Realtime Hit Counter

Wednesday 2 March 2011

لينڊ مافيا جي سنڌ دشمنيءَ تان پردو کڻڻ جو وقت اچي ويو اسد چانڊيو


لينڊ مافيا جي سنڌ دشمنيءَ تان پردو کڻڻ جو وقت اچي ويو

اسد چانڊيو

ڪراچيءَ ۾ ڪجهه سياسي ۽ “قومي“ ٽولا توڙي سرڪاري نوڪر بڻجي عوامي خدمت ڪرڻ جو ڍونگ ڪندڙ ڪامورا ۽ سندن ميڊيائي يار، پنهنجي پنهنجي پيشي ۽ ذميوارين جي ابتڙ اصل ۾ ڪهڙين ڪِرتن ۽ ڌنڌن ۾ مصروف آهن، جتان هو ڪنهن عام انسان جي سوچي سگهڻ کان به وڌيڪ حرام جو ڌن ميڙي رهيا آهن!، سندن عوام ۽ قوم آڏو ظاهري ڳالهيون ڪهڙيون ٿيون هجن، پر اصل ۾ سندن ڪُڌيون ڪِرتون ڇا آهن؟، اهي اهڙا سوال ۽ جواب آهن، جيڪي يا ته عوام جي اکين کان لڪل رهن ٿا، يا جن کي اها خبر به آهي، سي سامهون موجود قوتن جي شيطاني ڳٺ جوڙ ۽ نانگَ بڻجي هر پاسي کان ڏنگي ڇڏڻ جي قوت کان ڊنل هئڻ ڪري، خاموش رهڻ ۾ ئي پنهنجي خيريت سمجهي، فقط يارن دوستن جي ڪچهرين ۾ ئي دل جي باهه ڪڍڻ تي مجبور آهن.

نوٽَ ڇاپڻ جي فيڪٽري لڳائڻ جهڙو ڌنڌو هٿ ۾ اچي وڃڻ ڪري، اهڙيون قوتون نه رڳو رات پيٽ ۾ ڪيترائي طبقا تبديل ڪري، نانگ جيان کَل مٽائي، عام ماڻهو ۽ ادارن مان ڦري مافيا بڻجي ويون آهن ته، ٻئي پاسي پوليس توڙي مخالف گينگ جي مار کان بچڻ لاءِ هر هنڌ جا قاتل، ڦورو ۽ ٺڳ اهڙن ٽولن جي پناهه ۾ اچي، پاڻ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ 24 ئي ڪلاڪ سندن واٺا بڻجي ڪم ڪرڻ کي پنهنجي خوشنصيبي سمجهي رهيا آهن. اهڙي مافيا به کين پناهه ڏيڻ جي قيمت کانئن پنهنجن مفادن جي تحفظ ۽ مخالفن کي ڊيڄارڻ واري ڪم طور ڀرپور انداز سان وٺي رهي آهي. ڪنهن عام ماڻهو کان وٺي پنهنجن باغي بڻيل ويجهن ماڻهن توڙي گراهڪن کي به، ڪنهن به وقت ظلم جو نشانو بڻائڻ جو ڪم انتهائي بيدرديءَ سان ورتو پيو وڃي، ڪنهن به مخالف کي خريد ڪري ڇڏڻ جي ڪوشش ناڪام ٿيڻ بعد اهڙي ڪرمنل فورس کي استعمال ڪري سندس زندگي زهر بڻائڻ کان وٺي، کانئس زندگيءَ کسي ڇڏڻ جو ڪم هاڻي معمول جي ڳالهه بڻجي چڪو آهي!. ڪنهن ۾ به همت نه آهي جو ان مافيا جي مفادن خلاف ڪجهه سوچڻ جي به ڪوشش ڪري...!!، پوءِ به جيڪو نه مڙيو، ماڻهن ان کي عبرت جو نشانُ ئي بڻجندي ڏٺو.

ڪراچيءَ تي قبضو ڪري ويٺل ٻن طاقتور ڌارين گروپن ۾ اوچتو ئي اوچتو شروع ٿي ويندڙ گهرو ويڙهه، جيڪا ڪيترائي ڏينهن ڏيڍ ڪروڙ آباديءَ واري شهر کي يرغمال بڻائي رکڻ ۽ لاتعداد ماڻهن جون زندگيون ختم ڪرڻ بعد، رحمان ملڪ جي ڪراچيءَ جي ياترائن ۽ سندن گذريل ويڙهه بعد منظوري ملڻ کان رهجي ويل مطالبا مڃڻ بعد ئي ختم ٿئي ٿي!، ان جنگ جو اصل ڪارڻ جتي لساني قوت طور پنهنجي طاقت قبول ڪرائڻ آهي، ان سان گڏ هڪ وڏو سبب ان مافيائي ڪاروبار جو تحفظ ڪرڻ به آهي، جنهن کي اسان لينڊ مافيا جي نالي سان ته سڃاڻو ٿا، پر اهڙن سمورن سياسي ڌڙن جي چهرن تي انيڪ پردا پيل هئڻ، يا ان ئي گندي ڌنڌي ۾ ملوث ٻين ماڻهن جي ”معزز پيشن“ ۽ سرڪاري ادارن سان لاڳاپيل هئڻ ڪري، سندن حق پرستي، عوام دوستي، قوم پرستي، امن جو پيروڪار هئڻ، عام ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ لاءِ ڪو به سمجهوتو نه ڪرڻ ۽”بي زبان عوام جي زبان بڻجڻ“ جهڙن دوکي بازيءَ سان ڀرپور ناٽڪن کي هڪ خاموش تماشائي جيان ڏسڻ سان گڏ، ادا ٿيندڙ هر ڊائيلاگ تي تاڙيون وڄائي، پنهنجي مٿان پاڻ ئي ٺٺولي ڪندا ٿا رهون.

ڪراچيءَ ۾ لينڊ مافيا جا مفاد ڪيڏا نه وڏا ۽ خطري جي انتها تي پهچي ويل آهن؟، ان جي هڪ معمولي جَهلڪ، ڪجهه ئي ڏينهن اڳ قبضا گيريءَ ڪري بدنام بن قاسم ٽائون جي ڪجهه باشعور ماڻهن طرفان ڪيل سروي مان سامهون آئي آهي، جنهن کي صورتحال جي نزاڪت محسوس ڪرڻ لاءِ، خطري جو احساس ڏياريندڙڪنهن چتاءَ کان گهٽ نه سمجهڻ گهرجي. اهڙي رپورٽ نه رڳو سنڌ حڪومت جي اهم وزيرن جو اصل چهرو عوام آڏو آڻي رهي آهي، پر سنڌي قوم جي عشق ۾ انڌو ٿيل هئڻ جي دعويدار ڪيترن ئي ٽولن، ڪراچيءَ تي قبضو ڪري ڇڏڻ جي خوشفهميءَ جو شڪار لساني ڌڙن، قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ قسم کڻي پاڻ کي عوامي خادم سڏائيندڙ سرڪاري ڪامورن توڙي ڪالهه تائين پنهنجي کيسي ۾ سگريٽ وٺي سگهڻ جيتري به طاقت نه هئڻ باوجود، رات پيٽ ۾ فارم هائوسز، ڊبل ڊور گاڏين ۽ روزانو پيڻ ۽ پيارڻ جي محفل مچائڻ بنا بي آرام رهندڙ صحافين جا ڪارا چهرا عوام آڏو آڻي رهي آهي.

ڪراچي جي سڄاڻ ڌرين پاران سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ڏانهن موڪليل تفصيلي شڪايت مطابق ڪراچيءَ جي 18 ٽائونن مان فقط هڪ بن قاسم ۾ جمهوري حڪومت جي گذريل ٽن سالن دوران 1526 ايڪڙ سرڪاري زمين تي قبضو ڪري، اتي 21 آباديون قائم ڪيون ويون آهن. قبضو ٿيل زمين جي ماليت مارڪيٽ ريٽ مطابق 19 ارب، 64 ڪروڙ، 40 لک رپيا آهي. قبضاگير ٽولن طرفان، پنهنجي ان ذاتي مفاد کي به قوم تي ٿورو ڪرڻ جو عمل قرار ڏيندي، قبضو ڪيل هر زمين تي شروع ڪيل رهائشي رٿا کي ”ڳوٺ“ جو نالو ڏنل آهي، ڪراچي ۾ آباد قديم ڳوٺن جا رهواسي گذريل 63 سالن دوران ڀلي پنهنجي اجهي جي مالڪيءَ لاءِ ڪا سرڪاري سندَ حاصل ڪري نه سگهيا هجن، پر اهڙي قبضو ڪيل زمين تي ٺاهيل آبادين کي ليز ڏيڻ لاءِ سرڪاري لک پڙهه آخري مرحلي ۾ آهي. اهي ادارا، جيڪي اهڙي هر قبضي کي ختم ڪرائڻ يا ٿيڻ ئي نه ڏيڻ لاءِ وجود ۾ آندل آهن، سي يا ته اهڙي مافيا جا ڪارندا بڻجي ڪم ڪري رهيا آهن يا پاڻ ئي قبضو ڪرائيندڙن مان هڪ آهن، جن ۾ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي، روينيو کاتو، سنڌ پوليس ۽ اهڙا قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ قائم ڪيل اينٽي انڪروچمينٽ فورس شامل آهي.

(1) رپورٽ مطابق بن قاسم ٽائون جي ديهه خانٽو جي تپي لانڍي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ ٿاڻي سامهون 20 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري در محمد خروس ڳوٺ جو نالو ڏنل آبادي کي ڦٻائڻ لاءِ، جتي سنڌ حڪومت جي هڪ طاقتور وزير جو هٿ آهي، اتي ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ايم ڊي کان وٺي ايس ايڇ او اينٽي انڪروچمينٽ عبدالحق ۽ پيپلزپارٽي جا ٻه اڳواڻ به ملوث آهن.

2: ٽائون ميونسپل آفيس لڳ امروٽي ڪالوني جوڙڻ لاءِ ساڳي ئي ديهه ۽ تپي جي 12 ايڪڙ زمين تي قبضي جي ڪم ۾ به مٿي ڄاڻايل وزير ۽ ڪجهه ٻين پ پ اڳواڻن سان گڏ ايم ڪيو ايم جو هڪ اڳواڻ ۽ ايس پي سنڌ پوليس غلام صبحاني کونهارو به شامل آهي.

3: ساڳي ئي ديهه ۽ تپي ۾ حسن پنهور ڳوٺ جو نالو ڏئي نيشنل هاءِ وي تي گل احمد ٽيڪسٽائل مل سامهون 10 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪندڙن جي سرپرستي سنڌ جي هڪ ٻئي طاقتور وزير ڪئي، جتي مُهري طورڪردار ادا ڪندڙ نه رڳو قوم پرستيءَ جو چوغو پائي ويٺل جوڌو بڻيو پر ملير جو پاڻمرادو ئي سينئر صحافي بڻجي ويل به ان ڪمائي ۾ برابر جو حصيدار رهيو، جڏهن ته پيپلزپارٽي جا ٻه اڳواڻ به ان قبضي ۾ سرگرم ڪردار رهيا.

4: يار محمد/ منهال ٽائون جي نالي ۾ ديهه ۽ تپي جوريجي جي نيشنل هاءِ وي تي گهگهر ڦاٽڪ لڳ 60 ايڪڙ زمين تي قبضو ڄمايو ويو آهي. مٿي ڄاڻايل ٽن قبضن، جن ۾ وزير، سياسي اڳواڻ، قوم پرست ۽ صحافي ملوث آهن، هي پنهنجي نوعيت جو اهڙو وڏو قبضو آهي، جيڪو پروفيشنل لينڊ مافيا جي ڪردارن ۽ مجموعي طور بن قاسم ٽائون ۾ ٿيل وڏن 21 مان 11 قبضن ۾ شامل رهندڙ روينيو عملدارن جي مدد سان ٿيو آهي.

5: نيشنل هاءِ وي تي ديهه ۽ تپي جوريجي ۾ 300 ايڪڙ زمين ڦٻائي صيفل بلوچ ڳوٺ جوڙڻ پٺيان به هڪ طاقتور وزير، سندس هڪ انتهائي ويجهي سمجهي ويندڙ ڊاڪٽر دوست، ساڳين ئي روينيو آفيسرن، پ پ ۽ طاقتور شهري اڳواڻن سان گڏ اسٽيل مل جي هڪ ملازم جو به هٿ آهي.

6: الو جوکيو ڳوٺ جي نالي ۾ ساڳي ئي ديهه ۽ تپي ۾ نيشنل هاءِ وي تي گهگهر ڦاٽڪ ڀرسان سبزي منڊي لڳ 50 ايڪڙ زمين ڦٻائي وئي، روينيو کاتي جي ڊي ڊي او سان گڏ اي ڊي او روينيو به ان قبضي ۾ ٻانهن ٻيلي رهيو، جڏهن ته ڪراچي واٽر ۽ سيوريج بورڊ جي هڪ آفيسر سميت ق ليگ جا ٻه اڳواڻ ۽ لينڊ مافيا جا ڪارندا سندن ساٿاري رهيا.

7: ساڳي ئي ديهه ۽ تپي جي ساڳي ئي علائقي ۾ نيشنل هاءِ وي لڳ 80 ايڪڙ زمين تي قبضي لاءِ هن ڀيري شهري سياسي ڳٺ جوڙ ڏٺو ويو!. ان قبضي کي عمر جوکيي ڳوٺ جو نالو ڏنو ويو. ساڳيا ئي روينيو ۽ واٽر بورڊ جا آفيسر، اينٽي انڪروچمينٽ فورس ۽ هڪ اڳوڻو ڪائونسلر به سندن ساٿاري رهيو.

8: ساڳي ئي علائقي ۾ 50 ايڪڙ زمين قبضي هيٺ آڻي ان کي ڀنڀو ڳوراهو ڳوٺ قرار ڏيارڻ جو ڪارنامو روينيو کاتي جي ساڳين ڪردارن لينڊ مافيا جي مدد سان ڪيو.

9: ساڳي ئي ديهه ۽ تپي ۾ نيشنل هاءِ وي تي 18 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري عباس محلو جوڙڻ جو ڪارنامو ڪرڻ لاءِ، پنهنجي ڌنڌي ۾ مهارت حاصل ڪري ويل ڊي ڊي او غلام حيدر چانڊيي هن ڀيري پنهنجو ٻانهن ٻيلي مليرجي هڪ صحافي کي بڻايو، جڏهن ته لينڊ مافيا جا ڪردار اڳ جيان سندن ساٿاري رهيا.

10: اسٽيل ٽائون لڳ 200 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ان کي ميان خان جوکيي ڳوٺ جو نالو ڏيندڙن ۾ هن ڀيري پيپلزپارٽي جي هڪ اڳوڻي ايم پي اي ۽ حڪمران خاندان جي انتهائي ويجهي عزيز سان ڏوهن جي دنيا جو بي تاج بادشاهه بڻيل ڪردار ٻانهن ٻيلي بڻيو، ان قبضي جي هڪ خوبي، ان ۾ لينڊ مافيا جو ڪردار ادا ڪندڙ هڪ عورت جو به ملوث هئڻ آهي. روينيو آفيسر پنهنجو حصو وٺڻ لاءِ هميشه جيان موجود آهن.

11: ذوالفقار آباد آئل ٽرمينل پويان قبضو ڪيل 80 ايڪڙ زمين کي فوٽو ڳوٺ بڻائڻ جو ڪم سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ لساني تنظيمن ڀائپي کي مضبوط بڻائيندي گڏجي ڪري ڏيکاريو. اينٽي انڪروچمينٽ فورس ۽ روينيو کاتو ساڻن گڏ ئي بيٺل رهيو.

12: جوريجي ديهه ۾ اسٽيل مل پويان 30 ايڪڙ زمين کي گهرام بگٽي ڳوٺ بڻائڻ جو ڪارنامو اهڙو آهي، جنهن کي ”مظلوم عوام جو آواز“ صحافين هڪ قوم پرست اڳواڻ کي ساٿاري بڻائي، ڪري ڏيکاريو.

13: ذوالفقار آباد آئل ٽرمينل پٺيان ئي 150 ايڪڙ زمين کي بازار ڳوٺ بڻائڻ جو ڪم واٽر ۽ سيوريج بورڊ جي آفيسر عيسيٰ جوکيي لينڊ مافيا جي ُمهرن ذريعي ڪري ڏيکاريو.

14: نيشنل هاءِ وي تي پي ايس او پيٽرول پمپ گلشن حديد لڳ 18 ايڪڙ زمين کي بشير ڳوٺ بڻائڻ لاءِ ساڳئي گروهه جي مدد ورتي. لينڊ مافيا جا ڪردارَ يقينن ساڻن گڏ هئا.

15: نيشنل هاءِ وي لڳ ئي اسٽيل مل پويان پپري ڳوٺ ٻڌائڻ جو ڪارنامو پورٽ قاسم جي ملازم ۽ هڪ قوم پرست اڳواڻ لينڊ مافيا ۽ قوم پرستيءَ جي ميدان ۾ آيل هڪ ننڍي ڪردار کي ملائي ڪري ڏيکاريو .

16: مهراڻ هاءِ وي تي امير بخش مري ڳوٺ لڳ 16 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري، هڪ سنڌي ڳوٺ جي نالي ۾ ڌارين جي وسندي قائم ڪرڻ جو ڪم هڪ سياسي جماعت جي ٽن اڳواڻن ڊي ڊي او روينيو چانڊيي صاحب سان گڏجي ڪري ڏيکاريو.

17: ديهه ڪوٽيئڙو ۾ هڪ سئو ايڪڙن تي جمشيد ٽائون جوڙڻ جو ڪريڊٽ يوسي2 گڏاپ جي اڳوڻي نائب ناظم لينڊ مافيا ۽ ساڳي ئي روينيو آفيسر سان ملي ڪيو.

18: ڌاٻيجي ديهه ۾ سنڌي ثقافت جي ڪردار سسئي جي نالي کي بدنام ڪرڻ لاءِ 12 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ جو ڪم هڪ پرائمري ماستر محمد عارف ڪيو.

19: پاڪ لينڊ فيڪٽري لڳ 60 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري اڪبر ڳوٺ جوڙي ڏيکارڻ پٺيان لينڊ مافيا، پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ ڊي ڊي او روينيو جو ڪردار رهيو.

20: پاڪ لينڊ سيمنيٽ فيڪٽريءَ لڳ ئي 40 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري امين بلوچ ڳوٺ جوڙيندڙ ساڳي ئي لينڊ مافيا ۽ روينيو آفيسر رهيا.

21: ان علائقي ۾ سڀ کان وڏو قبضو اٽڪل ٻن هزار ايڪڙن تي ٿيل آهي، اهڙو عمل هڪ ”قومي ڪم“ طور ڪري ڏيکاريل آهي. اطلاع مطابق ملير کان وٺي ڪراچيءَ ۾ ميڊيا جي هيڊ آفيسن ۾ ويٺل اڪثر صحافين کي اتي پلاٽ ضرور مليل آهن. ان قبضي جو ذڪر ڪرڻ سبب، جيڪڏهن ٻه مهينا اڳ جيان هاڻي به ڪي ڌريون مون کي ”سنڌ دشمن ۽ قوم دشمن“ ثابت ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي وڃن ته، منهنجن پڙهندڙن کي ان تي پريشان نه ٿيڻ گهرجي.

قبضاگيري جي مٿين ڪهاڻي پنهنجي اندر موجود ڪيترين ئي سچائين ۽ سنڌ دوست سڏائيندڙن جي چهرن تي پيل نقابَ لاهي رهي آهي. هن رپورٽ تي ٿورو به غور ڪرڻ سان جيڪا ڳالهه صفا چٽي نظر اچي ٿي، سان هيءَ آهي ته، سرڪاري زمين قبضي هيٺ آڻي، پلاٽ بڻائي وڪرو ڪرڻ ۽ اربين رپيا ڪمائڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ ڪو به لساني، قومي ۽ طبقاتي تضاد موجود نه آهي. وفاق پرست جماعتون، حق پرست جماعتون، قوم پرست جماعتون ۽ باچا خان جي امن واري ڏيکاريل دڳ تي هلڻ جي دعويدار جماعت، لينڊ مافيا جا ڪردار، اهڙن ڪمن کي روڪڻ لاءِ جوڙيل سرڪاري ادارا ۽ اهڙين سازشن کي وائکو ڪرڻ جي پاڻمرادو ذميواري کڻي، قلم ذريعي جهاد ڪرڻ جا دعويدار صحافي، سڀ جو سڀ پاڻ ۾ هڪ آهن، هڪ ئي ماءُ جا کير پيتل ڀائر آهن، سندن ايڪو ڏسڻ وٽان آهي، سڀ گڏجي سڏجي، هڪ ٻئي جي مفادن جو تحفظ ڪري رهيا آهن. سندن وچ ۾ اها دوري ڳولڻ سان به نظر نٿي اچي. جيڪا هڪ وزير طرفان قوم پرستن کي ڀتاخور چوندي ڏٺي ويندي آهي، قوم پرستن طرفان جواب ۾وري حڪمران پارٽيءَ کي سنڌ جي عوام سان دوکو ڪندڙ ۽ ڪرسي بچائڻ لاءِ سنڌ وڪرو ڪري ڇڏڻ جا الزام هڻڻ جي صورت ۾ سامهون ايندي آهي!. جيڪي ڌريون ڌارين ٽولن جي سنڌ دشمنيءَ جا قصا کڻي، قوم کي متحد ٿيڻ جا مشورا ڏئي رهيون آهن، اهي اندران ئي اندران اهڙن ڌارين سان ملي، سرڪاري زمينن تي قبضا ڪري کين به پنهنجو حصو پهچائي رهيون آهن ته پاڻ به ”رزق حلال“ ڪمائي رهيون آهن

2: اهو سڄو گندو ڌنڌو ”سنڌي ڳوٺن“ جي نالي ۾ ٿي ته رهيو آهي پر قبضن ذريعي ٻڌل اهڙن ”قديم ڳوٺن“ ۾ رهندڙن جي اڪثريت جي سنڌي هئڻ جو تصور ڪرڻ به محال آهي. قبضو ٿيل زمين تمام گهڻي قيمتي هئڻ ڪري، غريب سنڌين لاءِ اها خريد ڪرڻ فقط هڪ خواب ئي ٿي سگهي ٿو. جنهن ڪري ان ڌنڌي ۾ ملوث ڌريون، بنا ڪنهن زبان ۽ نسل جي فرق جي، قيمت ادا ڪري سگهندڙ هر ماڻهوءَ کي جلد کان جلد زمين وڪرو ڪري، وري ڪو ٻيو قديم ڳوٺ ٻَڌڻ جو موقعو حاصل ڪرڻ چاهين ٿيون. نتيجو..!!؟؟، ڪراچيءَ ۾ هڪ طرف جڏهن ڌاريا ٽولا روزانو هزارن جي تعداد ۾ پنهنجي اثر ۽ اڪثريت وارن علائقن ۾ پنهنجي نسل جي ماڻهن کي آباد ڪري رهيا آهن، اُتي اسان پاڻ به پنهنجا علائقا ڌارين جي آبادڪاريءَ لاءِ استعمال ڪرڻ جو قومي ڏوهه ڪري رهيا آهيون!. ڪجهه ئي مهينا اڳ نئون نسريل قوم پرست، جيڪو اڪثر پيپلزپارٽي جون ونگارون وهڻ جو ڪم ڪندي ڏٺو ويندو آهي، ان جي قبضي هيٺ آيل زمين جي آسپاس رهندڙ سنڌين کي احتجاجي مهم هلائي، اها ڳالهه ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پيو ته: ”قومي اڳواڻ پئسا ڪمائڻ جي ايتري ته هٻڇ ۾ اچي ويو آهي، جو نه رڳو هو قبضو ڪيل زمين ڌارين کي وڪرو ڪري رهيو آهي، پر آسپاس جي سنڌي ڳوٺن جي زمين کي به پنهنجي قبضي هيٺ آڻي، اتي به ڌاريا آباد ڪرڻ جو ڪم ڪري رهيو آهي. جنهن ڪري اهي (سنڌي) پنهنجن علائقن ۾ به اقليت۾تبديل ٿي رهيا آهن“

.3: اهو سڄو گندو ڌنڌو ”سنڌي ڳوٺن“ جي نالي ۾ ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري سڄي ڪراچيءَ ۾ عوامي توڙي سرڪاري سطح تي اهو ئي تاثر قائم ٿي رهيو آهي ته، ”ڳوٺ معنيٰ قبضو”. جيڪڏهن سڀاڻي وجود ۾ ايندڙ حڪومت يا شهري انتظاميا قبضاگيرن جو ساٿاري بڻجڻ بجاءِ، انهن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته، ان باهه ۾ ڪيترا حقيقي ڳوٺ سڙي ويندا؟، ان جو فقط هن وقت تصور ئي ڪري سگهجي ٿو.

4: سنڌ ۽ سنڌي ڳوٺن جو نالو پنهنجي دائمي قبضي ۽ بقا لاءِ استعمال ڪندڙ ڪيتريون ئي ڌريون اهڙيون آهن، جيڪي ٻوڏ ڪري بي گهر ٿي ڪراچي پهتل سنڌين مان ڪجهه ڊزن خاندانن کي به پنهنجا قبضي وارا پلاٽ ڏيڻ پسند ڪرڻ بجاءِ، انهن کي پنهنجي ورهائجي نه سگهندڙ جاگير سمجهي، اهڙو ڪم ڪرڻ لاءِ فقط حڪومت کان مطالبا ڪنديون رهيون ۽ پاڻ ان ئي عرصي ۾ قبضو ڪيل سوين ايڪڙن تي ڌارين کي آباد ڪرڻ جو گناهه ڪرڻ ۾ مصروف رهيون!، سڀاڻي اهڙين ڌرين کي پنهنجو قبضو بچائڻ لاءِ سنڌ، سنڌين ۽ قديم ڳوٺن جو نالو استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏجي يا نه؟، قوم کي ان پاسي به هڪ طرف ٿيڻ گهرجي.

ڪراچيءَ ۾ قبضاگيري ۽ مختلف نالن ۾ ٿيندڙ سياست، اصل ۾ هڪ ئي شيءِ جا ٻه مختلف روپ آهن. مٿين ڪهاڻي ته فقط هڪ ٽائون جي هئي، جنهن جو وڏو حصو ٻهراڙي واري علائقي تي ئي ٻڌل آهي. پر ڪراچيءَ جي بي تاج بادشاهه بڻيل تنظيم ته وچ شهر ۾ ڪنهن پارڪ،خالي پيل سرڪاري عمارت يا ٻئي ڪنهن به زمين کي پنهنجي قبضي هيٺ آڻڻ کان پاسو ناهي ڪيو. ان ڳالهه کي ڪي سالَ نه ٿيا آهن جو گٽر باغيچي جي ساڍا چار سئو ايڪڙ زمين تي لساني تنظيم جو قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ هلايل ٽرانس لياري گٽربچايو تحريڪ جي سرواڻي ڪندڙ نثار بلوچ کي ڏينهن ڏٺي ان وقت قتل ڪيو ويو، جڏهن هو ڪجهه ئي ڏينهن اڳ عوامي تحريڪ جي ڀٽ شاهه ڪانفرنس ۾ سنڌين سان هيڪڙائي جو اظهار ڪرڻ ۽ قومي گيت ٻڌي پرجوش ٿيڻ بعد ڪراچي پهتو هو. نثار بلوچ جي قتل بعد سندس جاءِ سنڀالي قبضا مافيا کي للڪارڻ جو ڪم ڪندڙ نادر بلوچ کي به نثار بلوچ جي چاليهي واري تقريب جي ٻئي ڏينهن ئي قتل ڪيو ويو. ٻئي پاسي گذريل ٻن سالن دوران 30 کن سنڌي نوجوان فقط زمينن جي قبضن تان ٿيل تڪرارن جو کاڄ بڻجي، گولين سان پروڻ ٿيڻ بعد ”قومي هيري“ جو خطاب حاصل ڪري چڪا آهن!. سندن موت هن وقت تائين آيو_ويو ٿي چڪو آهي!، جان وڃائيندڙ نوجوان جي وارثن کي فقط پنهنجن نوجوانن جا لاش ئي مليا، کين ماريندڙ ڪنهن به دشمن جو تعين نه ٿي سگهيو!، ڇو ته سمورا قبضاگير ڄاڻن ٿا ته، اهڙو معاملو کڻڻ ڪري ٻيون ڪيتريون ئي ڳالهيون سامهون اچي وڃڻ سان گڏ ڌنڌو به خراب ٿي ويندو.

اهڙا خوف ۽ خطرا پوري قوت سان موجود هئڻ باوجود، ڌنڌوڙين جي چهرن تي پيل نقاب هٽائڻ ۽ پنهنجن علائقن کي ڌارين کي وڪرو ڪري ڏيڻ کان روڪڻ لاءِ بن قاسم ٽائون جن به ساڃاهه وندن اهڙو ڪم ڪيو آهي، اهي مبارڪن جا مستحق آهن. هر حقيقي سنڌ دوست کي ساڻن ساٿ ڏيڻ گهرجي. سندن حوصلي افزائي لاءِ، جيترو به ڪري سگهجي ٿو، اهو ضرور ڪرڻ گهرجي. انهن سڄڻن نه رڳو پنهنجي علائقي ۾ ٿيندڙ ان مافيا گرديءَ جا انگ اکر گڏ ڪيا آهن، پر اهي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، صدر، سنڌ جي وڏي وزير ۽ ڪورڪمانڊرڪراچيءَ کي به دستاويزي ثبوتن سميت موڪلي ڏنا آهن. بَديءَ جي مقابلي ۾ سچ جي طاقت هر دور ۾ ڪمزور رهي آهي!، ”سچ ته بيٺو نچ“ واري چوڻي جي بلڪل ابتڙ، سچ اڪثر عذابن هيٺ ۽ ڪُوڙ انيڪ مزا ماڻيندڙ رهيو آهي، پر ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته هاڻي سڄي دنيا سچ جو پاسو ڇڏي، ڪوڙ جي ڪڍ ڪاهي پئي!، ڪن به اڻٽر سببن ڪري جيڪڏهن ڪوڙ جي پاسي ٿي وڃڻ. مجبوري بڻائي ٿي وڃي ته پوءِ، ايئن ڪرڻ کان اڳ هڪ ٻيو ڪم ڪرڻ به نه وساريو وڃي، اسان کي انسان ذات جي عظيم ڪردار حضرت عيسيٰ کي پنهنجو پيغمبر سمجهڻ بجاءِ، کيس صليب تي ٽنگيندڙ سان ۽ ڪربلا ۾ قربانيءَ جي لازوال تاريخ جوڙيندڙ امام حسين عه ۽ سندس ڪٽنب جي معصوم ٻارن، عورتن ۽ وفادار ساٿين بجاءِ، يزيد ۽ ان جي ٽولي سان پنهنجو نسلي، ذهني ۽ روحاني ڳانڍاپو جوڙي ڇڏڻ جو به اعلان ڪرڻ گهرجي......!!، فيصلو اسان جي پنهنجي هٿ ۾ آهي، بعد ۾ طئه ٿيڻو فقط اهو هوندو ته، حسين ۽ يزيد مان اسان ڪنهن جي ڀَر بيٺل آهيون !!؟؟

asadchandio71@yahoo.com

1 comment: