Realtime Hit Counter

Saturday 30 April 2011

سڄي دنيا کي: هڪ قانون ۾ جمع ڪرڻ جو حق ڪنهن کي آهي؟ امام انقلاب عبيد الله سنڌيءَ جي تعليمات جي روشنيءَ ۾، جوکيو شفيق احمد

سڄي دنيا کي: هڪ قانون ۾ جمع ڪرڻ جو حق ڪنهن کي آهي؟ امام انقلاب عبيد الله سنڌيءَ جي تعليمات جي روشنيءَ ۾، جوکيو شفيق احمد

ليڪن منهنجي هن مٿين عنوان جي مضمون پڙهڻ کان پهريون: آغا خان پارن جي سوچ کي پڙهيو وڃي ته ؛ ڪير اهل هجي نه هجي پر هن جو بابو بادشاهه هو ته پٽ به بادشاهه ٿيندو ؟ سنڌيء م چوندا آهن ته هڪ شڪل پوري پني وري مٿان افعال بڇڙا ؟


آگا خان اول ايران جو ڀاڄوڪڙ غدار سنڌ ،جنهن سنڌ کي انگريزن جي هٿان 2000 پائونڊ ڀاڙ وٺي ۽ سنڌ کي انگريزن جي هٿ وڪڻي ڇڏيو، ڄڻ هن جي پيء جو مال هئي سنڌ امڙ ؟

Sindh, Pakistan

Hasan Ali Shah soon proceeded to Sind, where he rendered further services to the British. The British were able to annex Sind and for his services, Hasan Ali Shah received an annual pension of £2,000 from General Charles Napier, the British conqueror of Sind with whom he had a good relationship.[1]

Hasan Ali Shah also aided the British militarily and diplomatically in their attempts to subjugate Baluchistan. He became the target of a Baluchi raid, likely in retaliation for his helping the British and to whom they considered a traitor and a "kufar" or infidel; however, Hasan Ali Shah continued to aid the British, hoping that they would arrange for his safe return to his ancestral lands in Persia, where many members of his family remained.[1]

Bombay

In October 1844, Hasan Ali Shah left Sind for Bombay, passing through Cutch and Kathiawar where he spent some time visiting the communities of his followers in the area. After arriving in Bombay in February 1846, the Persian government demanded his extradition from India. The British refused and only agreed to transfer Hasan Ali Shah’s residence to Calcutta, where it would be more difficult for him to launch new attacks against the Persian government. The British also negotiated the safe return of Hasan Ali Shah to Persia, which was in accordance with his own wish. The government agreed to Hasan Ali Shah's return provided that he would avoid passing through Baluchistan and Kirman and that he was to settle peacefully in Mahallat. Hasan Ali Shah was eventually forced to leave for Calcutta in April 1847, where he remained until he received news of the death of Muhammad Shah Qajar. Hasan Ali Shah left for Bombay and the British attempted to obtain permission for his return to Persia. Although some of his lands were restored to the control of his relatives, his safe return could not be arranged, and Hasan Ali Shah was forced to remain a permanent resident of India. While in India, Hasan Ali Shah continued his close relationship with the British, and was even visited by the Prince of Wales when the future King Edward VII was on a state visit to India. The British came to address Hasan Ali Shah as His Highness. Hasan Ali Shah received protection from the British government in British India as the spiritual head of an important Muslim community.[1]
http://en.wikipedia.org/wiki/Aga_Khan_I



آگا خان ۽ سندس جوءِ اسلام جا ٺيڪيدار جنهن جي ڏاڏي 2000 هزارن پائونڊن ۾ سنڌ کي انگريز هٿ وڪيو

ISMAILLI FOLLOWING ?

When the Prophet Mohammad died, he was succeeded by four major accepted leaders called the Rightfully-guided Caliphs. One of the Caliphs was named Ali ibn Abu Talib was Mohammad’s son-in-law. Ali’s followers believed that he had the right to succeed the Prophet because of his relation to him. They believed that direct descendents of Mohammads, known as Imams, would provide the best spiritual leaders. This group became the Shi'a group and was different from the Sunnis, who wanted to choose the their leader from among the caliphs. The Shiites following grew and by the sixth Shiite Imam, Jafar al-Sadiq, the elder of two sons was chosen the successor. Ismail died before his father and the younger Jafar declared his own younger son Mosa the new successor. Here another split occurred where some believed that Ismail’s son, Mohammad, should be the next Imam.

THE AGHA KHAN

Thus the Ismaili faction was created and became an underground movement with the Ismaili Imam hiding. Eventually the Imam and his followers emerged as a powerful force with a commanding army. They conquered Egypt and established the Fatimid dynasty, the so-called anti-Caliphate of Cairo. Through many successions, battles and regional disputes, the Ismaili following has expanded all over the world. The group has a strong following among Ismaili Muslims and is led today by the respected and entrepreunial Prince Aga Khan (Agha Khan). He is depicted in this photo with his wife, Princess Gabriele zu Leiningen. Aga Khan became Imam of the Shia Imami Ismaili Muslims on July 11, 1957 at the age of 20, succeeding his grandfather, Sir Sultan Mahomed Shah Aga Khan. Today's Ismailis live in 25 countries, in West and Central Asia, Africa and the Middle East, as well as in North America and Western Europe.
http://www.persianmirror.com/culture/history/ismaili.cfm

هاڻ مٿين جڙتو هٿ ٺوڪئي فڪر کي مد نظر رکي هي امام انقلاب جو فڪر پڙهندا _جوکيو شفيق احمد



وَإِذْ قُلْتُمْ يَا مُوسَىٰ لَن نَّصْبِرَ عَلَىٰ طَعَامٍ وَاحِدٍ فَادْعُ لَنَا رَبَّكَ يُخْرِجْ لَنَا مِمَّا تُنبِتُ الْأَرْضُ مِن بَقْلِهَا وَقِثَّائِهَا وَفُومِهَا وَعَدَسِهَا وَبَصَلِهَا ۖ قَالَ أَتَسْتَبْدِلُونَ الَّذِي هُوَ أَدْنَىٰ بِالَّذِي هُوَ خَيْرٌ ۚ اهْبِطُوا مِصْرًا فَإِنَّ لَكُم مَّا سَأَلْتُمْ ۗ وَضُرِبَتْ عَلَيْهِمُ الذِّلَّةُ وَالْمَسْكَنَةُ وَبَاءُوا بِغَضَبٍ مِّنَ اللَّـهِ ۗ ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ كَانُوا يَكْفُرُونَ بِآيَاتِ اللَّـهِ وَيَقْتُلُونَ النَّبِيِّينَ بِغَيْرِ الْحَقِّ ۗ ذَٰلِكَ بِمَا عَصَوا وَّكَانُوا يَعْتَدُونَ ﴿٦١﴾سُورَة اَلبَقرَه
http://tanzil.net/#2:61

۽ جڏھن چيوَ ته اي موسىٰ ھڪ طعام تي ڪڏھن به صبر نه ڪنداسون تنھنڪري پنھنجي پالڻھار کان اسان لاءِ (دُعا) گھر ته زمين جيڪو پنھنجو ساڳ ۽ پنھنجا بادرنگ ۽ پنھنجي ڪڻڪ ۽ پنھنجي مُھري ۽ پنھنجا بصر ڄمائيندي آھي سي اسان لاءِ پيدا ڪري، چيائين ته جيڪي چڱيون آھن سي سا دين سان ڇو ٿا مٽايو ؟ (جي نٿا رھو ته) ڪنھن شھر ۾ لھي وڃو ۽ پوءِ جيڪي گھرو ٿا سو سڀ اوھان لاءِ (اُتي موجود) آھي، خواري ۽ محتاجي مٿن ھنئي وئي ۽ الله جي ڏمر ھيٺ وريا، ھِيءُ ھن ڪري آھي جو اُنھن الله جي حڪمن کي نه ٿي مڃيو ۽ پيغمبرن کي ناحق ٿي ڪُٺائون، اھو ڪم بي فرمانيءَ سببان ٿي ڪيائون ۽ حد کان لنگھندڙ ھوا. (٦١) ترجمه سنڌيءَ ۾
سيدنا شيخ القران و شيخ السنڌ و الهند
مولانا تاج محمود امروٽي نور الله مرقده
http://tanzil.net/#trans/sd.amroti/2:61

And when ye said: O Moses! We are weary of one kind of food; so call upon thy Lord for us that He bring forth for us of that which the earth groweth - of its herbs and its cucumbers and its corn and its lentils and its onions. He said: Would ye exchange that which is higher for that which is lower? Go down to settled country, thus ye shall get that which ye demand. And humiliation and wretchedness were stamped upon them and they were visited with wrath from Allah. That was because they disbelieved in Allah's revelations and slew the prophets wrongfully. That was for their disobedience and transgression. (61) Translation
by Allama Muahmmad Marma Duke Pichkthall
http://tanzil.net/#trans/en.pickthall/2:61

حضرت موسيٰ عليه السلام کي ڪم از ڪم هن جي موڪل هئي ته جيڪڏهن سڄي دنيا کي هڪ قانون ۾ جمع ڪري ته سگهي ڪري، هن ڪري ته هي مقصد ابراهيم عليه السلام جو هو، پوءِ ان جي اولاد ۾ اولوا العزم سڀ ان درجي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، حضرت موسيٰ به او العزم آهي ته انجو مقصد به هي هوندو ته حضرت ابراهيم عليه السلام جو مقصد پورو ڪري، پر انکي اعليٰ جماعت نه ملي سگهي ته ابراهيمي مقصد هلائڻ لاءِ قابليت پيدا نه ڪري سگهي، ته هاڻ موجوده بني اسرائيل ڪيئن دعويٰ ڪندا ته قرآن نازل ٿئي ۽ اسين ڪافي آهيون.

پهرين جماعت ۾ عصيان عدوان جو مرض جو هو،جو مختلف دورن ۾ ظاهر پئي ٿيو، اهو مرض وڌي بني اسرائيل جي عزت سلب ڪرڻ سبب ٿيو.

ضُربَتِ عَلَيهِمِ الذِلَة: 61 آيت، هاڻ آيت کي پوئتان سمجهڻ گهرجي، اول انهن ۽ ۾ عصيان عدوان هو، پوءِ عصيان ۽ عدوان تي جڏهن اصرار ڪيائون ته انجي نتيجي طور تي هي ٿيو ته؛ کانوا يقتلون بغير الحق، پوءِ ان عادت تي به جڏهن دوام ڪيائون ته هن جي نتيجي طور تي هي لازم ٿيو جو؛ ضربت عليهم الذلة، سلطنت کسجي وئي دولت کان مراد سير چشمي آهي يعني اک ڀريل آهي ( والمسڪنة ) يعني پنهنجي غلطي جو انهن ۾ احساس گم ٿي ويو.

هاڻ پنهنجي خطاءِ کان توبهَ ڪن يا رجوع سو انهن ۾ نه رهيو ته غضب الاهي جا مستحق ٿي ويا. هاڻ هتي پهرين آخري نتيجو چيو ويو آهي ته؛ صربت عليهم الذلة اللتي وباؤ، اها حالت قرآن جي نازل ٿيڻ جي زماني ۾ آهي. اها حالت ڇالاء پيدا ٿي آهي. هن کان اڳ هي جرم ڪري چڪا آهن؛

ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ كَانُوا يَكْفُرُونَ بِآيَاتِ اللَّـهِ وَيَقْتُلُونَ النَّبِيِّينَ بِغَيْرِ الْحَقِّ ۗ
ھِيءُ ھن ڪري آھي جو اُنھن الله جي حڪمن کي نه ٿي مڃيو ۽ پيغمبرن کي ناحق ٿي ڪُٺائون، اھو ڪم بي فرمانيءَ سببان ٿي ڪيائون ۽ حد کان لنگھندڙ ھوا. (٦١) ترجمه

هي حالت انهن ۾ اڳين زماني ۾ ڇا لاء پيدا ٿي هئي ۽ هي انهن جو وسطي زمانو هو هن ڪري ته هنن اول زماني ۾ عصيان ۽ عدوان هو ۽ وسطي زماني ۾ ڪفر باٰيات الله ۽ قتل انبياء الله شروع ڪري ڏنائون ۽ موجوده زماني ۾

وَضُرِبَتْ عَلَيْهِمُ الذِّلَّةُ وَالْمَسْكَنَةُ وَبَاءُوا بِغَضَبٍ مِّنَ اللَّـهِ
۽ خواري واري ۽ محتاجي مٿن ھنئي وئي ۽ الله جي ڏمر ھيٺ وريا

جا مستحق ٿيا ۽ رجوع الي الله جو بلڪل خيال ڇڏي ڏنائون، هن طرح سان هنن جي قومي تاريخ شروع کان آخر تائين 61 آيت تي پوري ٿي. ڇا هي جماعت دعويٰ ڪري سگهي ٿي ته قرآن نازل ٿيڻ جي ضرورت نه آهي ؟ هن بيان جو هي مطلب نه آهي ته انهن مان چڱا افراد بلڪل گم ٿي ويا آهن بلڪ هي بيان جماعتي حيثيت سان آهي انهن ۾ افراد چڱا هر زماني ۾ ملن ٿا پر انهن چڱن افرادن سان هو پنهنجي قومي فوقيت ثابت ڪن: سو صحيح نا آهي، افراد جنهن به قوم ۽ مذهب جا چڱا هوندا انهن سڀني جو الله وٽ هڪ حڪم آهي، هاڻ ڪجهه افراد يهودين مان جيڪڏهن چڱا آهن ته: انهن کي کڻي خلافت ڏجي, هن ڪري ته اهي بني اسرائيل آهن؟

حالانڪه اهڙا چڱا افراد بني اسماعيل ۽ نصاري ۽ صابيين ۾ به آهن ، پوء انهن کي مؤخر ڪري ڇڏجي؟ هن ڪري ته اهي بني اسرائيل نه آهن ته هي دين الاهي ۾ غلط ڳالهه آهي. جيڪڏهن ڪي ماڻهو جماعتي حيثيت سان ثابت ٿيندا ۽ دين ترقي ڪندا ته انهن کي مقدم رکڻ صحيح آهي ، پوءِ اگرچه ائين چئجي ته فلاڻي قوم يا فلاڻي نسل ترقي ڪري ويئي پر هڪ جماعت دين ۾ ترقي حاصل ڪري بلڪ فقط نسلي حيثيت سان الله وٽ درجو مقدم رکي سو غلط آهي.

حضرت آدم جي اولاد ۾ سڀ قومون برابر آهن يهودين کي دعويٰ آهي ته اسين ڪتاب الاهي جا حامل ٿيون پر هن حيثيت مان نه ته اسان جي جماعت چڱي آهي بلڪه هن لاء ته اسين بني اسرائيل آهيون، ته هن دعويٰ تي رد نمبر 62 ۾ آهي

إِنَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَالَّذِينَ هَادُوا وَالنَّصَارَىٰ وَالصَّابِئِينَ مَنْ آمَنَ بِاللَّـهِ وَالْيَوْمِ الْآخِرِ وَعَمِلَ صَالِحًا فَلَهُمْ أَجْرُهُمْ عِندَ رَبِّهِمْ وَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُونَ ﴿٦٢﴾ سورة البقره
http://tanzil.net/#2:62

مؤمنن ۽ يھودين ۽ نصارن ۽ صابين منجھان جن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن اجر آھي، ۽ کين نڪي ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا. (٦٢) ترجمه سنڌيءَ ۾
سيدنا شيخ القران و شيخ السنڌ و الهند
مولانا تاج محمود امروٽي نور الله مرقد
http://tanzil.net/#trans/sd.amroti/2:62

Lo! Those who believe (in that which is revealed unto thee, Muhammad), and those who are Jews, and Christians, and Sabaeans - whoever believeth in Allah and the Last Day and doeth right - surely their reward is with their Lord, and there shall no fear come upon them neither shall they grieve. (62)
Translation by Allama Muahmmad Marma Duke Pichkthall
http://tanzil.net/#trans/en.pickthall/2:62

ان الذين آمنو کان مراد قرآن جا مؤمن آهن يعني مهاجرين. والذين هادوا يعني يهود والنصاري

يعني حضرت عيسيٰ طرف منسوب قوم. والصابئين صابئين جي تفسير ۾ گهڻو ڪري اهل عصر ۽ فقهاء غلطي ڪري چڪا آهن. هتي فقط وسيع النظر مؤرخ جو ڪم آهي، حضرت ابراهيم کان اول جي به قومون متدين هيون، حضرت نوح جي طريقي تي يا حضرت آدم ۽ حضرت ادريس جي طريقي تي ۽ حضرت آدم کان پوءِ جي به ان طريقي انبياء ، ابراهيم عليه السلام تائين مبعوث ٿيا، انهن جي طريقي تي ته اهي سڀ متدين طريقي تي صابئين ۾ داخل آهن. انهن جا بقايا ٽن قومن ۾ ممتاز آهن هندوستان ۾ برمو يعني برهمنيه ، چين ۾ سمنيه يعني ٻڌهسٽ.(بده) ٻڌهه قوم به هندوستان مان پيدا ٿي آهي ۽ ايران ۾ مجوس، هن کان اول رومي يوناني بابلي قومون سڀ صابي هيون مگر نصراني دين جي شيوع ۾ اهي قومون نصاري ٿي ويون ته انهن جي هستي علحده (الڳ) قائم نه رهي آهي. ته انهن سڀني قومن لاء قرآن ۾ هي شرط آهي تهجي انهن مان

مَنْ آمَنَ بِاللَّـهِ وَالْيَوْمِ الْآخِرِ وَعَمِلَ صَالِحًا فَلَهُمْ أَجْرُهُمْ عِندَ رَبِّهِمْ وَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُونَ ﴿٦٢﴾سورة البقره
۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن اجر آھي، ۽ کين نڪي ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا. (٦٢)مترجمه سنڌي
سنڌ جي آزاديءَ جو امام
سيد تاج محمود امروٽي رح

اهي سڀ هڪ درجي تي آهن. قريش جي جنهن به قوم مان خلافت نڪري وئي، انهن ساڳي يهودين جي پنهنجي نسل تفوق(فوقيت ) جي عادت رهي آهي.

حضرت علي( رضي الله تعالي عنه ) جي اولاد ساري عالم ۾ خاص شرف جي مدعي ( دعويٰ ڪندڙ) آهي، اگرچه انهن ۾ هڪ خوبي (خاصيت گڻ خصلت سيرت ) به نه هجي انهن جا اتباع، شيعه مذهبي طور تي موجود آهن، اهي ٽي فرقه آهن؛ اثنا عشريه ۽ اسماعيليه ( آغا خاني + دائودي بوهري) ۽ زيديه، ته هي عام سُنِّي به پيا مڃيندا. انهن کان ٻئي درجه ۾ عباسي ۽ اموي به عربي تفوق (مٿ ڀرائي اعلي نسل) جا مدعي ( دعويٰ ڪندڙ) آهن ۽ اهل سنة، جا گهڻا فرقا هن جي تائيد ڪن ٿا، انهن ته خلافت فقط قريش جو حق آهي، ان ڪري هو به پنهنجو نسلي امتياز قائم رکن ٿا، انهن جي حڪومت جي دؤر ۾ هي قائدا مقرر ٿي چڪا آهن ته؛ هڪ عجم، عرب جو ڪفوا (ڪڙم قبيلو آڪهه خاندان ) نه آهي ۽ اهڙي طرح علوي ۽ حسني حسيني جو فضل تسليم ڪجي ٿو، هي بدعت ( شروعات نئين ڳالهه) ساڳي يهود يعني ( يهودين ) کان آيل آهي ۽ اسلام جو هن سان ڪوبه تعلق نه آهي، پوءِ ان بدعت جي رسوخ جو نتيجو هي آهي ته مسلمان، يهود نصاريٰ کي ته اهل ڪتاب مڃين ٿا پر ڪنهن به صابي ( فارس جي زرتشت ۽ هند سنڌ جي رام ،ڪرشن، ڪپل ديو ۽ گوتم ٻڌ جي پوئلڳن) کي اهل ڪتاب جو درجو نه ٿا ڏين. پوءِ قرآن ۾ صابئين جو ذڪر آهي ته، ان کان جان ڇڏائڻ لاءِ چون ٿا ته، هاڻ صابي نه رهيا آهن، فقط بغداد جي ڀرسان ڪجهه گهر هوا، انهن جو ذڪر فقط قرآن ۾ آهي، ابن اثير جي تاريخ ۾ آهي ته يهود نصاريٰ ٿيڻ کان اول ۽ ٻيون قومون حتآنڪه قريش، سڀ صابي هوا. پهرين هو اسماعيلي طريقي تي هوا. پوءِ جڏهن انهن م تحريف اچي ويئي ته صابي ٿي ويا، هي ياد رهي ته عرب رسول الله صلي الله عليه وسلم کي صابي چوندا هوا.

حاصل مطلب اهل عصر ۽ فقهاءِ جي هن تخيل کي قرآن عظيم جي عالمگير حڪومت قائم ڪرڻ کان متآخر ڪري ڇڏيو آهي. اسلام جي اشاعت اطراف عالم ۾ انهن صوفيه سان ٿي آهي جي ان امتياز جا قائل نه هوا._ جاري آهي

هي مضمون
سنڌي تفسير سوره فاتحه ۽ سوره البقره _املاء امام عبيد الله سنڌي تان ورتل آهي، جيڪو سندن شاگرد رشيد علامه مولانا محمد مدني رح کي مڪة المڪرمة منجهه لکيايو هو ۽ ان جو عربي کان سنڌي ترجمهعلامه غلام مصطفي قاسمي صاحب جن رح ڪيو هو.
ناشر شاهه ولي الله اڪيڊمي، حيدرآباد،سنڌ

No comments:

Post a Comment