Realtime Hit Counter

Sunday 16 January 2011

نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم جو ٻه حيثيتون امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح اِملاء جوکيو شفيق احمد



نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم جو ٻه حيثيتون

امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح

اِملاء جوکيو شفيق احمد

حضرت (سيدنا) محمد صلي الله عليه وسلم جن جهڙي طرح حنفيت (سيدنا ابراهيم عليه السلام)جي تحريڪ جا داعي آهن اهڙي طرح ان جي آخري درجي جا مستقل امام (ليڊر) به آهن ۽ اِهو هن تحريڪ جو ڪُل قومي درجو آهي. آنحضرت صلي الله عليه وسلم جن جيڪا اُمَت تيار ڪئي آهي، اها قرآن حڪيم جي انقلاب کي عالمگير (انٽرنيشنل) درجي تي ڪامياب ڪندي.

وَهُوَ الحَقُ مِن رَبِهِمِ (اها سندن رَبَ جي طرفان حق ڳالهه آهي.) ترجمه عبيد الله سنڌي

هِيءَ تعليم تمام اَنبِياءِ ڪِرَامِ (1) جي تعليم جو خلاصو ۽ نتيجو آهي ۽ انسانيت جو بنياد آهي. اِنهيءَ ڪري هِيءَ اصل شيءِ آهي ۽ پائيدار دائمي تعليم آهي.اِنهيءَ جي خلافُ قدم کڻي ڪابه اضافي (واڌو پارٽي)جماعت ڪنهن به زماني ۾ ڪامياب ٿي نه سگهندي. اِنهيءَ ڪري ضروري آهي ته اُنَ کي ڪُلُ قومي درجو ڏَئِي ساري انسان ذاتِ تي حڪمران (مولانا عبيد الله سنڌي: حڪمراني مان مراد هميشه معاشرتي ۽ معاشي؛اقتصادي؛عدل انصاف مساوات ۽ انساني سوسائيٽي ۾ هڪجهڙائي بلا تفريق يعني بنيادي ضرورتن يعني رزق روٽي، لٽو ڪپڙو، اجهو جهڳو مڪان، تعليم ۽ صحت تي مشتمل، هر انسان لاء مفت ميسر هجڻ واري سوسائيٽي کي) بنايو وڃي

ڪَفَّرَ عَنهُمُ سَيِاٰتِهِمِ وَاَصلَحَ بَالَهُمَ: ترجمه_ (انهن جو لغزشون ۽ غلط ڪاريون لڪايون وينديون ۽ انهن جي حال جي درستي ڪئي ويندي) صفحه _46

جنگ انقلاب يعني

سورة قتال جو انقلابي تفسير

امام انقلاب عبيد الله سنڌي

مترجمه محمد يوسف ندوي

مولانا عبيد الله سنڌي

ڪتب خانو، نيو سعيد آباد

امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌي جن جو مضمون مٿي پورو ٿيو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

الَّذِينَ كَفَرُوا وَصَدُّوا عَن سَبِيلِ اللَّـهِ أَضَلَّ أَعْمَالَهُمْ ﴿١﴾وَالَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ وَآمَنُوا بِمَا نُزِّلَ عَلَىٰ مُحَمَّدٍ وَهُوَ الْحَقُّ مِن رَّبِّهِمْ ۙ كَفَّرَ عَنْهُمْ سَيِّئَاتِهِمْ وَأَصْلَحَ بَالَهُمْ﴿٢﴾ سنڌي ترجمه

جن ڪُفر ڪيو ۽ الله جي واٽ کان جھليو تن جي عملن کي (الله) چَٽ ڪيو. (١) ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ جيڪي مُحمّد تي نازل ڪيو ويو ۽ اُھو سندن پالڻھار وٽان سچ آھي تنھن کي مڃيائون تن جون مدايون کائن ميٽيائين ۽ سندن حال کي سُڌاريائين. (٢) شيخ السنڌ و الهند

شيخ القرآن سيدنا تاج محمود امروٽي رح

Muhammad

بسم الله الرحمن الرحيم

Those who disbelieve and turn (men) from the way of Allah, He rendereth their actions vain. (1) And those who believe and do good works and believe in that which is revealed unto Muhammad - and it is the truth from their Lord - He riddeth them of their ill-deeds and improveth their state. (2)

By Pickhtall Muhammad Marma Duke RA.

نوٽ معلوم هجي ته : تمام انبياء ڪرام جي تعليم جو خلاصو: يعني صابئي : سنڌ،هند (سنود ۽ هنود ) ۽ فارس وارا مذهب نوح (رام ڪرشن زرتشت ڪپل ديو يا ذوالڪفل) يا ابراهيم ۽ سندس پٽن مان اسماعيل، اسحاق ۽ ان جي پٽ يعقوب يا اسرائيل جو اولاد بني اسرائيل يا يهود ۽ مسيح عليهم السلام سميت سڀني انبياء ڪرام جي تعليم مقصود آهي _جوکيو شفيق احمد

No comments:

Post a Comment