Realtime Hit Counter

Wednesday 8 December 2010

رسول الله صلي الله عليه وسلم جي ٻئي خليفه عمر رضي الله عنه جو سوشلزم_ليکڪ: حافظ محمد اسماعيل رح

رسول الله صلي الله عليه وسلم جي ٻئي خليفه عمر رضي الله عنه جو سوشلزم_ليکڪ: حافظ محمد اسماعيل رح

الصادق مطبوعات نمبر_1

رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي ٻئي خليفه عمر رضي الله تعالي عنه جو سوشلزم (ڀاڱو پهريون)1

ليکڪ: حافظ محمد اسماعيل رحمة الله عليه مجاهد،

ابن مجاهد اعظم سنڌ والهند،

امام علامة الدهر اسيرالسنڌ والهند،

سنڌ جي آزاديء جو امام،

سرواڻ ريشمي رومال تحريڪ،

مولانا محمد صادق ميمڻ،

عرف مولانا کڏي واروارو سنڌي رح،

ڪراچي_سنڌ

املاء مسڪين جوکيو شفيق احمد

نوٽ : مولانا کڏي وارن جنرل ٽائون شيڊ کي عراق ۾ محاصرو ڪرائي سنڌ مان کاڌ خوراڪ جي ترسيل سپلائي بند ڪرائي ذلت آميز شڪت ڏياري خوار ڪيو هو ، ڇو ته مولانا کڏي وارن جا ايران دشت سيستان سرباز ۽ قتلات جا مينگل ۽ لاسي ،شيدي ۽ سنڌ جا سنڌي تمام لکن جي تعداد ۾ مريد هيا. ذهن ۾ هجڻ گهرجي ته هي تعارفي ٽي سٽون منهنجيون لکيل آهن_جوکيو شفيق احمد.

هن ڪتاب ۾ اسلام جي عدل و انصاف ، سوشلزم (مساواتي نظام) اسلام جي سياسي يعني جمهوري حڪومتي نظام سماجي برابري ، رعيت جي خبرگيري ، حاڪم جون ذميداريون ، رعيت جي هر فرد جي سامهون جوابداري ، شهري ۽ عوامي آزادي ، رعيت لاء روزگار جو بندوبست،مذهبي رواداري ، قوم ۽ مقامي ماڻهن جي حقن جو احترام آزاد عدليه ، انهن سڀني اسلامي اصولن جو عملي نفاذ پڙهندا.

ڇاپو پهريون 1409هه 1988ع ناشر الصادق مطبوعات، کڏو، ڪراچي_سنڌ

عنوانن جي فهرست:-

1.پيش لفظ

2. تمهيد

3.نشنلسٽ

4.عمر رضي الله تعالي عنه شاهه ولي الله جي نظر ۾5

5.سوشلزم

6.خلافت سنڀالڻ

7.جمهوريت

8.اسمبلي جو باني

9. خليفي يعني سربراهه مملڪت و حڪومت جو حق

10.عدل، انصاف ۽ رعيت ۾ مساواتحاڪمن جي ذميداري

11.مذهبي رواداري ۽ غير مسلمن لاء بيروزگاري الائونس مقرر ڪرڻ

12.رعيت جي خير گيري

13.ٻار جو پيدا ٿيڻ شرط الائونس مقرر ڪرڻ

14. بيروزگاري الائونس مقرر ڪرڻ

15. ڏڪار الائونس مقرر ڪرڻ

16.امريڪا ۾ بک بيروز گار

17.مساوات لاء جائز مليڪيت کي نيشنلائيز ڪر

18.مساوات جا مثال

19.لباس ۽ کاڌي جي سادگي

20.سرڪاري خزاني مان خليفه جو حق

21.وفات وقت قرض ڇڏي ويو

22.شهري ۽ عوامي آزادي ۽ رعيت جي هر فرد جي سامهون جوابداري

23.مذهبي رواداري

24.قومي حقن ۽ مقامي ماڻهن جي حقن جو احترام

25.مقامي زبانن جو حق

26.زمينن تي مقامي ماڻهن جو حق

27.فوجين کي زمينون ڏيڻ کان انڪار

28.فاروق لقب جو سبب

29.حڪومتي نظام ۽ عدليه جو قيام

30. سيدنا علي رصي الله تعالي عنه جي دعا

. بسم الله الرحمن الرحيم

پيش لفظ

سنڌي قوم کي گذريل چاليهن سالن کان جيڪي ڏک ۽ سور آهن. ۽ سنڌي جيڪي پنهنجي ڌرتيءَ تي ڌاريا ٿي پيا آهن ، انهن مسئلن جو حل نڪو يورپين جمهوريت ۽ سيڪيولرزم ۾ آهي ۽ نڪو چيني سوشلزم ۽ روسي ڪميونزم ۾ آهي ۽ نڪو وري ڇڙي نيشنلزم ۾ آهي ڇ ته جيڪڏهن انهن مان ڪو حل نڪري ٿو ته رڳو ڪنهن هڪڙي مسئلي جو، سو به تجربي سان ثابت ٿيو آهي ته ان سان مسئلا حل ٿيڻ بجاء ٻيا نوان مسئلا پيدا ٿي پون ٿا.ان لاء اسين يقين سان چئون ٿا ته سنڌي قوم جي مسئلن جو حل فقط دين اسلام آهي.اهو اسلام نه جيڪو سنه 47ع کان هلندو اچي ، ڇو ته اهو مسلم ليگي اسلام آهي.جنهن اصل اسلام جي بدنامي ڪئي آهي.حقيقي اسلام ۾ اوهان کي نيشنلزم ، سوشلزم ، ڪميونزم ، جمهوريت ۽ سيڪيولرازم جون سڀ خوبيون ملنديون ۽ انهن جي خرابين ۽ کان بچڻ جي رهنمائي ملندي ۽ اڃا وڌيڪ اهي خوبيون ملنديون جيڪي دنيا جي سڀني نظامن ( سسٽمز) جي گڏجن سان به نه ٿيون ملي سگهن.هن ڪتاب کي دين اسلام جي خوبين جي ڄاڻ ملندي. هن ڪتاب کي غور سان پڙهو؛ رڳو هڪ دفعو نه بلڪ باربار پڙهو ۽ پوءِ ٻين نظرين ۽ نظامن ( ٿيوريز ائيڊ سسٽمز) سان ڀيٽ ڪريو ۽ پوءِ پاڻ فيصلو ڪريو.

حافظ محمد اسماعيل ميمڻ کڏي وارو،ڪراچي

(رحمة الله تعالي عليه واسعة المغفره) کڏو_ڪراچي،سنڌ.

30_ محرم الحرام سنه 1409 هه ، 3_ سيپٽمبر، سنه 1988ع

محترمي استادي و مربي ڪريم سائين حافظ محمد اسماعيل ميمڻ صاحب رح

الاستادي محترمي مڪرمي الڪريم،حافظ محمد اسماعيل ميمڻ کڏي وارن ڪراچي جي، والد گرامي قدر مجاهد اعظم سنڌ علامة الدهر انقلابي سنڌ جي آزادي جي اڳواڻ مولانا محمد صادق ميمڻ کڏي ڪراچي وارن بابت وڌيڪ تفصيل هن لنڪ کي وزٽ پنهنجو پاڻ ڄاڻ حاصل ڪندا _جوکيو شفيق احمد

http://gulhayat.com/molanamuhammadsadiq.asp

نه کلڻ جي صورت ۾ وري هي منهنجن نوٽس ۾ وڃي ساڳيو مضمون پڙهندا

http://www.facebook.com/note.php?saved&&note_id=446432611917

رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي، ٻئي خليفه عمر رضي الله تعالي عنه جو سوشلزم.

تمهيد: جڏهن کان انسان کي الله تعالي پيدا فرمايو آهي هن ڌرتي تي ڪروڙها بلڪ اربها انسان اچي چڪا آهن ، جيڪي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري هليا ويا. انهن مان اهڙا به هئا جيڪي پنهنجن بڇڙاين ڪري ڌرتيءَ تي هڪ ٻوجهه هئا جن جي وڃڻ تي هن ڌرتي سان گڏ هن ڌرتيءَ جي رهاڪن به خوشي محسوس ڪئي. البته گهڻائي اهڙن ماڻهن جي هئي جيڪي تواريخ ۾ قابل ذڪر نه هئا پر انسانن مان تمام ٿورا انسان اهڙابه هئا جن جي وجود هن ڌرتي لاءِ ۽ ڌرتيءَ جي انسانن بلڪه ان سان گڏ سڄي مخلوق لاءِ سعادت ۽ خوشي جو سبب هو.

انهن انسانن نه رڳو پنهنجي ئي دور کي پنهنجن انساني اصلاحي ڪارنامن سان متاثر ڪيو بلڪه ايندڙ ڪيترين صدين تائين اهي تواريخ تي اثر انداز رهيا ۽ ڪي ته اڃا تائين ايتري قدر اثر انداز آهن جو جيڪڏهن انهن کان رهنمائي وٺجي ته اڄ به انسان ذات لاءِ ساڳي سعادت ، خوشي ۽ ڀلائي وري به حاصل ٿي پوي. اهڙن عظيم انسانن جي پهرين صف ۾ اسان کي عمر رضي الله تعالي عنه به ڏسڻ م اچي ٿو ، جنهن اعتراف اسلام جي بدترين مخالفن به ڪيو آهي.

عمر رضي الله تعالي عنه جي تواريخ سندس ذاتي تواريخ ڪانهي بلڪه هيءَ اسلام جي تواريخ آهي، هي هڪ اهڙي تهذيب جي تاريخ آهي، هيءَ هڪ اهڙي دور جي تواريخ آهي، جنهن هڪ هزار سالن تائين انسانيت کي تهذيب ۽ ثقافت جو سبق ڏنو ۽ اڄ به انسان ذات جي ڏکن سورن ۽ محرومين جو علاج انهي تهذيب ۽ انهيءَ دين اسلام جي اڻ مول (اڻ ملهه ) اصولن ۾ موجود آهي، جيڪڏهن انسانن پنهنجي انهن محرومين جو علاج ڪرڻ گهري ته ؟

ڇا دنيا جي تواريخ ڪنهن اهڙي حڪمران جو مثال پيش ڪري سگهندي ؟ جنهن جي پيرن ۾ روم جي بادشاهه قيصر ۽ ايران جي بادشاهه ڪسري ا جا تاج ۽ تخت پيل هجن. خزانن جا ڍڳ لڳا هجن ۽ پوءِ به سندس ڪپڙن ۾ ٿِڳِڙِيُون لڳل هجن ۽ کاڌو فقط جَوَنِ جي مانِي هجي ، عظيم الشان محلاتن ۾ رهڻ بدران ڪچي گهر ۾ رهندو هجي ۽ سون جي پلنگن ، ڪمخواب ۽ اطلس جي گاديلن تي سمهڻ بدران مٽِيءَ تي سمهندو هجي . عمر رضي الله تعالي عنه جي اهائِي سادگي هئي ، جنهن جي ڪري سندس عزت وقار ايتري قدر هو جو قيصر ۽ قصري ا کي وڏي تاج ۽ تخت هوندي به نصيب نه ٿيو

نيشنلسٽ : عمر رضي الله تعالي عنه اسلام کان اڳ مڪي جي وڏن اڳواڻن ۾ ليکبو هو، هو زبردست قوم پرست هو جنهن کي اڄ ڪالهه جي زبان ۾ نيشنلسٽ چوندا آهن.هو قوم ۾ اتحاد امن جي خواهش رکندو هو ۽ ڪوبه اهڙو واقعو پيش ايندو هو ته جيڪو هن ايڪي کي ٽوڙي ته ان جي شديد مخالفت ڪندو هو اهوئي سبب هو جو جڏهن محمد صلي الله عليه وسلم جن الله تعالي ا جي آخري دين اسلام جو پيغام پيش ڪرڻ شروع ڪيو ته عمر رضي الله تعالي عنه ان جي سخت مخالفت ڪئي. هن جو خيال هو ته هي دين اسان جي قومي تشخص ۽ وجود ۽ اسان جي قومي مفاد کي ختم ڪري ڇڏيندو. پر پوء جڏهن هن دين اسلام جي اصولن کي ٻڌو ۽ سمجهيو تڏهن کيس خبر پئي ته هي دين ته انساني فطرت جي عين مطابق آهي. هي دين قومپرستي نيشنل ازم جو مخالف ڪونهي. بلڪه هن دين جو اصل مول ۽ متو هي آهي ته انسان جي عقيدن ۽ عملن جي اصلاح ڪري ، انساني معاشري جي اصلاح ڪري، ظلم ۽ عملن زيادتي کي ختم ڪري ۽ هر انسان جي فطري حقن جو تحفظ ڪري. هي انسان جي قومي جذبي کي ختم ڪرڻ لاء نه پر ان جي اصلاح ڪرڻ آيو آهي، جيئن هر قوم کي پنهنجو حق انصاف ۽ عدل سان حاصل ٿئي ۽ ان جو تحفظ ٿي سگهي. ان لاءِ هن اسلام کي سچي دل سان قبول ڪيو ۽ سڄي زندگي ان جي اصولن تي گذاريائين.عمر رضي الله تعالي عنه جن جي دينداري ۽ علم جو نبي صلي الله عليه وسلم جن واضح بيان فرمايو آهي. جيڪو صحيح بخاري ، صحيح مسلم، ۽ حديث جي ٻين ڪتابن ۾ گهڻين جاين تي آيل آهي.

عمر رضي الله شاهه ولي الله جي نظر ۾ :شاهه ولي الله تمام زبردست اکرن ۾ عمر رضي الله تعالي عنه جي قابليت جو ذڪر ڪيو آهي ۽ کيس جامع ڪمالات ليکيندي لکي ٿو. ـ فاروق اعظم جو مثال هڪ اهڙي گهر سان ڀيٽيو ، جنهن جا جدا جدا دروازا هجن ۽ هر هڪ دروازي تي هڪڙو صاحب ڪمال ويٺو هجي ؛ جهڙوڪ هڪڙي دروازي تي سڪندر اعظم وانگر هجي جنهن م ملڪ فتح ڪرڻ ملڪي انتطام هلائيڻ دشمن کي نيست نابود ڪرڻ جي صفت موجود هجي، ٻئي دروازي تي نوشيروان هجي ، رحمدلي عدل و انصاف مساوات رعيت جو هر ڳالهه م خيال رکڻ ، جيتوڻيڪ فاروق اعظم جي فضيلتن جي بيان ۾ نوشيروان جو ذڪر بي ادبي آهي. ٽي دروازي تي جيئن امام ابو حنيفه يا امام مالڪ ويٺو هجي ، جنهن ۾ فقه ، قضاء ، فتوي ۽ شرعي حڪم جاري ڪرڻ جي پوري صلاحيت هجي. چوٿين دروازي تي جيئن شيخ عبد القادر جيلاني وغيره. اڃا ٻئي ڪنهن دروازي تي هڪ وڏي محدث وانگر جيئن ابو هريره ۽ ابن عمر رضوان الله تعالي عليهم اجمعين ، ٻي ڪنهن دروازي تي ڪو داناءُ ۽ فلسفي ويٺو هجي جيئن ته جلا الدين رومي يا شيخ فريد الدين عطار ، ماڻهو گهر جي چوڌاري بيٺا هجن ۽ هرڪو ضرورت مند پنهنجي حاجت ڪنهن دروازي واري کان پوري ڪندو وڃي. ( ازالة الخفاء جلد_2 صفحه _216 کان 217 ).1شاه ولي الله رح جن ماڻهن جا نالا مثال طور لکيا آهن. انهن کان عمر رضي الله تعالي عنه ته گهڻو مٿي هو پر سمجهائڻ لاء اهي مثال ٺيڪ آهن.

سوشلزم:- عمر رضه جو اهو ئي علم وفضل هو ۽ دين اسلام جي حڪمت کيس حاصل هئي جنهن جي ڪري هن پنهنجي دور خلافت ۾ حڪمراني جو انتهائي عادلانه ۽ ماهرانه مثال پيش ڪيو ۽ مساوات جا اهي اصول ڪم ۾ آنداجن کي اڄ ڪالهه جي اصطلاح ۾ سوشلزم چيو وڃي ٿو، هي مارڪس جي سوشلزم کان جدا هو يورپ جي جمهوري سوشلزم کان به جدا هو جنهن جو بنياد الله تعالي جي ذات جو انڪار تي آهي، ۽ يورپ جي جمهوريت سوشلزم کان به جدا هو جنهن جو بنياد اڪثريت جي فيصلي تي آهي توڻي ان فيصله ۾ ظلم ۽ زيادتي ڇونه هجي.عمر رضه جي هن سوشلزم کي اسين اسلامي سوشلزم چونداسين شبلي نعماني به انکي سوشلزم چيو آهي، لکي ٿو سوشلزم ''مساوات ۽ عدم ترجيح جنهن کي اڄ ڪلهه جي اصطلاح ۾ سوشلزم چون ٿا'' (الفاروق ص_203 ناشر مڪتبه لاهور) مصر جي مشهور ليکڪ به عمر جي ان اصول مساوات کي سوشلزم چيو آهي ۽ هن ڪتاب لکيو آهي جنهن جو نالو ''اشتراڪيه عمر '' رکيو آهي (يعني عمر جو سوشلزم ) هي ڪتاب ٻن جلدن ۾ مصر ۾ ڇپيو آهي.خلافت سنڀالڻ: پهرين خليفه ابوبڪر رضي الله تعالي عنه جي وفات کانپوء 23 جمادي الثاني 13هه اڱاري ڏينهن عمر رضي الله خلافت سنڀالي.(طبقات ابن سعد جلد 3 صفحه 196)عمر رضه جو ڏهن سالن وارو دور خلافت اسلامي خلافت جي تواريخ جو سڀ کان اهم باب آهي عمر رضي الله تعالي عنه جي حڪومتي نظام، سياست، اقتصاديات ۽ ٻين ڳالهين بابت جيڪي فيصله ڪيا ويا ۽ جيڪو طريقو اختيار ڪيو، اهو عدل، انصاف، مساوات تي مبني آهي.ڏٺو وڃي ته عمر رضي الله تعالي عنه جو دور حڪومت ، انساني تواريخ جو مثالي دور هو ۽ اڄوڪو مارڪسي سوشلزم يا ٻيو ڪو نظام، اهڙو عدل انصاف ۽ مساوات وارو نظام نه ٿو پيش ڪري سگهي


جمهوريت :- ان وقت دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ اهو طرز حڪومت رائج نه هو جنهن کي اڄ ڪلهه جمهوريت چئجي ٿو بلڪ دنيا م هر هنڌ شخصي حڪومتون قائيم هيون جيتوڻيڪ ته جمهوريت سان ملندڙ شورائي نظام حڪومت ، نبي سائين صلي الله عليه وآله وسلم جن جي وقت ۾ قائيم ٿي چڪو هو جيڪو پوءِ ابوبڪر رضي الله تعالي عنه جي دور ۾ به ساڳيو رهيو البته عمر رضي الله تعالي عنه هن طرز حڪومت لاءِ قرآن ڪريم ۽ نبي سائين صلي الله عليه وسلم جن جي سنت جي روشنيءَ ۾ باقاعده قاعدا قانون ٺاهيا اسلام جي هدايتن مطابق جيڪو جمهوري طرز حڪومت آهي ان کي شورائي نظام چيو ويندو آهي، موجوده جمهوريت ۽ شورائي نظام ۾ فرق هي آهي ته موجوده جمهوريت ۾ اڪثريت کي فيصلي جو بڻياد بڻايو ويندو آهي هن سان گڏ دليل ۽ حقيقت جو ڪو واسطو نه هوندو آهي. جڏهن ته اسلام جي جمهوري نظام ۾ اڪثريت سان گڏ حقائق ۽ دليل جو هجڻ به ضروري آهي.

رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي ٻئي خليفه عمر رضه جي مذهبي روادري ۽ غيرن مسلمانن لاء بي روزگاري الائونس مقر ڪرڻ:- غريبن محتاجن ۽ مسڪينن لاء بنا ڪنهن مذهبي لحاظ جي بيت المال (سرڪاري خزاني) مان وظيفو (مقرر رقم) مقرر ڪري ڇڏيو هئائين.

هڪ دفعو، عمر رضه هڪڙي پوڙهي کي پنندي ڏٺو. کانئنس پڇيائين: پني ڇو ٿو؟

چيائين: غربت جي ڪري،

عمر رضه: کيس پهرين گهر وٺي ويو ۽ کيس ڪجهه رقم ڏنائين پوءِ بيت المال جي خازن (فنانس منسٽر) ڏانهن (حُڪمُ) چَورَائي موڪليائين ته، هن لاءِ ۽ اهڙن ٻين ماڻهن لاءِ سرڪاري خزاني مان خرچ ڏنو وڃي ۽ مٿائن جزيو ختم ڪيو وڃي (الخراج _ موسعه في الخراج _ص 126)


رعيت جي خبرگيري : عمر رضه، غريبن محتاجن جي خبر گيري لاء پاڻ خود گشت ڪندو. '' هڪڙي دفعي ڪنهن خيمي مان هڪڙي (ماڻهوءَ جي) زال جو آواز ٻڌائين جنهن جو ٻار ڄڻڻ جو وقت ويجهو هو. احوال پڇي پنهنجي گهر پهتو جتان پنهنجي گهر واري کي وٺي، بيت المال مان کاڌي پيتي جو سامان کڻي، ان خيمي وٽ پهتو، عمر رضه جي زال ( سيده ) اُم ڪلثوم بنت ( سيدنا ) علي رضي الله تعالي عنهما، دائيءَ جو ڪم سر انجام ڏنو.بحواله '' ( الزالة الخفاءِ شاهه ولي الله رح جلد_2 ص_76) حڪومت جا ننڍا وڏا ڪم جيتري قدر ٿي سگهندو هو پنهنجي هٿن هٿ سان ڪندو هو،

هڪڙي دفعي علي رضه ڏٺو ته خليفو عمر رضه پاڻ مدينة المنوره جي ٻاهر ڊوڙندو وڃي پيو،

علي رضه پڇيائينس : امير المئومنين ڪيڏانهن ؟

عمر رضه جواب ڏنو ته : ته صدقي جو هڪ اٺ ڀڄي ويو آهي ان کي ڳولهڻ ٿو وڃان.

علي رضه چيو: تو( عمر) پنهنجي جان نشين کي ته تڪليف ۾ وجهي ڇڏيو.؟

(ازالة الخفاءِ _شاهه ولي الله رح، جلد_2 ص_ 79) ڏسو ڪتاب


ٻار جو پيدا ٿيڻ شرط الائونس مقرر:- هڪ دفعي هڪڙو قافلو مدينة المنوره ۾ عيدگاهه وٽ اچي لٿو. خليفي عمر رضه سندس وزير عشره مبشره جي صحابيءَ کي چيو : اچو قافلي وارن جو پهرو ڏيون ( چوڪيداري ڪريون )، جيئن ڪو چور وغيره کين تڪليف نه پهچائي. پوءِ اهي ٻئي سڄي رات پهرو ڏيندا رهيا.

اوچتو عمر رضه جي ڪن تي ڪنهن کير پياڪ ٻار جي روئڻ جو آواز پيو. ٻار جي ماءُ کي چيائين : الله تعالي جو خوف ڪر، ٻار کي نه روئار! ٻه ٽي دفعا آواز ٻڌي، ان جي ماءُ کي جهڙڪيون ڏنائين ته ڪهڙِي نه بڇڙي ماءُ آهين؟ ٻار سڄي رات ڪونه ستو آهي !. ماء چيو آئون ٻار کي کير ڇڏايان پئي ان لاءِ ضد پيو ڪري. عمر رضه پڇيو:ڇو؟ هن چيو : ان لاءِ ته خليفه عمرجو حڪم آهي ته جڏهن ٻار کير ڇڏي تڏهن ان جو وظيفو مقرر ڪريو. عمر رضه کيس چيو : جلدي نه ڇڏائينس ! پوءِ عمر رضه فجر جي نماز پڙهائي ته مٿس روئن جو ايترو غلبو هيو جو سندس قرآن جو پڙهڻ سمجهه م نه ٿي آيو، سلام ڦيرڻ کانپوءِ چيائين : افسوس عمر رضه تي؛ الله ٿو ڄاڻي ته ڪيترن ٻارن ي خون سر تي آهي.

پوءِ هڪدم اعلان ڪرايائين ته:- اهو قانون کير پياڪ ٻارن جو کير وقت کان ڇڏايو نه وڃي. اسين اِهو قانون نافذ ڪريون ٿا ته هر هڪ ٻار جو پيدا ٿيڻ شرط وظيفو مقرر ڪيو وڃي. ( طبقات ابن سعد جلد_3 ص_301 ۽ ازالة الخفاءِ، جلد_2، ص_ 76) ملاحظ ڪيو وڃي.

قومي حقن ۽ مقامي ماڻهن جي حقن جو احترام: ايران ۽ روم تي مسلمانن جي ڪاهه ڪرڻ ۽ فتح ڪرڻ جو پس منظر ۽ اسباب ته انشاء الله تعالي اڳتي هلي لکنداسين.

پر سامراج جي طريقيڪار جي برعڪس، مسلمانن جو سلوڪ مقامي آباديءَ سان انتهائي درجي ۽ رواداري وارو هو، جيئن ايران وغيره جي مقامي ماڻهن سان معاهدن ۽ بيت المقدس واري ڪليسا جو احوال گذري ويو.

ٻين ڳالهين ۾ به انهن جو سلوڪ انتهائي شريفانه هو.

شبلي نعماني رح لکي ٿو ته :'' عمر رضه جو هڪڙو اصول هي به هو ته هر ملڪ جي انتظام ۾ هتان جي قديم رسم ۽ رواج جي ڄاڻ وٺندو هو ۽ گهڻن حالتن ۾ انهن جي ٿوري اصلاح (سڌارو) آڻي ساڳي انتظام کي بحال رکندو هو.'' تفصيل لاء ڏسو الفاروق ص_207 ڪتاب

مقامي زبانن جو حق: ساڳي طرح عمر رضه، ڪنهن به ملڪ جي زبان کي بدلائڻ ڪوشش نه ڪئي، بلڪ اها ساڳيءَ دفتري زبان، ان علائقي ۾ بحال رکيائين جيڪا پهرين هئي ۽ انهن ساڳين ماڻهن کي سندن ملازمتن تي برقرار رکيائين، جيڪي اڳ هئا.

شبلي نعماني رح لکي ٿو ته: '' جنهن صوبي ۽ علائقي ۾ جنهن قسم جو انتظام رکيل هو ۽ انتظام جا ڪاغذات جيئن پهريون کان ٺهيل هوندا هئا انهن کي ساڳيءَ طرح قائم رکيائين، ايتري حد تائين جو زبان کي به نه بدلايائين، جهڙي طرح اسلام کان اڳ عراق ۽ ايران جا دفتر فارسيءَ زبان ۾ ، شام جا روميءَ زبان ۾ ۽ مصر جا قبطيءَ زبان ۾ هئا، عمر رضه جي عهد (خلافت) ۾ به ساڳي طرح رهيا، ٽيڪس وغيره جي محڪمن ۾ به جهڙي طرح قديم کان پارسي، يوناني ۽ قبطي ملازم هئا، ساڳيا برقرار رهيا، البته پراڻي طريقي ۾ جتي ڪا غلطي ڏٺائين ان کي سڌاري ڇڏيائين ۽ جابرانه قائدا ختم ڪري ڇڏيائين''(تفصيل لاءِ ڏسو الفاروق، ص_209_210) ڪتاب.


25_زمينن تي مقامي ماڻهن جو حق :- عمر رضه مقامي ماڻهن جي حق کي سڀ کان وڌيڪ حيثيت ڏني هئي، مقامي زمينن کي مقامي ماڻهن جو حق سمجهندو هو ۽ ان قائِدي تي هلندو به هو، شبلي نعماني لکي ٿو؛''عمر رضه سڀ کان وڏو انقلاب؛ جنهن جي ڪري ماڻهن جي خوشحالي وڌي ويئي ۽ رعيت کي وڏو فائدو ٿيو اهو آندو جو زمين جي ملڪيت زمينداريءَ جا جيڪي اڳيان ظالمانه قائدا مقرر هئا، سڀ ختم ڪري ڇڏيائين.

رومين جڏهن شام تي ۽ مصر تي قبضو ڪيو هو، تڏهن سڄي زمين (اراضي) اصلي رهاڪن کان کسي، ڪجهه فوجي آفيسرن کي، ڪجهه درٻارين کي ڏنيون ويون، ڪجهه شاهي جاگيرون ٺاهيون ويون ۽ ڪجهه ڪليسا، چرچن جي حوالي ڪيون ويون، اصلي رهاڪن کي ذري زمين به هٿ نه لڳي انهن کي رڳو هاري ٿيڻ جو حق حاصل هو ۽ جيڪڏهن زمين جو مالڪ ٻئي ڪنهن کي زمين ڏيندو هو ته ان سان گڏ هاري به هوڏانهن هليا وينداهئا، پڇاڙيءَ ۾ رهاڪن کي ڪجهه زمينون مليون، پر ان جي حفاظت وغيره لاء رومي زميندار وري انهن زمينن تي قابض ٿي ويندا هئا ۽ هاري غريب رڳو ساڳيا هاري رهجي ويندا هئا.

عمر رضه؛ هن ظالماني قانون کي هڪدم ختم ڪري ڇڏيو.

ملڪ فتح ٿيڻ سان رومي نڪري ويا، باقي رهيل زمينون انهن کان واپس ورتيون ويون، شاهي جاگيرون ۽ فوجي آفيسرن واريون زمينون سڀ هن ملڪ جي اصل رهاڪن جي حوالي ڪيون ويون.

فوجين کي زمينون ڏيڻ کان انڪار :-۽ ڪنهن به مسلمان آفيسر يا فوجي سردار (سپاهه سالار يا جنرل) جي حوالي جي حوالي زمين نه نه ڪئي ويئي ايتري حد تائين جو عمر رضي الله عنه اهو قانون جاري ڪيو ته مسلمان ڪنهن به حالت ۾ انهن زمينن تي قابض نه ٿا ٿي سگهن يعني زمين جي مالڪن کي قيمت ڏيئي به زمين خريد نه ٿا ڪري سگهن . هي قائدو وڏي مدت (عرصي وقت ) تائين جاري رهيو. جاري رهيو،

گهڻو پوءِ ليث بن سعد، مصر ۾ ڪجھ زمين خريد ڪئي ته امام مالڪ وغيره اُن تي سخت اعتراض ڪيو،عمر رضه ايتري تي بس نه ڪيو بلڪه عربن کي جيڪي هن ملڪ ۾ ڦيلجي ويا هئا، انهن کي منع ڪري ڇڏيائين ته ڪو به عرب ،زراعت (پوک) وارو ڪم نه ڪري،

اُن تي ايتري سختي سان عمل ٿيو جو هڪ شخص، مصر ۾ پوک ڪئي ته اُن کي گهرائي سخت دٻ ڪڍيائين ۽ کيس چيائين ته “توکي اهڙي سزا ڏيندس ،جو ٻين کي عبرت ٿيندي” (الفاروق_213،214)

(۽ڏسو “الخِراج لاَبي يوسف” _ (موسوعة الخراج) صفحو 24 کان 27) وغيره ۽ اِمامُ شاھ وليُ الله دهلوي رح جو ڪتاب “اَزالَةُ الخِفَاءِ ” جِلدُ ٻيون صفحو 127 کان130 )

يحييٰ بن آدم، اهڙيون روايتون آنديون آهن جِن ۾ سيّدنا عمر رضه ، عرب مسلمانن کي خاص طرح مقامي رهاڪن کان زمين خريد ڪرڻ جي به منع ڪئي آهي. ڏسو ڪتاب الخراج _ يحييٰ بن آدم القرشي_ (موسوعة الخراج) صفحو 55،56).

مسلمانن جي اِنَّ سلوڪ سبب مقامي ماڻهن تي تمام سٺو اثر پيو، اُنهن رومين خلاف مسلمانن جو ساٿ ڏنو ۽ جنگ يرموڪ وقت جڏهن مسلمان، حَمَص مان نڪتا ته عيسائين ڏاڍي ڏُک سان چيو ته “ خُدا جو قسم اوهان رومين جي ڀيٽَ ۾ اسان کي گھڻو پسند آهيو. (الفاروق صفحو 288).


فاروق لقب جو سبب:- روايت ۾ آهي ته نبي ڪريمَ صلي الله عليهِ وآلِهٰ وسلّم جِن سيّدنا عمر بابت چيو ته هو “الفاروق” آهي، جنهن جي ذريعي الله تعاليٰ حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق ڪيو (طبقات اِبن سعد جلد ٽيون صفحو 27

اِبنِ شهاب الزُهري جو چوڻ آهي“ته اهل ڪتاب (نصراني وغيره) سيّدنا عمر رضه کي “الفاروق” چوندا هئا. ۽ مسلمانن وٽ به اِها ڳالھ مشهور

هئي ته اهل ڪتاب جي طرفان عمر رضه عنه کي الفاروق چيو ويندو هو (طبقات ابن سعد جلد_3 ص_270 ڪتاب ڏسو

رسول الله صلي عليه وسلم

جن جي ٻئي خليفي عمر رضه جو سوشلزم

ڀاڱو پهريون

ليڪک حافظ محمد اسماعيل ميمڻ کڏي وارو رح

ڪراچي_سنڌ

ٽائيپنگ جاري و ساري آهي

Posted by Jokhio Shafique Ahmed at 08:31

No comments:

Post a Comment