي. مذهبي تعليم ڏيندڙ هن ملڪ ۾ هزارين مدرسا آهن، ليڪن اسان جو اصل مقصد وطن جي آزاديءَ جو آهي. ان لاءِ عيبد الله سنڌي توکي ڪابل، سياسي سفارتڪاري لاءِ وڃڻو پوندو ۽ جرمني، روس وغيره کان عسڪري ۽ مالي مدد حاصل ڪرڻي پوندي، عبيد الله سنڌي صاحب حڪم قبول ڪيو ۽ پير جهنڊي ۾ اچي ڪابل وڃڻ لاءِ تياري ڪيائين، پنهنجي هڪ شاگرد عبدالله لغاري کي هالا وري مخدوم ڏانهن موڪليائين ته مون کي هڪ هزار رپين جي سخت ضرورت آهي سا ڏيو. ۽ نياپيءَ کڻي ويندڙ کي چيائين ته توکان پڇيو وڃي ته ڪهڙي ڪم ۾ آهن ! ته چئجائين ته هن وقت اهو ڪم ٻڌائي نٿو سگهان، اڳتي هلي توهان کي ان ڪم جي معلومات ملندي جيڪڏهن پئسا ڏي.ي ته چوندين سجائي ڪم لاءِ ڪتب آندا ويا آهن، پر جيڪڏهن نه ڏيئي ته پوءِ انهن ڪوڏين کي سانڍي رکڻ جو بيحد ارمان ٿيندئي، ته ڪاش هي جڱي ڪم لاءِ استعمال ٿين ها بهر حال مخدوم صاحب هڪ هزار مولانا صاحب کي ڏنو ۽ هو ڪابل روانو ٿي ويو ۽ پوءِ 22 سال جلاوطن رهيو ۽ شيخ الهند کي ڪعبي جي حرم مان گرفتار ڪري انگريزن مالٽا جي ٻيٽ ۾ قيد ڪري ڇڏيو. هڪ ڪردار ملان جو اهو به تاريخ ٻڌائي ٿي.
ان دور جي مذهبي قيادت تنگ نظري کان تمام گهڻو پري هئي. سندن ملاقاتون ۽ تعلقات سيڪيولر ۽ سوشلسٽ اڳواڻن سان ويجها هئا. جيڪي وٽن مهمان بڻجي رهندا هئا. شيخ الهند تحريڪ آزادي ۽ڪانگريسي پارٽي جي هندو اڳواڻن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺل نظر ايندو هو ۽ سندس فرمانبردار شاگرد حسين احمد مدني وٽ ديوبند واري مهمان خاني ۾ اڪثريت ڪانگريسين ۽ ڪميونسٽن جي هوندي هئي. جتي ميزباني جا فرض ادا ڪندي ٻين فرضن سان گڏ پوڙهن مهمانن جا ڪپڙا پڻ ڌوئندو هيو ۽ جيڪڏهن ڪو بيمار ٿي پوندو ۽ جسماني ڪمزوريءَ سبب هنڌ بستري ۾ پيشاب، پائخانو نڪري ويندو هيس ته ان جي صفائي به پاڻ ڪندو هيو ۽ ان خدمت ۾ مدرسي جي ٻين طالبن کي شامل نه ڪندو هيو. اها خدمت ثابت ڪري ٿي ته ايڏي مرتبي ۽ مقام ۽ مذهبي عهدي تي ويٺل ماڻهو غير مسلم ماڻهن سان نفرت بدران محبت ڪرڻ وارو، يقينن اسلام جي اندر ايڏي رواداري ۽ ملنساديءَ کي درست سمجهي ئي ائين ڪندو رهيو، ۽ انهن سان ويجهو رهندو هيو. اسلام جو اهو عملي تفسير هيو جيڪو انهن ماڻهن جي اٿڻي ويهڻيءَ منجهان جهلڪندي نظر ايندو هيو ۽ اهو ئي سبب هيو جو جڏهن شيخ الهند محمود الحسن مالٽا جي جيل مان آزاد ٿي ريل ذريعي دهلي ريلوي اسٽيشن تي لٿو ته ان دور جو آزاي پسند هندن جو وڏو ليڊر مهاتما گانڌي استقبال لاءِ گل کڻي پاڻ انتظار ۾ بيٺل رهيو ۽ حضرت جن کي گل پارايائين ان دور جي ملان جي اگهه جو هڪ ڪاٿو اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
سنڌ ۾ مذهبي قد ڪاٺ ۾ تاج محمود امروٽي جو نالو به مٿاهون مقام رکندڙ. هو هڪ ڀيري سنڌ ۾ مهاتما گانڌي دوري تي آيو، کيس سکر شهر ۾ جسلو ڪرڻو هيو، ان وقت جمعيت علماءِ سنڌ جو صدر امروٽي صاحب هيو، جيڪو روهڙي اسٽيشن تي گانڌيءَ جي استقبال لاءِ منتظر هيو ۽ گانڌي صاحب جن کي بگيءَ ۾ سواري ڪرائي ساڻس گڏ سکر پهتا ۽ لوڪس پارڪ ۾ جلسي لاءِ اسٽيج تي گانڌيءَ لاءِ ڪرسي رکائي ويئي هئي. جنهن تي ويهي ان تقرير ڪئي ۽ ڪرسيءَ کان هيٺ ميز تي گانڌيءَ جي پيرن جي ڀرسان جلسي ۾ امروٽي ويٺو هو، ان واقعي ۾ به ترازو جي تور ملان جو وزن وڌائي ڇڏيو، جڏهن ته سنڌ جا ان دور جا مسٽرز انگريزن جي زالن جي بگين ۾ گهوڙا بڻجي سندن زالن کي راضي ڪندي انگريزن جي وفاداري جا ثبوت خلق خدا آڏو  ظاهر ڪندا هئا.
مولانا حسين احمد مدني جي وفات تي جميعت علماءِ هنڌ جي هفتيوار اخبار الجميعت شيخ الاسلام نمبر شايع ڪيو، جيڪو ڪتابي شڪل ۾ به آيو هو، پراڻين لائبريرين ۾ ۽ کڏي مدرسي ۾ڪتاب موجود آهي. ان ۾ هڪ هندو ڪميونسٽ ليڊر ( نالو ياد نٿو اچيم) جو مضمون به ڇپيو هيو، هو لکي ٿو ته جيل ۾ مدني ۽ آئون گڏ هڪ بيرڪ ۾ قيدي هئاسين. هڪ ڏينهن هڪ قيدي اچي مولانا کي دانهن ڏني ته فلاڻو قيدي منهنجا اٺ آنا چورائي ويو آهي. اهي کانئس موٽرائي ڏيو، مدني صاحب کيس گهڻو سمجهايو ته آنءُ پاڻ هتي قيدي آهيان، منهنجو جيل ۾ ڪهڙو حڪم هلندو، تون جيل انتظاميه کي شڪايت ڪر، ته به هو قيدي سندس ڳالهه مڃي ئي نه پيو اسرار هئس ته نه اوهان وٺي ڏيو. نيٺ مولانا صاحب پنهنجي بستري جي وهاڻي هيٺان رکيل اٺ آنا کڻي ان قيديءَ کي ڏنا. ۽ ان ڪميونسٽ ليڊر چيو ته مون مولانا کي چيو ته آنءُ پنهنجو بسترو گول ٿو ڪيان ۽ توسان گڏهن بيرڪ ۾ نه رهندس، جيڪڏهن توسان گڏ رهيس ته مان به مسلمان ٿي پوندس. مدني صاحب کلي چيو ته تون ته مسلمان اڳيئي بڻجي چڪو آهي بيرڪ مٽائڻ سان ڪهڙو فرق پوندو، تنهن جو ۽ منهنجو مقصد به ته ساڳيو آهي تون ۽ مان هڪ ٻئي کان ڪيترو به پري هجڻ باوجود، ڳنڍيل ئي رهنداسين.ڇو سائين! هن مسٽر سياستدان جو ملهه ڏسو هو ملي کان اگهه ۾ ڪيترو نه ڪريل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پنڱرئي شهر ۾ ڀوري ڀيل جو لاش ڪڍي اڇليو ويو آهي، ۽ اهو نيڪيءَ جو ڪم مسلمانن ڪيو آهي جن تي مسلم نالو سلامتي ڏيڻ وارو رکيو ويو هو، انهن سڀني مجاهدن کي معلوم هجڻ گهرجي ته پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي ڏسن، ته جڏهن قبرستانن جي بي حرمتي خود مسلمان ئي ڪن ٿا ته ان وقت سندن ايماني جذبو ستل ڇو ٿو رهي؟
ڪراچي شهر جي مکيه واپاري مرڪز بولٽن مارڪيٽ ۾ ميمڻ مسجد نالي هڪ مسجد بلند مينارن سان موجود آهي، جيڪا سموري اڏاوت قبرستان جي مٿان ٺاهيل آهي ۽ مسجد جي اوڀرواري حصي ۾ هيٺاهين هنڌ تي قبرن کي ڊاهي اڄ وڃ جو لنگهه بڻايو ويو آهي ۽ ان جي ڪجهه حصي مٿان ڪاڪوس خانه ٺهرايا ويا آهن، جن ۾ هندو، مسلم، عيسائي سڀ پنج روپيه ڏيئي قبرن مٿان ٺاهيل پائخانن ۾ حاجت پوري ڪري رهيا آهن.
جيئن ته ان قبرستان جي ٽن طرفن کان سرمائيدارن ۽ مالڪن جي واپار لاءِ مارڪيٽ ٺاهڻو هيو ۽ پوءِ قبرن مٿان مسجد ٺاهڻ جي آڙ وٺي گندگي نيڪال ڪرڻ لاءِ ان جڳهه تي قبرستان مٿان مسجد ٺاهڻ جي مولانا محمد صادق کڏي واري سخت مخالفت ڪئي هئي، پر ڪراچي جي مولوين پئسن عيوض فتويٰ ڏيئي ان کي جائز بڻائي ڏنو.
ڪالهه جي اڻ پڙهيل سڏجندڙ ملان جو ڪردار به ڏسو ۽ اڄ جي پڙهيل لکيل سياسي، ورڪرن جو رويو به ڏسو، جن ڪوڏاريون هلائي ڀوري ڀيل جي لاش جي بي حرمتي ڪئي هئي. اسلام ۾ قبر پرستي جي هرگز اجازت نه آهي.
http://awamiawaz.net/2013/11/02/23924/
posted by Jokhio Shafique Ahmed.