Realtime Hit Counter

Tuesday 29 March 2011

تَحريڪ آزادي ۽ سنڌي ديني عالم! گل محمد عمراڻي

The Kawish Group of Publication, B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525

Fax: +92 (22) 2780772, 2781167.Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com

تَحريڪ آزادي ۽ سنڌي ديني عالم!
گل محمد عمراڻي

ڪجهه وقت اڳ مون هڪ ڪتاب ”تحريڪ آزادي ۾ سنڌي عالمن جو حصو“ پڙهي پورو ڪيو. محمد ابراهيم جويو صاحب هن ڪتاب کي گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ سندس خيال موجب هن تحقيق ۾ اوڻويهين صدي جي اهڙي ئي هڪ ڇڙواڳ، ست سمنڊ پار کان نڪتل، دولت جي بُکئي سفيد فام تهذيب جي دعويدار تاجر ۽ چالاڪ ٽولي جي ڳالهه ڪيل آهي، جنهن 1843ع ۾ سنڌ جي حڪمران ٽالپرن جي دولت کي لُٽڻ ۽ ڦرڻ لاءِ سنڌ تي حملو ڪيو. اسان جا سرڪاري مورخ ڄاڻي واڻي هڪ متعصبانه ۽ جانبدارانه رويو رکي ڪري انهن عوامي سورمن سان نسوري بي انصافي ڪن ٿا. ڊاڪٽر مظهر الدين سومرو جي تحقيق ڪرڻ جو خاص محرڪ به اها اڍنگي روش آهي. بقول محقق جي ته ”اسان جو نئون نسل محض واهه، واهه ڪرڻ ۾ پورو آهي ۽ وقت توڙي حالتن جي دز اسان جي شاندار ماضي کي وڪوڙيندي وڃي.“ هن ڏس ۾ هو تاريخي حوالا ڏيندي، اها ڳالهه ورجائي ٿو ته سنڌ جي عالمن جي اها روايت رهي آهي ته جڏهين به سنڌ سونهاري تي ڏکيا ڏينهن آيا، ته هتي جي عالمن وقت جي حالتن مطابق ڌرتي ۽ ڌرتي وارن کي سڏ ۾ سڏ ڏيندي، ڪڏهن مخدوم بلاول ته ڪڏهن شاهه عنايت شهيد، ڪڏهن مخدوم رحمت الله پاٽائي ته ڪڏهن مخدوم عبدالرحان کُهڙائي جي روپ ۾ مادرِ وطن سان پنهنجو وچن نڀايو آهي! جويو صاحب چئي ٿو ته سنڌ جي تاريخ جي مخصوص دور تي ٿيل ريسرچ جي نتيجي ۾ اسان ڪي خاص ڳالهيون اخذ ڪري سگهون ٿا، مثلاً فرقيواريت جي تڪرار سنڌ کي وڏو هاڃو رسايو جنهن جا اثر اڃا تائين ڀوڳيون پيا.

تحقيق ۾ مذهبي سياسي دور جو تجزياتي تفصيل ڏنل آهي، جنهن ۾ آل انڊيا نيشنل ڪانگريس ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جا ڪردار چٽي طرح سان عيان ۽ بيان ڪيل آهن. آخر ۾ 170 کان وڌيڪ عالمن جي زندگي جو احوال نهايت محنت ۽ عرق زيري سان ڏنل آهي، جنهن ۾ منهنجي اسڪول واري عربي جي استاد مولانا دين محمد ”اديب“ فيروز شاهي جو سوانحي خاڪو شامل آهي. سائين محترم مون کي 62/1961ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول ۾ عربي ٻولي سيکاريندو هو ۽ اهو سندس عمر جو آخري دور هو، ڇاڪاڻ هن عظيم عالم ۽ استاد پنهنجي جوان عمر پٽ منير احمد چنا وڪيل (جنهن يادگار سنڌي-انگريزي لغت ترتيب ڏني هئي) جي اوچتي وفات کانپوءِ هن صدمي کان جانبر ٿي نه سگهيو ۽ 27 فيبروري 1963ع تي رحلت ڪيائين. مولانا محترم جا لکيل 20 ڪتاب اڄ به سنڌي، فارسي ۽ عربي ادب ۽ زبان ۾ هڪ اهم ادبي مقام رکن ٿا. ٻين ناليوارن عالمن ۾ مولوي عبدالخالق خليق مورائي (هڪ بهترين نثر نويس ۽ ناول نگار)1،

مولانا عبدالڪريم چشتي (خطيب ۽ دانشور)، مولانا ظهور الحسن درس ڪراچي وارو (جنهن جي پٺيان ڪراچي جي بندر روڊ واري عيدگاهه ۾ قائد اعظم 1947ع ۾ عيد نماز پڙهي هئي)، مولانا عبدالقادر لغاري، مولانا عزيز الله جروار، مولانا پير غلام مجدد سرهندي،

مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي جن شامل آهن. محترم جويو صاحب ان خيال جو آهي ”سنڌ جي تاريخ ۾ ڪو به اهڙو دور نه رهيو، جنهن ۾ سنڌ جي علماءِ ڪرام سياست ۾ ڀرپور حصو نه ورتو هجي. هنن سنڌ کانسواءِ هند جي سطح تي به پنهنجا سياسي اڻمٽ اثر ڇڏيا آهن. سنڌي عالمن مذهبي رواداري اختيار ڪندي، مختلف تحريڪن ۽ تنظيمن ۾ حصو ورتو، جنهن ڪري منجهن رواداري Tolerance)) جي گُڻ ايتريون ته پاڙون پختيون ڪيون، ساڻن گڏجي تحريڪون هلايون.

مولانا احمد ملاح، جنهن قرآن شريف جو سنڌي ۾ منظوم ڪيو، تنهن بابت هن قيمتي دستاويزي ڪتاب ۾ مفيد معلومات ڏنل آهي ۽ هن کي لاڙ جو هڪ مشهور عالم، سياستدان ڪري پيش ڪيو ويو آهي. پاڻ خلافت تحريڪ ۾ بهري وٺڻ سان پنهنجي سياسي زندگي جو آغاز ڪيو ۽ آخر ۾ ان جي پاداش ۾ انگريز سرڪار هن کي چئن مهينن لاءِ جيل جي به ياترا ڪرائي. مولانا صاحب ڳچ وقت تائين ضلعي حيدرآباد جي خلافت ڪميٽي ۽ سنڌ خلافت ڪميٽي جو ميمبر به ٿي رهيو. بعد ۾ خلافت تحريڪ جي پڄاڻي تي (جڏهن اتاترڪ خود تُرڪي ۾ خلافت ختم ڪئي) سنڌ جي عالمن ”ڪانگريس جي هم خيال ۽ همدرد جميعت العلماءِ سنڌ“ هتي برپا ڪئي ۽ مولانا احمد ملاح ان ۾ شامل ٿي ڪري وطن جي آزادي جي تحريڪ ۾ پيش پيش رهيو. مصنف ڊاڪٽر مظهر الدين کي ان ڳالهه جو به گهڻو فڪر هو ته ڪجهه نووارد (سيکڙاٽ) ۽ اديبن پنهنجين قلمي ڪاوشن ذريعي اهو پئي تاثر ڏنو آهي ته تحريڪ آزادي ۾ سنڌي عالمن جو ڪو حصو ئي نه هو. ان ڪري وقت جي تقاضا هئي، تنهن موضوع جو مطالعو ڪري ڪنهن نتيجي تي پهچي.

سيد تاج محمود امروٽي رح

هي ڪتاب واضح طور ان حقيقت کي نروار ڪري ٿو ته جڏهن سنڌي عالم سڌو سنئون عوام سان رابطي ۾ آيا، يعني عوام ۾ ويا ۽ انهن جي اعتماد ۾ ويساهه تي پورا لٿا ته انهيءَ جمهوري عمل سان هنن خانقاهي مدرسائي عالمن کي عوامي مسئلن جي سمجهڻ جو ادراڪ به مليو ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي قوت به حاصل ٿي. حالتن پٽاندڙ هنن صاحبن کي سياسي مها ساگر ۾ عوام سان گڏ ترڻ ۽ وڙهڻ جو هنر (Art) به اچي ويو ۽ هنن عالمن، مظلوم ۽ پيڙهيل ماڻهن جي حقن جي حفاظت لاءِ قلم سان جهاد ڪري شاندار سوڀون حاصل ڪيون. ڪيترن عالمن جي هاري تحريڪ ۾ شرڪت ۽ ڪانگريس جي عدم تعاون ۽ عدم تشدد واري مَتي جي تائيد ڪئي فرقه پرستي واري پاليسي جي نندا، خاص طور تي مسجد منزل گاهه واري موقع پرست ۽ محصلت پسند سياست کان سچن عالمن جي بيزاري واري هلت اهڙن بااصول عالمن جي تاريخ جي بي ريا عدالت ۾ جيتري تعريف ۽ توصيف ڪجي، اوترو گهٽ آهي! فرقيواريت کان دوري انهن عالمن جي اخلاقي صداقت، پارسائي ۽ جرئت جا دليل آهن.

مولانا عبيدالله سنڌي جي جهنا نربدا، سنڌ ساگر پارٽي ته سماجي انصاف

(Social Judea) تي مبني سماجي ۽ معاشي منشور آندو، جنهن تي روس جي انقلاب جو گهرو اثر نمايان هو. واقعي سنڌي عالمن جي اڪثريت خوددار، بيباڪ ۽ بي غرض رهي ۽ هنن کي ظالم انگريزي راڄ نه مرعوب ڪري سگهيو ۽ نه وري ڪا سرڪاري ڪرسي درٻاري خلعت خريد ڪري سگهي! ڪاش اهڙا عالم اڄ وري نئين سنڌ جي تعمير لاءِ ميدان ۾ نڪري اچن. اهڙن علماءِ حق جي سنڌ کي اڄ وري سخت ضرورت آهي، جيڪي روشن خيالي ۽ روشن ضميري جو پيغام پکيڙين.


1 comment:

  1. The Kawish Group of Publication, B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525
    Fax: +92 (22) 2780772, 2781167.Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com

    ReplyDelete