Realtime Hit Counter

Wednesday 16 March 2011

سنڌ ۽ 1857ع واري آزادي جي جنگ (ڪامياب بغاوت کي انقلاب چئبو آهي، ۽ ناڪامياب انقلاب کي بغاوت _ “باري” مرحوم


سنڌ ۽ 1857ع واري آزادي جي جنگ (ڪامياب بغاوت کي انقلاب چئبو آهي، ۽ ناڪامياب انقلاب کي بغاوت _ “باري” مرحوم



سنڌ ۽ 1857ع واري آزادي جي جنگ

(ڪامياب بغاوت کي انقلاب چئبو آهي، ۽ ناڪامياب انقلاب کي بغاوت _ “باري” مرحوم )

اڄ کان پورا هڪ سئو ورهيه اڳ، هندستان ۾ آزادي جي جنگ جي باهه ڀڙڪي اٿي؛ انگريزن کي هندستان مان تڙي ڪڍڻ لاءِ اهائي آخري هٿيار بند لڙائي هئي. عالم ۽ تاريخدان گهڻي وقت کان ويچاريندا رهيا آهن ته 1857ع واري آزادي جي جنگ رڳو هندستاني سپاهين طرفان هئي يا ان ۾ عام ماڻهن به اوتري دلچسپي ورتي؛ پر تاريخ جي فتوا اهائي آهي ته اها آزادي جي جنگ فقط سپاهين جي فساد تائين محدود نه هئي . ان وقت به هندستان توڙي انگلئنڊ جي ڪن حلقن جو اهو رايو هو جيئن لنڊن جي اخباري دنيا ۾، 1 آگسٽ 1857ع تي ڇپيل هڪ ايڊيٽوريل جي هيٺ ڄاڻايل ٽڪري مان معلوم ٿئي ٿو.

“جيڪڏهن رڳو سپاهي ناراض آهن ۽ عام ماڻهو اسان سان ٻڌل آهن، ته پوءِ هند سرڪار ور ور ڪري يورپي فوجن ۽ ٻيءَ مدد لاءِ اسان کي ايترو ڇو ٿي تنگ ڪري؟ جيڪڏهن هندستاني عوام جون همدرديون اسان سان آهن جنهن جي خاطري سرڪار ۽ ڪمپنيءَ جا ڊائريڪٽر وقت بوقت اسان کي ڏيندا رهيا آهن ته پوءِ هند سرڪار هندستاني ماڻهن منجهان ئي اهڙا ڏهه لشڪر ٺاهي سگهي ٿي!”

ان ڳالهه کان ڪوبه انڪار نه ڪري سگهندو ته هندستان جو ڪوبه صوبو انهيءَ “ازادي جي جنگ” جي باهه کان آجو نه هو، تنهن ڪري سنڌ ۾ ٿيل ان وقت جي واقعن کي دهرائڻ اميد ته تاريخي ۽ علمي لحاظ کان مفيد ۽ دلچسپ ثابت ٿيندو.

2 جون 1857ع تي “بامبي ٽائيمس” اخبار ۾ آزادي جي جنگ جي ترت سبب بابت ڇپيل خبر ته“ڪارتوسن ۾ چرٻي استعمال ٿيل هئي.” به ڪا من – گهڙت معلوم نٿي ٿئي، ڇاڪاڻ ته خود برطانوي ايوان عام ۾ ڪن ذميدار ۽ باخبر شخصن ان ڳالهه جو اقرار ڪيو هو ته برابر ڊم ڊم ۾ ٺهيل ڪارتوسن ۾ ڪجهه چرٻي ڪم آندي ويئي هئي؛ ۽ جڏهن هڪ “هلڪيءَ ذات” واري خلاصيءَ، هڪ برهمڻ سپاهيءَ کان پيئڻ لاءِ پاڻيءَ ڍڪ گهريو، تڏهن برهمڻ جي انڪار تي خلاصيءَ هڪدم جواب ڏنس ته “اهو ذات پات جو ڀيد ڀاو باقي ٻه ٽي ڏينهن آهي، ڇاڪاڻ ته جلدئي تون به ڍڳي جي چرٻي لڳل ڪارتوس ڪم آڻيندين!”

هندستاني سپاهين ته اڳي ئي گهٽ پگهارن ۽ انگريز سامراج جي حفاظت لاءِ جيڪي بيشمار ڊيوٽيون مٿن مڙهيون ويئون هيون، تن جي خلاف ڪرڪڻ ۽ ڪنجهڻ شروع ڪري ڏنو هو .ڍڳي يا سوئر جي چرٻيءَ لڳل ڪارتوسن جو ته پوءِ رڳو هڪ بهانو بڻجي ويو.

گهٽ پگهارون، مناسب اجوري کان سواءِ سمنڊ پار نوڪريون، ۽ آخر ۾ هندستاني ماڻهن جي دين ڌرم سان دل ڏکوئيندڙ هٿ چراند! اهي ڳالهيون آخر ڪيستائين برداشت ٿِي ٿي سگهيون؟

خلاصيءَ جي ٽوڪڻ تي برهمڻ ته ٺري برف ٿي ويو؛ پر پنهنجي همراهه برهمڻ کان اها خبر ٻڌي، پاسي ۾ بيٺل هڪ مسلمان سپاهي به في الحال وسامي ويو. اوچتوئي، هندستاني سپاهيءَ جي دل ۽ دماغ ۾ اها ڳالهه اچي ويٺي ته انگريز سرڪار هاڻي اڻ سڌيءَ طرح هندستانين کي ڪرستان بڻائڻ شروع ڪيو آهي . ڇاڪاڻ ته پادرين طرفان سندن مذهب بدلائڻ جا سڌا طريقا ڪامياب ڪونه ٿيا آهن. هندستاني سپاهي، انگريز سرڪار جي اها هلت هاڻي وڌيڪ وقت برداشت نٿي ڪري سگهيو؛ پر جيستائين بغاوت لاءِ ڪا سوچيل سمجهيل اسڪيم تيار ٿئي، تيستائين هو ڪر ي به ڇا ٿي سگهيو؟ فوجين جي ناراضپي جي خبر ته اختياريءَ وارن جي ڌيان تي اچي چڪي هئي، پر ڀانئجي ٿو ته انهيءَ ناراضپي مان اڀرندڙ بغاوت جي امڪانن کان اڳ هو پوريءَ طرح آگاهه ڪونه هئا؛ ورنه فتح ڳڙهه جا آفيسر، فيبروري 1857ع واري هيٺ ذڪر ڪيل هڪ مختصر پر عبرت آموز واقعي کان ايترو پريشان نه ٿين ها.

“گذريل مهيني، يعني فيبروريءَ جي پوئين ڏينهن صبح جو فتح ڳڙهه جا سڀ آفيسر ڏاڍو پريشان پئي نظر آيا. هڪ ٿاڻي کان ٻئي ٿاڻي ڏانهن اٽڪل ٻه انچ قطر وارا ننڍڙا ڦلڪا پئي پهتا. چون ٿا ته ٻه چار ڏينهن اڳ هڪ شام جو، ڪانپور جي چوڪيدار، فتح ڳڙهه جي چوڪيدار ڏانهن اهڙي قسم جو هڪ ڦلڪو هن هدايت سان موڪليو ته هو به ان جهڙا ٻارهن ڦلڪا پچائي، ٻه پاڻ وٽ رکي، ۽ باقي ڏهه پنهنجن پنجن ڀروارن چوڪيدارن ڏانهن، ساڳئيءَ ئي هدايت سان موڪلي ڏي. حڪم جي تعميل ٿي وئي، ۽ ٿوري ئي وقت اندر هر طرف ڦلڪا ئي ڦلڪا پئي ڊوڙندا نظر آيا. اهو طوفان اڃا ڪونه ڍرو ٿيو آهي!” (اخبار فرينڊ آف انڊيا)

سڀني ائين ٿي سمجهيو ته ڪٿي نه ڪٿي ڪا خرابي ضرور آهي، ۽ اجهو ٿي ڪا آفت اچي. “ڦلڪن” جي ذڪر کان پوءِ، ساڳيءَ اخبار نهايت سمجهه ڀريو سوال پڇيو آهي “ڇا هاڻي ڪوئي ممڻ مچڻ وارو آهي؟ يا ائين ئي ڳالهه آئي وئي! ڇا، هي ڦلڪا ڪنهن بغاوت جي باهه جو سبب ٿيندا؟ يا رڳو ڪنهن پيٽ جي تڪليف جي نشاني آهن!” پر هندستان جي غير ملڪي حاڪمن کي هنن سوالن تي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ جي مهلت ملي ئي ملي، تنهن کان اڳ ئي سندن خلاف بغاوت جي باهه ڀڙڪي اُٿي.

سنڌي کي انگريز سامراج جي قبضي ۾ آئي چوڏهن سال مس گذريا هئا. سنڌ جي ٽالپر اميرن کان، بنا ڪنهن واجبي ۽ مناسب سبب جي، سندن حڪومت کسي سنڌ کي به برٽش انڊيا سان ملائڻ ڪري متان ڪو ائين سمجهي ته ٻئي هنڌ بغاوت جو ٻڌي سنڌي عوام به نئينءَ حڪومت سان مقابلي ڪرڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيو هوندو. حقيقت ۾ ان وقت سنڌ ۾ ڪنهن خاص قسم جي باغيانه سرگرمين جو نشان نٿو ملي. ميرن جي صاحبيءَ وئي ڪو گهڻو وقت ڪونه گذريو هو، ۽ انگريز سامراج سنڌ مٿان پنهنجي فوجي گرفت کي ٿورو به ڍرو ڪرڻ مصلحت واري ڳالهه نٿي سمجهي. ٻئي پاسي، عام ماڻهن نئين حڪومت جي غلط ڪارين جو اڃا ڪو خاص تجربو ڪونه ڏٺو هو. نه فقط ايترو، پر ڌاريءَ حڪومت پنهنجي تازه دم فاتح فوج هٿان ملڪ ۾ ظاهري امن امان ۽ قاعدي قانون کي سختيءَ سان بحال ڪري ورتو هو؛ ۽ پنهنجي سياسي توڙي تجارتي مفاد جي حفاظت خاطر ملڪ جي آبادگار، دستڪار، توڙي واپاريءَ کي نه رڳو ڪنهن به قسم جي تڪليف ڪانه ٿي ڏني، پر پاڻ انهن جي هر طرح همٿ افزائي ٿي ڪئي. مطلب ته سنڌ جي نئينءَ سماجي زندگيءَ اڃا مس مس محڪوم ۽ غلام دور ۾ قدم رکيو هو، ۽ ان جي براين ڀلاين کان اڃا سنڌ جا ماڻهو بنهه بيخبر هئا. انهيءَ صورتحال ۾، سنڌ ۾، حڪومت خواهه عام ماڻهن کي ڪنهن خاص قسم جي وڳوڙ جو ڀئو ڀولو ڪونه هو.

بغاوت جي پهرين خبر سنڌ جي ڪمشنر سر بارئل فريئر کي، 18 مئي تي، انگلئنڊ کان موڪل تان موٽندي، ڪراچي بندر تي قدم رکڻ سان ئي، هڪ فوجيءَ هٿان هڪڙي خط رستي ملي. اهو خط، ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌ ريلوي آفيسر مسٽر نيول وارن (Neville Warren) ڏانهن، تاريخ 13 مئي، لاهور مان لکيو ويو هو، جنهن ۾ کيس بغاوت جو اطلاع ڏنل هو.

فريئر صاحب جي سوانح حيات لکندڙ مسٽر مارٽينين (Martine an) چوي ٿو ته “فريئر صاحب خط پڙهڻ سان ئي حالتن جي نزاڪت کي پروڙي ورتو، ۽ مناسب فوجي قدم کڻڻ ۾ هڪ منٽ به دير نه ڪيائين. هن اهو قدم رڳو پنهنجي صوبي سنڌ کي بچائڻ لاءِ ڪونه کنيو، پر سندس اهو قدم ساري هندستان کي انهيءَ آفت مان آجي ڪرڻ لاءِ هڪ اثرائتو امدادي قدم هو.”

سڀ کان پهرين پنجاب کي فوجي مدد جي ضرورت هئي. بنگال مان ته، جهڙيون حالتون هيون، پنجاب ڪنهن به قسم جي مدد جي اميد رکي نٿي سگهيو. تنهن ڪري، سنڌ پهچندي ئي، سنڌ جي ڪمشنر، ڪراچيءَ ۾ ڪمانڊنگ جنرل سان پنجاب ڏانهن فوجن موڪلڻ لاءِ گفتگو شروع ڪئي. ان وقت سنڌ ۾ رهيل فوج صوبائي ضرورتن لاءِ ئي ڪافي ڪانه هئي. ايران تي فوجي چڙهاين سبب به سنڌ جي فوجي طاقت ۾ گهڻي ڪتر اچي چڪي هئي. اهڙي وقت ۾ فوجي طاقت کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ نهايت نازڪ معاملو هو، جنهن ڪري ڪماڊنگ جنرل پنجاب ڏانهن فوجن موڪلڻ ۾ آناڪاني پئي ڪئي؛ پر ڪمشنر مڙئي دل ٻڌايس ۽ کيس پنهنجي صوبي ۾ مڪمل امن امان ۽ خير سلامتيءَ جي خاطري ڏنائين. ڪمشنر صاحب اعلي فوجي عملدار اڳيان سموريون حقيقتون کولي رکيون ۽ کين پنهنجي راين جي صداقت جو قائل ڪري ورتائين. چي، عام ماڻهو هينئر وڌيڪ سکيا ستابا آهن ۽ حڪومت جو چرخو به اڳي کان سٺو هلي رهيو آهي. نهايت تدبر ۽ ڏاهپ کان ڪم وٺندي، سنڌ ۾ ڪنهن به ملڪي روايت جي مخالفت يا انحرافي اسان ڪانه ڪئي آهي، ۽ نه ئي وري ڪو اهڙو اڻوڻندڙ يا دل ڏکوئيندڙ انتظامي قدم ئي کنيو ويو آهي، جنهن مان ڪنهن کي شڪايت ڪرڻ جو موقعو ملي؛ پاڻ، پنهنجي وت آهر، عام ماڻهن جي مفاد لاءِ جيڪي ڪجهه اسان کان ٿي سگهيو آهي، سو ڪيو ويو آهي. انهيءَ صورت ۾ اسين ائين سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته عام ماڻهو انگريزن جي حڪومت هيٺ راضي ۽ خاموش رهندا! ان طرح، ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ڪمانڊنگ جنرل پنجاب ڏانهن فوجي مدد موڪلڻ لاءِ تيار ٿيو، ۽ فوراََ سنڌو دريائي ٻيڙي (Indus Flotilla) رستي ساڍا پنج سئو فوجي ملتان ڏانهن روانا ڪيائين. سچ پچ ته سنڌ جي هنن اعلي عملدارن اهو اوائلي قدم کڻي پنهنجي جرات ۽ همت جو ثبوت ڏنو . ورنه ان وقت ٿوري گڙ ٻڙ ئي سنڌ ۾ انگريز حڪومت جي بنياد کي لوڏي ڇڏي ها. ڪرنل هٽ (Col. Hut) کي ٻي يورپ ريجمينٽ جي نوي ماڻهن کي خاص تربيت ڏيڻ لاءِ چيو ويو، ۽ سنڌ ۾ فوجي حالتن جي نزاڪت کي خيال ۾ رکي، ڪمشنر صاحب ايران ڏانهن چڙهائي ڪري ويل فوجن جي عملدارن، سرجيمس آئو ٽرام ۽ جنرل جان جيڪب، ڏانهن به هندستان ۾ فوجي بغاوت جو اطلاع موڪليو، ۽ کين نازڪ صورتحال جي بچاءَ لاءِ ترت سنڌ ڏانهن فوجن واپس موڪلڻ لاءِ چيو.

سر بارٽل فريئر پنجاب ڏانهن فوجون ئي مس موڪليون هيون ته ٻئي هڪ مسئلي کي منهن ڏيڻو پيس. حالتن جي بگڙجڻ سبب، پنجاب ۽ ڪلڪتي جي وچ ۾ سنئين سڌي آمد رفت بند ٿي ويئي هئي. ان جي بدران، هاڻي ٽپال ۽ ٻيءَ آمد رفت لاءِ پنجاب کان ڪراچي، ڪراچيءَ کان بمبئي، ۽ بمبئيءَ کان ڪلڪتي وارو رستو ئي کليل هو، جو پڻ ايترو سلامتيءَ وارو نه هو. جنهن تي ڪو دائمي ڀروسو رکي سگهجي ها. سر بارٽل فريئر هڪدم وڌيڪ ننڍي ۽ زياده سلامتيءَ واري رستي قائم ڪر‎ڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ ترت ئي پنجاب کان، بهاولپور ۽ جوڌ پور ڏانهن، ملتان واري رستي کان؛ ۽ آگري ڏانهن نصير آباد واريءَ واٽ کان، ڪاغذ پٽ موڪلي ڏنائين. جوڌ پور کان عمرڪوٽ تائين هڪ ٻيو رستو جاري ڪيائين. نصيرآباد ۾ حالتن بگڙجڻ سبب، انهيءَ واٽ کي ڏيسا (Desha) سان ڳنڍي، سلامتيءَ واري ٻي لائين به جوڙي ورتائين. انهيءَ بندوبست جي ڪري پنجاب وارين لکپڙ هن کي سنڌ ۾ اچڻو ڪونه ٿي پيو، پر جوڌ پور واري رستي کان سڌو آگري ڏانهن وڃي ٿي سگهيون. سنڌ جي ٽپال عمرڪوٽ کان آگري ۽ ڪلڪتي ڏانهن، ۽ بارمير کان جوڌپور ڏانهن موڪلي ٿي ويئي. جيتوڻيڪ ٽپال جي انهن نون رستن کي استعمال ۾ آڻڻ ڪو سولو ڪم ڪونه هو، تنهن هوندي به اها ٻي واٽ مهيني کن ۾ رٿجي راس ٿي، ۽ عمل ۾ اچڻ لڳي – (سنڌ قاصد، جون 1857ع). آمدرفت جي هن نئين رستي کي رڻ مان اُڪرڻو ٿي پيو، پر انهيءَ تڪليف کي ضلعي جي ڪليڪٽر ليفٽيننٽ “تروٽ”، سولائيءَ سان منهن ڏيئي ورتو. سنڌ جي ڪمشنر 19 جون تي بمبئيءَ جي گورنر ڏانهن هڪ رپورٽ ۾ لکيو ته “ليفٽيننٽ تروٽ، سخت گرميءَ جي هوندي به، پنهنجي مقامي اثر رسوخ جي ڪري، ٻن انسپيڪٽرن جي مدد سان بارمير تائين لائين جوڙائي ورتي آهي، ۽ اُميد آهي ته جوڌپور واري لائين به هن کان اڳ ۾ تيار ٿي چڪي هوندي.”

اهڙين حالتن ۾، جيئن هاڻي ٿيندو آهي، تيئن تڏهن به، بغاوت جي ٿوريءَ کڙڪ پوڻ سان ئي، پريس تي سخت سنسر شپ لڳي وئي، ۽ اخبارن تي پهرا بيهي ويا. پهريائين هند سرڪار هر صوبي جي ڏيهي ٻولين جي مکيه مترجم (Chief Oriental translator) کي ملڪ جي ٻولين ۾ شايع ٿيندڙ اخبارن جا سياسي مضمون انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري موڪلڻ جو حڪم ڪيو؛ پوءِ وري سڀني اخبارن کي غير تصديق شده ۽ سنسي خيز خبرن شايع ڪرڻ خلاف سخت قدم کڻڻ جي فيصلي کان آگاهه ڪيو ويو. ٻين هنڌن وانگر، سنڌ ۾ به بغاوت جي خبرن کي شد مد سان پئي شايع ڪيو ويو. مثال طور، ڪراچيءَ جي انگريزي اخبار “سنڌ قاصد”، جون 1857ع ۾، ٻه دفعا حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ بغاوت جي افواهن جي خبر ڏني.

“چون ٿا ته حيدرآباد ۾ ڪيترن فوجين کي بغاوت جي ناڪام ڪوشش ڪندي گرفتار ڪيو ويو آهي، ۽ هينئر هو پنهنجي مٿان پاڻ آندل مصيبت جي انجام جو انتظار ڪري رهيا آهن. ٻڌون ٿا ته بنگال مان شڪي حالت ۾ هتي پهتل ڇهن ماڻهن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، ۽ جلدئي مٿن قاعدي جي ڪاروائي ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾، ملتان ڏانهن موڪليل سپاهين مان ڪي سپاهي حيدرآباد ۾ حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ روڪيا ويا آهن. شڪارپور ۾ سخت هراس ۽ ڊپ ڇانيل آهي.”

(“سنڌ قاصد”، 10-18 جون، 1857ع)

“افواهن تي ضابطي رکڻ لاءِ” اخبارن تي سنسر شپ لڳائڻ خلاف، ٻين اخبارن سان گڏ ڪراچيءَ جي هن ائنگلو – انڊين اخبار “سنڌ قاصد” به گهڻو ڪجهه لکيو، ۽ اخبارن جي آزادي بحال ڪرائڻ لاءِ گهڻي قلمي جدوجهد ڪئي. پر تڙ تڪڙ ۾ ٺهيل هن نئين “اخباري سيفٽي ائڪٽ” ۾ ڪي اهڙيون ته سختيون رکيل هيون، جو سمجهدار ۾ سمجهدار اخبار نويس به هن “ڪاري قانون” کان نه بچي سگهيا.

انهن سڀني خبردارين هوندي به، يورپي ماڻهن جي قتل ۽ خون خرابيءَ جون خبرون عام ماڻهن تائين پهچنديون رهيون، جنهن ڪري هتان جي انگريزن ۾ خاص ڪري گهڻي بيچيني پيدا ٿي. ان بيچينيءَ کي دور ڪرڻ ۽ وقت سر پنهنجي هم قوم ڀائرن جي ڪجهه مالي امداد ڪرڻ خاطر، 29 جون 1857ع تي، سر بارٽل فريئر سنڌ جي ڪمشنر جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ رهندڙ سڀني يورپي ماڻهن جي عيوضين جي هڪ ميٽنگ به ٿي، جنهن ۾ فريئر صاحب، بغاوت جو سرسري جائزو وٺندي، کين خاطري ڏياري ته سنڌ صوبي اندر ڪنهن خاص قسم جي گڙ ٻڙ ٿيڻ جو امڪان ڪونه هو. ان ميٽنگ ۾ اٽڪل ٽي هزار چندو به گڏ ٿيو ۽ جيڪي يورپي ملڪ ۾ بغاوت جو شڪار ٿيا هئا، تن سان همدرديءَ جو اظهار به ڪيو ويو. ان کان سواءِ سنڌ ۾ به ڪراچيءَ جهڙن ٻين خاص مرڪزن ۾ اهڙي نموني جا چندا گڏ ٿيا، ۽ انگريز سرڪار جي ڪاميابيءَ لاءِ يورپي لوڪن جي ميٽنگن ۾ دعائون گهريون ويون. 4 سيپٽمبر 1857ع، سرڪاري طور، “ٻاجهه لاءِ ٻاڏائڻ” جو ڏينهن مقرر ٿيو، ۽ ان ڏينهن سڀ سرڪاري آفيسون بند رهيون.

بغاوت جي سلسلي ۾ وقت بوقت جيڪي به مسئلا پيدا ٿي ٿيا، تن سڀني کي سنڌ جي ڪمشنر فريئر صاحب مڙس ٿي منهن ڏنو. مثال طور، جڏهن سرجيمس آئوٽرام ۽ جنرل جان جيڪب، جي ان وقت انگريزي فوجن سان گڏ ايراني نار ۾ هئا، تن سان لکپڙهه ڪيائين، ته انهن وقت جي نزاڪت کي محسوس ڪندي، ترت ئي سنڌ ڏانهن ڪجهه فوجي جٿا موڪلي ڏنا. هيڏانهن سر بارٽل فريئر کي ايترو جلد فوجي مدد ملڻ جي ڪابه اميد ڪانه هئي، تنهن ڪري هن نڪي پنهنجي پرڳڻي ۾ انهن جي رهائڻ جو ڪو بلو ڪيو هو، ۽ نه وري کين پنجاب ڏانهن موڪلڻ جو ئي ڪو بندوبست رکيو هئائين. اهڙيءَ طرح، ترت ئي سڄيءَ ڪراچيءَ ۾ چوڌاري فوجي جٿا ڇانئجي ويا، ۽ اڃا ئي وڌيڪ جٿن مٿان ٻيا جٿا هر روز ايندا رهيا. نتيجو هي نڪتو، جو ڪراچي بارود ۽ ٻئي فوجي سيڌي سامان سان ڏٽجي پئي. وري آمد رفت جا اهڙا ڪارگر وسيلا ڪين هئا، جو انهيءَ سموري سامان سڙي ۽ فوجن کي پنجاب ڏانهن موڪلي، ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ فوجن ۽ سامان لاءِ گنجائش پيدا ڪري سگهجي ها.

نيٺ، سر بارٽل فريئر ڪراچيءَ کان ملتان تائين، سنڌونديءَ جي ٻيڙن واريءَ آمد رفت سان گڏ، اُٺن جا قافلا سنڀرائي موڪليا، جن کي پنج سئو ميلن جو مفاصلو ڏهن ڏينهن ۾ طي ڪرڻو هو. انهيءَ ڪر جي پورائيءَ لاءِ، اُٺن جي بيهڻ لاءِ ويهن ويهن ڪوهن جي پنڌ تي ٿاڪ ٺاهيا ويا، جن مان هر هڪ تي ساٺيڪو کن تاز دم اُٺ مهيا ڪيا ويا هئا. ان طرح ويهين پنجويهن ڪوهن تي تازن توانن اُٺن جون قطارون موجود هئڻ ڪري، بار برادريءَ ۾ جلدائي ۽ سهولت پيدا ٿي پيئي. هر هڪ اُٺ تي سراسري 320 پائونڊ بار لڏيل هو، جنهن ڪري پنجاب ڏانهن گهربل ماڻهو ۽ ضروري جنگي سامان جي مدد موڪلڻ سولي ٿي پئي. سيپٽمبر جي شروعات ۾، اُٺن جي پهرين قطار ڪراچيءَ کان ٽي سو ٽن فوجي اسباب کڻي پنجاب پهچي ويئي، بر برادريءَ جي هن نئين ذريعي جي ڪاميابيءَ لاءِ ڪرنل هٽ ذميدار هو، جنهن ڪراچيءَ جي هڪ پٺاڻ مراد خان سان سودو ڪري، اٺن جو گهربل انداز حاصل ڪيو.

ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن پنجاب کي وڌيڪ فوجي مدد موڪلڻ جو مسئلو پيدا ٿيو، ته فريئر صاحب فورن ٻن بلوچ پلٽڻن جي وڌيڪ ڀرتيءَ جو حڪم ڏنو. انهن پلٽڻن کي رڳو نالي ۾ بلوچي سڏيو ويو، پر حقيقت ۾ سپاهي سمورا سنڌي ڀرتي ڪيا ويا. اهي ٻئي ريجمنٽون، ڪئپٽن هيوٽ جي نظرداريءَ هيٺ شڪارپور ۾ منظم ڪيون ويون. هن صاحب تازو لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪليڪٽريءَ تان استعيفا ڏني هئي، ڇاڪاڻ ته شهري ذميواريون سندس سڀاءُ کي پسند نٿي آيون. ان کان پوءِ، ڪراچيءَ ۾ ڪئپٽن جانسن جي هٿ هيٺ هڪ بلوچ بٽالين به تيار ڪئي ويئي.

انهن فوجي ڀرتين، توڙي سپاهين جي سکيا ۽ انهن لاءِ گهوڙا ميسر ڪري ڏيڻ ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي بااثر شخصن، انگريز سرڪار سان وفاداري ڏيکارڻ لاءِ گهڻي مدد ڪئي. ڪراچيءَ جي مراد خان پٺاڻ، جنهن جو ذڪر اڳيئي اچي چڪو آهي، تنهن سرڪار سان سچائيءَ جي ثابتي ڏيندي، ڪراچيءَ ۾، توبخاني جي سکيا وٺندڙ نوي ماڻهن جي سواريءَ لاءِ گهوڙن جي آڇ ڪئي. سيٺ نائون مل هوتچند ڀوڄواڻيءَ به پاڻمرادو آڇ ڪئي ته هو آفريڪا مان ٽي هزار جانٺا ۽ سچار ماڻهو مدد ۾ ڏيئي سگهندو، بشرطيڪ سرڪار انهن کي هندستان تائين پهچائڻ جو انتظام ڪري.

مٿين مڙني ڪوششن کان سواءِ، اها ضرورت پڻ محسوس ڪئي ويئي ته هٿيارن ۽ بارود جي وڪري توڙي ڪن ٻين فوجي سامانن جي ٻاهر روانگيءَ تي بندش وڌي وڃي. انهيءَ خيال کان، جولاءِ 1857ع ۾، سنڌ جي ڪمشنر هڪ عام پڌرنامو جاري ڪيو، جنهن جي ذريعي سڄيءَ سنڌ ۾ آتشبار هٿيارن، بارود ۽ فوجي اسباب جي ملڪي ماڻهن وٽ وڪري تي مڪمل بندش وڌي ويئي. سموري علائقي ۾ شيهي، گندڪ، شوري – هر قسم جي بارود ۽ ٻئي جنگي سامان جي چرپر تي پڻ مڪمل بندش وڌي ويئي.

جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن يورپي لوڪن کي سنڌ ۾ رهيل هندستاني فوجين جي وفاداريءَ ۾ شڪ پوندو ويو. ڪيترن يورپي شهر واسين، ڪمشنر صاحب ڏانهن هڪ درخواست موڪلي کانئس هٿيار گهريا ته جيئن هو ڪنهن به گڙ ٻڙ پيدا ٿيڻ وقت پنهنجو بچاءُ پاڻ به ڪري سگهن. فريئر صاحب کين گهڻوئي سمجهايو ته ايتري هراس ۽ ڊپ ڪرڻ جو ڪو سبب ڪونهي، ۽ پبلڪ جي ماڻهن کي هٿياربند ڪرڻ سان پاڻ هراس وڌندو، پر ڪراچيءَ جا يورپي ۽ خود پارسي به سارو وقت ڊڄندا رهيا. فريئر صاحب، 29 آگسٽ 1857ع تي، بمبئي جي گورنر ڏانهن هڪ رپورٽ ۾ لکي ٿو :

“سانجهيءَ کان پوءِ، پارسين ۽ انگريز ڪلارڪن جي گهرن ڀرسان لنگهڻ خطري کان خالي نه آهي، ڇاڪاڻ ته هو هٿياربند رهن ٿا ۽ ڪنهن به وقت هراس وچان حملي ڪرڻ کان نه گسندا.”

غير ملڪي باشندن کي آٿت ڏيڻ لاءِ، فريئر صاحب سنڌ جي سڀني آفيسرن ڏانهن خاص هدايتون موڪليون ته هو پنهنجي حدن اندر پوري جاچ ڪري انهن سڀني شڪي ماڻهن کي حوالات ۾ رکن، جيڪي هندستان جي ٻين علائقن مان لڪي سنڌ ۾ گڙ ٻڙ پيدا ڪرڻ لاءِ آيا هجن. ان کانسواءِ، فريئر صاحب مقامي اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ مضمونن تي به ڪرڙي نظر رکڻ لاءِ کين هدايت ڪئي.

يورپي باشندن جا انومان ۽ انديشا به هرو ڀرو غلط ڪونه هئا؛ ڇاڪاڻ ته شڪارپور، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ برابر گڙ ٻڙ جا ڪي واقعا ٿيا هئا - ۽ “باغين جي سازش” اڻپوري ئي سهي، پر سيپٽمبر 1857ع ۾ نيٺ عمل ۾ آئي.

سر بارٽل فريئر جي سوانح حيات لکندڙ جو چوڻ آهي ته

“سنڌ ۾ باغين جي سازش، جيتريقدر سندن رٿيل منصوبي جو تعلق آهي، اهائي هئي ته پهريائين حيدرآباد جي قلعي تي قبضو ڪجي، ۽ پوءِ دهليءَ وانگر حيدرآباد کي مرڪز بڻائي، ڪراچي، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ملتان وغيره ۾ هڪ ئي وقت حملا شروع ڪري ڏجن.”

ان وقت فريئر صاحب جي ڪمان هيٺ مشڪل سان پنج سئو انگريز سولجر هئا، جن ۾ بيمار وغيره ۽ ساري صوبي لاءِ تازا ڀرتي ڪيل يورپي رنگروٽ به شامل هئا – گويا انهن مڙني مان رڳو ساڍا ٽي سئو ڪم وارا ماڻهو هئا.

رٿا موجب پهريائين حيدرآباد ۾ گوڙ ٿيڻو هو، پر اختياريءَ وارن کي بروقت اطلاع مليو، جنهن ڪري بچاءُ ٿي ويو.

برگيڊيئر مارس (Morris) کي جڏهن خبر پئي ته بارود خاني ۾ ڪا سازش سٽجي رهي آهي، تڏهن هڪدم بارودخاني جي سڀني سپاهين جي پريڊ جو حڪم ڏنائين؛ چڪاس کان پوءِ سڀني کان هٿيار کسي قلعي ڏانهن موڪليا ويا، جتي شهر جا يورپي باشندا اڳيئي تڙ تڪڙ ۾ پهچي چڪا هئا. قلعي جا ديسي محافظ هٽائي، انهن جي جاءِ تي يورپي نگهبان رکيا ويا، ۽ هڪ انگريز انجنيئر هٿان قلعي جي ضروري مرمت ڪرائي، قلعي جي مڪمل حفاظت جو باقاعدي بندوبست ڪيو ويو. هاڻي خطري جو ڪوبه امڪان ڪونه هو. اختياريءَ وارن حالتن کي اهڙي ته ڦڙتائيءَ سان سنڀالي ورتو، جو خود “باغين” کي به حيرت وٺي وئي. ڪمشنر کي خاص ماڻهوءَ هٿ، سڀ خبر موڪلي وئي. خبر ملندي ئي سر بارٽل، ڪرنل هٽ (Col: Hut) کي اڌ رات جو ننڊ مان اٿاري فورن حيدرآباد ڏانهن فوجي مدد موڪلڻ لاءِ چيو.

حيدرآباد ۾ پنجن ماڻهن کي باغيانه سرگرمين سبب گرفتار ڪري حوالات ۾ رکيو ويو، جن ۾ هڪ حوالدار، هڪ نيزيباز، ۽ باقي ٽي بارود خاني جا سپاهي هئا. ڪورٽ مارشل ڪري، سڀني کي بغاوت جي الزام ۾ چالان ڪيو ويو، ۽ سڀني کي ڏوهي ثابت ڪري، حوالدار کي توب جي منهن ۾ ڏئي مارڻ، ۽ باقي چئن کي عمر – قيد جي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ٻئي ڏينهن، حيدرآباد جي ساري فوج، حوالدار کي توب جي منهن ۾ ڏيڻ لاءِ، پريڊ جي ميدان تي ڪئي ٿي. ان واقعي کي اخبار“سنڌ قاصد” هيٺين لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:

“حوالدار توب جي منهن کي پٺي ڏئي بيٺو. توبچي تيار ٿيو، ۽ آرڊر ملڻ تي هڪدم بارود کي باهه ڏنائين. حوالدار ته پرزا پرزا ٿي هوا ۾ هوا ٿي ويو، پر سندس ڪرنگهي جي هڪ ٽڪر، اُٺ تي ويٺل ڊپٽي ڪليڪٽر کي ذري گهٽ ڪيرائي وڌو هو.”

ٿورن ڏينهن اندر ڇهه ٻيا “باغي” به سزاياب ٿيا، ۽ انهن جو انت به اهڙو ٿيو.

ڪراچيءَ ۾ رکيل هندستاني سپاهين جي ايڪيهين نمبر ريجمينٽ جي وفاداريءَ ۾ به ڪجهه وقت کان مڙئي شڪ هو؛ ڇاڪاڻ ته هن ريجمينٽ ۾ ڪي بنگالي سپاهي به هئا. انهيءَ شڪ جي به تيرهين سيپٽمبر آچر رات پڪ ٿي، جڏهن يارهين بجي مهل ميجر مئگريگر (Major. Macgregor) کي هڪ سپاهيءَ ۽ ٻن برهمڻ آفيسرن کان الڳ الڳ پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته سندس ڪمان هيٺ ريجمينٽ ۾ بددلي ڇانيل آهي، ۽ ٺيڪ ٻي بجي رات جو، يعني فقط ٽن ڪلاڪن کان پوءِ“ گڙ ٻڙ” ٿيڻي آهي. هڪ ماڻهوءَ ته کيس سازش جا تفصيل به ٻڌايا، چي، 21 – ريجمينٽ مان هڪ ماڻهو، 14 – ريجمينٽ ڏانهن، ۽ ٻيو مسلمان سپاهين ڏانهن سندن مدد وٺڻ لاءِ وڃڻا آهن، ۽ رٿا موجب 21 – ريجمينٽ کي “خزاني” تي قبضو ڪري حيدرآباد ڏانهن وڌڻو آهي، وقت نهايت تنگ هو، ۽ پريشان ٿيڻ سان ڪو حالتون سڌرن ڪونه ها. ميجر مئگريگر هڪدم تيار ٿي ويو، ۽ برگيڊ اختياريءَ وارن کي سموري خبر چار ڏياري موڪليائين. هڪ منٽ به دير ڪرڻ کان سواءِ، سڀئي يورپي فوجي اچي ڪٺا ٿيا ۽ هڪدم گڙ ٻڙ واريءَ جاءِ ڏانهن روانا ٿيا. هن موقعي تي يورپي فوجين نهايت ڦڙتائيءَ ۽ هوشياريءَ سان پنهنجي آفيسرن جو ساٿ ڏنو.

سڀ کان پهريائين، ڪرنل هٽ (Col. Hut) 21 – ريجمينٽ جي پريڊ واري ميدان تي پهتو ۽ پهچڻ سان پنهنجي ڪم ۾ جنبي ويو. جلدئي سڀ تياريون مڪمل ٿي ويون ۽ 21 – ريجمينٽ کي پريڊ – ميدان ۾ گڏ ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو. پهريائين ته سپاهين ڪجهه نٽايو، پر پوءِ مڙئي يورپي فوجن جي طاقت ڏسي دهلجي ويا، ۽ باقاعدي قطارون ٺاهي فوجي انتظام هيٺ ٺهي بيٺا. پهريائين سندن حاضري ورتي ويئي، ۽ پوءِ ميجر مئگريگر جي مختصر خطاب کان پوءِ کين هٿيار واپس ڪرڻ لاءِ چيو ويو. بنا ڪنهن هٻڪ جي حڪم جي تعميل ٿي ويئي، ۽ يورپي سپاهين کي هٿيارن جي سنڀال لاءِ رکيو ويو.1 2 – ريجمينٽ جي سپاهين کي بي هٿيار ڪرڻ کان پوءِ، سندن ڪوٺين جي تلاشي ورتي ويئي، جتان سواءِ ٿورين ترارين جي ٻيو ڪجهه ڪين مليو – البت کسيل بندوقن مان چاليهارو کن ڀريل نظر آيون. آخر ۾ سڀ هٿيار گاڏين ۾ گڏ ڪري، يورپي فوجين جي نظرداريءَ هيٺ بارودخاني ڏانهن موڪليا ويا، ۽ 21 ريجمينٽ جي سڀني سپاهين کي سندن ڪوارٽرن ڏانهن روانو ڪيو ويو. چئين بجي تائين سارو معاملو طي ٿي ويو.

جنهن وقت 21ريجمينٽ بي هٿيار ٿي رهي هئي، 14 ريجمينٽ کي به ان جي الڳ ميدنا تي گڏ ٿيڻ جو حڪم مليو؛ پر ان کي بي هٿيار ڪونه ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته ان جي خلاف ڪا شڪايت ڪانه هئي، ۽ آفيسرن کي به انهن سپاهين جي وفاداريءَ جي پڪ هئي. البت، 21 ريجمينٽ سان نبرڻ تائين کين روڪيو ويو، ۽ پوءِ کين به پنهنجن ڪوارٽرن ڏانهن موڪليو ويو. 14 ريجمينٽ ۾ آفيسرن کي پوءِ به پورو ڀروسو رهيو، ۽ کين يورپي سپاهين سان گڏ پهري خواهه ٻيءَ ڊيوٽيءَ تي باقاعدي رکيو ويو. باقي 21 ريجمينٽ جي سپاهين کي “ڪنڊيم” (Condemn) سمجهي، کين اردلي ڪري رکڻ به پسند نه ڪيائون!

ان رات ڪمشنر ۽ ميجر گولڊ سمٿ ڪلفٽن تي لٿل هئا. ٻي بجي رات جهڙي اويلي وقت، سندن بنگلي ڏانهن ايندڙ گهوڙي جي ٽاپ – ٽاپ ٻڌڻ ۾ آئي، ۽ ان مهل ئي ڪئپٽن جان اسٽون کين 21 ريجمينٽ جي رٿيل منصوبي جي خبر ڏني. سر فريئر پوءِ ميجر گولڊ سمٿ ۽ ڪئپٽن جان اسٽون سان گڏ هڪدم شهر ڏانهن آيو ۽ حالتن کي تسلي بخش ۽ مڪمل ضابطي هيٺ ڏٺائين. ان ساري معاملي کي اهڙيءَ ته سٺيءَ تدبير سان نباهيو ويو، جو عام شهري مزي سان ستا رهيا ۽ کين صبح تائين گڙ ٻڙ جي ڪا لکائي ڪانه پيئي.

جيتوڻيڪ 21 ريجمينٽ جي رٿيل منصوبي کي ڪاميابيءَ سان ناڪام بنايو ويو، تڏهن به يورپي باشندا سخت بيچين هئا، کين تسلي ڏيڻ ۽ سندن مال، جان ۽ عزت جي حفاظت لاءِ ضروري هو ته ڪي مناسب قدم کنيا وڃن. صدر ايراضيءَ جي سڀني مکيه رستن تي آمدرفت ۽ امن امان لاءِ باقاعدي پيادا توڙي گهڙيسوار سپاهي بيهاريا ويا. هڪ وڏي هال ۾ ڪيمپ هڻي، ڪيترن فوجي آفيسرن جا ٻار ٻچا اُتي رهايا ويا ۽ وقت بوقت کين هنگامي حالتن کان واقف پئي ڪيو ويو. حالتن ۾ ٺاپر اچڻ ڪري يورپي شهرين ۽ يورپي فوجين کي به دلجاءِ ٿي، ۽ حڪومت ۾ سندن اعتماد قائم ٿيو.

يورپي فوجن جي بار هلڪي ڪرڻ لاءِ“ عام يورپي شهرين مان به، ميجر گولڊ سمٿ ۽ ڪئپٽن جان اسٽون جي نگرانيءَ ۾ جوانمردن جو هڪ مددگار جٿو ٺاهيو ويو، جو رات جي وقت ڪيمپ تي پهرو ڏيڻ لڳو. ڪراچيءَ جي هن مددگار جٿي جوڙڻ وقت، سر بارٽل فريئر پنهنجي سرڪاري اعلان ۾ چوي ٿو:

“في الحال ڪنهن به عيالدار کي پنهنجيون خدمتون نه آڇڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته هن نازڪ موقعي تي اهڙي ماڻهوءَ کي گهر اندر رهي پنهنجي ڪٽنب جي سنڀال ڪرڻ گهرجي.”

“سنڌ قاصد” اخبار، انهيءَ “جوانن، جي جٿي” جو ذڪر ڪندي لکي ٿي:

“ڪراچي والنٽيئر گارڊ”، 7 آڪٽوبر 1857ع اربع ڏينهن شام جو، عام (يورپي) پبلڪ اڳيان پنهنجو پهريون مظاهرو ڪيو، جوانن جا ڪرتب ۽ ڦڙتائيءَ جا ٻيا فوجي قواعد ڏسي، عام شهري گهڻو خوش ٿيا ۽ سندن بهادريءَ خواهه قومي همدرديءَ جون دليون جانيون داد ڏيڻ لڳا.

ان مظاهري کان پوءِ به رضاڪارن گهڻي تربيت حاصل ڪئي، جنهن جو مکيه سبب سارجنٽ هال (Sergeant Hall) جي اڻٿڪ محنت ۽ قابل استادي هئي. پر، آڪٽوبر جي پوين ڏينهن ۾ ئي، ڪمشنر صاحب سندن وڌيڪ ضرورت نه سمجهي، ۽ سندن مهرباني مڃيندي کي ڇڙوڇڙ ٿيڻ(Disband) لاءِ چيو.

ڪراچيءَ جي يورپي باشندن کي هٿيارڏيڻ، رضاڪارن جي جٿي جوڙڻ، ۽ وفادار فوجين کي هر وقت تيار رکڻ کانسواءِ “ اختياريءَ وارن، آئيندي ڪنهن به هنگامي حالت وقت يورپي باشندن کي پناهه ڏيڻ لاءِ” بارود خاني جي جڳهه مخصوص ڪئي.انهن سڀني ڳالهين يورپي ماڻهن جي بيچينيءَ کي گهڻيءَ حد تائين دور ڪيو، ۽ سرڪار ۾ ۽ عام حالتن جي سلسلي ۾ اعتماد وري بحال ٿيو.

جيتوڻيڪ 14 سيپٽمبر جي صبح جو، ٽن ڪلاڪن اندر ئي حالتن تي پوريءَ ريت ضابطو رکيو ويو هو، ۽ ان کان پوءِ ٻي ڪابه اهڙي هنگامي حالت ڪانه پيدا ٿي هئي، پر تڏهن به اختياريءَ وارن کي 21– ريجمينٽ جي انهن پنجويهن ڄڻن کي اڃا گرفتار ڪرڻو هو، جيڪي ان رات پريڊ – ميدان تي غيرحاضر هئا. ڪراچي پوليس جا ڏيڊ سئو ڄڻا ۽ فوج جون چار ڪمپنيون جڏهن انهن پنجويهن ڄڻن پوئتان ڇڏيون ويون، تڏهن هفتي جي اندر ڪي پڪڙيا، ۽ ڪن جي باري ۾ پوريون حقيقتون ۽ پار پتا معلوم ٿي ويا.

ڇهه ڄڻا ته 14 تاريخ صبح جو ئي ڀريل بندوقن سان پڪڙيا ويا، ۽ چئن ڄڻن کي ساڳئي ڏينهن شام جو ڪيمپ ٻاهران گرفتار ڪيو ويو. ٽن ڏينهن کان پوءِ، حب نديءَ جي ڀرسان يارهن ڄڻن ٻين کي به هٿ ڪيو ويو. 18 تاريخ، باقي چار ڄڻا به مليا؛ پر انهن مان ٽي ڄڻا ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندي بروقت پوليس هٿان مارجي ويا. انهن سڀني فسادين جو مکيه اڳواڻ حوالدار رامدين پانڊي ۽ سندس ٻه ساٿي اڃا روپوش هئا. آخر انهن کي به 20 تاريخ پڪڙيو ويو. رامدين پانڊي ۽ سندس ٻه ساٿي، ڪوارٽر ڇڏي اُٺن جي تلاش ۾ نڪتا هئا، ۽ اٺ ڀاڙي ڪري ٽنڊي احمد (محمد؟) خان ڏانهن رخ رکيائون. پوليس کي پنهنجي پوئتان ڏسي، جتن رامدين ۽ سندس ساٿين کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي صلاح ڏني - ۽ آخر کين پوليس اچي ٻڌي سوگهو ڪيو.

هاڻي جڏهن سڀ فسادي گرفتار ٿي آيا، تڏهن هر ڪنهن هنڌ سندن سزا بابت بحث ٿيڻ لڳا. سڀني کي اهائي اميد هئي ته انهن فسادين جي سزا جو فيصلو ترت ٿيندو، ڇاڪاڻ ته سندن ڏوهه ثابت ٿيڻ ۾ دير نه لڳندي.

آخر 16 -17 سيپٽمبر تي يورپي عملدارن جي هڪ ڪورٽ مارشل، ڏهن ڄڻن تي هيٺين الزامن هيٺ ڪيس هلائڻ لاءِ ڪٺي ٿي:

(1) 13 تاريخ رات جو پنهنجي ريجمينٽ مان هٿيارن سوڌو ڀڄي وڃڻ، ۽ پوليس هٿان پڪڙجي اچڻ تائين واپس نه ورڻ؛

(2) هٿيارن سوڌو پڪڙجڻ، ۽ پوليس جو مقابلو ڪرڻ.

ڪورٽ مارشل جي پهرئين ڏينهن ئي يورپي باشندن کي پڪ هئي ته “غدارن” کي گوليءَ سان اُڏايو ويندو؛ ڇاڪاڻ ته صبح جو انجنيئرن کي موجوده جنرل پوسٽ آفيس ڀرسان وڏي ميدان تي اٺن ڏهن ڄڻن کي هڪ ئي وقت لٽڪائڻ لاءِ ڦاسين ٺاهڻ جو حڪم مليو هو. انهيءَ تي حشام ماڻهن جا اچي ڪٺا ٿيا، پر جڏهن ٻڌائون ته ڪورٽ اڃا سڀني جو فيصلو ڪونه ڪيو آهي ۽ ٻئي ڏينهن به ويهندي، تڏهن سڀيئي جيئن آيا هئا تيئن ٽڙي پکڙي ويا. شهر ۾ گهڻيون ئي چميگويون ٿيڻ لڳيون - ۽ ڪن ته ائين به پئي سمجهيو ته “سرڪار باغين کي سزا ڏيڻ کان گهٻرائي ٿي، ۽ شايد وري ڪا نئين آفت اچڻ واري آهي.” ان خوف ۽ هراس ڪري ڪيمپ ۾ ڪيترن يورپينن کي رات جو ننڊ نه آئي – پر رات سک سان گذري ۽ ڪنهن به قسم جي بي آراميءَ جو واقعو ڪونه ٿيو. 17 تاريخ به سڀني کي ڏاڍو انتظار رهيو، پر شام جو جڏهن سڀني فسادين جي موت جي سزا جو اعلان ٿيو، تڏهن مس وڃي يورپي باشندن کي پيٽ ۾ ساهه پيو.

17 تاريخ شام جو، پوسٽ آفيس واري ميدان تي سڀني فوجن جي پريڊ ٿيڻي هئي. فوجين جي پهچڻ کان اڳ ئي سارو ميدان عام ماڻهن سان ڀرجي ويو، جن کي پوءِ هٽائي پر ڀرو بيهاريو ويو – يورپي لوڪن کي البت ميدان ۾ نمايان جڳهه تي بيهڻ جي اجازت ڏني ويئي. ڏهه ئي “فسادي”، فوجي پهري هيٺ ميدان ۾ آندا ويا.

“ڦاسين جي پليٽ فارم آڏو باقاعدي فوجي پهرو بيهاريو ويو، ۽ توبون تيار ڪري بيهاريون ويون. يورپي گارڊ جي سنڀال هيٺ آيل قيدي، جڏهن ڦاسين جي پليٽ فارم تي سلامتيءَ سان پهتا، تڏهن برگيڊ –ميجر ڪئپٽن ليڪيءَ (Leaky) صاف ۽ بلند آواز ۾ تهمتون ۽ ڪورٽ مارشل جي فتوا پڙهي ٻڌائي، جنهن کي وري ميجر گولڊ سمٿ نهايت صفائيءَ سان ترجمو ڪري ٻڌايو. ”

”ستن ڄڻن کي ڦاسيءَ جي سزا، ۽ ٽن ڄڻن کي توبن سان اُڏائي مارڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو. پهريائين پوين ٽن ڄڻن کي پاسيءَ واري پلئٽ فارم جي ساڄي پاسي پر ڀرو ڪڍي بهاريو ويو، ۽ ستن کي ڏاڪڻ تان چاڙهي، سندن هٿ پوئتان ٻڌي، تختن تي بيهاريائون، پوءِ سڀني جي ڳچين ۾ رسيون وڌيون ويون، ۽ اکيون ٻڌڻ کانسواءِ ئي سندن پيرن هيٺان تختا ڪڍيا ويا - ۽ اهڙيءَ طرح هي “بدمعاش” عدم آباد ڏانهن اُماڻيا ويا”.– (“سنڌ قاصد”)

موت اچڻ ۾ ويرم ئي نه ڪئي؛ هڪ ڄڻي کان سواءِ ٻيو ڪو ڦٿڪيو به ڪين. عام ما‎ڻهن جي دلين ۾ ٿورو ڪي گهڻو ڪجهه نه ڪجهه ڌڌڪو ضرور پيدا ٿيو، پر يورپي باشندن جي منهن تي اطمينان جا آثار بکي رهيا هئا، ڇاڪاڻ ته هنن جي خيال موجب ”بدمعاش فسادين“ کي سندن گناهن جي پوري سزا ملي هئي.

باقي رهيل ٽن ڄڻن کي به – جن پنهنجن ساٿين کي ڦاسيءَ جي تختن تي مرندي ڏٺو – کليل ميدان ۾ آندو ويو، جتي سڀ يورپي خواه ديسي سپاهي باقاعدي قطارون ٻڌي بيٺا هئا. ايتري ۾، ٽي توبون به اڳيان آنديون ويون، ۽ انهن جا منهن کولي، ٽنهي ڄڻن کي ڌڪا ڏيئي، توبن جي منهن ۾ پٺيرو ڪري بيهاروي ويو. ميجر بليڪ جي اشاري جي دير هئي – توبچين بارود کي تيلي ڏني ۽ هڪ ٻئي پٺيان ٽيئي “باغي” ٽڪرا ٽڪرا ٿي اُڏامي ويا. ڀنگين ٽنهي جي جسمن جا ٽڪرا ميڙي، ٿوري پنڌ تي کڏ کوٽي، پوري ڇڏيا، ان کان پوءِ، ڦاسيءَ جي تختن تي لٽڪندڙ لاشن کي به، ”مئل ڪتن“ وانگر ٽڪر ٽڪر ڪري، ساڳئي نموني ۾ پوريو ويو.

هاڻي هر ڪنهن ريجمينٽ کي پنهنجي بئرڪ ڏانهن واپس وڃڻ جو حڪم مليو، ۽ اهڙيءَ طرح هن هيتبناڪ واقعي جي پڄاڻي ٿي.

هن کان پوءِ سنڌ ۾ هر ڪورٽ مارشل هندستان آفيسر هلائيندا هئا، ۽ “سنڌ قاصد” جو چوڻ مطابق، “اهي آفيسر، انگريز آفيسرن جي بنسبت، باغين جي سخت خلاف هئا.” پنجن کانسواءِ باقي سڀني کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو، ۽ انهن پنجن کي سمنڊ پار عمر – قيد جي سزا ڏني ويئي. باغين جي مکيه سردار رامدين پانڊي کي 23 سيپٽمبر تي توب اڳيان بيهاري اڏايو ويو، ۽ جلاوطن قيدين کي سخت پهري هيٺ “سوسن” (Chusan) رستي بمبئيءَ موڪلڻ لاءِ بندر ڏانهن وٺي ويا.

جنهن وقت ڪرنل حوالدار رامدين پانڊي کي ڪراچيءَ ۾ توب سان اُڏايو پئي ويو، ان وقت هوڏانهن شڪارپور ۾ سخت وڳوڙ جون حالتون هيون: هڪ رات اتان جي فوجين ٿاڻي تان بندقون کڻي، چوڌاري مورچا ٻڌي، هوائي فائر شروع ڪري ڏنا. پوليس جيتوڻيڪ اتي موجود هئي، پر باغي فوجين جي عجيب جنگي انداز ۾ هر طرف فائر ڪرڻ سبب ڪجهه نٿي ڪري سگهي. صبح جو چئين بجي مشڪل سان جڏهن گهوڙيسوار پوليس اچي باغين تي حملو ڪيو، تڏهن وڃي سپاهين سندن بندوقون ڦريون، ۽ ڪيترن کي ٻڌي سوگهو ڪيو. باغين مان ٻه اُڦٽ مري ويا، ۽ هڪ جمعدار سخت زخمي ٿيو. گهوڙيسوار به انهيءَ چڪريءَ ۾ ٽي آفيسر وڃايا. جمعدار کان پڇا تي معلوم ٿيو ته اڌ رات جو شڪارپور جي فوجين (Artillery) سان گهوڙيسوار فوجي (Cavalry) به ملڻا هئا، جي گڏجي پنهنجي ٺهيل پروگرام موجب وڳوڙ پيدا ڪن ها؛ پر ڪليڪٽر ڪرنل اسٽورڊ (Col: Steward) ۽ پوليس عملدار ڪرنل مانٽگومريءَ جي فوري قدم ۽ بلوچي سوارن جي دليرانه حملي سندن سازش کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. اڌ رات جو بندوقن جي ٺڪائن، يورپي باشندن کي ڏاڍو ڊيڄاري ڇڏيو، ۽ هو خوف ۽ هراس وچان مقامي جيل ڏانهن پناهه وٺڻ لاءِ ڀڄي ويا. 23 سيپٽمبر تي، خيرپور جي والي علي مراد جي پٽ جي ماڻهن پنجويهن فسادين کي پڪڙي آندو، جيڪي کين انگريز سرڪار خلاف بغاوت ڪرڻ لاءِ ڀڙڪائي رهيا هئا.

شڪارپور مان ڪن باغي فوجين جي ڀڄي اچڻ ڪري، 23 تاريخ رات جو سکر ڪيمپ ۾ به ڪجهه گڙ ٻڙ ٿيڻ لڳي. گهوڙيسوار پوليس ساري رات ٻاهر چڪر ڏيندي رهي ۽ صبح جو هڪ ڄڻو پڪڙي آندائون. معلوم پئي ٿيو ته ان جا ٻيا همراهه درياهه ٽپي پار ڀڄي ويا. 24 سيپٽمبر تي صبح جو سوير، سکر مان شاهي فوج جو هڪ دستو به شڪارپور روانو ڪيو ويو.

9-10آڪٽوبرتي هڪ ڪورٽ مارشل، گولنڊزيءَ (Golundazee) جي چئن سپاهين ۽ 16 –ريجمينٽ جي هڪ صوبيدار ۽ هڪ حوالدار کي شڪارپور ۾ بغاوت ڪرڻ جي الزام هيٺ موت جي سزا ٻڌائي. 10 آڪٽوبر تي، عام فوجين جي حاضريءَ ۾، گولنڊزيءَ جي چئن ماڻهن کي توبن جي منهن ۾ بيهاري اُڏايو ويو ۽ صوبيدار ۽ حوالدار کي ڦاسيءَ تي چاڙهي ماريو ويو.

آڪٽوبر جي 16 تاريخ، ملتان جي اخبارن مان نانا صاحب جي گرفتاريءَ ۽ دهليءَ جي بادشاهه جي موت جي هيٺين خبر معلوم ٿيڻ تي، سنڌ ۾ به 1857ع جي بغاوت جي پڄاڻي ٿي:

پڪيءَ طرح معلوم ٿيو آهي ته دهليءَ جو بادشاهه مري چڪو آهي، ۽ نانا صاحب کي ميرٺ جي پسگردائيءَ ۾ پڪڙيو ويو آهي.

اول نمبر جي شيطان ۽ غدار نانا صاحب کي ڪرنل فرڪهر (Farqyhar) ۽ هڪ بهادر سنڌي بلوچ گرفتار ڪيو آهي، ۽ دهليءَ جي بادشاهه کي گولي هڻي ماريو ويو آهي. غدارن سان ائين ئي ڪرڻ جڳائي!

ٽماهي “مهراڻ” 1 -2 - 1957ع تان ورتل مترجم نورالدين سرڪي


No comments:

Post a Comment