Realtime Hit Counter

Thursday 14 April 2011

سڄي دنيا کي: هڪ قانون ۾ جمع ڪرڻ جو حق ڪنهن کي آهي؟ تعليمات امام انقلاب عبيد الله سنڌي جي روشني ، جوکيو شفيق احمد


سڄي دنيا کي: هڪ قانون ۾ جمع ڪرڻ جو حق ڪنهن کي آهي؟ تعليمات امام انقلاب عبيد الله سنڌي جي روشني ، جوکيو شفيق احمد

وَإِذْ قُلْتُمْ يَا مُوسَىٰ لَن نَّصْبِرَ عَلَىٰ طَعَامٍ وَاحِدٍ فَادْعُ لَنَا رَبَّكَ يُخْرِجْ لَنَا مِمَّا تُنبِتُ الْأَرْضُ مِن بَقْلِهَا وَقِثَّائِهَا وَفُومِهَا وَعَدَسِهَا وَبَصَلِهَا ۖ قَالَ أَتَسْتَبْدِلُونَ الَّذِي هُوَ أَدْنَىٰ بِالَّذِي هُوَ خَيْرٌ ۚ اهْبِطُوا مِصْرًا فَإِنَّ لَكُم مَّا سَأَلْتُمْ ۗ وَضُرِبَتْ عَلَيْهِمُ الذِّلَّةُ وَالْمَسْكَنَةُ وَبَاءُوا بِغَضَبٍ مِّنَ اللَّـهِ ۗ ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ كَانُوا يَكْفُرُونَ بِآيَاتِ اللَّـهِ وَيَقْتُلُونَ النَّبِيِّينَ بِغَيْرِ الْحَقِّ ۗ ذَٰلِكَ بِمَا عَصَوا وَّكَانُوا يَعْتَدُونَ ﴿٦١﴾سُورَة اَلبَقرَه

http://tanzil.net/#2:61

۽ جڏھن چيوَ ته اي موسىٰ ھڪ طعام تي ڪڏھن به صبر نه ڪنداسون تنھنڪري پنھنجي پالڻھار کان اسان لاءِ (دُعا) گھر ته زمين جيڪو پنھنجو ساڳ ۽ پنھنجا بادرنگ ۽ پنھنجي ڪڻڪ ۽ پنھنجي مُھري ۽ پنھنجا بصر ڄمائيندي آھي سي اسان لاءِ پيدا ڪري، چيائين ته جيڪي چڱيون آھن سي سا دين سان ڇو ٿا مٽايو ؟ (جي نٿا رھو ته) ڪنھن شھر ۾ لھي وڃو ۽ پوءِ جيڪي گھرو ٿا سو سڀ اوھان لاءِ (اُتي موجود) آھي، خواري ۽ محتاجي مٿن ھنئي وئي ۽ الله جي ڏمر ھيٺ وريا، ھِيءُ ھن ڪري آھي جو اُنھن الله جي حڪمن کي نه ٿي مڃيو ۽ پيغمبرن کي ناحق ٿي ڪُٺائون، اھو ڪم بي فرمانيءَ سببان ٿي ڪيائون ۽ حد کان لنگھندڙ ھوا. (٦١) ترجمه سنڌيءَ ۾

سيدنا شيخ القران و شيخ السنڌ و الهند

مولانا تاج محمود امروٽي نور الله مرقده

http://tanzil.net/#trans/sd.amroti/2:61

And when ye said: O Moses! We are weary of one kind of food; so call upon thy Lord for us that He bring forth for us of that which the earth groweth - of its herbs and its cucumbers and its corn and its lentils and its onions. He said: Would ye exchange that which is higher for that which is lower? Go down to settled country, thus ye shall get that which ye demand. And humiliation and wretchedness were stamped upon them and they were visited with wrath from Allah. That was because they disbelieved in Allah's revelations and slew the prophets wrongfully. That was for their disobedience and transgression. (61) Translation

by Allama Muahmmad Marma Duke Pichkthall

http://tanzil.net/#trans/en.pickthall/2:61

حضرت موسيٰ عليه السلام کي ڪم از ڪم هن جي موڪل هئي ته جيڪڏهن سڄي دنيا کي هڪ قانون ۾ جمع ڪري ته سگهي ڪري، هن ڪري ته هي مقصد ابراهيم عليه السلام جو هو، پوءِ ان جي اولاد ۾ اولوا العزم سڀ ان درجي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، حضرت موسيٰ به او العزم آهي ته انجو مقصد به هي هوندو ته حضرت ابراهيم عليه السلام جو مقصد پورو ڪري، پر انکي اعليٰ جماعت نه ملي سگهي ته ابراهيمي مقصد هلائڻ لاءِ قابليت پيدا نه ڪري سگهي، ته هاڻ موجوده بني اسرائيل ڪيئن دعويٰ ڪندا ته قرآن نازل ٿئي ۽ اسين ڪافي آهيون.

پهرين جماعت ۾ عصيان عدوان جو مرض جو هو،جو مختلف دورن ۾ ظاهر پئي ٿيو، اهو مرض وڌي بني اسرائيل جي عزت سلب ڪرڻ سبب ٿيو.

ضُربَتِ عَلَيهِمِ الذِلَة: 61 آيت، هاڻ آيت کي پوئتان سمجهڻ گهرجي، اول انهن ۽ ۾ عصيان عدوان هو، پوءِ عصيان ۽ عدوان تي جڏهن اصرار ڪيائون ته انجي نتيجي طور تي هي ٿيو ته؛ کانوا يقتلون بغير الحق، پوءِ ان عادت تي به جڏهن دوام ڪيائون ته هن جي نتيجي طور تي هي لازم ٿيو جو؛ ضربت عليهم الذلة، سلطنت کسجي وئي دولت کان مراد سير چشمي آهي يعني اک ڀريل آهي ( والمسڪنة ) يعني پنهنجي غلطي جو انهن ۾ احساس گم ٿي ويو.

هاڻ پنهنجي خطاءِ کان توبهَ ڪن يا رجوع سو انهن ۾ نه رهيو ته غضب الاهي جا مستحق ٿي ويا. هاڻ هتي پهرين آخري نتيجو چيو ويو آهي ته؛ صربت عليهم الذلة اللتي وباؤ، اها حالت قرآن جي نازل ٿيڻ جي زماني ۾ آهي. اها حالت ڇالاء پيدا ٿي آهي. هن کان اڳ هي جرم ڪري چڪا آهن،

ذالڪ باَنهم کانوا يڪفرون باٰ ياتِ الله ويقتلون النبين بغير الحق:

هي حالت انهن ۾ اڳين زماني ۾ ڇا لاء پيدا ٿي هئي ۽ هي انهن جو وسطي زمانو هو هن ڪري ته هنن اول زماني ۾ عصيان ۽ عدوان هو ۽ وسطي زماني ۾ ڪفر باٰيات الله ۽ قتل انبياء الله شروع ڪري ڏنائون ۽ موجوده زماني ۾: (ضربت عليهم الذلة والمسڪنة وباؤ بغضب من الله) جا مستحق ٿيا ۽ رجوع الي الله جو بلڪل خيال ڇڏي ڏنائون، هن طرح سان هنن جي قومي تاريخ شروع کان آخر تائين 61 آيت تي پوري ٿي. ڇا هي جماعت دعويٰ ڪري سگهي ٿي ته قرآن نازل ٿيڻ جي ضرورت نه آهي ؟ هن بيان جو هي مطلب نه آهي ته انهن مان چڱا افراد بلڪل گم ٿي ويا آهن بلڪ هي بيان جماعتي حيثيت سان آهي انهن ۾ افراد چڱا هر زماني ۾ ملن ٿا پر انهن چڱن افرادن سان هو پنهنجي قومي فوقيت ثابت ڪن: سو صحيح نا آهي، افراد جنهن به قوم ۽ مذهب جا چڱا هوندا انهن سڀني جو الله وٽ هڪ حڪم آهي، هاڻ ڪجهه افراد يهودين مان جيڪڏهن چڱا آهن ته: انهن کي کڻي خلافت ڏجي, هن ڪري ته اهي بني اسرائيل آهن؟

حالانڪه اهڙا چڱا افراد بني اسماعيل ۽ نصاري ۽ صابيين ۾ به آهن ، پوء انهن کي مؤخر ڪري ڇڏجي؟ هن ڪري ته اهي بني اسرائيل نه آهن ته هي دين الاهي ۾ غلط ڳالهه آهي. جيڪڏهن ڪي ماڻهو جماعتي حيثيت سان ثابت ٿيندا ۽ دين ترقي ڪندا ته انهن کي مقدم رکڻ صحيح آهي ، پوءِ اگرچه ائين چئجي ته فلاڻي قوم يا فلاڻي نسل ترقي ڪري ويئي پر هڪ جماعت دين ۾ ترقي حاصل ڪري بلڪ فقط نسلي حيثيت سان الله وٽ درجو مقدم رکي سو غلط آهي.

حضرت آدم جي اولاد ۾ سڀ قومون برابر آهن يهودين کي دعويٰ آهي ته اسين ڪتاب الاهي جا حامل ٿيون پر هن حيثيت مان نه ته اسان جي جماعت چڱي آهي بلڪه هن لاء ته اسين بني اسرائيل آهيون، ته هن دعويٰ تي رد نمبر 62 ۾ آهي

إِنَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَالَّذِينَ هَادُوا وَالنَّصَارَىٰ وَالصَّابِئِينَ مَنْ آمَنَ بِاللَّـهِ وَالْيَوْمِ الْآخِرِ وَعَمِلَ صَالِحًا فَلَهُمْ أَجْرُهُمْ عِندَ رَبِّهِمْ وَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُونَ ﴿٦٢﴾ سورة البقره

http://tanzil.net/#2:62

مؤمنن ۽ يھودين ۽ نصارن ۽ صابين منجھان جن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن اجر آھي، ۽ کين نڪي ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا. (٦٢) ترجمه سنڌيءَ ۾

سيدنا شيخ القران و شيخ السنڌ و الهند

مولانا تاج محمود امروٽي نور الله مرقد

http://tanzil.net/#trans/sd.amroti/2:62

Lo! Those who believe (in that which is revealed unto thee, Muhammad), and those who are Jews, and Christians, and Sabaeans - whoever believeth in Allah and the Last Day and doeth right - surely their reward is with their Lord, and there shall no fear come upon them neither shall they grieve. (62)

Translation by Allama Muahmmad Marma Duke Pichkthall

http://tanzil.net/#trans/en.pickthall/2:62

ان الذين آمنو کان مراد قرآن جا مؤمن آهن يعني مهاجرين. والذين هادوا يعني يهود والنصاري

يعني حضرت عيسيٰ طرف منسوب قوم. والصابئين صابئين جي تفسير ۾ گهڻو ڪري اهل عصر ۽ فقهاء غلطي ڪري چڪا آهن. هتي فقط وسيع النظر مؤرخ جو ڪم آهي، حضرت ابراهيم کان اول جي به قومون متدين هيون، حضرت نوح جي طريقي تي يا حضرت آدم ۽ حضرت ادريس جي طريقي تي ۽ حضرت آدم کان پوءِ جي به ان طريقي انبياء ، ابراهيم عليه السلام تائين مبعوث ٿيا، انهن جي طريقي تي ته اهي سڀ متدين طريقي تي صابئين ۾ داخل آهن. انهن جا بقايا ٽن قومن ۾ ممتاز آهن هندوستان ۾ برمو يعني برهمنيه ، چين ۾ سمنيه يعني ٻڌهسٽ.(بده) ٻڌهه قوم به هندوستان مان پيدا ٿي آهي ۽ ايران ۾ مجوس، هن کان اول رومي يوناني بابلي قومون سڀ صابي هيون مگر نصراني دين جي شيوع ۾ اهي قومون نصاري ٿي ويون ته انهن جي هستي علحده (الڳ) قائم نه رهي آهي. ته انهن سڀني قومن لاء قرآن ۾ هي شرط آهي تهجي انهن مان

'' من آمن بالله واليوم الآخرِ وعَمِلَ صَالِحاً فلهم اجرُهُم عِندَ رَبِّهِم ولا خَوفُ عليهم ولاهم يحزنون''

اهي سڀ هڪ درجي تي آهن. قريش جي جنهن به قوم مان خلافت نڪري وئي، انهن ساڳي يهودين جي پنهنجي نسل تفوق(فوقيت ) جي عادت رهي آهي.

حضرت علي جي اولاد ساري عالم ۾ خاص شرف جي مدعي آهي اگرچه انهن ۾ هڪ خوبي به نه هجي انهن جا اتباع، شيعه مذهبي طور تي موجود آهن، اهي ٽي فرقه آهن؛ اثنا عشريه ۽ اسماعيليه ۽ زيديه، ته هي عام سُنِّي به پيا مڃيندا. انهن کان ٻئي درجه ۾ عباسي ۽ اموي به عربي تفوق جا مدعي آهن ۽ اهلسنت جا گهڻا فرقا هن جي تائيد ڪن ٿا، انهن ته خلافت فقط قريش جو حق آهي، ان ڪري هو به پنهنجو نسلي امتياز قائم رکن ٿا، انهن جي حڪومت جي دؤر ۾ هي قائدا مقرر ٿي چڪا آهن ته؛ هڪ عجم، عرب جو ڪفوا نه آهي ۽ اهڙي طرح علوي ۽ حسني حسيني جو فضل تسليم ڪجي ٿو، هي بدعت( شروعات نئين ڳالهه) ساڳي يهود يعني (يهودين ) کان آيل آهي ۽ اسلام جو هن سان ڪوبه تعلق نه آهي، پوءِ ان بدعت جي رسوخ جو نتيجو هي آهي ته مسلمان، يهود نصاريٰ کي ته اهل ڪتاب مڃين ٿا پر ڪنهن به صابي کي اهل ڪتاب جو درجو نه ٿا ڏين. پوءِ قرآن ۾ صابئين جو ذڪر آهي ته ان کان جان ڇڏائڻ لاءِ چون ٿا ته هاڻ صابي نه رهيا آهن، فقط بغداد جي ڀرسان ڪجهه گهر هوا، انهن جو ذڪر فقط قرآن ۾ آهي، ابن اثير جي تاريخ ۾ آهي ته يهود نصاريٰ ٿيڻ کان اول ۽ ٻيون قومون حتآنڪه قريش، سڀ صابي هوا. پهرين هو اسماعيلي طريقي تي هوا. پوءِ جڏهن انهن م تحريف اچي ويئي ته صابي ٿي ويا، هي ياد رهي ته عرب رسول الله صلي الله عليه وسلم کي صابي چوندا هوا.

حاصل مطلب اهل عصر ۽ فقهاءِ جي هن تخيل کي قرآن عظيم جي عالمگير حڪومت قائم ڪرڻ کان متآخر ڪري ڇڏيو آهي. اسلام جي اشاعت اطراف عالم ۾ انهن صوفيه سان ٿي آهي جي ان امتياز جا قائل نه هوا.

سڄي دنيا کي: هڪ قانون ۾ جمع ڪرڻ جو حق ڪنهن کي آهي؟ تعليمات امام انقلاب عبيد الله سنڌي جي روشني ، جوکيو شفيق احمد

اسان جي شروع کان حجة الله (امام شاهه ولي الله محدث دهلوي جي ڪتاب جو نالو جيڪو عمرانيات سوشيالاجي ۽ فلاسفاي تي لکيل آهي ) جي سمجهڻ جي زماني کان وٺي ، هي راء مستحڪم هئي ته برهمڻي مذهب هندن جو اهل ڪتاب آهي. پوءِ اسان محقق عالمن مسلمانن مان ڪافي ڏٺا، جي انجي تصريح ڪندا آهن، جلال الدين دواني رح مجوس کي اهل ڪتاب مڃي ٿو ۽ شاهه عبد العزيز ۽ مرزا مظهر جان جانان، صراحتاَ هندن کي اهل ڪتاب مان مڃين ٿا، اسان تابعين ۾ تحقيق ڪئي آهي، جي مجوس کي اهل ڪتاب تسليم ڪن ٿا ۽ انهن جي تفقه جو بنياد هي ڳالهه ٿي آهي رسول الله صلي الله عليه وسلم انهن کان جزيه ورتو آهي ۽ هندوستان ۾ به هندن کان جزيه ورتو ورتو آيو آهي، هي سمجهدار عالمن جي تحقيق جو نتيجو آهي جو انهن کي اهل ڪتاب مڃين ٿا، پر جاهل فقهاء ۽ نسلي تفوق قائم رکڻ وارا عرب ، هن مسئلي جي نزديڪ نه ٿا اچن. اسان (مولانا عبيد الله سنڌيءَ) کي انهي مسئله جي سمجهائڻ ۾ نهايت تڪليفون پهتيون آهن ۽ اسان کي اطمينان سان چوڻ جو موقعو آهي سمجهدار عالم، هميشه هن جا مؤيد رهيا آهن. هي هندوستان جو اسان کي تجربه آهي پر اسان هي ظلمت ٻاهر نڪري زياده ڏٺي آهي. اسين انڪري هندوستاني عالمن کي حق جي قريب تر ڏسون ٿا. هو قرآن تي آسانيءَ سان عمل ڪري سگهن ٿا بنسبت ٻين قومن جي . انهن ۾ علم جو مواد نهايت صحيح آهي ۽ انهن کي تعصب ڪرڻ لاء گهاڻا اسباب مؤيد آهن، سن 1330 کان 1340تائين ڏهن سالن ۾ اسان هندوستان ۾ ڏٺو ته هن مسئلي سمجهڻ ۾ انقلاب پيدا ٿيو آهي. هتي 62 آيت پوري ٿي.

هن کان پوء بني اسرائيل ۾ مختلف اوقات تي انبياء پيدا ٿيندا رهيا ۽ انهن ۾ علمي روشني وڌندي رهي ۽ مخالفتون به وڌنديون رهيون تمام زمانو حق ۽ باطل ۾ مخلوط رهيو آهي. جيئن اسلام ۾ نه جو دور فتنه اول کان اول تمام روشن رهيو آهي، اهڙو زمانو نه حضرت موسيٰ جي متصل ۽ نه پوء آيو آهي، جيئن اسلام ۾ هر صدي ۾ اهڙو زمانو گذريو آهي، جو تمام رشد ۽ هدايت جو سبب ٿيو آهي جنهن ۾ اذهان علم جي قريب رهيا آهن ته اهڙو زمانو بني اسرائيل ۾ نه گذريو آهي. انبياء موجود ٿيندا رهيا پر ان سان گڏ مخالفت به رهي. هي انهن جي تاريخ جو رنگ آهي، ان تي ڪئي وئي آهي. پهريون واقعه 66 آيت تائين مذڪور آهي.

سڄي دنيا کي: هڪ قانون ۾ جمع ڪرڻ جو حق ڪنهن کي آهي؟ تعليمات امام انقلاب عبيد الله سنڌي جي روشني ، جوکيو شفيق احمد

هي مضمون سنڌي تفسير سوره فاتحه ۽ سوره البقره املاء امام عبيد الله سنڌي تان ورتل آهي,جيڪو سندن شاگرد رشيد علامه مولانا محمد مدني رح کي مڪة المڪرمة منجهه لکيايو هو ۽ ان جو عربي کان سنڌي ترجمه, علامه غلام مصطفي قاسمي صاحب جن رح ڪيو هو

ناشر شاهه ولي الله اڪيڊمي ، حيدرآباد،سنڌ

http://profjokhio.blogspot.com/2011/04/blog-post_14.html


1 comment:

  1. سڄي دنيا کي: هڪ قانون ۾ جمع ڪرڻ جو حق ڪنهن کي آهي؟ تعليمات امام انقلاب عبيد الله سنڌي جي روشني ، جوکيو شفيق احمد
    by Jokhio Shafique Ahmed on Monday, April 11, 2011 at 11:10pm
    http://www.facebook.com/note.php?note_id=10150151569316918

    ReplyDelete