Realtime Hit Counter

Saturday 27 November 2010

سنڌ جو مختصر سياسي پس منظر


سنڌ جو مختصر سياسي پس منظر

جناب محمد اسماعيل راهو


سنڌ تاريخي لحاظ کان هڪ آزاد، پنهنجي الڳ تهذيب، ثقافت، ٻولي ۽ قومي ڳڻ ۽ سياسي پس منظر رکندڙ هڪ ملڪ رهيو آهي. جيڪو ڊگهي عرصي تائين ڌارين حمله آور قومن جي قبضي ڏاڍ، جبر، ڦرلٽ ۽ قتل و غارت گري سبب زبردست سياسي، سماجي ۽ معاشي نقصان سهندو رهيو آهي.سنڌ انيڪ قدرتي وسيلن جهڙوڪ: سمنڊ، درياهه، معدنيات، تيل، گئس، ڪوئلو، زراعت، وڻج واپار ۽ ٻين مالي وسيلن سان مالا مال آهي. پر انهن وسيلن ۽ دولت جو لاڀ سنڌ جي غريب، پيڙهيل ۽ مصيبتن جي شڪار عوام تائين نه پهتو آهي. انهن وسيلن مان گهڻو ڪري ڌارين غاصبن، لٽيرن ۽ سندن ساٿاري موقعي پرست ۽ لالچي مقامي حڪمران طبقن فائدو پئي حاصل ڪيو آهي.

1843 ۾ سنڌ جي آزاد حيثيت ختم ٿيڻ ۽ 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ تائين، تقريبن هڪ صديءَ دوران سنڌ کي زبردست سياسي، معاشي ۽ سماجي نقصان رسيو. پر اهو سمورو عرصو سنڌ جي سياسي قيادت ۽ سنڌ جا سجاڳ ماڻهو آزادءَ جي تحريڪ ۽ ٻين سياسي هلچلن ۽ جدوجهدن ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺندا رهيا. جن ۾ ”سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ جي تحريڪ“ قابل ذڪر آهي. ان جدوجهد جي نتيجي ۾ سنڌ کي هڪ صوبي جي حيثيت ڏني وئي.

سنڌين کي پاڪستان مان ڇا مليو

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ جي ماڻهن کي اها اميد هئي ته سندن سياسي، معاشي ۽ سماجي مسئلا حل ڪيا ويندا ۽ سنڌ جي خوشحال ۽ خودمختيار مثالي خطي جي حيثيت ماڻيندي. پر پاڪستان ٺهڻ شرط ئي سنڌ سان ڪيل واعدن جي برخلاف نا انصافين ۽ زيادتين جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿيو. اسلام ۽ پاڪستان جي نالي ۾ هندستان مان لکين ڌارين a ڪٽڪ آڻي انهن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو ۽ سنڌ جا شهر، سنڌ جا مالي وسيلا ۽ سنڌ جو انتظام ۽ اختيار انهن جي حوالي ڪيو ويو. ورهاڱي جي نتيجي ۾ هندستان مان آيل ماڻهن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جو ڪو به سياسي، اخلاقي، مذهبي، قانوني ۽ بين الاقوامي جواز نه هو. اها سنڌ جي آزادي ۽ خود مختياريءَ مٿان هڪ ڪاري ضرب هئي. جنهن جا زخم ۽ سور اڄ تائين تازا آهن ۽ شايد ڪڏهن به نه ڀرجي سگهن.

پاڪستان جي نئين جڙيل حڪومت گهري سازش تحت سنڌ ۽ سنڌين کي سياسي ۽ معاشي طرح غلام بنائڻ لاءِ ڪارا قانون ٺاهي سنڌ جي هندن جي ڇڏيل ملڪيت خريد ڪرڻ تي سنڌي ماڻهن مٿان پابندي وڌي ۽ ڪوڙن ڪليمن ذريعي سنڌ جون ملڪيتون ڌارين جي حوالي ڪيون. ساڳي وقت نون بيراجن جي ڪري آبادي لائق ٿيندڙ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مقامي غريب ماڻهن کي ڏيڻ بجاءِ فوجين ۽ ڌارين سرڪاري آفيسرن کي انعام اڪرام طور ڏني وئي. سنڌ جي شاهوڪار سنڌي ٻولي کي ختم ڪري سنڌ تي زبردستي ڌاري ٻولي مڙهڻ جي سازش سٽي وئي. سنڌي تهذيب ۽ ڪلچر کي نيچ چيو ويو. سنڌين کان سندن تاريخي شهر ڪراچي کسي ڌارين جي حوالي ڪيو ويو. سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري ملڪ تي ون يونٽ نافذ ڪيو ويو ۽ سنڌجي سياسي واڳ لاهور ۽ پوءِ اسلام آباد جي مرڪز حوالي ڪئي وئي.محب وطن ۽ پاڪستان لاءِ وڏيون قربانيون ڏيندڙ بنگالين سان ساڳي روش اختيار ڪرڻ سبب 1971ع ۾ پاڪستان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو ۽ اوڀر پاڪستان ”بنگله ديش“ جي صورت ۾ وجود ۾ آيو ۽ ان تاريخي واقعي کانپوءِ ٻه قومي نظريو پڻ پنهنجي منطقي انجام تي پهتو. ان سان گڏ ئي ون يونٽ جو خاتمو ٿيو ۽ سنڌ جي اڳوڻي صوبائي حيثيت بحال ٿي.

اڄوڪي سنڌ جي صورتحال

سنڌ سان ٿيندڙ نا انصافين، زيادتين ۽ معاشي ڦرلٽ جي ڊگهي تسلسل سبب سنڌ اڄ معاشي ۽ سماجي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي چڪي آهي. سنڌ ۾ چوٽ چڙهيل لا قانونيت ۽ امن امان جي بدتر صورتحال سبب سنڌ جي معاشي ۽ سماجي سرگرمي ۽ ترقي رڪجي وئي آهي. اهو ڏينهن خالي ناهي جو سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ ۽ شهر ۾ ڦرن، ڌاڙن، اغوائن ۽ قتل جون وارداتون نه ٿينديون هجن.سنڌي ماڻهن جي گهڻائي، خاص طور ٻهراڙيءَ جو عوام اڄ جي جديد سائنسي دور ۾ به اڏوهي کاڌل، مدي خارج جهالت ۽ وهم پرستيءَ جي ريتن رسمن ۾ ڦاٿل آهي. ڪاروڪاري، پيري مريدي، وڏيرا شاهي ۽ قبائلي تڪرارن ۽ جهيڙن جهٽن سنڌي سماج جي تاريخي اهڃاڻن ۽ انساني چڱاين جهڙوڪ: سهپ، رواداري، ٻڌي، ڇڏڇڏاءُ، معاف ڪرڻ ، امن ڀائيچاري کي ڪاپاري ڌڪ رسائي، سنڌي سماج کي اندر ئي اندر ڪمزور ۽ کوکلو ۽ ڀڃ ڊاهه جو شڪار بنائي ڇڏيو آهي.امن امن جي خراب صورتحال سبب وڻج واپار ۽ ڏيتي ليتي پڻ متاثر ٿي آهي ۽ سنڌ جي هاري، مزدور ۽ غريب عام شهري جي معاشي حالت بيروزگاريءَ سبب رحم جوڳي ٿي وئي آهي. سنڌي ماڻهن جي روزگار جو اهم وسيلو زراعت ۽ ان سان لاڳاپيل ڌنڌا ۽ ڪرتون آهن. ڪيترن سالن کان مٿان کان سنڌ جي پاڻيءَ جي غير قانوني ۽ غير اخلاقي چوريءَ سبب سنڌ ۾ پاڻيءَ جي زبردست کوٽ پيدا ٿي چڪي آهي. سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري بجاءِ واري پئي اڏامي، نه رڳو زراعت لاءِ پاڻي اڻ لڀ آهي پر صورتحال ان حد تائين ڳڻتي جوڳي آهي، جو ماڻهن کي پيئڻ لاءِ به پاڻي نٿو ملي ۽ ڏڪار جو انديشو رهي ٿو.سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي حيدرآباد ۽ سکر کي ڇڏي باقي ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙيءَ جي علائقن ۾ ڪارخانا ۽ صنعت نه هئڻ برابر آهي. جيڪي ٿورا ڪارخانا اڳ موجود هئا جهڙوڪ : نئون ديرو شگر مل، شهدادڪوٽ ٽيڪسٽائل مل، پيارو ڳوٺ دادو شگر مل، ٺٽه سيمينٽ فيڪٽري وغيره، انتظاميه ۽ نوڪر شاهي جي ملي ڀڳت ذريعي هٿ وٺي تباهه ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ انهن ۾ ڪم ڪندڙ هزارين مزدور بيروزگار ٿي ويا ۽ سنڌ جي هزارين خاندانن جي گذر جو وسيلو ختم ٿي ويو.

اسان سنڌ ۽ سنڌي عوام کي ڪيئن ٿا ڏسڻ چاهيون؟

سان سنڌ جي چپي چپي کي سرسبز ۽ خوش حال ڏسڻ چاهيون ٿا. اسان چاهيون ٿا ته اسان جي وطن جو هر ڳوٺ خوبصورت ۽ دلڪش هجي، جنهن ۾ تعليم ۽ صحت جون سڀ سهولتون ميسر هجن، سماجي ۽ ثقافتي هلچل هجي، روزگار جا موقعا هجن ۽ هڪ به فرد بکيو ۽ محتاج نه هجي ۽ هڪ گهر به ڪچو ۽ بنيادي سهولتن کا محروم نه هجي.اسان سنڌ جي سڀني ننڍن وڏن شهرن کي صاف سٿرو، دل کي موهيندڙ ۽ هڪ جيترو ترقي يافته ڏسڻ چاهيون ٿا، جنهن ۾ شهري منصوبه بنديءَ هيٺ ڪشادا چوڪ، ويڪرا رستا ۽ ماڻهن جي تفريح لاءِ لازمي باغيچه ۽ راندين جا ميدان رکيل هجن، هر شهر ۾ ڪارخانا هجن جن ۾ سنڌي عوام کي هنري سکيا ۽ روزگار ملي.اسان چاهيون ٿا ته کير ٿر جبل جون 8 ئي چوٽيون مري ۽ نٿيا گليءَ وانگر ڊولپ (Develop) ٿيل هجن، جن تي سنڌ واسين ۽ سياحن جي لاءِ تفريح گاهون ۽ شهر اڏيل هجن

اسان چاهيون ٿا ته سنڌ جي تمام قيمتي ۽ تمام سهڻي سامونڊي پٽي دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي سامونڊي پٽين وانگر ڊولپ ٿيل هجي ۽ مقامي ماڻهن جي روزگار، خوش حالي ۽ ترقي جو ذريعو بڻيل هجي.

http://www.sindhikitab.net/onlinethiyalkitab/constitutions/awami-jamahori-party/sindh-jo-siyasi-usmanzer.htm

1 comment:

  1. **** اچو ته سنڌيءَ ۾ سوچيون ****

    قرآن شريف ۾ آهي ته :وَإِذَا قُلْتُمْ فَاعْدِلُوا“ يعني جڏهن ڳالهايو ته انصاف جي ڳالهه ڪريو!.

    فرض ڪريو ته هڪ گهر مان چور چوري ڪري ويو. واردات ٿيڻ کان پوء گهر جا ڀاتي پاڻ ۾ ويهي هڪ ٻئي تي حفاظتي بندوبست ۾ سستي جو الزام هڻڻ لڳا.
    گهر ڀاتين مان هڪ پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻين کي چيو :

    ”جڏهن اوهان پنهنجي سامان جو خيال نه ڪندا ته پوء چور چوري ڇو نه ڪندو!؟ تنهن ڪري اوهان پاڻ پنهنجي سامان جي چوريءَ جا ذميدار آهيو! “

    پر اهو ڪاوڙيل گهر ڀاتي گهر مان نڪري جڏهن پنهنجي چوري ٿيل سامان جو ڪيس لڙڻ جي لاء پوليس يا عدالت ۽ پئنچائت وغيره وٽ ويو ته اتي ان مسئلي جو ٻيو پاسو کنيائين۽ هاڻي گهر ڀاتين جي خلاف شڪايت ڪرڻ جي بجاء چور جي خلاف شڪايت ڪرڻ لڳو.
    هاڻي سوال اهو آهي ته هو جڏهن گهر ۾ پنهنجي ماڻهن کي چوريءَ جو ذميدار سمجهي ٿو ته پوء چور جي خلاف ڇو ٿو دانهن ڪري!؟

    ان جو جواب اهو آهي ته برابر گهر ڀاتين جو قصور آهي پر قانون ۽ اخلاق جي نظر ۾ گهر ڀاتين جي ان قصور سان چور کي اهو حق ڪڏهن به نٿو پهچي ته هو ٻئي جي گهر ۾ ناحق گهري پئي ۽ موقعي جو فائدو وٺي ان جو سامان چورائي وڃي!

    هاڻي ان اصول تي هڪ سياسي مسئلو سمجهون ٿا ته سنڌ اسان جو گهر آهي ان جي حفاظت ڪرڻ ۾ اسان گهر ڀاتين کان هزارين ڪوتاهيون ٿيون آهن. اسان ۾ محنت جي بجاء سستي آهي. علم ۽ هنر جي بجاء جهالت آهي. اتحاد جي بجاء اختلاف آهي. اسين ڪانئر ۽ ٽوٽي ۽ نڪما آهيون. بي دين ۽ بد اخلاق آهيون. وغيره وغيره.دنيا جهان جون سڀ ڪمزوريون اسان ۾ آهن.اسان پنهنجي سنڌ پاڻ پنهنجي هٿن سان ٻين جي حوالي ڪئي آهي پر ڇا اهو اسان جو چوري جي واردات وانگر اندروني بحث مباحثو هجڻ گهرجي يا ان بنياد تي اسين سياسي ڊائلاگ ۽ قانوني ادارن جي فورم تي ڌارين کي اهو حق ڏيون ته هو اسان جا سياسي ۽ معاشي حق ڦٻائي وڃن!!!!! ؟؟؟
    آئون اها ڳالهه ان ڪري چوان ٿو جو اسان جي قوم جا ڪيترا ئي ساده لوح شريف ماڻهو ان غلط فهمي جو شڪار اهن. انهن کي ايئن چوندي بڌبو آهي ته ”سنڌين ۾ ڪو لڇڻ ئي ناهي تنهن ڪري قومي حقن جي جدوجهد جي ڳالهه ڪرڻ اجائي فضول آهي خواه مخواه تعصب آهي“ وغيره وغيره.
    پر انهن کي سوچڻ گهرجي ته گهر ڀاتين جي سستيءَ سبب چور جي وارادت ڪرڻ کي حق بجانب قرار ڏئي نٿو سگهجي!!!! قرآن شريف ۾ آهي ته :وَإِذَا قُلْتُمْ فَاعْدِلُوا“ يعني جڏهن ڳالهايو ته انصاف جي ڳالهه ڪريو!.
    سو منهنجي خيال ۾ ته انصاف جي ڳالهه اها اهي ته گهر ڀاتين جي سستي جي بنياد تي دنيا جي ڪا به عدالت چور کي چوري ڪرڻ جو حق نٿي ڏئي...

    ReplyDelete