Realtime Hit Counter

Sunday 27 March 2011

قاري محمد حسين سيوهاڻي رح _ مفتي ڪليم الله ليغاري_ ڪراچي

قاري محمد حسين سيوهاڻي

مفتي ڪليم الله ليغاري_ ڪراچي

نالو: شيخ محمد حسين عرف والي ڏنو بن محمد مراد بن محمد يعقوب انصاري سنڌي سندن وڏا عرب مان هجرت ڪري سيوهڻ ضلع دادو ۾ آباد ٿيا هئا سندن خاندان ڪيترين پيڙهين تائين علمي ۽ ديني، زهد، تقوى ۽ ديني خدمتن جي لحاظ سان مشاهير اسلام مان ڳڻيو وڃي ٿو.
ولادت: شيخ محمد حسين جي ولادت سندن والد صاحب جي ڪتاب دفينة المطالب جلد چوٿين ۾ لکيل مطابق پاڻ 5 محرم سال 1161 هه ۾ سنڌ جي مردم خيز مٽيءَ ۾ ڄاوا، سنڌ ۾ ئي ڄائو ۽ اتي ئي وڏو ٿيو.
هجرت: شيخ الاسلام شيخ محمد مراد جڏهن پيرسن ٿيو ۽ چڱي عمر سنڌ ۾ علم دين جي خدمت ۾ گذاريائين ته حرمين شريفين جي اڪير ۽ محبت ۽ مجاورت جو شوق پنهنجي وطن ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو ته پاڻ سنڌ مان 1194 هه ۾ پنهنجي اولاد ۽ پوٽن سميت حجاز شريف هجرت ڪيائين، جن مان شيخ محمد حسين پٽ ۽ شيخ محمد مراد رحه سان مڪي شريف، جده يمن جي سفر ۾ گڏ رهيو.
تعليم: شيخ محمد حسين سيوهاڻي سڄو علم پنهنجي والد شيخ محمد مراد سيوهاڻي کان حاصل ڪيو، ۽ حرمين شريفين جي استادن مان علامه شيخ عبدالخالق بن علي وفات 1201 هه پنهنجي والد جي وفات کان بعد علوم ۽ فنون حاصل ڪرڻ استادن مان شمار ٿئي ٿو. ۽ ڪتاب گڏ ڪرڻ ۾ لڳي ويو.
علمي مقام: شيخ محمد حسين هڪ جامع العلوم والفنون عالم محدث فقيه ماهر طبيب ستن قرائتن جو قاري ۽ فن تجويد ۽ قرائت جو ماهر هو. عرب ملڪن ۾ سندس وڏي علمي هڪ هئي ۽ هر علم ۽ فن ۾ وڏي شهرت رکندو هو. ڪيترن ئي عالمن وڏن وڏن القابن سان پنهنجي ڪتابن ۾ تعارف آندو آهي.
مولانا عبدالحي الحسني نزهة الخواطر ۾ ذڪر هن طرح ڪيو آهي:
سندس ڀائٽي ۽ عظيم شاگرد الشيخ محمد عابد السندي رئيس علماء المدينة المنورة في عصره پنهنجي اسانيد جي جڳ مشهور ڪتان حصر الشارد من اسانيد محمد عابد ۾ گهڻن ئي جاين تي وڏن لقبن ۽ تعريفي ڪلمات سان ذڪر ڪيو آهي، ۽ سڀ کان پهريون قرآن شريف علم تجويد ۽ ستن قرائتن جي پنهنجي سند جُدا عنوان سان آڻي پوءِ ٻيون سندون ابجد جي ترتيب سان ذڪر ڪيون آهن، چنانچه فرمائن ٿا:
مون تي الله جا اڻ ڳڻيا احسان ۽ انهيءَ لاءِ سڀ تعريف آهي مان قرآن شريف شروع کان آخر تائين ستن مشهور قرائتن ۽ چوڏهن روايتن مطابق جنهنجو سڄو ذڪر مشهور منظومه شاطبيه ۾ آيل آهي.
قرائتن جي تحقيق ۽ ان جي بيان ۽ تجويد ڪيترائي دفعا پنهنجي شيخ علامه پنهنجي زماني جي سينگار ۽ پنهنجي زماني جي پيشوا علم اديان ۽ علم ابدان (طب) جي ماهر علوم ۽ فنون جي جامع وٽ پڙهڻ ٿيو.
تاليفات: شيخ علامه قاري محمد حسين انصاري سيوهاڻي جي فقط ٻن ڪتابن جو تذڪرو محقق سائد بڪداش ڪيو آهي.
1. التبيان للزجر عن شرب الدخان
هن ڪتاب جو خطي نسخو مولف جو هٿ اکري مڪتبه محموديه مدينة شريف ۾ موجود آهي. هن ڪتاب ۾ مولف لکيو آهي ته جده شهر ۾ ڪيترا عالم سڳورا تماڪ جي پيئڻ ۾ مبتلا ڏٺا ۽ ان جي جواز ۾ تمام سخت هئا. ۽ ان رسالي ۾ انهي شرب الدخان وتحريمه بابت مختلف رسالن جو ذڪر ڪيو آهي جن جي مولفن افراط يا تفريط کان ڪم ورتو آهي، سواءِ شيخ الاسلام مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي جنهن تماڪ بابت فارسي ۾ رسالو لکيو آهي، شيخ قاري محمد حسين سيوهاڻي ان جو عربي ۾ لفطي ترجمو ڪيو آهي ۽ وضاهتون لکيون آهن ۽ ڪن جاين تي واڌارا وضاحتن سان آندا اٿس، هي رسالو جده شهر ۾ 21 رجب 1198 هه ۾ لکيو.
2. مهذب الهدايه
هن ڪتاب جو قلمي نسخو مولف جو هٿ اکري مڪتبه محموديه مدينه شريف ۾ موجود آهي.
مولف هي ڪتاب 1201 هه ۾ لکيو مولف فقه حنفي جو مشهور ڪتا ب هدايه علامه مر غيناني پڙهڻ يوران جيڪي فقهي قاعدا ۽ اصول ۽ موتي ميڙيا آهن انهن کي ابواب جي صورت ۾ ترتيب ڏنو ۽ ڪن جاين تي بقدر ضرورت تصرف به ڪيو آهي هاڻي هي ڪتاب ڄڻ ته فقهي قاعدن جي ڪتابن جي لسٽ ۾ نئين ڪتاب جو واڌارو ٿيو.
اولاد: شيخ محمد حسين کي هڪ پٽ عبدالرحمان نالي هو جيڪو شيخ عابد جي شاگردن مان هو ۽ سندس رسالي ڪشف الاماني عن سماع الاغاني جو ڪاتب پڻ آهي ۽ ٻي بي بي ايمڻا جنهن جو ڄم 1204 هه شهر جده ۾ ٻڌايو ويو آهي (وڌيڪ خبر الله کي)
وفات: سنڌ جو هي عظيم سپوت عرب ملڪن، حجاز، جده، يمن ۾ قرآني علوم جي اشاعت ڪندو رهيو ۽ وڏي خلق کي فيضياب ڪيائين. ڪڏهن هتي ته ڪڏهن هُتي. وفات جي صحيح تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي. البته اندازو اهو آهي ته 1220 هه کان ٿورو اڳ وفات ڪئي هوندائين، سندس نالي کي ڀائٽي علامه محمد عابد ثيت ۽ اسناد ڪتاب حصر الشارد ۾ آڻي زنده جاويد بنائي ڇڏيو .
حوالا ۽ سمجهاڻيون:
.1 محمد عابد السندي الانصاري بقلم محقق سائد بڪداش (دارالبشار الاسلاميه بيروت ڇاپو پهريون 1423 هه)1
.2 الرحيم مشاهير سنڌ، نمبر ڇاپو ٻيو جولاءِ 1988 ع

No comments:

Post a Comment