Realtime Hit Counter

Sunday 27 February 2011

سورهيه بادشاهه جو سياسي تدبر شوڪت حسين شورو

سورهيه بادشاهه جو سياسي تدبر
شوڪت حسين شورو

انگريز سامراج 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ اِها پاليسي ٺاهي ته اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن کي جاگيرون عطا ڪري تابع دارن ۽ خوشامدڙين جو هڪ طبقو پيدا ڪيو وڃي ته جيئن سندن Colonial يا بيٺڪيت واري بادشاهي جون پاڙون وڌيڪ مضبوط ٿي وڃن. مولا جي ملڪ سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمين غيرآباد پئي هئي، انگريزن ان زمين جي باندرن واري ورهاست ڪئي ۽ چاپلوس ۽ خوشامد ڪندڙن کي ڍئي ڇڏيو. نتيجي ۾ سنڌ ۾ زميندارن جو هڪ اهڙو طبقو پيدا ٿيو جن ۾ نه خود داري هئي، نه عزتِ نفس ۽ نه وري قومي غيرت، اهي هر ڪڌي ڪم ۾ انگريز سرڪار جا ساٿاري ٿي بيٺا. سنڌي قوم لاءِ هنن جي دلين ۾ ڪو درد ڪونه هو. جتي سنڌي هندن ۾ کوڙ سارا مخير ماڻهو هئا جن اسڪول، ڪاليج، هاسٽلون، اسپتالون، ويم گھر، باغ باغيچا، يتيم گھر ٺهرايا ۽ ڪئين خير جا ڪم ڪيا، اُتي اسان جو مسلمان زميندار طبقو پنهنجين عياشين ۾ پورو هو. پر ٻي طرف رڳو مختيارڪار جي حڪم تي ڳوٿريون ناڻي جون ڀري رسائي لاءِ پهچائي ٿي آيا. ڪي ڳاڻ ڳڻيا چار پنج مسلمان زميندار هئا جن اسڪول قائم ڪيا، باقي گھڻائي جي ته تعليم سان پوندي ڪانه هئي.
اهڙي ماحول ۾ پير صبغت الله شاهه ثاني جو ڪردار سنڌ جي مڙني پيرن، ميرن ۽ وڏيرن کان بنهه الڳ ۽ هڪ منفرد حيثيت رکندڙ شخص وارو نظر اچي ٿو. کين 12 سالن جي ننڍي عمر ۾ پڳ پارائي وئي ۽ پاڻ پاڳارا بنيا. ان ڪچي عمر ۾ به کين خود داري ۽ قومي غيرت جو احساس هو. ان ڪري ئي هن ڪڏهن انگريز سرڪار جي درٻار ۾ سلامي ڪانه ڀري. اها ڳالهه انگريز سرڪار جي ڇاڙتن ۽ ڪامورن جي لاءِ پريشان ڪندڙ هئي. پهرين اها ڪوشش ڪئي وئي ته جيئن سنڌ جا ٻيا پير انگريز بهادر جي سلامي ڀريندڙ آهن، تيئن پير صبغت الله شاهه کي به ميٺ محبت ۽ لالچ وسيلي زير ڪيو وڃي. سکر جي ڪليڪٽر پير صاحب کي ملاقات ڪرڻ جو پيغام موڪليو. پير صاحب پاڻ ڪونه ويو، پر پنهنجي خليفي کي موڪليو ته وڃي ڪليڪٽر سان ملي. ڪليڪٽر آڇ ڪئي ته حڪومت پير صاحب کي خطاب ۽ تلوار يا بندوق انعام ڏيڻ چاهي ٿي. پير صاحب جواب موڪليو ته اسان کي پير پاڳاري جو خطاب الله تعالى وٽان ۽ پنهنجن مريدن وٽان مليل آهي. ان ڪري اسان کي ٻئي ڪنهن خطاب جي ضرورت ڪانهي. بندوقون ۽ تلوارون اسان جي وڏن جي زماني کان وٺي اسان وٽ پيون آهن. وڌيڪ ڪنهن بندوق جي ضرورت ڪانهي.

ان جواب ملڻ کان پوءِ حڪومت وٽ هاڻي ٻيو طريقو اِهو هو ته پير صاحب کي ڪنهن نموني هيسائي آڻ مڃائي وڃي. ان حڪمتِ عملي هيٺ کيس جيل موڪليو ويو. جڏهن پاڻ ڇهن سالن جي عرصي ۾ انڊيا جي مختلف جيلن ۾ هئا تڏهن هڪڙو خاص سياسي تدبر منجھن پيدا ٿي چڪو هو. جيلن ۾ سياسي فڪر جي ماڻهن سان سندن ملاقاتون ٿيون. انهن سان ڳالهيون ٻولهيون ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پير صاحب جي فڪر ۾ هڪ سياسي سجاڳي پيدا ٿي چڪي هئي جيڪا نه رڳو ان زماني جي پر اڄ تائين پيرن جي فڪر ۾ گھٽ آهي.
پير صاحب جي سياسي بصيرت ۽ دور انديشي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته وٽس سنڌ مسلم ليگ جو تڏهوڪو روح روان ”جي. ايم سيد“ وفد وٺي آيو ته اوهان مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. پير صاحب صاف انڪار ڪيو ۽ چيو ته ”شاهه صاحب! مون ته اوهان کي وڏو سياستدان سمجھيو هو، پر اوهان سياست جي ابجد مان به واقف ڪونه آهيو. جيڪا جماعت سڀ ڪجھه انگريزن جي مشوري سان ڪري. جنهن ۾ سمورا سر، خانبهادر، وڏيرا ۽ سيٺيون هجن، سا ڪيئن آزاديءَ جي دعوى ٿي ڪري!“ هن جي ايم سيد کي اهو به چيو ته ”جيڪڏهن انڌي منڊي آزادي ملي ته پاڪستان وڍيل چچريل هوندو. پر اوهان ڪٿي هوندئو؟ شاهه صاحب! وڙهڻ لاءِ اوهين هوندا ۽ فتح وقت واڳون انهن جي هٿن ۾ هونديون جيڪي انگريزن جا ازلي غلام هوندا. اوهان کي کير جي مک وانگر ڪڍي ڦٽو ڪيو ويندو. بلڪ شڪ ناهي جو جيل ۾ به رکيا وڃو! جيڪڏهن زندگي آهي ۽ اسان جي پيشنگوئي سچي نڪتي ته پوءِ ٻڌائجو ته سياست مان گھڻو ڪير ٿو ڄاڻي، اوهين يا اسين؟ انشاء الله تعالى اسين ته وطن يا ڪفن حاصل ڪنداسون، پر اوهين پيا ڏکن ڏوراپن وارا ڪتاب ڪڍندا.“

سورهيه بادشاهه جون اهي ڳالهيون سئو سيڪڙو سچيون ثابت ٿيون. پاڪستان ٺهڻ سان جي ايم سيد کي مسلم ليگ مان نيڪالي ڏني وئي ۽ هن جي سڄي زندگي جيلن ۽ نظربنديءَ ۾ ڪتاب لکندي گذري.

سورهيه بادشاهه سنڌ جي عام پيرن کان تمام گھڻو مختلف هو. هن جيڪي اصلاحي ڪم ڪيا ۽ پنهنجن مريدن کي جيڪي هدايتون جاري ڪيون تن مان سندن انقلابي سوچ جي عڪاسي ٿئي ٿي.
پهرين هدايت ۾ مريدن کي چيو ويو ته پنهنجن ٻارن کي، ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين کي تعليم ڏياريو.
ٻيو ته ٻهراڙيءَ جي حالتن کي سڌارڻ rural uplift لاءِ امن امان قائم ڪريو.

ٽين هدايتو اهيا هئي ته پنهنجن جھڳڙن جا فيصلا پاڻ ڪريو. چوٿين هدايت اِها ته ولائتي ڪپڙو نه پايو، پر پنهنجي سنڌ جي ٿلهي سٽ واري کاڌي پاي.
پنجين هيءَ هئي ته نشو سڀ ڇڏي ڏيو، جھڙوڪ ٻيڙي، سلفي، حقو، چلم، ڀنگ نه پيئو. ڇهين ڳالهه اها ته مايون عاج ۽ ربڙ جا چوڙا نه پائين.
ستين هدايت اها هئي ته بيواهن، رنن زالن ۽ ڪنوارين ڇوڪرين کي پرڻائي ڇڏيو. اٺين هدايت اها فرمايائون ته هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ جھيڙو ٿيڻ نه ڏيو.
جي ايم سيد لکيو آهي ته پير صاحب مذهبي رواداريءَ جو قائل هو. هندو ڪي ٻاهران ڪونه آيا هئا. پر سنڌ جا هئا ۽ سنڌي هئا. ان ڪري پير صاحب نٿي چاهيو ته مسلمان ۽ هندو مذهب جي بنياد تي پاڻ ۾ جھيڙو ڪن، ڇو ته ان مان آخرڪار سنڌ کي ئي نقصان پهچڻ جو انديشو هو.
1939ع ۾ علي محمد شاهه راشديءَ جي رٿا تي منزل گاهه مسجد سکر وارو ڪيس ڪورٽ ۾ داخل ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ هندو مسلم فساد شروع ٿيا. سورهيه بادشاهه پنهنجن مريدن مان رضاڪار ڀرتي ڪيا هئا جن کي پاڻ غازي سڏيندو هو. هن غازين کي حڪم ڏنو ته جتي به مريدن جي ڳوٺ ۾ هندو هجن غازي انهن جي گھرن تي پهرو ڏين ۽ سندن حفاظت ڪن. انگريزن کي اِها ڳالهه ڏکي لڳي ڇو ته هنن چاهيو ٿي ته هندو ۽ مسلمان پاڻ ۾ وڙهيل هجن. انگريزن جي ان سازش ۾ سنڌ جا ڪي سياستدان شامل هئا. جن منزل مسجد گاهه جو جھيڙو ڪرائي سنڌ جي ماڻهن ۾ نفاق جو ٻج ڇٽيو هو پر سورهيه بادشاهه جو اهي سياسي تدبر هو جنهن ان سازش کي چڱي طرح ڄاتو ٿي. ان ڪري هن پنهنجن غازرين کي پهريون ڪم اهو ڏنو هو ته جيڪي به هندو ڳوٺن ۾ آهن انهن جي گھرن تي پهرا بيهاريا وڃن ته جيئن انهن سان ڪوبه مسلمان کوئنس نه ڪري، نڪي وڙهي. خيرپور جي طرف جيڪي ڳوٺ هئا ۽ انهن ڳوٺن ۾ جتي گوڙ گھمسان هئا اتي به پير صاحب ماڻهو گھرائي بيهاريا ته جيئن هندن جي حفاظت ٿئي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي چوڻ موجب پير صاحب پهريون ڪم جيڪو غازين کان ورتو سو اِهوئي هو.
سورهيه بادشاهه جي سرپرستيءَ هيٺ هڪ اخبار ”پير جو ڳوٺ گزيٽ“ جاري ٿي هئي جنهن جو ايڊيٽر هڪ رٽائرڊ ماستر ڪاڇومل هو. ان اخبار ۾ پيرصاحب هندو مسلم اتحاد تي زور ڏنو هو. 8 جولاءِ 1940ع تي شايع ٿيل ”پير پاڳارو خاص نمبر“ ۾ سورهيه بادشاهه پاڻ لکيو ته منهنجن ابن ڏاڏن هندن ۽ مسلمانن کي مقدس امانت سمجھي ساڻن برابري وارو ورتاءُ ڪيو. منهنجو به ساڳيو اصول آهي. الله ۽ پرماتما ساڳيو ئي آهي، ڀلي نالا مختلف هجن. آئون اهو ڏسي خوش ٿيندس ته مندر ۽ مسجد گڏوگڏ هجن، وچ ۾ رڳو هڪڙي ديوار هجي. هر ڪنهن کي پنهنجي مرضيءَ سان عبادت ڪرڻ جو حق حاصل هجڻ کپي جيئن ڪنهن کي به هڪ ٻئي سان ڪا شڪايت نه ٿئي. سورهيه بادشاهه هند مهاسڀا ۽ مسلم ليگ ٻنهي کي فرقيوارانه تحريڪن جو نالو ڏنو هو. ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي تحقيق موجب سورهيه بادشاهه جڏهن جيل مان نڪري پير جو ڳوٺ پهتو ته ٽي ڪانگريسي ساڻن گڏ آيا. اهي پير صاحب وٽ تحريڪ بابت مشير ٿي ڪم ڪرڻ لڳا.
سورهيه بادشاهه جي سياسي فڪر ۽ ڪردار بابت اڃا گھڻين ڳالهين تي پردو پيل آهي. انگريزن جي زماني کان وٺي سازشن تحت صحيح ڳالهين کي لڪائي سورهيه بادشاهه بابت غلط ڳالهين کي مشهور ڪيو ويو آهي. اهو سنڌ جي تاريخدانن ۽ محققن جو ڪم آهي ته حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ڪري سورهيه بادشاهه جي سياسي فڪر، ڪردار ۽ ڪارنامن بابت سچاين کي ظاهر ڪن.

No comments:

Post a Comment