Realtime Hit Counter

Tuesday 30 November 2010

رستم سنڌشير ميربحر- جوکيو شفيق احمد





رستم سنڌشير ميربحر _جوکيو شفيق احمد ۽ حارث احمد جوکيو.

رستمِ سنڌ شير مير بحر 21 جون 1924ع ڌاري ڪنڊيارو تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ موسو ديرو هڪ فاريسٽ آفيسر علي محمد مير بحر جي گهر جنم ورتو جنهن ابتدائي تعليم ڳوٺ ڀونئر ۾ حاصل ڪئي، سندس ٻارائي(ننڍپڻ) واري عمر ۾ ئي ملھ ڏي لاڙو خوب رهيو ايتريقدر جو ننڍن ٻارن سان سندري ٻڌڻ ۾ ڪا به هٻڪ نه ڪندو هو ۽ آس پاس (آسي پاسي) جي ميلن ملاکڙن ۾ ملھ جي ميدان ۾ هي نوجوان سڀني کان پھرين اچي حاضِر ٿيندو هو. ان شوقَ ۽ ذوقَ کي ڏسي مائٽن به کيس ان ئي فن لاءِ تيار ڪيو.کير مکڻ کارائي سندس شوقَ ۾ اِضافو ڪيو.ننڍي ميدان کان وڏي ميدان تي پهچڻ ۾ هن گھڻا ڏينهن ڪو نه لاتا. ڏسندي ڏسندي هر ماڻهوءَ جي دِل جي ڌڙڪن بنجي ويو ۽ شوق رکڻ وارا ماڻھو هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا وتن پيا ته يار اجهو اِهو نوجوان جيڪو سانوري رنگ جو سامهون بيٺل نظر اچي ٿو اِهو اٿئي شير ميربحر. بابا هٿ وجھڻ ۽ گهمائڻ ۾ دير ئي ڪو نه ٿو ڪري . ماشاءَالله سندس صورت به سھڻي آهي ۽ قد آور جَوَانُ طاقت وارو ٿو ڏسجي . پر يار سندري ٻڌڻ سان ئي هٽي نه ٿو پر ڇڪي سوڙهو ڪري اهڙو ته جانٺو ٿوهڻي جو ڪو ملھ جند ئي نه ٿو ڇڏائي سگهي پر وڏا ڪي ملھ جا گُرَ اٿس . کَٻِي ، اندرين ، منڙي ڪولابي تي کڻڻ ، ڦيرائڻ پر ڇا ٻڌايانءِ وٺڻ ۽ دسڻ . ڀلا جوان تنهنجي سچي راند . مطلب ته ڏاڍو ڪو دلير آهي.

شيرجي پھلوانيءَ جي هاڪَ هلي ويئي اُتَرَ ۽ لاڙ ۾ جيڪي به ملاکڙا ٿين پيا ته هر هڪ جي زبان تي اِهو آواز هو ته شير مير بحر به ملھ وڙهڻ ايندو . شير مير بحر لاءِ هيءُ ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته اَگَرُ (جيڪڏهن) ڪو پھلوان هن کي للڪاريندو هو ته کيس ائين (هيئن) چوندو هو ته تون سندرو ٻڌي ويھ ته فلاڻي پھلوان کي دسي پوءِ توکي به ٿو ڏسان ۽ واقعي هڪ ملھ کي دسي ۽ ٻئي سان اُتي جو اُتي شروع ٿي ويندو هو . جيڪڏهن ڪنھن ملاکڙي ۾ شير نه هوندو هو ته ماڻھو اُن ملاکڙي کي اڌورو (اڻپورو) سمجهندا هئا مطلب ته ملاکڙي جو ميدان به شير جو انتظار ڪندو هو.

هن مايه ناز (عظيم) پھلوان جيڪو ملھ جي فن ۾ پنھنجو نالو ڇڏيو آهي سنڌ اُن کي صدين تائين وساري نه سگھندي.

رستمِ سنڌ پنھنجي سڄي عمر (ڄمار) هن شوق ۾ گذاري ٻارائي (ننڍپڻ ) کان جواني ۽ جوانيءَ کان پيريءَ تاءِ (تائين) هن ملڪي ۽ غير ملڪي جيڪو رڪارڊ قائم ڪيو اهو (انجو) احوال مختصر (وِچُور) هن ريت آهي.

شير مير بحر ملھ جي باقاعده شروعات لاڙڪاڻي ضلع جي نئين ديري شهر کان شروع ڪئي هئي. ملاکڙو ملھ پھلوان الھجڙيو سمون سنڌ سطح تي ٿيو جنھن ميدان ۾ شير مير بحر ان وقت جي مشهور چئن وڏن پھلوانن احمد لھر ، لال محمد ڦل ، اقبال جوڳي ۽ پنڃل مھر کي دسي ”سونو ٻلو“ (سون جو تمغو) حاصل ڪيو.ان بعد 1962ع ڌاري ھالا سنڌ ۾ سَروَرِي جَمَاعَت جي روحاني پيشوا (رَهنُما) مخدوم طالب الموليٰ جي نگراني ۾ ٿيل ”هالا دنگل“ ۾ هن ”چيڪو سلاويه“ جي پھلوان ”جارج زيبسڪو“ کي ملھ ماري مُلڪَ جو مان مٿانهون ڪيو. اهڙي طرح 1963ع ۾ نياز اسٽيڊيئم حيدرآباد ۾ ٿيل ھڪ بين الاقوامي ملاکڙي ۾ ھندوستان جي ناموَر (ناليواري) پھلوان ٽائيگ گرنام سنگھ کي لاڳيتو ٻئي ملھون ماري خوب داد حاصل ڪيو. ھڪ يادگار ۽تاريخي مقابلو ”لکي محل“ ۾ ٿيو جنھن ۾ ”فيلڊ مارشل صدرِ پاڪستان ايوب خان ، يحيٰ خان ۽ رياست خيرپور والي مير ”هز هائينس مير مراد علي خان“ شرڪت ڪئي. ان ملاکڙي ۾ شير مير بحر لاڳيتو ٽن وڏن پھلوانن کي ملھ ۾ ڏندڙائي (مُنهن ڀَر ڪيرائي) ڇڏيو جنھن تي صدر ايوب ۽ مير صاحب شير کي خوب داد ڏنو ۽ ايوب خان چيو ته شير واقعي ”شير“ هي (شير اَصُلي شينھن آهي). اهڙي طرح نيشنل اسٽيڊيئم ڪراچي ۾ هڪ آسٽريليا جي پھلوان ”آسٽن“ کي ڦيرائي پٽ تي اهڙو ھنيو جو آسٽن به نه پيو سگهي هي آسٽريليا جو پھلوان شير مير بحر کان قد ۾ ٻيڻو هو. شير مير بحر اگر (جيڪڏهن ) پهرين ملھ مارجي پوندو هو ته ساھ پٽڻ کانسواءِ ئي ملھ لاءِ للڪاريندو ھو ۽ پوئين ملھ ۾ سرسي ڪڍي سگنت سان ملندو هو انڪري ھي چواڻي به مشهور ٿي ويئي ته پوئين ملھ شير جي آھي لاڙ جا ملھ پھلوان شير کان ڏاڍو ڪيٻائيندا هئا خاص ڪري شيدي ملھ پھلوان ، انب شيدي ، بکر شيدي ، انبڙي شيدي ، اسماعيل شيدي به وڏا مقابلا ڪيا آخر ڪار (نيٺ) آڻ مڃي ويٺا. ملھ جي خدمت ۾ راڻيپور جي سَيَّدَن شير مير بحر کي خوب تاتيو . سيّد احمد شاھ جيلاني ته کيس پنھنجي بنگلي ۾ رهائي . سچا گيھَ ، ڇيلا ۽ بادام جا گهوٽا کارائي پئي شوق ملهايو ۽ ملاکڙن جا وڏا مقابلا ڪرائي پئي روح ريجھايو.

حقيقت ۾ پھلواني به ھڪ پُراڻو شوق آهي ۽ حضرت علي (ڪَرَمَ اللهُ وَجهَهُ) لاءِ مشهور آهي ته هڪ مشهور پھلوان کي دسي ملھ جو بنياد (پيڙھ) رکيو . جڏھن اُهو پھلوان حضرت علي (رضي الله عنه) کان شڪست کائي ٿو ته ڏسي هيئن چئي ٿو ته ” يه شڪست فاش مجھ ڪو آج پھلي بار هي ، مين سمجھتا ھون تو خود حيدر قرار هي.“

حقيقت ۾ هيئن هو ته اُن پھلوان کي پھرياءِ خبر نه هئي ته مديني پاڪ جو ھي ملھ ڪير آهي. بھر حال حضرت جنيد بغدادي رحمة الله عليہ به هڪ مشهور ملھ پھلوان هو جنھن اھلِبيت جي عِزّت ڪندي ھڪ ملھ سيّد زاده کي ڏئي رسول خدا وٽان ولايت جو فيض حاصل ڪيو . مطلب ته ملھ جي پھلواني ھڪ عزت مند فن آهي جنھن سان انسان جي عظمت ۽ شان وڌي ٿو مگر (پَرَّ ) ملاکڙن جي ميدان شريعت جو خاص خيال رکڻ گھرجي.

ورتل :- پروفيسر سيد غلام شبير شاه حسيني جي لکيل مضمون تان، جيڪو هن غلام رباني آگرو،گورنمنٽ ڊگري ڪاليج، ڪنڊيارو،سنڌ، جي مخزن لاء لکيو هو.

املاء : حارث احمد جوکيو ابن جوکيو شفيق احمد

Hayat Sindi حياة سندي


Hayat Sindi حياة سندي

الباحثة السعودية حياة سندي، هي أول امرأة عربية تحصل على الدكتوراه في التقنية الحيوية من جامعة كامبردج.

سندي من مواليد مكة، وأمضت ما يقرب من 13 عاما في بريطانيا حيث حصلت على درجة الدكتوراة في أدوات القياس الكهرومغناطيسية والصوتية من جامعة كامبردج العريقة.

واستطاعت أن تتوصل إلى عدد من الاختراعات العلمية الهامة جعلتها تتبوأ مكانة علمية عالمية رفيعة حيث دعتها أمريكا ضمن وفد ضم 15 من أفضل العلماء في العالم، لاستشراف اتجاهات ومستقبل العلوم.

كما دعتها جامعة بركلي بمدينة كاليفورنيا الأمريكية لتكون واحدة ضمن أبرز ثلاث عالمات، هن: كارل دار، رئيسة بحوث السرطان، والثانية كاثي سيلفر، أول رائدة فضاء، وكانت هي الثالثة.

وكانت الدكتورة سندي قد اخترعت مجسا للموجات الصوتية والمغناطيسية يمكنه تحديد الدواء المطلوب لجسم الإنسان، ويعرف ابتكارها اختصارا بـ"مارس MARS". وتلقت بسبب ابتكارها هذا دعوة من وكالة ناسا التي قدمت لها عرضا مغريا للعمل معهم.

ولابتكارها تطبيقات متعددة في نواحي مختلفة للصناعات الدوائية، وفحوصات الجينات والحمض النووي DNAالخاصة بالأمراض الوراثية، وكذلك المشاريع البحثية لحماية البيئة وقياس الغازات السامة، ويتميز ابتكارها بدقته العالية التى وصلت إلى تحقيق نسبة نجاح في معرفة الاستعداد الجيني للإصابة بالسكري تبلغ 99.1%، بعد أن كانت لا تتجاوز 25%

Hayat Sindi is a Saudi medical researcher who was born in Mecca. She has invented a machine combining the effects of light and ultra-sound for use in biotechnology. Her major project is being carried out in partnership with the universities of Exeter and Cambridge.

Sindi's major invention is called MARS (Magnetic Acoustic Resonance Sensor), patented during her PhD work at the Institute of Biotechnology at Cambridge University. Sindi's first degree was in Pharmacology from King's College, London where she was a recipient of Princess Anne's Award for her undergraduate work on allergy.

Along with her scientific activities, Sindi participated in numerous events aimed at raising the awareness of science amongst females, particularly in Saudi Arabia and the Muslim World in general. She is also interested in the problem of brain drain and was an invited speaker at the Jeddah Economic Forum 2005.

Currently, she is a visiting scholar in professor George Whitesides group at Harvard University. (read less)

Facebook Page:http://www.facebook.com/Hayat.Sindi

Contact Details

Email:hayat.s.sindi@gmail.com

بسم الله احد الله، حاضر ناظر، سو هر گاهه،


”ناهه ڌڻي ري ڪا درگاهه“

مولانا حاجي احمد ملاح

علامه مولانا مفسر اعظم سنڌ مربي الحاج احمد ملاح البديني و السندي

بسم الله احد الله، حاضر ناظر، سو هر گاهه،

صدقو تنهن تان ساه پساه، صائق صاحب کي ساراه،
واهواه! واحد کي واهواه! ناهه ڌڻي رِي ڪا درگاه،

خالق خلقي خلق سموري ــ مانهو، جن ملڪ حضوري،
اُڀ، زمينون، نکٽ نوري ــــ ماڻڪ، موتي مشڪ کٿوري،
راتيون ڏينهن، مندون ۽ ماه، ناه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه،

عجب اوپائي ڪيئن اوپاج ــــ در، ياقوت، عقيق ۽ عاج،
کير، کٽونبا کنڀيون کاج ــــ اَمان، انب، انجير، اناج،
وڻ ٽڻ، وليون، ونئڻ ڪپاه ــــ ناهه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه،

آهه اصل ۾ آب مني ــ جنهن مان گل ٿيا گھوٽ وني،
ڪي ڪي غربا، ڪي ته غني ــ رنگ برنگي جوڙ بني،
صافي نگ سفيد، سياه ــ ناهه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه.

عربي ٻولي، عجمي ڳالهه ــ لڳن سکڻ ۾ جنهن جي سال،
قادر جا ڏس ڪم ڪمال ــ جھڙي مائٽ ڪن مقال،
تهڙي وات ڳڀورن ڳاه ــ ناه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه.

ڪڪر کي جڏهن قادر چوءِ، موجب حڪم هلن ٿا پوءِ،
وسن ولايتن تي، وڃيو پوءِ، وڏڦڙي جو واڪو پوئي،
تار ترايون تڙ، تلاه ــ ناهه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه.

جھم جھم جھر وسن جھالارا ــ ڪاريون ڪنڍيون ڪڏڪارا،
صحرا چهرا سونهن سارا ــ اوڀڙ ڪن عجيب نظارا،
گلشن ورشن، گولون گاه ــ ناه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه.

مني ڪنيءَ جون ڏس تون موجون ــ گادي چڙهيو گل ڪري ٿو گوجون،
شاه سڏائي، شامل فوجون ــ الله ڏياريس اي سڀ اوجون،
قدرت حق تي ڪل گواه ــ ناهه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه.

قادر قدرت جو ڪلتار ــ مالڪ ملڪن جو مختيار،
ساري ڏيهه سندو ڏاتار ــ بيشڪ باري آهه ڀتار،
سارو عالم هڪ آڪاه ــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

مشرڪ تي ٻيلي ناهه ميار ــ جيڪي جوڙي هٿ سين يار،
تنهن جي تيرٿ لاءِ تيار ــ پٿر پوڄي ساڻ پيار،
ناهس واحد تي ويساه ــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

مورت تي ٿيا مشرڪ راهي ــ ڪن ته پٺي تي واٽ وراهي،
ٻڌن ڳچيءَ ۾ ڳٽ ڳراهي ــ اي سڀ گھوڙا ڙي! گھمراهي،
هر دم هادي هڪ همراهه ــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

ڪهڙيءَ صورت پوڄين صورت؟ صاحب جوڙيئي سهڻي صورت،
ماڻهو بنيو موتي مورت ــ پٽڙي پاڻيءَ پاتي پورت،
لک لحظي جنهن ۾ لاه ــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

جنهن حال تي پانڌي پنڌ پون ــ ديکيون درگاه سخن سون،
حال ڪهن ۽ رئن، رڙن ـــــــ ان کي عرب الهه چون،
سو تان حاڪم هيڪ الله ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

سوگڻ صاحب رب سڳوري ـــــــ هرگز پهچون هڪ نه ٿوري،
اڇل عنايت سڀڪا اوري ــ صدقي صدقي، گھوري گھوري،
آيم مير محمد شاه ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

مٺي محمد مير مٿي ـــــ جڏهن آيو وحي وير مٿي،
تڏهن خلق سڄي هئي سير مٿي ــــــ تربت تي، وحي تي، تصوير مٿي،
ڪارڻ ڪمن ڪندا هئا ڪاه ـــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

پير مبارڪ پرين پاتا ــــــ وحدت وائي ورايئون واتا،
ناهه ڌڻي ري ڪو داتا ــــــ لات منات عزا سڀ آتا،
ٺلها ته ٺوڳين ٺاهيا ٺاهه ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

پرور ڏئي ٿو پٽ ۽ کير ــ تون ٿو پوڄين پير، فقير،
ورهن کان جي گذريا وير ــــ ساهه نه آهي منجھ سرير،
سي ڪئين وجھندا ٻئي ۾ ساه؟ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

هو جي جڳ ۾ جيئرا ــــــــ وڌا قبر ۾ ڪانڌين ڪيئن؟
جيئرن سان ڪو جائز ايئن؟ آيا ڇونه اڱڻ اڄ سين؟
ڪن عزيز اڪنڊ مان آهه ــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

هو ته پڄائي پنهنجا ڏينهن ــــــــ سکي وڃي ٿيا سالڪ شينهن،
جن کي جھڙا رب سين نينهن ـــــــــ تهڙا مٿن مره جا مينهن،
بخشين باري ڏوهه گناه ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

پنن جنهن کان پُٽ ۽ پوٽا ــــ سي ڪيئن ٽارين ٽئي تان ٽوٽا؟
سڀ خيال خدا ري کوٽا ـــــــ ڪاوڙجي تون ڪڍ م اکوٽا،
سمجھي ويندين سنجھ صباح ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

حاجون هٿ ۾ هاديءَ هيڪي ـــ غير گڏيندا غافل جيڪي،
داخل دوزخ ڪندن ڌيڪي ـــــ سنوان صبحاڻي ٿيندا سيڪي،
لڳندن جڏهن بدن کي باه ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

پيرل کي چؤ تون اي پوڄاري! جنهن جي وراڻي واري،
جوڙي ڳئون يا مينهن موچاري ـــــ هو تان آهن پاڻ اَپاري،
جن تي گوڙ ٻڌن گمراه ـــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

پيرل کي چؤ تون اي پانڌي! ڪونج ڪنوار جا تو آندي،
چاڪي چمڪي وانگر چاندي ـــــــ جوڙي اهڙي حور هيڪاندي،
پاڻئون ڏيئي پر ۾ پاه ــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

پيرل کي چؤ تون اي پيئار! جنهن تي لاهين جھنڊ وار،
جوڙ مٽيءَ مان مورت ٻار ـــــ جوڙون جوڙي جوڙڻ هار،
ٻيو سڀ ڪوڙ، قصو ڪوتاه ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

پيرل مهندان پانڌ پکيڙ ـــــ ڄاڃي ماڃي ميڙ ئي ميڙ،
چؤ ته بدن ۾ پيم بگيڙ ــــــ آيو اجل تنهين کي ٿيڙ،
نيم نهوڙي ٿو ناگاه ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

پيرل مهندان لاهي ڀاڳ ـــــ جنهن جا لازم ڄاڻين لاڳ،
باغ بنائي تنهنجا ڀاڳ ــــــــ ڪوڙهيا! اي سڀ ڪوڙا راڳ،
ڪانهي واحد ڌاران واه ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

چؤ ڪو پرتو پير پساءِ ــــــــ مون کي دعوا منجھ نه دساءِ،
جوڙ ملاريون مينهن وساءِ ــــــــ پوکن پاڻِ جلد رساءِ،
وهسن وي، وليون وڻراه ـــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

ڪوبه جواب نه ملندئي جاني ـــــ چوندئي ظاهر ساڻ زباني،
ڪُل مَن عَلَيها فَانِي ـــــــــ ٻئي سان ٿي م ٻڌل ۽ ڏاني،
وٺ تون هڪڙي رب جي راه ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

جن، ملائڪ، مانهو لک ـــــــــ اُڀري ڪين انهن کان ڪک،
جڙندي مور نه هڪڙي مک ــــــــ ٺهندو پڻ نه پکيءَ جو پک،
توڻي گڏجي ڪن گجگاه ــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

رزق پهچائڻ ڪم رحمان ــــــــــــــ جنهن جا عيوض بنا احسان،
ڏاتيون ڏي، جي موجب ڏان ـــــــــــ قيمت پهچي ڪنهن کان ڪانه،
پاڏو تنهنجو وڌ نه پنجاه ـــــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

ان سکا جي صدقي سانگ ـــــ ڀائين مليم مينهن ڇانگ،
مومل ماڻيئي، منهن تي مانگ ــــــ بدلا ڇڏ، اي بکيا ڀانگ،
ڪهڙي پرور کي پرواه ــــــــــــ ناه ڌڻي ري ڪا درگاه.

دانهن در ڌڻيءَ کان ڍار ـــــــــــ سي تان ڦوڪون منجھ ڦلهيار،
موٽي پونديون منهن ۾ يار ــــــــــ ملندئي محشر ڏينهن ميار،
سرندئي خواري خوامخواه ــــــــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

هڪ ڌڻي، جي ڇڏن ڌڻن ـــــــــ ڪم وڻي ٻيا ڪير کڻڻ،
هيڏي هوڏي هٿ هڻن ـــــــ ته به ڊهن زمينون، اُڀ ڇڻن،
آگي ري ير! سڀ اونداه ــــــــ ناه ڌڻي ري ڪا درگاه.

فرش ڪنان تان عرش سڳوري ــــــــ ڏيهه سڄائي ڏس تون ڏوري،
چڱن مٺن کي ڏسي تون چوري ـــــــــ ناه آ جھوڪو ان کان اوري،
ٻين سڀن جا طبل تباه ـــــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

شارڪ! شرڪ سندا ڇڏ شيوا ــــــــ ڏاتر هٿ ۾ ڏيوا، ليوا،
ڪر م سوا رب ٻئي جي سيوا ــــــ مهندان ماڻئين محشر ميوا،
جنت منجھ جڙئي جاڳاه ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

جيڪا تنهنجي هٿ ۾ هڙ سي سڀ واحد هڪ جا، وڙ،
لڳ م لٽيا! ڪنهن جي لڙ ــــــ قادر تنهنجو ڪل کان ڪڙ،
ڌار م ڌارين جو ڊپ ڊاءُ ــــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

مالڪ هڪڙو ملڪ ملڪ ۾ ـــــــــــ خالق سوئي خلق، فلڪ ۾،
هٿ انهيءَ جو هڪ چلڪ ۾ ـــــــ سڀن سنڀالي پلڪ پلڪ ۾،
ملڪ سڄي تي مهر نگاه ــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

يَقُول لَههُ، ڪُن فَيَڪُنِ ـــ قائم قدرت جو قانون،
جيڪي جوڙون گونا گون ـــــــ ان حڪم جي هيٺان هون،
ٺهن، ڦٽن سين امر الله ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

آئون ته ڏوهاري ڏٻرو ـــــ قادر! ڪريين منهن جو ڪم،
داور! لاهين دل جو غم ــــ ”احمد“ کي، جي آخر دم،
نعمت ڪلمون ڪج نيباه ـــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
http://www.sindhiadab.netfirms.com/poetry/haji_ahmed_mallah/1.htm
حاجي احمد ملاح

Sunday 28 November 2010

انسان ڪا معيار زندگي ، امام انقلاب عبيدالله سنڌي


انسان ڪا معيار زندگي ، امام انقلاب عبيدالله سنڌي رح.

محمد مقبول عالم(بي اي) تلميذ

املاء جوکيو شفيق احمد مسڪين

حڪيم الهند امام شاهه ولي الله الهندي رح ( امام مخدوم فاضل سنڌي رح اور علامه امام شيخ محمد حياة سنڌهي رح ڪي شاگرد اور شاهه عنايت شهيد سنڌي رح و مخدوم محمد معين ٺٽوي سنڌهي رح ڪي فڪر ڪي حامي هين جوکيو شفيق) 1

حڪيم الهند امام شاهه ولي دهلوي الهندي صاحب رح فرماتي هين ڪه اقتصادي بدحالي اونڄ نيڄ عام لوگون ڪي اخلاقي بربادي ڪا باعث بنتي هين. اس لئي انسان ڪي بنيادي اخلاق ڪي حفاظت ڪي لئي سوسائيٽي ڪا معاشي نظام عادلانه هونا چاهيي، يعني نه تو ايسي مفلس اور نادار لوگ هون جو بنيادي انساني ضرورتون، کهاني ، پيني، لباس، تعليم، صحت وغيره سي محروم هون، اور نه ايسي دولت مند هون جو عياشيان ڪرين بلڪه سب لوگ ايڪ ڀهلائي ڪي لئي بهي سوچ سڪين رفاهه عامه ڪي ڪامون مين حصه لي سڪين اور اطمينان ڪي ساٿهه الله ڪي ياد ڪرسڪين اور آخرت ڪي زندگي ڪي لئي سعادت ڪا سرمايه جمع ڪر ڪي جا سڪين ،چناچه امام شاه ولي الله الهندي انسان ڪي معاشي زندگي ڪي تين درجي بيان ڪرتي هين

،1رفاهيت ناقصه ، ناقصه معيار زندگي جس مين بنيادي ضرورتين پوري نهين هوتين اور انسان ڪماني ڪي فڪر سي آزاد هو ڪر ڪچهه سوچ هي نهين سڪتا

2.رفاهيت بالغه

ايسا معيار زندگي جو تڪلف ڪي حد تڪ پهنچا هوا هو، جس مين انسان فخر ڪا اظهار ڪري اور لازما ايڪ جنس مين سي بهترين ڪا انتخاب ڪري، يه عياشي ڪي زندگي هي، اس مين پڙ ڪر انسان اپني انساني

فرائيض سي غافل هوجاتا هي

3. رفاهيت متوسط

متوسط معيار زندگي جس مين نه عياشي هوتي هي نه بهوک افلاس بلڪ انسان ڪي بنيادي ضرورتين سب پوري هوتي هين اور ڪچهه فراغت بهي حاصل هوتي هي.

رفاهيت ڪي معني هين آسودگي يعني زندگي ڪا معيار جو حيوانون ڪي زندگي سي اونچا هو، جس مين انسان زندگي بسر ڪرني ڪي اچهي طريقه استعمال ڪري اور آرام پائي

انسانيت ڪي ترقي اور بهلائي ڪي لحاظ سي رفاهيت ناقصه اور رفاهيت ٻالغه والي لوگ ناڪاره هوتي هين اور رفاهيت موسطه والي لوگ هي مفيد ثابت هوتي هين اس لئي ترقي ڪرني والا معاشره وه هي جس مين سڀ لوگ رفاهيت مطوسة مين زندگي بسر ڪرين، اس غرض ڪي لئي رفاهيت ٻالغه والون سي وافر دولت ليڪر رفاهيت ناقصه والون ڪو ديني هوگي! تاآنڪه سڀ رفاهيت موسطه ڪي درجه پر آجائين. قرآن حڪيم ڪي معاشي نظام ڪي روح يه هي حڪمت هي، ڪه ساري سوسائيڻي اس سي فائيده اڻهائي.

انسان ڪو اس دنيا مين زندگي بسر ڪرني ڪي سلسلي مين مشڪلات پيش آتي هين عقلمند لوگ، انهين آسان ڪرني ڪي لئي طريقه دريافت ڪرتي هين، ان طريقون ڪو حڪيم الهند امام شاهه ولي الله صاحب الهندي رح ڪي حڪمت مين ارتفاقات ڪهتي هين.

ارتقاق ڪا لفظ رفق سي بنا هي جس ڪي معني نرمي يا نرمي سي ڪام ليني ڪي هين، اس سي مراد يه هي ڪه مشڪلات ڪو نرم يا آسان ڪرني ڪي ظريقي دريافت ڪرنا.

انسان ڪي مشڪلات دو قسم ڪي هين ايڪ معاشي يعني کهاني پيني اور رهني سهني ڪي مشڪلات

اور دوسري فڪري يعني زندگي اور اس ڪي مقصد ڪو سمجهنا وغيره، اس طرح ارتفاقات ڪي بهي دو قسمين بن گئي هين.

1. ارتفاقات معاشيه يعني معاشي زندگي ڪي مشڪلات جو کهاني پيني اور رهني سهني ڪي سلسلي مين پيش آتي هين، انڪي حل ڪي طريقون ڪا نام ارتفاقات معاشيه هي.

2. ارتفاقات الٰهيه يعني فڪري مشڪلات جو ڪائينات ڪو سمجهني، خدا ڪي هستي اور انڪي پهچان، انسان ڪا خدا ڪي ساتهه تعلق، انساني زندگي ڪي مقصد، مرني ڪي بعد ڪي زندگي ڪي لئي تياري وغيره ڪي سلسلي مين پيش آتي هين، ان ڪي حل طريقون ڪا نام ارتفاقات الٰهيه هي

انسان ڪا خاصه يه هي ڪه وه عقل سي سوچتا هي آلات(اوزار) و اجتماع ڪي استعمال سي تهوڙي محنت اور تهوڙي وقت سي بڙي بڙي ڪام سرانجام ديتا هي سوچ بيچار ڪي نتيجي ڪي طور پر ڪه وه ايجادات ڪرتا هي يا دوسرون ڪي ايجادات سي فائيده اڻهاتا هي اور اپني مشڪلات ڪو آسان ڪرتا هي پهر وه عام لوگون ڪي فائيده ڪي لئي بهي ڪام ڪرتا هي اور صفائي نفاست اور خوبصورتي ڪا بهي لحاظ رکهتا هي اس طرح وه اپني زندگي ڪو نهايت آسان، عمده اور خوشگوار بنا ليتا هي، يه سڀ ارتفاقات معاشيه هين، يه ارتفاقات تمام دنيا ڪي انساني معاشرون مين اس ڪثرت سي رائيج هوگئي هين ڪه انڪي زندگي ڪا جز بن گئي هين اور ڪوئي انساني سوسائيڻي ان ڪي بغير قائيم نهين رهه سڪتي چيونڪه آسوده حال لوگ زياده فراغت پاتي هين ان ڪي ارتفاقي زندگي غريبون ڪي نسبت زياده بهتر هوتي هي اور صفائي و نفاست ڪا بهي وه زياده خيال رکهتي هي، اس لئي انڪي ارتفاقات زياده ترقي يافته هوتي هين، ايسي هي عقل والي اپني ارتفاقات ڪو بهتر بنا ليتي هين اور ڪم عقل پيچهي رهه جاتي هين.

امام ولي الله الهندي ڪي تحقيقات ڪي مطابق انسان ڪي ارتفاقي زندگي ڪي چار منزلين هين.

1. ارتفاق اول

يعني ديهاتي زندگي، يه انساني آبادي ڪي پهلي منزل هي اس منزل مين انسان ني کهاني پيني ڪي طريقي دريافت ڪئي، بول چال ڪي لئي زبان پيدا ڪرلي، حيوانات سي ڪام لينا سيکها مڪان بنايا ، لباس ڪا استعمال شروع ڪيا، جذبه جنسي ڪي تسڪين اور نسل بڙهاني ڪي نڪاح ڪا طريقه رائج ڪيا، يه انسان ڪي بنيادي ضرورتين هين، بهترين سوسائيڻي وه هي جس هر فرد ڪي يه ضرورتين بهترين طريقي سي پوري هوتي هون ڪسي سوسائيڻي مين انقلاب ڪي ايڪ بهت بڙي وجهه يه بهي هوتي هي ڪه اس ڪي بنيادي ضرورتين پوري نهين هوتين.

2. ارتفاق دوئم

يعني شهري زندگي جب انسان ڪي آبادي بهڙي تو اس ني بڙي بڙي بستيان بنانا شروع ڪين, آپس مين ميل جول زياده هوا اور ايڪ دوسري ڪي خيالات اور تجربات سي فائيده اڻهايا جاني لگا نيز حب جمال (نفاست)رفاهه عام (عام لوگون ڪي بهلائي) اخلاق فاضله (اچهي اخلاق ) اور حسن معاشرت (اچهي سلوڪ )ڪي اصولون ڪي روشني مين زياده غور ڪيا گيا تو ارتفاق اول ڪي باتون مين زياده صفائي، عمدگي اور سهولت پيدا هوتي گئي، انساني تمدن ڪي اس درجه ڪو ارتفاق دوئم ڪهتي هين، مگر بقول امام شاهه ولي الله انسان ارتفاق دوئم مين اس وقت ترقي ڪرسڪتا هي جب بهوک، پياس اور تسڪين جذبه جنسي سي فارغ هون اور اس ڪي بنيادي ضرورتين يعني ارتفاق اول ڪي تمام چيزين اسي حاصل هون اس سص ظاهر هي ڪه امام شاهه ولي الله ڪي نزديڪ خوراڪ، لباس، مڪان، صحت اور تعليم انسان ڪي ابتدائي ضرورتين هين، جن حاصل هوني ڪي بعد هي ڪوئي بهي سوسائيڻي ارتقاق دوئيم، يعني تمدن ڪي دوسري منزل مين داخل هو سڪتي هي (مولانا عبيدالله سنڌي صاحب جي اختصار سان سمجهاڻي ختم ٿي )1

مآخذه تدريس القرآن ڪراچي،سنڌ

هن کان پوء وارو مضمون هوندو!!!

تقابل اديان، اسلام ڪيا هي ڊاڪٽر احمد حسين ڪمال رح جو معلوم هجي ته ڊاڪٽر موصوف، امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي رح جي فڪر جو پوئلڳ نيشنلسٽ، سڪيولر مسلم آهي، جديد معاشي سوچ جو ماڻهو آهي، نهايت ئي عادل انسان آهي، هن موصوف ٻاهتر واري سنڌي ٻولي جي حمايت ڪئي هئي، حالانڪ موصوف اردو اسپيڪنگ آهن، اسان هن موصوف جي عدل کي سلام ٿا ڪريون، هن جون اڪثر لکڻيون، عادلانه هونديون آهن، الله تعالي هن تي پنهنجي رحمت نازل ڪري.

جوکيو شفيق احمد

اپريل ، 2005

پير سيدنا امام محمد راشد روضي ڌڻي ابن سيدنا امام محمد بقاء شاهه رحمهما الله تعالي عليه، پير جو ڳوٺ، ضلع خيرپور، سنڌ وارن جو ٻن واسطن يعني حفيظ الملة حافظ محمد صديق رح ڀرچونڊي شريف ضلع سکر، سنڌ ۽ شاهه حسن سوئي رح، سنڌ وارن سان مريد ۽ شهيد اعظم سنڌ شهيد سورهيه بادشاهه ۽ شهيد الله بخش سومري رح جو فڪري دوست، ريشمي رومال تحريڪ جو روح روان، ڇويهه سال جلاوطن انقلابي مولانا عبيدالله سنڌي رح،جنهن کي پاڪستاني آمريڪي ايجنٽن ۽ ڏاڙهيء ۽ غير ڏاڙهي وارن ملن، روس جو ايجنٽ دهريو ۽ ڪافر قرار ڏنوهو؟ جن ملن جو الله تي پنهنجو ايمان ئي ڪونه هيو!!!؟

اول الله عليم اعلي عَالَمَ جو ڌڻِي لکندڙ جوکيو شفيق احمد


بسم الله الرحمن الرحيم.

1 _”سر ڪلياڻ “

فصل پهريون.

اول الله عليم اعلي عَالَمَ جو ڌڻِي

قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهي قديم،

والي، واحد، وحدهُ، رازق، رَبُ، رحيمُ

سو ساراههِ سچو ڌڻي، چئي حَمدُ حڪيمَ

ڪري پاڻَ ڪريمُ جوڙي جوڙ جهان جي

ڪري پاڻَ ڪَريمُ جوڙي جوڙ جهان جيون

(1) جوڙي جوڙ جهان جي جڏهن جوڙيائين

خاوند خاصُ خَلِقَي مُحَمَدُ صلي الله عليه وآله وسلم مڪائين.

ڪَلمو تَنهن ڪريمَ تي چٽو چايائين.

اَنَا مولاڪَ و اَنتَ محبوبِي اِئين اُتائين

ڏِکي ڏنائين، ٻَئِي سَرائون سَيدُ چئي

(2) جوڙي جوڙ جهان جِي پاڻ ڪيائين پروار

حامِي،هادي،هاشمي سردارين سردار

سُونهي صحابين سَٿَ ۾ منجهه مسجد مڻيادار

چارئِي چڱا چوڌار، هُوَا هيڪاندا حبيب سين

(3) وحدهُ لا شريڪ لهُ چَئو چَوندو آءُ

فرض واجب سنتون تِنئَون تَرڪ مَ پاءِ

توبه سَندي تسبيحَ پَڙِهي سَا پُڄاءِ

نِگا پنهنجي نفس کي، سَئِين رَاهَ سُونهَاءِ

سُپَرِيان جي ڳالَهڙِي، هِيءَ هِنين سين لاءِ

تَه سَندي دوزخ باهِ، تو اوڏيائي نه وڃي.

شاه عبد اللطيف ڀٽائي رح جو رسالو.

مرزا قليچ بيگ رح. صفحه _11

سنڌي لينگوئيج اٿارٽي،

حيدرآباد_سنڌ

سن 2007


ميڊي بدلي لياري ڪرادو جي، _عبد الرئوف بلوچ

ميڊي بدلي لياري ڪرادو جي،

مينو سوهڻي گڊي ليڻي اي


چرس آفيم نهين،

اوٿي هيروئن چنگا وڪدا اي


ٿانيدار دي گل ئي نئين،

اوٿي اردلي ئي چنگا لگدا ئي


توسين اپڻي ديس دي ڪوٺي وچون،

سک دي نندر سوندي اي


ڪيون ساڊي لائي ترقي دا،

اي سوهڻا ويلا کوندي او


تينون پنڊ دي وڊي چوهڌري دي،

احسانا وي ياد نئين


بندي اپڻي اپڻي هووڻ،

اي فرمانا ياد نئين


ميڊي بدلي لياري ڪرادو جي،

مينون سوهڻي گڊي ليڻي اي


مينون سون اپڻي خدا دا،

تينون تيرا حصا ديڻا اي


ميڊي بدلي لياري ڪرادو جي،

مينون سوهڻي گڊي ليڻي اي



منهنجي لياريءَ جي هڪ دوست محترم عبدالرئوف بلوچ جو
پنجابي م

چيل بيت_جوکيو شفيق احمد مسڪين، لياري، ڪراچي،سنڌ



شفيق احمد جوکيو

Saturday 27 November 2010

مولانا سنڌيءَ جي پڪي قلعي حيدرآباد واري تقرير (17 اپريل 1944ع)


مولانا سنڌيءَ جي پڪي قلعي حيدرآباد واري تقرير (17 اپريل 1944ع)

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

(ماڻهو جنهن شيءِ کي مقدر چون ٿا، ان کي آءُ “حالتن” جو نالو ڏيان ٿو، اهي حالتون آهن جيڪڏهن منهن مٽي بيهي رهن ته جي پوکن سي لڻي ئي نه سگهن، ڪن هڪڙا ۽ لوڙڻ ٻيا! سور سهن هڪڙا ۽ سک ڏسن ٻيا!!!

مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي به اهڙي مقدر سان منهن ڏسڻو پيو، مزي جي ڳالهه اها آهي جو سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ ٻه ماڻهو “سنڌيءَ” جي نالي سان مشهور ٿيا، ٻنهي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ اڻ ڳڻيون تڪليفون ڏٺيون، ٻئي پرخلوص ۽ بي لوث ٿي رهيا ۽ ٻنهي سان قوم وڻندڙ سلوڪ نه ڪيو، هڪ کي چريو چيو ويو ۽ ٻيو ذري گهٽ چريو ٿي ويو، انهن مان هڪڙو مولانا عبيدالله سنڌي ۽ ٻيو هو شيخ عبدالمجيد سنڌي.

مولانا عبيدالله سنڌي ننڍي کنڊ جو اهو پهريون ۽ واحد سياستدان هو جنهن هندستان مان فرنگين جي ناپاڪ پاڇي هٽائڻ لاءِ پاڻ کي جلاوطن بڻايو، در در جون ٺوڪرون کاڌيون، پنهنجي دور جي سپر پاور خلاف منظم منصوبا بڻايا، جوڀن ۽ جوانيءَ جا ڏينهن جڏهن هو پنهنجي وطن ۾ گذاري رهيو، تڏهن هن کي آزاديءَ خاطر وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا ۽ موٽيو تڏهن جڏهن جهور پوڙهو ٿي چڪو هو.

“ڪراڙو اٺ ٻه ڪنواٽ لهي” جي مصداق پوءِ به هن همت نه هاري، هن جي جواني ٻڍاپي ۾ تبديل ٿي چڪي هئي، ليڪن هن جوانن جي جوش ۽ ٻڍڙن جي هوش کي ملائي جهان بيني، تجربن، آزمودن ۽ مشاهدن کي اڳيان رکي ساگر پارٽي ٺاهي، پنهنجي پارٽيءَ جي پوئلڳن جي تربيت شروع ڪئي ۽ آزاديءَ جي نعمت حاصل ڪرڻ لاءِ هر اول دستو ٺاهڻ شروع ڪيو، مولانا عبيدالله سنڌي به هندستان جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪئي مگر مذهب جي بنياد تي نه پر ٻولي، تهذيب ۽ ثقافت جي بنيادن تي! ليڪن هڪ طرف حالتون بدلجي چڪيون هيون ۽ ٻي طرف سندس حياتيءَ جا ڏينهن به اچي پورا ٿيا، ان ڪري سندس حسرتون، اميدون ۽ خواهشون ائين ئي اڌريون رهجي ويون. هن هيٺ انهيءَ عظيم انسان جي هڪ تقرير ڏجي ٿي.)

نحمده و نصلي عليٰ رسولہ الڪريم. اما بعد

آءُ سورهن سالن جو هوس اردوءَ ۾ ميٽرڪ تائين تعليم پڙهي چڪو هوس جو آءُ مسلمان ٿيس، مون کي توحيد جو ڪلمون حضرت حافظ محمد صديق قدس سره ڀرچونڊي وارن پڙهايو، اهي منهنجي لاءِ ماءُ، پيءُ جي جاءِ تي هئا ۽ مون لاءِ ماءُ پيءُ وانگر مربي بنيا، انهن جي دعا تاثير سبب، مون پاڻ ۾ وڏيون برڪتون محسوس ڪيون آهن، مون ڪيتريون ئي غلطيون ڪيون هونديون، پر حافظ صاحب جي دعا جي برڪت سان مون کي خدا تعاليٰ انهن جي شر کان بچايو، آءُ پاڻ کي حضرت صاحب جي جماعت جو هڪ فقير سمجهان ٿو، ان جي دعا سان آءُ علم جي ڳولا ڪندي ڪندي حضرت مولانا شيخ الهندؒ جي خدمت ۾ پهتس، انهن جي جماعت جو هڪ طالبعلم بنجي سگهيس، منهنجي حيثيت حضرت مولانا شيخ الهند جي جماعت جي هڪ طالبعلم کان زياده نه آهي، منهنجو علمي تعلق بنيادي طور تي حضرت مولانا شيخ الهند سان آهي، منهنجو استاد، مولانا محمد قاسم قدس سره جي شاگردن مان هڪ خاص مرتبي جو مالڪ هو، آءُ پنهنجي استاد جي انهيءَ مرتبي کي سڃاڻان ٿو ۽ منهنجي اها ڪوشش آهي ته حضرت جي انهيءَ مرتبي کي زندهه رکنا کين مولانا محمد قاسم (نانوتوي) جي واسطي سان جيڪو علم ورثي طور امام ولي الله قدس سره کي مليو هو، خدا جي فضل سان انهيءَ جي مون کي به گهڻي ڪجهه پروڙ حاصل آهي، منهنجي زندگي جو مقصد هي آهي ته هي علم هندستان جي مسلمانن جي عام طور ۽ دهلي ۾ جاتي جاتي اردو ڳالهائي وڃي ٿي ۽ سنڏ ۾ خاص طور محفوظ ٿي وڃي، منهنجي طبيعت کي سڀ کان زياده پسند ۽ قرآن شريف جي معنائن ۽ مطلبن سمجهڻ کي سڀ کان زياده پسند، قرآن شريف جي معنائن ۽ مطلبن سمجهڻ وارو علمي موضوع رهيو اهي ۽ جيئن ته قرآن شريف جي تعليمن ۾ سڀ کان اهم مسئلو توحيد جو اثبات ۽ شرڪ جو انڪار آهي، ان ڪري مون کي ان مسئلي سان خاص دلچسپي هئي مون اسلام جي اعلان ڪرڻ کان اڳ ۾ انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي گهر ۾ جيڪو مطالعو ڪيو هو ان ۾ مون تي هيءَ ڳالهه ٿي ته فقط اسلام ئي توحيد جي تعليم صحيح صحيح ڏئي ٿو ۽ انهيءَ بنياد تي ئي مون ٻين مذهبن کان اسلام کي ترجيح ڏئي پسند ڪيو، بيشڪ هندو مذهب، عيسائيت ۽ يهودين وانگر پراڻي زماني ۾ سچائي جو مالڪ هو، پر مون ڏٺو ته ان ۾ هاڻ شرڪ ملي ويو آهي، اوهان کي جيڪڏهن هندو مذهب جي حقيقت معلوم ڪرڻي هجي ته حضرات مرزا مظهر جان جانان جي مڪتوبات پڙهو، جيڪا ڪلمات طيبات نالي ڪتاب سان اوهان کي ملي سگهندو.

قرآن شريف جي تعليمن جي منڍ ۽ پاڙ يعني توحيد جو مسئلو صحيح طرح سمجهڻ ۾ مولانا شاهه اسماعيل شهيد جي ڪتاب “تقويته الايمان” منهنجي رهنمائي ڪئي، ان ڪري حضرت مولانا شهيد رحمة الله کي آءُ شروع کان پنهنجو هادي ۽ مرشد مڃيندو آيو آهيان، پوءِ جڏهن مون توحيد جي مسئلي ۾ پنهنجو مطالعو وڌايو ته مون کي خبر پئي ته هن توحيد جي مسئلي سبب مسلمانن ۾ وهابي ۽ غير وهابي جو جهڳڙو وڏن زورن تي پيو هلي مون کي مسلمانن جو اهو اختلاف پسند نه آهي، پوءِ مون انهيءَ جو حل هي ڳولي لڌو ته آءُ قادري طريقي جو هڪ فقير آهيان، حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني قدس سره جي ڪتاب “فتوح الغيب” کي مڃان ٿو، انهيءَ ۾ توحيد جو تفصيلي بيان آهي ۽ حضرت شيخ عبدالقادر جي ان ڪتاب جو وهابيت سان پري جو به واسطو ڪو نه آهي، هاڻي جيڪڏهن آءُ توحيد جي سمجهائڻ لاءِ “فتوح الغيب” پنهنجي لاءِ مرڪزي ۽ بنيادي ڪتاب بنايان ته ان جو مطلب هي نڪرندو جو سنڌ مان توحيد جي مسئلي سبب وهابيت جو سوال ئي گم ٿي ويندو.

آءُ ائين نٿو چوان ته منهنجي هن طرز فڪر سان سنڌ مان توحيد واري مسئلي جي ضمن ۾ وهابيت جو اڻ وڻندڙ بحث ختم ٿي ويو، پر ايترو ته ضرور ٿي ويو جو منهنجي ساٿين ۽ مون سان گڏ ڪم ڪرڻ وارن ۾ وهابي ۽ غير وهابي جو جهيڙو زور وٺي نه سگهيو، منهنجو پنهنجو هي حال آهي ته آءُ حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني جي ڪتاب “فتوح الغيب” کي وڏي محبت سان پڙهان ٿو ۽ مولانا محمد اسماعيل شهيد جي ڪتاب “تقويته الايمان” کي انهيءَ جو ترجمو سمجهان ٿو، اسلام بنيادي مسئلي توحيد جي باري ۾ ته منهنجو اهو مسلڪ آهي، جيڪو هي بيان ٿيو، پنهنجي استاد شيخ الهند کان اسان جيڪي خاص ڳالهيون سکيون آهن، انهن مان هڪ اهم شيءِ جهاد جو مسئلو آهي، اسان جي شاگرديءَ جي زماني ۾ انهيءَ مسئلي تي وڏا وڏا بحث ٿي رهيا هئا، عليڳڙهه پارٽي جهاد جي معنيءِ نئين طريقي تي ڪندي هئي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ اهڙا شبها پيش ڪندي هئي جنهن جو جواب ڏيڻ آسان نه هو، خدا جي فضل سان اسان کي حضرت شيخ الهند جي صحبت جي فيض سبب انهيءَ مسئلي ۾ پورو اطمينان حاصل ٿي ويو هو، ان ڪري علي ڳڙهه جي شاگردن سان ان معاملي ۾ جيڪڏهن اسان جي گفتو ٿيندي هئي ته اسان انهن کي جهاد جو اصلي مقصد صحيح طريقي سان سمجهائي سگهندا هئاسين.

قرآن مجيد جو ترجمو. فتوح الغيب جي توحيد ۽ جهاد پنهنجي اصلي معنائن ۾ هي هو اسان جو مقصد، جنهن تي اسان علمي سرگرمين جو مدار رکيو. امروٽ (ضلع سکر ۾) اسان اهائي شيءِ پڙهائيندا رهياسين، جهاد جي مسئلي جي چٽائي ۽ ان جي عملي تعبير لاءِ اسان کي امام ولي الله، امام عبدالعزيز، شاهه اسماعيل شهيد ۽ ان جي ساٿين جي تاريخ ۽ انهن جون حالتون پڙهائڻ جي ضرورت پئي، ڳالهه هيءَ هئي جو جهاد کي خالي عقلي طور تي سمجهائڻ اسان وٽ ڪافي نه هو، اسان گهرون پيا ته شاگردن جي سامهون ان جو عملي طريقو پيش ڪيون ۽ سڀئي ڄاڻن ٿا ته امام ولي الله کان وٺي مولانا اسماعيل جي شهادت تائين هن خاندان جي جهاد جي واقعن جو خصوصي ڳانڍاپو رهيو آهي، اسان ديوبند ۾ شاگرديءَ جي دوران هن خاندان جون حالتون بزرگن کان ٻڌندا هئاسين، انهيءَ ڪري هاڻي اسان جيڪو تعليم جو سلسلو شروع ڪيو ته اسان هيئن ڪيوسين جو اڳ ۾ ته قرآن مجيد منجهان جهاد جو مسئلو شاگردن کي سمجهايون ٿا، پوءِ وري صحيح حديثن ذريعي انهيءَ تي روشني وجهون پيا، پوءِ صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين جي انهيءَ باري ۾ زندگي پيش ڪيون پيا ۽ ان کان پوءِ امام ولي الله جي طريقي مطابق جهاد جا احڪام بيان ڪيون پيا ۽ پڇاڙيءَ ۾ شاگردن تي هي واضح ڪيون پيا ته ڪهڙي طريقي سان اڄ جي زماني ۾ هاڻوڪين حالتن هيٺ جهاد جو حڪم قابل عمل ٿي سگهي ٿو.

توحيد ۽ جهاد، هي ٻه شيون هيون جن تي اسان شاگردن کي تعليم ڏيڻ وقت خصوصي توجهه ڏيندا هئاسين، توحيد ۽ جهاد جي انهيءَ نموني تعليم ڏيڻ هر مسجد ۽ مدرسي ۾ آسان نه هئي، امروٽ ضلع سکر ۾ حضرت مولانا تاج محمد رحمته الله عليه اسان لاءِ پيءُ جي مثال هو، ان ڪري اسان تي آرام سان ۽ اطمينان سان منشا مطابق تعليم ڏيندا رهياسون، امروٽ ۾ ڪجهه عرصو پڙهائڻ کان پوءِ حضرت شيخ الهند پنهنجي مشن ۾ اسان جو درجو وڌايو ۽ پاڻ اسان کي سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ جو ٻيو به طريقو سيکاريو ۽ اسان انهن جي حڪم مطابق ڪم شروع ڪيو ۽ ڪنهن کي به اهو ڪو نه ٻڌايو ته هي ڪم حضرت شيخ الهند جو ٻڌايل ڪري رهيا آهيون، ظاهر ۾ اسان اهو ڪم پنهنجي نالي سان ڪري رهيا هئاسون، منهنجي مهربان بزرگ حضرت امروٽي صاحب کي انهيءَ نموني ڪم ڪرڻ پسند نه آيو، ان ڪري اسان مجبور ٿي امروٽ جي بجاءِ ڳوٺ پير جهنڊي، ضلع حيدرآباد سنڌ ۾ دارالرشاد نالي سان هڪ مدرسو ٺاهيو ۽ اسان کي انهيءَ مدرسي کي پنهنجي مرضي مطابق هلائڻ ۾ پورو اختيار هو ۽ پير صاحب جهنڊي وارن سان اسان جو هي فيصلو ٿي چڪو هو ته اسن جي ڪم ۾ بلڪل دخل نه ڏيندا ۽ انهن انهيءَ واعدي کي سچيءَ دل سان نڀايو.

دارالرشاد م جڏهن اسان پنهنجي ڪم کي سهڻي نموني ڪري ڏيکاريو ته حضرت شيخ الهند اسان جو درجو اڃا به وڌايو ۽ مون کي ديوبند گهرائي ورتائون ۽ مدرسي ديوبند جي پاليسي بابت اسان جا مشورا ٻڌڻ لڳا، انهيءَ زماني ۾ حضرت شيخ الهند اسان کي جهاد جي حقيقت جي ٻي پيڙهه سمجهائي، عام طور تي جهاد لاءِ هي شرط آهي ته مسلمان بادشاهه هجي ۽ ڪافرن سان مقابلي جو ڪوئي امڪان نظر اچي ته پوءِ جهاد فرض ٿي پوي ٿو، پر ائين به ٿي سگهي ٿو ته مسلمانن ۾ انهن جو ڪو بادشاهه نه رهي ۽ نه انهن وٽ فوجي طاقت موجود هجي ته اهڙين حالتن ۾ ڇا جهاد جو حڪم کڄي ويندو؟

حضرت شيخ الهند اسان کي اهڙو مشڪل مسئلو سمجهايو ۽ ان لاءِ ارشاد فرمايائون ته اهڙين حالتن ۾ هر هڪ مسلمان مٿان فرض آهي ته پنهنجي جماعت ٺاهي ۽ جهاد ڪري، حضرت شيخ الهند اسان کي سنڌ ۾ انهيءَ نموني ڪم ڪرڻ جو حڪم فرمايو هو ۽ اسان ڪجهه انهيءَ طريقه ڪار کان واقف به ٿياسون ۽ جڏهن سنڌ مان ديوبند پهتاسون ۽ جميعت الانصار جو ڪم ڪرڻ شروع ڪيوسون تڏهن به اسان جي سامهون حضرت شيخ الهند قدس سره جو اهو فرمان هو.

جهاد جي متعلق اهو نقطه نظر ۽ انهيءَ مطابق ڪم ڪرڻ اها اسان جي خصوصيت هئي، جا اسان حضرت شيخ الهند جي صحبت ۾ رهي حاصل ڪئي هئسون، ان کان پوءِ حالتون اهڙيون ٿيون جو حضرتن کي اسان کي ڪابل موڪلڻ جي ضرورت پئي، اتي اسان شروع شروع ۾ جهاد جي پهرين پيڙهه کي پنهنجو مقصود بنائي ڪم ڪيو، يعني مسلمان بادشاهه جي موجودگي مسلانن جي فوجي طاقت هوندي جهاد جي حڪم جي تعميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان کان پوءِ اهڙيون حالتون ظاهر ٿيون،جو اسان کي ڪابل ڇڏڻو پيو، ان ڪري اسان اتاهون روس هليا وياسين، روس جي سياست جو اسان مطالعو ڪيو ته اسان کي هي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته جهاد جي ٻي پيڙهه جا اسان کي حضرت شيخ الهند سيکاري هئي، يعني جڏهن مسلمانن جي حڪمران طاقت ۽ انهن جي فوجي طاقت موجود نه هجي ته ان وقت هر مسلمان تي اهو فرض آهي ته پنهنجي جماعت ٺاهي ۽ جهاد ڪري، انهيءَ کي يورپ ۾ انقلاب جي نالي سان سڏين ٿا، انهيءَ زماني ۾ روس يوپر جي انقلاب جو مرڪز هو، اسان اتي ست مهينا رهياسين ۽ يورپ جي انقلاب جو چڱيءَ طرح اڀياس ڪيوسون، انهيءَ مطالعي اسان جون اکيون کولي ڇڏيون ۽ اسان ڏٺو ته جهاد جي ٻي پيڙهه جنهن کي مڪمل بيان حجته الله البالغته ۽ ازالته الخفاء عن خلافته الخلفاء ۾ اسان بار بار پڙهي آيا هئاسين، ان کي اڄ جي اصطلاحي زبان ۾ انقلاب چون ٿا، ان ڪري آءُ هاڻي انقلابي آهيان، آءُ پنهنجي هن انقلاب کي پنهنجي وطن ۾ ڪامياب ڪرڻ لاءِ نيشنل ڪانگريس ۾ اندر پنهنجي هڪ مستقل پاڙتي جو بنياد وجهي چڪو آهيان، جڏهن اسان وطن کان ٻاهر هئاسين ته اسان جي حيثيت ٻي هئي پر جڏهن وطن واپس موٽيا آهيون ته اسنا پنهنجي ٻاهرين ساٿين کان ڪٽجي چڪا آهيون.

هاڻي اسان جي سموري ڪوشش هيءَ آهي ته پنهنجي هن فڪر جو، حضرت شيخ الهند جي جماعت مان ترقي پسند “نوجوانن سان تعارف ڪرايون، پر ڪانگريس ۾ اندر رهي ڪري ڪمڪرڻ جي هن دعوت ڏيڻ مان ڪو به هي ڌوڪو نه کائي ته اسان نيشنل ڪانگريس ۾ مولانا حسين احمد مدني ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد وانگر گانڌي جي جا تابع آهيون.“

نيشنل ڪانگريس ۾ اسان جي ڪمن جي مستقل هڪ حيثيت آهي، گانڌيءَ جي جو ان سان ڪو به تعلق نه اهي، انهن ڪمن تي روشن وجهڻ جو وقت اڃا نه آيو آهي، اسان جو ۽ گانڌي جي جو هن سلسلي ۾ ڇڙو هڪ ڳالهه تي ميلاپ آهي اهو آهي عدم تشدد (اهنسا) جو مسئلو، پر ان ۾ به اسان جي ۽ گانڌي جي جي وچ ۾ فرق آهي، هو ڪنهن به صورت ۾ تشدد ڪرڻ کي جائز نه ٿو سمجهي، مگر اسان ضرورت جي وقت تشدد ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ جي حق ۾ آهيون، شروع شروع ۾ عدم تشدد جي پنهنجي هن فڪر کي بيشڪ اسان گانڌي جي جو اثر سمجهندا هئاسين پر پوءِ اسان کي معلوم ٿيو ته رسول الله ﷺ مڪه معظمه جي قيام واري زماني ۾ عدم تشدد جا پابند هئا، اصل ۾ امام ولي الله جي تحقيقات هن مسئلي ۾ اسان جي رهنمائي ڪئي آهي، ان ڪري اسان جنهن وقت عدم تشدد جي دعوت ڏيون ٿا ته اهو ظاهر ۽ باطن ۾ فقط امام ولي الله جي اتباع جي دعوت ڏئي رهيا آهيون، جيئن يورپي قومن پنهنجا انقلاب منظم ڪيا آهن اهڙي نموني آءُ امام ولي الله جي انقلابي دعوت کي منظم ڪندس. روس جي انقلاب جون ٻه مرڪزي شخصيتون هيون، ڪارل مارڪس ۽ ڪامريڊ لينن.

مون پنهنجي انقلابي دعوت لاءِ ٻه امام چونڊيا آهن، امام ولي الله ۽ امام قاسم، روسي انقلابي لا ديني هو ۽ منهنجو انقلاب امام ولي الله جي تعليمات جو خلاصو ۽ نچوڙ آهي، انقلاب هڪ ڏينهن ۾ مڪمل نه ٿيندا آهن، انقلابن جو ڪم ڏاڪي به ڏاڪي ٿيندو آهي، هن وقت اسان ڇڙو انقلابي فڪر جو تعارف ڪرائي رهيا آهيون، ديوبندن ۾ عالمن جي هڪ وڏي جماعت آهي، جيڪا جهاد جي مسئلي ۾ حضرت شيخ الهند سان متفق نه آهي، اسان انهن جي علم ۽ تقويٰ جي ته عزت ڪيون ٿا، پر انهن جي ڪمن جي پوئواري نه ڪنداسين، ديوبند ۾ حضرت شيخ الهند جي مڃڻ وارا ۽ هم فڪر عالم به ٻه حصا ٿي ويا آهن، هڪ گروهه هن انتظار ۾ آهي ته ڪوئي مسلمان بادشاهه جهاد ڪري ته اسان انهيءَ جهاد ۾ شريڪ ٿيون، اسان انهيءَ گروهه کي به نٿا مڃون.

حضرت شيخ الهند جي مڃڻ وارن مان ٻيو حصو انقلابي آهي، اسان وٽ اهي ماڻهو ئي حضرت شيخ جا صحيح جانشين آهن، اسان جو هي بيان ڪيون پيا ته حضرت شيخ الهند جهاد جي معنيٰ انقلاب ڪئي آهي ته هتي ان جي ڪجهه وضاحت ضروري سمجهون ٿا، اسان امروٽ ۾ چئن شاگردن جي هڪ جماعت ٺاهي جنهن جو مقصد هو جهاد ڪرڻ.

آءُ انهيءَ جماعت جو امير هئس، هيءَ جماعت مولانا اسماعيل شهيد جي طريقه جهاد مطابق ٺاهي وئي هئي، اسان انهيءَ جماعت سان جهاد جو ڪم شروع ڪري ڏنو، پوءِ جڏهن آءُ ديوبند ويس ۽ حضرت شيخ الهند سان ڳالهين ڪندي انهيءَ جماعت جو ذڪر ڪيم ته حضرت قدس سره انهيءَ تي تمام گهڻي خوشيءَ جو اظهار فرمايو ۽ پاڻ مون کي پنهنجي خصوصي جماعت ۾ داخل فرمايو. مٿين ڳالهه جو ڪجهه وڌيڪ تفصيل ڪجي ٿو ته حضرت شاهه اسماعيل شهيد هڪ جاءِ تي بيان فرمايو آهي ته جهاد کي قائم رکڻ فرض ڪفايه آهي، جيڪڏهن طاقت جي زور سان نه ٿي سگهي ته شهيد ٿي به جهاد قائم رکي سگهجي ٿو، اهو هر هڪ مسلمان ڪري سگهي ٿو ان لاءِ هڪ جماعت ٺاهي وڃي ته ان جو امير به چونڊيو وڃي جيئن نماز لاءِ امام چونڊيو ويندو آهي، حضرت شاهه شهيد جو هي اشارو منهنجي سمجهه ۾ اچي ويو ۽ انهيءَ جي مطابق امروٽ ضلع سکر ۾ هڪ جماعت ٺاهي ۽ اسان فيصلو ڪيو ته اسان شهيد ٿي ڪري جهاد کي زندهه رکنداسين، پوءِ جڏهن اهو تذڪرو حضرت شيخ الهند جي سامهون ٿيو ته اهي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ فرمايائون ته توکي انهيءَ جماعت جي به ضرورت نه آهي تون اڪيلو به جهاد ڪري سگهين ٿو ۽ فاتح به ٿي سگهين ٿو ۽ گڏوگڏ حضرتن فرمايو ته اها منهنجي راءِ آهي منهنجي استاد جي سمجهايل نه آهي ۽ مون اها فلاڻي حديث مان اخذ ڪئي آهي.

جيڪڏهن جهاد جو مطلب اهو آهي جيڪو مون کي شيخ الهند ؒ ٻڌايو ته انهيءَ جو نالو انقلاب آهي، ان ڪري آءُ انقلابي آهيان ۽ جيڪو طريقو شيخ الهند مون کي سمجهايو آءُ انهيءَ طريقي جو انقلابي آهيان، منهنجو استاد، حضرت شاهه شهيد امام عبدالعزيز ۽ حضرت امام ولي الله قد الله اسرارهم جي مسلڪ تي عامل هو.

پوءِ منهنجي زندگي جو به اهوئي مسلڪ آهي ۽ انهيءَ کي حاصل ڪرڻ منهنجي سموري جدوجهد جو خلاصو آهي، اسان ٻه مسئلا ٻيا به هتي بيان ڪري ٿا ڇڏيون، سڀ کان پهريون سوال ته هي آهي ته حضرت شيخ الهند جو هي انقلاب ڪيئن عمل ۾ آندو وڃي؟ منهنجو چوڻ هي آهي ته انهيءَ لاءِ اسان کي يورپ مان سکڻ ضروري آهي، اسان جا پراڻا هٿيار هن زماني جي ڪنهن ڪم جا نه رهيا آهن، ڪمال پاشا ۽ امان الله انهيءَ ڳالهه کي ڏاڍو سمجهي ويا هئا ۽ اسان ٻاهر رهي ڪري انهيءَ حقيقت کي چڱي طرح سمجهي وياسين.

يورپ جي سائنس ۽ يورپ جا جنگي هنر اسان کي يورپ کان سمجهڻا پوندا، پر اسان جي انقلابي جماعت جو پروگرام امام ولي الله جي فڪر تي جوڙيل هوندو، جڏهن اسان پنهنجي ملڪي ماڻهن کي چئون ٿا ته يورپي بنجو ته اسان جي چوڻ جو اصل ۾ اهو ئي مطلب آهي.

جڏهن هي مڃيو ويو ته اسان لاءِ يورپ جي سائنس ۽ فنون کي حاصل ڪرڻ ضروري آهي، انهيءَ مان صاف صاف ظاهر آهي ته انهن شين کي اسان انگريزن کان وڌيڪ سهڻي طريقي سان سکي سگهون ٿا، تنهن لاءِ منهنجي راءِ مطابق مناسب ۽ موزون ٿيندو ته انگريزي ٻولي ڳالهائڻ وارين قومن سان اسان گڏ رهڻ جو فيصلو ڪيون، انهيءَ ۾ اسان جو فائدو آهي ۽ مصلحت به انهيءَ کي چاهي ٿي، انهيءَ کي مان برٽش ڪامن ويلٿ ۾ شريڪ ٿيڻ سڏيان ٿو، اسان سنڌ کي ڊومينن اسٽيٽ بڻايون ٿا ۽ برٽس ڪامن ويلٿ ۾ شريڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيون ٿا، هيءَ جيڪا ڳالهه آءُ اوهان کي ٻڌايان ٿو اها منهنجي پنهنجي آهي منهنجي استاد جي ٻڌايل نه آهي، پر انهن پوئين جنگ ۾ ترڪيءَ جي شڪست ۽ مسلمانن جي بين الاقوامي مرڪز ٽٽڻ کان پوءِ آئندي لاءِ ڪجهه هدايتون فرمايون جن مان انهيءَ قسم جو مطلب وٺي سگهجي ٿو.

هڪ ٻي ڳالهه جيڪا آهي ته موضوع کان جدا پر هن موقعي تي چئي ٿا ڇڏيون، اها هيءَ ته هن جلسي ۾ ڪيترن دوستن، هاري ۽ زميندار جو مسئلو ڇيڙيو آهي، اسان هارين جا طرفدار آهيون، اسان هارين کي تعليم ڏيڻ گهرون ٿا، انهن جي سياسي تربيت ڪرڻ گهرون ٿا، اسان انهن کي هن لائق بنائڻ گهرون ٿا ته هو اسيمبلي جا نمائندا بنجي ڪري اسيمبلي ۾ ويهي سگهن، اسنا هارين لاءِ سڀ ڪجهه گهرون ٿا پر انهن کي زميندارن سان ٽڪرائڻ نٿا گهرون، اسان جي ملڪ ۾ زميندارن جو هڪ درجو آهي، اهي هارين کان ڍلون وٺي حڪومت کي پهچائن ٿا. جڏهن اسان حڪومت سان ئي نٿا لڙون ته هارين کي زميندارن سان ڪيئن لڙايون، اسان کي ڄاڻ آهي ته ڪيئن اسيمبلي ۾ وڃي زميدارن کان هارين جا حق وٺي سگهبا آهن، اها اسان جي خصوصي ڳالهه آهي، انهيءَ لاءِ اسان هڪ مستقل سياسي پارٽي ٺاهيون ٿا، اسان هارين جي حقن تان هٿ کڻڻ وارا نه آهيون، پر ڳالهه هيءَ آهي اسان جي ملڪ ۾ روس کان آيل هڪ تحريڪ هلي رهي آهي، انهيءَ تحريڪ ۾ ڪم ڪرڻ وارا ڪامريڊ هارين کي زميندارن سان ويڙهائڻ گهرن ٿا ۽ آءُ به روسکان ٿي ڪري آيو آهيان، ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته ڪن ماڻهن جو خيال هجي ته اسان به هارين کي زميندارن سان وڙهڻ لاءِ دعوت ڏينداسون، سو اسان جي باري ۾ ائين سمجهڻ ٺيڪ نه آهي، اسان جو پروگرام وقتي نه آهي، اسان هڪ ڊگهي عملي واٽ جي طرف سڏيون پيا.

اچ ئي ممڪن نه آهي ته اسان پنهنجو سمورو پروگرام شاگردن کي ٻڌائي سگهون، هن وقت خالي اوهان کي اسان ايترو چئون ٿا ته اوهان انگرزي پڙهو، تا ته اڄڪلهه جيڪا يورپ ۾ هلچل آهي ۽ اتي جيڪو انقلاب برپا آهي، انهن جي حالتن کان سڌو سنئون اوهان واقف ٿي سگهو، اسان عربي جي شاگردن کي ٻڌائڻ گهرون ٿا ته انهن کي سڀ کان پهريائين ديوبند جو نصاب پورو ڪرڻ گهرجي، انهن کي ان نصاب جي عقليات کي به ائين پڙهڻ گهرجي جيئن ديني حصي کي پڙهن ٿا، انهيءَ مان هي فائدو ٿيندو ته هو امام ولي الله جي حڪمت کي چڱي طرح سمجهي سگهندا، ان کان سواءِ اسين اوهان کي هڪ ٻيو به مشورو ڏيون ٿا ته عربي شاگردن کي گهرجي ته هو سنڌي فائنل جو نصاب به پورو ڪن ۽ ان جي امتحان ۾ ويهڻ جي ضرورت نه آهي، کين ڇڙو انهيءَ نصاب سان پاڻ ۾ لياقت پيدا ڪرڻ گهرجي، انهيءَ جو فائدو هي ٿيندو ته هو مولانا محمد قاسم جي ڳالهه سولي نموني سمجهي سگهندا. آخر ۾ اسان هن ڳالهه جي تاڪيد ڪيون ٿا ته توهان ماڻهن کي سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جي شهري آبادي جي اڳواڻي مسلمانن جي هٿان نڪري چڪي آهي، مگر پاسن ۽ ٻهراڙين ۾ مسلمان جا اشراف گهراڻا اڃان تائين موجود آهن، انهن ۾ چڱا پير، چڱا زميندار ۽ نيڪ علماءَ به آهن، انهن ماڻهن جا وڏا وڏا خاندان آهن، جن جو گذر زمينداريءَ تي آهي، انهن ۾ ديني علم شايع ڪرڻ جو موقعو آهي، انهن کي انگريزي زبان کان واقف ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي،

جيڪڏهن اسان جا نوجوان شاگرد همت ڪري اهو ڪم پنهنجي ڪلهن تي کڻن ته هو سنڌ ۾ اسلاميت کي نئين زندگي ڏئي سگهن ٿا. والله المستعان. اوهان مون کان پڇندا ته موجوده سياسي هنگامن کان جدا رهي عربي شاگردن لاءِ سياسي سکڻ جو آسان رستو ڪهڙو آهي، سو انهيءَ باري ۾ منهنجي راءِ هي آهي.

(الف) عربي ڄاڻندڙ شاگرد کي انگريزي زبان سکڻ گهرجي، انهيءَ جو سولو طريقو هي آهي ته اڳ ۾ هو اردو ۽ سنڌي کي رومن ڪيريڪٽر ۾ لکڻ پڙهڻ جي مشق ڪري ۽ پوءِ انگريزي جا اکر سکي ٿوري محنت ۽ اڀياس سان ايتري لياقت ڪري ويندو جنهن سان اردو پڙهي سگهي، اهڙي شاگرد جي اها حالت هوندي جا هڪ عاميءَ ماڻهوءَ جي جيڪو قرآن مجيد قرائت سان پرهڻ سکندو هجي جيئن اهو معنيٰ نٿو ڄاڻي پر عربي جا لفظ اچاري سگهي ٿو، اهڙو شاگرد انهيءَ حالت ۾ سولائي سان ٽائيپ رائيٽر جو استعمال سکي سگهي ٿو، جيئن هڪ مقرر اردوءَ ۾ تقرير ڪري يا سنڌيءَ ۾ اهو ٽائيپ رائيٽر جي ذريعي ان کي انگريزي حرفن ۾ لکي سگهندو، انهيءَ ڪم لاءِ نه درجي بندي جي ضرورت آهي، ۽ نه باقاعدي ڪنهن استادن کان پڙهڻ جي، هر شخص پاڻ ذاتي محنت سان هي ملڪو حاصل ڪري سگهي ٿو.

(ب) ان کان پوءِ انگريزيءَ جا ست ڪتاب جيڪي ميٽرڪ تائين پڙهايا ٿا وڃن، انهن کي ڪريما نام حق وانگر پڙهائي انهن جي صورتخطي پنهنجي هٿ سان لکڻ جي مشق ڪجي ۽ انگريزي ڳالهائڻ وارن جي مجلس ۾ ويهي ۽ انگريزي الفاظ صحيح صحيح اچارڻ، ذهن نشين ڪري ۽ جيڪڏهن موقعو مليس ته پاڻ به انگريزي ڳالهائي، انگريزي جا پنج ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ڊڪشنري جي مدد سان هو انگريزي اخبار جو مطالعو شروع ڪري ۽ جيڪو وقت انگريزي سکڻ لاءِ ڪڍي انهيءَ ۾ ٻيو ڪو به ڪم نه ڪري، نه حساب، نه سائنس، نه جاگرافي، انهيءَ وقت ۾ ڇڙو انگريزي صحيح لکڻ لاءِ ڳالهائڻ کي رکي، هڪ ذهين ۽ محنتي عربي دان شاگرد ڇهن مهينن ۾ هي ڪم ڪري سگهندو ۽ زياده وقت لڳو ته به هڪ سال ان لاءِ ڪافي آهي.

عربي وارو شاگرد فقط سياسي تربيت لاءِ انگرزي سکي ٿو، انهيءَ کي ڪا نوڪري ڪانهي ڪرڻي، جنهن لاءِ ان کي ڊگري جي ضرورت پوي، هي شاگرد انگريزي جي ذريعي جڏهن يورپ جي نئين تحريڪ يعني روس سوشلسٽ پروگرام جي تاريخ ۽ ان جي ڪاميابي وارين حالتن کان واقف ٿيندو تڏهن وڃي ان تي هي حقيقت کلي سگهندي ته امام ولي الله جي حڪمت جنهن تي ان جي ڪتابن حجته الله البالغه ۽ ازالته الخفاء عن خلافته الخلفاء جو دارو مدار ۽ بنياد آهي، ۽ جنهن حڪمت سان هو قرآن مجيد، صحاح سته ۽ چئن امامن جي مذهبن ۽ محقق عالمن جي سياست کي حل ڪن ٿا، اها ولي اللهي حڪمت اڄ به يورپ جي انهيءَ انقلابي تحريڪ کان اڳري ۽ مٿانهين آهي ۽ آءُ جو هي چوان ته اڄ جي يورپ کي سمجهڻ کانسواءِ حضرت امام ولي الله جي فلسفي جو مرتبو سڃاڻڻ مشڪل آهي سو انهيءَ جو مطلب به اهو ئي آهي. اسلامي تاريخ جي پهرئين هزار سال ۾ ترقي جا ڪئين رستا هئا ۽ امام ولي الله جا بزرگ به انهن رستن مان هڪڙي طريقي جا پانڌيڙو هئا.

ٻئي هزار سال ۾ جنهن جي شروعات هندوستان ۾ اڪبر جي حڪومت سان ٿي ۽ مام رباني مجدد الف ثاني انهيءَ ننواڻ جو بنياد رکڻ وارا هئا، انهيءَ ننواڻ جي تڪميل ڪرڻ وارو امام ولي الله دهلوي آهي ۽ انهيءَ ڪم لاءِ الله جل و عليٰ فقط کين ئي چونڊيو.

هن وقت هندستان ۾ مسلمانن جي ترقي لاءِ امام ولي الله جي طريقي کان سواءِ ٻيو ڪونهي، ڳالهه هيءَ آهي ته هندستان تي هن وقت يورپ جي هڪ وڏي طاقت جو جبري قبضو آهي، اسان جيستائين يورپ جي عام سياست کي نه سمجهنداسين تيستائين برطانيه کي نه سمجهي سگهنداسين، ٻين لفظن ۾ جيستائين اوهان برطانيه کي نه سمجهي سگهندو ايستائين اوهان لاءِ هندستان جي سياست سمجهڻ مشڪل آهي، نتيجو هي نڪتو ته جيڪڏهن اوهان پنهنجي ملڪ جي سياست سمجهڻ گهرو ٿا ته برطانيه کي سمجهو ۽ جيستائين اوهان يورپ کي سمجهي نه سگهندو ايستائين برطانيه کي سمجهي نه سگهندو، ان ڪري ضروري آهي ته توهان يورپ جي سياست سمجهو، پوءِ پنهنجي ملڪ جي سياست تي غور ڪيو.

امام ولي الله جي سياست، فڪر ۽ ان جي ٻڌايل عملي رستي جي سڌي هجڻ ۽ انهيءَ کي چونڊيل سمجهڻ جو وجه هي آهي ته سلطان محي الدين احمد اورنگزيب عالمگير رحمته الله عليه کان پوءِ جڏهن اسلامي سلطنت ۾ انتشار شروع ٿيو ۽ هن ملڪ تي يورپي طاتن جي غلبي جي شروعات ٿي ته عين انهيءَ موقعي تي شاهه صاحب پنهنجي سياسي تحريڪ جو بنياد رکي ٿو ۽ اهو ان نئين سياسي نظام جي ضرورت به بيان ڪري ٿو ۽ ان کي سائنٽيفڪ يعني حڪيمانه بنياد به جوڙي ٿو، انهيءَ نموني سان شاهه صاحب اسان جي ملڪ جو سياسي سلسلو ٽٽڻ نه ڏنو آهي ۽ هو هڪ آزاد هندستاني حڪومت جي شڪست سان گڏوگڏ هڪ ٻئي سياسي نظام جو نعم البدل پيش ڪري ٿو، ان ڪري آءُ چوندو رهان ٿو ته پهريائين يورپ جي سياست جو گهرو اڀياس ڪيو، انهيءَ نموني سان توهان هڪ طرف يورپ کي سمجهي ويندا ٻئي طرف هندستان کي اسان جو بيت الحڪمت ۽ محمد قاسم ولي الله ٿيالاجيڪل ڪاليج امام ولي الله جي حڪمت جي پرچار ۽ ان جي تعليم جو انتظام ڪندو.

اسان پنهنجي نوجوان شاگردن کي وڏي نرميءَ سان هن طرف ڌيان ڇڪايون ٿا ۽ بيشڪ هي ڪم مشڪل ضرور آهي، پر اسان جا نوجوان شاگرد خدا جي فضل سان وڏي همٿ جا مالڪ آهن، هو جيڪڏهن گهرن ته هپنهنجي همٿ ۽ حوصلي سان انهيءَ مهم کي سولائي سان کٽي سگهن ٿا. اسان کولي ڪري چئون ٿا ته اسان برطانيه سان جنگ جهيڙي جو خيال ڇڏي چڪا آهيون، اسان في الحال ڊومينن حڪومت حاصل ڪرڻ گهرون ٿا، اسان سنڌ جي عام ماڻهن کي ووٽ جي قيمت ٻڌائڻ گهرون ٿا ۽ انهيءَ نموني اسيمبليءَ ۾ عوام جي طاقت گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيون، ان کان سواءِ اسان کي هتي هن ڳالهه جي به چٽائي ڪرڻ جي ضرورت آهي ته اسان سنڌ ۾ سنڌين جي مستقل طور حڪومت گهرون ٿا، اسان انهيءَ سلسلي ۾ ڪو به مذهبي سوال پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين، اسان سنڌ جي سرزمين کي هڪ مستقل ملڪ مڃيون ٿا ۽ اسان هن براعظم جي باقي ملڪن سان فيڊريشن جي ذريعي شريڪ ٿينداسين، اسان سڄي هندستان کي هڪ ملڪ تصور ڪري ان تي وحداني (بونيٽري) طرز جي حڪومت ڪرڻ جو سختيءَ سان انصار ڪريون ٿا.

جيڪڏهن هندستان کي هڪ ملڪ نه سمجهيو وڃي ۽ هن براعظم جو هر ملڪ پنهنجي جاءِ تي آزاد هجي ته انهيءَ طريقي سان هندو مسلم مسئلو به حل ٿي ويندو ۽ اسان برطانيه سان سمجهوتو به ڪري سگهنداسين، پر اسان کي هي مڃڻو پوندو ته هي فڪر جيڪو اسان پيش ڪري رهيا آهيون سو بلڪل نئون آهي، ان ڪري ان کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ هڪ مستقل سياسي پارٽي جي ضرورت آهي، هي پارٽي نيشنل ڪانگريس جي اندر هي ڪري ڪم ڪندي، اسان سنڌ ۾ هن پارٽي جي تشڪيل به ڪري چڪا آهيون، ان پارٽيءَ وٽ قوم مان مراد اهو سياسي تصور آهي جنهن کي اڄ يورپ جي سياست به مڃي رهي آهي، ٻولي، تمدن ۽ معاشرت هڪجهڙي هجڻ، اهو بنياد آهي قوم جي سياسي تصور جو انهيءَ بنياد تي اسان سنڌين کي هڪ مستقل قوم مڃيون ٿا ۽ اهڙي نموني پنجابي، پشتو، ڪشميري، گجراتي، مرهٽي ۽ هندستاني ڳالهائڻ وارن کي مستقل قومن جو درجو ڏيون ٿا.

اسان هي به مڃيون ٿا ته انهن سڀني قومن جي انٽرنيشنل زبان اردو ۽ انگريزي هوندي، اهي علائقا جن ۾ هي قومون آباد آهن، انهن جون حدون بهار کان اتر ۾ پشاور تائين ۽ نربدا کان ڪشمير تائين ڦهليل آهن، اسان هن سموري ايراضي کي پنهنجو قومي وطن مڃيون ٿا، هن رقبي ۾ رهڻ وارين قومن جا پاڻ ۾ تعلق هڪ انٽرنيشنل نظام هيٺ هوندا، اسان هن جا ته حامي آهيون جيئن اڳ ۾ چئي آياسون ته سنڌ سنڌين جي آهي، پر اسان جو هي اصول ان وقت ئي عمل لائق ٿي سگهي ٿو جڏهن هنن سڀني علائقن کي اسان جي اصول تي هڪ انٽرنيشنل نظام جي تابع ڪيو وڃي، ان ڪري انهيءَ خيال جي پيش نظر اسان پنهنجي پارٽي جو نالو جمنا نربدا سنڌ ساگرد پارٽي رکيو آهي، اسان هي گهرون ٿا ته هن ساري علائقي تي اسان جي سنڌ ساگر پارٽي حڪومت ڪري ڇو ته اسان جي خيال ۾ صرف هيءَ پارٽي صحيح معنيٰ ۾ انهن علائقن ۾ هڪ اهڙو انٽرنيشنل نظام قائم ڪري سگهي ٿي، جنهن ۾ هر قوم آزاد هجي ۽ هر ملڪ پنهنجي جاءِ تي مستقل هجي.

هي آهي مختصر لفظن ۾ اسان جو نصب العين ۽ انهيءَ لاءِ اسان سياسي جدوجهد ڪري رهيا آهيون. اڳتي هلي جيڪڏهن بنگال ۽ دکن اسان سان سمجهوتو ڪندا ۽ اسان جي پارٽيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ گهرندا ته اسان وڏي خوشيءَ سان انهن کي قبول ڪنداسين، پر هن وقت اسين پنهنجي سموري طاقت نارٿ ويسٽرن انڊيا کان سواءِ ٻي جاءِ تي خرچ ڪرڻ نٿا گهرون.

(ج) اسان جي هيءَ پارٽي سنڌ جي ڪنهن به پارٽي سان جيڪا انهن اصولن کي پنهنجو بنيادي مڃيندي ته “سنڌ سنڌين جي آهي” اختلاف نه ڪندي، بلڪ اهڙي پارٽي سان اسان سمجهوتو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، تاته سڀ گڏجي ڪري ترقيءَ جي مٿين منزلن کي پهچي سگهون، آخر ۾ آءُ هر شاگرد کي وڏي تاڪيد سان وصيت ڪيان ٿو ته جيستائين هو سنڌ ساگر پارٽي جي نظرين کي پوري يقين سان نٿو مڃي ايتري تائين هو ان تي عمل ڪري نهٻين کي ئي دعوت ڏئي

پر جيڪڏهن ڪنهن درسگاهه جا استاد ۽ منتظم هن پارٽي جي نظرين کي مڃين ٿا ته اسين انهن کي مشورو ڏيون ٿا ته هو پنهنجي درسگاهه جو نالو محمد قاسم ولي الله ٽيالاجيڪل ڪاليج رکن،. اسان لڳاتار انهن کي پنهنجي ڪارائتن مشورن سان مدد ڪندا رهنداسين. والله المستعان.

http://gulhayat.com/molanasindhi.asp