Realtime Hit Counter

Sunday 27 March 2011

سنڌ ۾ علم تجويد ۽ قرائت جي اشاعت مفتي ڪليم الله ليغاري _ ڪراچي

سنڌ ۾ علم تجويد ۽ قرائت جي اشاعت

مفتي ڪليم الله ليغاري _ ڪراچي

قرآني علوم مان اهم علم تجويد ۽ قرائت جو علم آهي جنهن جو سنئون سڌو تعلق ڪلام الاهي سان آهي جيئن ڪلام الاهي سڀني ڪلامن ۾ افضل ۽ اشرف آهي تيئن علم تجويد ۽ قرئت به سڀني علمن ۾ افضل ۽ اشرف آهي علم تجويد ۽ قرائت جي اهميت کان ڪير به مسلمان انڪار نه ٿو ڪري سگهي، قرآن مجيد جي نازل ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين مختلف عالمن محدثن فقيهن پنهنجي پنهنجي دور ۾ ٻين قرآني علمن وانگر هن علم جي به خدمت ڪئي آهي هن ڏس ۾ باب الاسلام سنڌ جي عالمن به علم تجويد ۽ قرائت جي اشاعت ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي جن مان چند مشاهير جي خدمات جو مختصر تذڪرو پيش ڪجي ٿو.

• شيخ الاسلام قاري مخدوم محمد هاشم ٺٺوي

حضرت شيخ الاسلام نه فقط عظيم محدث، مفسر، محقق، متڪلم، سٺا شاعر هئا بلڪه پاڻ وقت جا شيخ القراء به هئا، سندس شمار مشاهير اسلام ۾ تئي ٿو، جن سڄي زندگي قرآني علوم جي اشاعت ۽ ديني خدمت ۾گذاري، پاڻ ڪثير التصانيف آهن سندن ھر علم ۽ فن تي مختلف ٻولين عربي، فارسي، سنڌي ۽ نظم ۽ نثر ۾ ڪي ڇپجي شايع ٿي چڪا آهن ته ڪي اڃا ڇپجڻ جي انتظار ۾ آهن.اسان مخدصم صاحب جي قرآني علمن مان علم تجويد ۽ قرائت بابت لکيل ڪتابن جو تذڪرو ۽ مختصر تعارف پيش ڪريون ٿا.
نالو : محمد هاشم بن عبد الغفور بن عبد الرحمان بن عبد اللطيف بن عبد الرحمان بن خير الدين حارثي ٺٽوي.
ولادت: مخدوم صاحب جي ولادت بٺوري جي قريب هڪ ڳوٺ ۾ خميس رات 10/3/1104 هه1692 ع ۾ ٿي سندن والد جي جهوليءَ ۾ ننڍا ٿي وڏا ٿيا، سندس والد صاحب وقت جي وڏن عالمن فاضلن مان هو.
تعليم
پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان شروع ڪيائون قرآن شريف فارسي، عربي جا ابتدائي ڪتاب صرف، نحو، فقه وغيره والد صاحب وٽ ئي پڙهيا، ان کان پوءِ گاديءَ جو هنڌ ٺٽو جيڪو ان وقت علوم وفنون، علماء ومشائخ جو مرڪز هو، رخ ڪيائين اتي ئي تعليم پوري ڪيائين، سندن استادن جا نالا هي آهن:
علامه شيخ عبدالغفور بن عبد الرحمان (سندس والد) وفات 1113 هه
علامه ضياء الدين بن ابراهيم صديقي ٺٽوي وفات 1171 هه
شيخ شيخ محمد سعيد وغيرهم
مخدوم صاحب جڏهن سال 1135 هه ۾ حرمين شريف حج لاءِ سفر ڪيائون ته حرمين جي عالمن کان فقه ۽ حديث پڙهي3ا جن جا نالا هي آهن.
علامه شيخ عبدالقادر بن ابي بڪر بن عبدالقادر صديقي، مڪي وفات 1138 هه
شيخ عيد بن علي النّمرسي المصري الازهري الشافعي وفات 1140 هه
علامه شيخ ابي طاهر محمد بن ابراهيم الڪوراني المدني وفات 1145 هه
علامه شيخ محمد بن عبدالله المغربي الفاسي المدني المالڪي وفات 1141 هه
علم قرائت ۽ ست قرائتون ۽ اجازتون: سندن استاد
شيخ علي بن عبدالملڪ الدراوي المالڪي المغربي المدني وفات 1145 هه کان حاصل ڪيائين.
شاگرد:
سندس شاگردن جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي، چند مشاهير جنجا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
عبدالرحمان سندس وڏو پٽ وفات 1182 هه
عبد اللطيف ننڍو پٽ وفات 1187 هه
علامه غلام حسين ابو الحسن (صغير) مدني، سنڌي وفات 1187 هه
عبدالحفيظ بن درويش العجيمي المڪي وفات 1246 هه
شيخ سيد عبدالرحمان بن سيد محمد اسلم حنفي، مڪي
مخدوم عبدالخالق ٺٽوي
فقير الله علوي افغاني، شڪارپوري وفات 1195 هه
محمد بن محمد اشرف بن آدم، نقشبندي، سنڌي
شيخ الاسلام محمد مراد بن محمد يعقوب سيوهاڻي وفات 1198 هه وغيرهم
تصنيفون
حضرت مخدوم صاحب تصنيف ۽ تاليف جا شاهسوار مولف آهن، سندن تحقيق ۽ تاليف جو انداز نرالو آهي، سندن تاليفات 150 ڏيڍ سو جي لڳ ڀڳ آهن. اسان فقط علم قرائت ۽ تجويد بابت لکيل ڪتابن جا نالا ڏيون ٿا.
1) تحفة القاري بجمع المقاري (عربي)
هي رسالو عربي ۽ سنڌي ٻولي ۾ شايع ٿيو آهي، عربي متن ٻن محققن طرفان شايع ٿيو آهي.
(1) مفتي محمد جان نعيمي جي تحقيق ۽ تخريج سان ڊيمي سائيز جي 88 صفحن تي 1421 هه مطابق 2001 ع ۾ سُهڻي ٽائيٽل سان، مڪتبه مجدديه نعيميه، ملير ڪراچي طرفان شايع ٿيو آهي.
(2) تحفة القاري بجمع المقاري عربي ڊاڪٽر عبدالقيوم سنڌي مڪه المڪرمه جي تحقيق سان 1422 هه / 2001 ء خود قاري صاحب طرفان سنڌي ترجمي، هاشمي رڪوع جي آخر ۾ ڇپيو آهي.
تحفة القاري جو سنڌي ترجمو پهريون قرآن ڪريم جا هاشمي رڪوع جا نالي سان پهريون دفعو ماهوار “السنڌ” شماره 80 سيپٽمبر 2000ء ۽ انجمن خدام التجويد ڪنڌڪوٽ طرفان شايع ٿيو.
2) الشفاء في مسئلة الراء (عربي)
هي ڪتاب راء ٿلهو ۽ سنهو پڙهڻ بابت تحقيقي انداز ۾ لکيو ويو آهي علم تجويد بابت هي ڪتاب مخدوم صاحب 1147 هه ۾ دوران لکيو. هي ڪتاب ڊاڪٽر قاري عبدالقيوم سنڌي جي تحقيق ۽ تفصيلي مقدمي سان ڊيمي سائيز جي 116 صفحن تي مشتمل 1999 ع مطابق 1420 هه ۾ سهڻي ٽائيٽل سان مڪتبة “ الجامعة البنورية” ڪراچي طرفان شايع ٿيو.
3) اللؤلؤ المڪنون في تحقيق مد السڪون (عربي)
علم تجويد بابت هي رسالو مخدوم صاحب سال 1148 هه ۾ لکيو، ڊاڪٽر عبدالقيوم سنڌي جي تحقيق ۽ مقدمي سان ڊيمي سائيز جي 72 صفحن تي سهڻي ٽائٽل سان سال 1999ع (1420 هه) ۾ مڪتبة الجامعة البنورية ڪراچي طرفان شايع ٿيو.
4) جنة النعيم في فضائل القرآن الڪريم
قرآن مجيد جي فضائل بابت هي رسالو مولف 1134 هه ۾ لکيو هي رسالو اڃا ڇپيو نه آهي. البته ان جو اختصار ڪنهن هبة الرحمان الرحيم في فضائل القرآن جي نالي سان شايع ڪيو آهي.
5) ڪفاية القاري في متشابهات القرآن (عربي)
هي رسالو قرآن مجيد جي متشابهات ۾ (1008) عربي بيتن تي مشتمل آهي هي عربي ٻولي ۾ هي منظوم (الفيه) جوڙي پنهنجي علميت جو ڪمال ڏيکاريو آهي هي ڪتاب ڊاڪٽر عبد القيوم سنڌي جي تحقيق سان اعلى ڪاغذ تي معياري ڇپائي سان پهريون ڇاپو 1428 هه/2007ع ۾ سعودي عرب مان شايع ٿيو آهي.
6) حاشية علي متن الشاطبيه
ستن قرئتن بابت مشهور ڪتاب شاطبيه جو حاشيو آهي. قاري ڊاڪٽر عبدالقيوم سنڌي جي تحقيق سان ڇپجي رهيو آهي.
7) رفع الخفاء عن مسئلة الراء
هي رسالو مقدمة الجزريه جي را بابت بيتن جو شرح آهي هي رسالو مولف 11/9/1172 هه ۾ لکيو.
8) خلاصة البيان في عدآي القرآن
هي قرآن مجيد جي علم الفواصل (آيتن جي ڳاڻاٽي) متعلق آهي.
9) ڪشف الرمز عن وجوه الوقف علي الهمز
هي ڪتاب قرائت جي نهايت گهنجريل موضوع بابت آهي جنهن تي ماهر قاري ئي قلم کڻي سگهي ٿو.
10) رساله في تعداد وجوه القراه في لفظ (الئن) بالاستفهام
11) رسالة في وجوه القرءة الجاريه في قوله تعالى “واذا اخذنا ميثاق بني اسرائيل لا تعبدون الا الله (بقره:38)
12) رسالة في وجوه القرءة الجاريه في قوله تعالى “وان من اهل الڪتاب ان ان تامنه بقنطار يؤده اليڪ (آل عمران: 75)
13) رسالة في وجوه القرءة الجاريه في قوله تعالى “حتي اذا استانس الرسل (يوسف:110)
وفات
پاڻ سڄي ڄمار علوم نبوي جي اشاعت ۽ خدمت ۾ گذاريائين خميس ڏينهن 6 رجب المرجب 1174 هه ۾ ٺٽي ئي ۾ وفات ڪيائين.
آخر ۾ اسان حضرت شيخ الاسلام جي ستن قرائتن ۽ تجويد جي سند پيش ڪريون ٿا جيڪا سندس شاگرد شيخ الاسلام محمد مراد سيوهاڻي جي پوٽي محدث، محمد عابد سندي انصاري(وفات 1257 هه) جن پنهنجي جڳ مشهور اسانيد ۽ ثبت جي ڪتاب حصر الشارد ج 1 صفحو 100 تي آندي آهي. جيڪو سال 1424 هه ۾ پهريون ڇاپو ٻن جلدن ۾ مڪتبة الرشد رياض طرفان شايع ٿيو آهي.
للامام السندي فاقول قد منّ اللہ تعالي علي ولہ الحمد بقرات القرآن العظيم من فاتحتہ الي خاتمتہ علي قراءت: الائمه السبعه المشھورين برواتہم الاربعه عشر المحصوره من طرفہم المشھوره وہم:
ابور ويم نافع بن عبدالرحمن ابي نعيم المدني من روايتي قالون وورش عنہ وابو محمد عبداللہ بن کثير المکي من روايه البزی وقبل باسنادہما عنہ، وابو عمرو بن العلا البصري من روايه السوسي والدوري عن ابي محمد اليزيدي عنہ وابو بکر عاصم بن ابي النجود الکوفي من روايتي حفص وابي بکر بن عياش عنہ وابو الحسن علي بن حمزه الکسائي الکوفي من روايتي حفص الدوري والليثي عنہ۔
وابو عمران عبداللہ بن عامر اليحصبي الدمشقي من روايتي ابن ذکوان وھشام بسندہما العہ وابو الحسن عمارہ حمزۃ ابن حبيب الزيات من روايتي خلاد وخلف عن سليم عنہ وذلک بما تضمنتہ المنظومۃ المعروفۃ بالشاطبیۃ قرأۃ تحقيق وبيان تجويد مراراً متعددۃ علي شيخي العلامۃ الفھامۃ زينۃ دھرہ وقدوۃ عصرہ الحاوي لعلم الأديان والأبدان الجامع للفنون العقلیۃ والہنقليۃ والوضح لھا باحسن بيان عمي وصنو ابي الشيخ محمد حسين بن محمد مراد الأنصاري الخزرجي الأيوبي نسباً، السندي بلداً النقشبندي طريقۃ، والحنفي مذھباً رحمۃ اللہ تعالي وبوأہ دار کرامۃ۔
قال شيخنا: (قرأت بھا علی والدنا) شيخنا الحفظ الإمام المحقق ولي اللہ تعالي العارف الشيخ محمد مراد بن محمد يعقوب من محمود الأنصاري السندي، قال: قرأت بھا جميع القرآن العظيم من فاتحتہ إلی خاتمہ علی شيخنا الںمام الھمام مقتدی الأنام الشيخ محمد ھاشم بن عبدالغفور بن عبدالرحمٰن السندي التتوی قال: قرأت بھا علی أھل عصرہ الشيخ عبدالقادر بن أبي بکر بن عبدالقادر الصديقي نسباً، المکي بلداً والحنفي مذھباً مفتي الحنفيۃ بمکۃ الشرفۃ قال: قرأت بھا علی ولي اللہ تعالی العارف عدۃ القراء وقدوۃ الحفاظ أبي ابقا حسن بن علی العجيمي الحنفي المکي قال: قرأت بھا علی جماعۃ: أجلہم الشيخ ابو الوفا أحمد بن محمد الملقب بالعجل۔
قال: قرأت بھا علی الإمام يحيي بن مکرم الطبري المکي إمام مقام إبراہيم عليہ السلام قال: قرأت بھا علی جدي الحافظ محب الدين الإخير محمد بن محمد الطبري قال: قرأت بھا علی الشيخ العلامۃ المقري شيخ الشيوخ الحافظ الإمام شمس الدين أبي الخير محمد بن محمد بن علی الشھير بابن الجزري الشافعي قال: قرأت بھا علی عدۃ من المشايخ الٔئمۃ العلماء الأعلام من أجلہم الشيخ تقي الدين عبدالرحمٰن بن علي المبارک البغدادي الواسطي المقري الشافعي، قال: قرأت بھا علی الشيخ الںمام العالم العلامۃ أبي عبداللہ تقي الدين محمد بن أحمد بن عبد الخالق الشھير بالصائغ رحمہ اللہ تعالیٰ ، وجزاہ خيراً۔
1. حصر الشارد من أسانيد محمد عابد، طبع مکتبۃ الرشد، رياض۔
2. قرآن ڪريم جا هاشمي رڪوع سنڌي قاري ڊاڪٽر عبدالقيوم مڪة المڪرمه.

No comments:

Post a Comment