Realtime Hit Counter

Wednesday 23 March 2011

سنڌ جي سيڪريٽري تعليم ڏانهن لکيل خط ڊاڪٽر چوڌري محمد عثمان ايڊووڪيٽ صدر اسڪاءِ بليو ويلفيئر ايسوسيئيشن ڪراچي


سنڌ جي سيڪريٽري تعليم ڏانهن لکيل خط

ڊاڪٽر چوڌري محمد عثمان ايڊووڪيٽ صدر اسڪاءِ بليو ويلفيئر ايسوسيئيشن ڪراچي

اسين هن نامياري اخبار جي ذريعي سيڪريٽري سنڌ جو ڌيان هن اهم ڳالهه ڏانهن ڇڪرائيندي چوڻ چاهيون ٿا ته سنڌ حڪومت ڪيتري عرصي کان ملازمن جي ڊيٽلمينٽ تي بندش هڻي ڇڏي آهي ۽ جيڪي به ملازم ڊيٽلمينٽ تي مقرر ٿيل هئا انهن کي سنڌ حڪومت جي هڪ آرڊر تحت واپس کين پنهنجي اصل نوڪري واري هنڌ ڏانهن اماڻيو ويو آهي جتان اهي پنهنجون پگهارون کڻندا هئا جڏهن ته ان ڏس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي هڪ حڪم نامي ۾ نان ٽيڪنيڪل ماڻهن کي ٽيڪنيڪل پوسٽن تي مقرر نه ڪرڻ ۽ استادن ۽ طبي عملي جي عملدارن ۽ لوئر گريڊ جي ملازمن کي انتظامي ڪاروهنوار وارن ڪمن نه وٺڻ جو هڪ حڪم نامو جاري ڪيو هو پر ڪراچي سٽي گورنمينٽ جي تعليم کاتي ۾ اهڙن سڀني حڪمن کي ٿڏيو ويو آهي ۽ گذريل سالن کان هڪ فريڪل انسٽرڪٽر جي ماسترياڻي جنهن جو گريڊ 9 آهي ۽ اها گورنمينٽ گرلس سيڪنڊري اسڪول ايس ايم بي فاطمه جناح نشتر روڊ ڪراچيءَ تان پگهار کڻي رهي ۽ جنهن کي گذريل يارنهن سالن دوران نان گزيٽيڊ ۽ نائين گريڊ جي ماسترياڻيءَ کي سترهين گريڊ جي پوسٽ ڏيئي ڊسٽرڪٽ آفيسر ايڊيوڪيشن فيميل سيڪنڊري بولٽن مارڪيٽ ڪراچيءَ ۾ مقرر ڪيو ويو آهي جنهن جي باقاعدي هڪ الڳ آفيس ۽ سندس نالي سان پي آر او جي تختي لڳل آهي سڄي سنڌ ۾ ڪنهن به ايگزيڪيوٽو ڊسٽرڪٽ آفيس تعليم يا ڪنهن به ٻئي کاتي ۾ پي آر او مقرر نه ڪيو ويندو آهي جڏهن ته ڊسٽرڪٽ آفيسر فيميل سيڪنڊري جي پي آر او هئڻ نه صرف قانون کان مٿانهون قدم، سنڌ حڪومت جي ڊيٽلمينٽ جو آرڊر ڪينسل هئڻ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي کليل حڪمن جي سراسر ڀڃڪڙي ۽ عدالت جي توهين آهي.

ڄاڻايل ماسترياڻي پي آر او جو ته ڪو به ڪم نه ڪندي آهي ۽ نه کيس صحافت جي ڪا ڄاڻ حاصل آهي پر هن جو سڄو ڏينهن ڪاروهنوار ماسترياڻين کي بليڪ ميلن ڪرڻ انهن کان ڳريون رشوتون وٺي سندن بدليون ۽ مقرريون ڪرائڻ، ايس ايم سي جا فنڊ هڙپ ڪرڻ ۽ ٽائيم اسڪيل تحت ملندڙ مٿين گريڊن کان رشوت جا ڏوڪڙ گڏ ڪرڻ ۽ پنهنجي بالا عملدارن کي پهچائڻ آهي. هن ماسترياڻين لاءِ آزار بنجندڙ غيرقانوني پي آر او کي فزيڪل ٽريننگ انسٽرڪٽر جي اصل پوسٽ تي بدلي ڪري ڪراچيءَ جي هزارين ماسترياڻين جي لاءِ ڏچو بنجندڙ اهڙي پي آر او کي هٽائي ڪراچيءَ جي اسڪولن جي تعليم جي تباهه ڪندڙ پي آر او کي بدلي ڪري ماسترياڻين جي مٿان ظلم ختم ڪرائي کين انصاف ۽ سڪون مهيا ڪيو وڃي.

http://www.awamiawaz.com/2011/March/21st/Articls/AAF_01.htm

No comments:

Post a Comment