Realtime Hit Counter

Wednesday 4 May 2011

ڪجهه سچ- ڪجهه ڪوڙ سنڌ سازشن جي ڄار ۾ مقصود گل


ڪجهه سچ- ڪجهه ڪوڙ
سنڌ سازشن جي ڄار ۾

مقصود گل



مون کي ٻي ته خبر ناهي، پر ايتري خبر ضرور اٿم ته اسان جي سنڌ سان ٿيندڙ سازشن ۾ ڌارين سان گڏ اسان جا پنهنجا مقتدر ۽ معتبر ماڻهو به شامل آهن، اڳئين شور ۽ شر واري زماني ۾ ته سنڌ سان وڏيون عقوبتون ٿيون. زمانو ڪهڙو به هجي، هر دور ۾ جنهن به سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي قوم ۽ ساهت سان همدردي ۽ پيار جو اظهار ڪيو آهي. يا سنڌ ۽ سنڌين جي حقن ۽ حفاظت جي لاءِ ٻه اکر ٻوليا آهن. انهن تي اقتداري ڌرين جي ڏاڍ ۽ ستمگريءَ پنهنجي مڪمل جنگي ساز ۽ سامان سان ميدان ۾ اچي، انهن قومي هيرن کي ميٽڻ ۽ ميسارڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي.

شاهه عنايت شهيد، مخدوم بلاول ۽ سورهيه بادشاهه اسان جي سنڌ جا اهي شهيد آهن جن جو ڏوهه صرف اهو هو جو انهن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪئي ۽ وقت جي ظالم ۽ غاصب حڪمرانن سان اکيون اکين ۾ ملائي، مظلوميت جي پٺ ڀرائي ڪئي. اهي ته آهن پراڻي زماني ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ٿيل ظلمن جا مثال پر جيڪڏهن هاڻي به اسان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ ظلمن جو پوتاميل ڪنداسين ته اسان کي خبر پوندي ته اهو ظلم ۽ ستم جو سلسلو ساڳيو ئي برقرار آهي. مطلب ته سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين جو ساڳيو ئي دستور ۽ منشور جاري آهي. صرف ماڻهو ۽ منڍيون مٽبيون رهيون آهن.
دور ۽ زمانا بدليا، وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو سالن کي صدين ۾ تبديل ڪندو وڃي ٿو. پر افسوس جو اسان جي سنڌ کي ڪو به چڱو ڏينهن ڏسڻ لاءِ ڪو نه مليو. هاڻي به اسان جي سنڌ جنهن پر آشوب دور مان گذري رهي آهي ان جو وچور ويچارڻ ڪنهن به قلم يا ذهن جي وس جي ڳالهه نه آهي.
سنڌ جي ماضيءَ توڙي حال ۾ ٿيندڙ ظلمن ۾ هڪڙي ڳالهه جنهن کي هر دور سان وابسطه ڪري ٿو سگهجي سا آهي. ڌارين سان گڏ پنهنجي بي حسي ۽ قومي غيرت جو فقدان.

تاريخ جا ورق ٻڌائين ٿا ته شاهه شهيد جي پرامن هاري تحريڪ کي فساد ۽ بغاوت جو رنگ ڏئي دهليءَ جي تخت ڌڻين کي اشتعال ڏياري شاهه عنايت جي خلاف اڪسائڻ ۽ مڇرائڻ ۾ ڌارين کان وڌيڪ پنهنجن سنڌ جي ئي حڪمرانن جو هٿ هو. شاهه شهيد ته سنڌ جي ڇڙوڇڙ هارين کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ”جوکيڙي سو کائي“ نالو ڏئي الله جي زمين تي بندن جي حق جي ڳالهه ڪئي. جنهن کي ڪلهوڙن حڪمرانن پنهنجي حڪومت ۽ اقتدار جي ڪرسيءَ کي لڏندي محسوس ڪيو ۽ پوءِ گورنر اعظم خان، پليجن ۽ ڪلهوڙن گڏجي، شاهه شهيد ۽ فقيرن جي خلاف مغلن کي مڇائي ۽ مڇرايو ۽ اها به حقيقت آهي. هن فقيراڻي تحريڪ کي اميرن جي خلاف سازش جو رنگ ڏيڻ ۾ ان دور جا ٻيا ننڍا وڏا پير فقير ۽ وڏيرا به شامل هئا. جن جي پيري، مريدي ۽ وڏيرپ کي خطرو محسوس ٿيو هيو.

اهڙي طرح مخدوم بلاول شهيد کي گهاڻي ۾ پيڙائڻ واري سازش ۽ عمل ۾ صرف شاهبيگ ارغون شامل ڪو نه هو پر ان بي گناهه قتل ۾ به گهڻن ئي مقامي سنڌي درٻاري ماڻهن مفتين ۽ مولوين سان گڏ ٻيا به کوڙ ماڻهو جي ارغونن جون جتيون سڌيون ڪندا هئا. انهن ڀرپور نموني ۾ قومي هيري ۽ اهم ڪردار کي ختم ڪرڻ ۾ پنهنجي قومي بي غيرتيءَ جو مظاهرو ڪيو هو.

انگريزن جي دور ۾ سورهيه بادشاهه جي خلاف جيڪو ظلم ۽ ستم جو طوفان برپا ٿيو هو، ان ۾ به هن شهنشاهه سنڌيءَ جو وڏو ڏوهه اهو هو جو هن سنڌ جي حقن ۽ حفاظت جي ڳالهه ڪئي هئي.
چوڻ وارا چون ٿا ته انگريزن کي اندر ۾ نفرت جي باهه جا الا ڀرڻ لاءِ به اسان جي سنڌين ۽ پير صاحب جي ويجهن ۽ گهڻ گهرن اهم ڪردار ادا ڪيو هو.

اها به هڪ حقيقت آهي ته جڏهن انگريز سرڪار پير صاحب تي بغاوت وارو نام نهاد ڪيس هلايو هو ته ان ۾ پير صاحب جي خلاف جن ماڻهن برقعا پائي پاڻ لڪائي پير صاحب جي خلاف شاهديون ڏنيون اهي اسان جا سنڌي ماڻهو ۽ پير صاحب جا ويجها گڏ رهندڙ، پير ۽ وڏيرا ئي هئا جن فقير سيد کي ڦاسيءَ جي فتويٰ ڏيارڻ ۾ ججن ۽ مفتين جي ڀرپور مدد ڪئي هئي.

ديکها جو تير کهاکي کمين گاهه کي طرف
اپني هي دوستون سي ملاقات هو گئي

پراڻي سلسلي کي جيڪڏهن اڄ جي سياسي ۽ سماجي حالتن سان ملائبو ته تقريبن ساڳيو ئي حال نظر ايندو. مطلب ته سنڌ هر دور ۾ سازشن جي ڄار ۾ ڦاٿل رهي آهي.
فرق صرف اهو آهي ته اڳ تخت دهلي سنڌ تي پنهنجا حڪم هلائيندو هو ۽ هاڻي تخت جنهن کي ٻين لفظن ۾ وفاق چون ٿا اهو ئي سنڌ جي هر اڇي ڪاريءَ جو مالڪ آهي.
ٺاهي ڊاهي جيلر صاحب جو ڀي چاهي جيلر صاحب اسان جا اڳواڻ قومي ۽ جمهوري صاحب اسان جا اڳواڻ قومي ۽ جمهوري سڏائڻ وارا يا قوم پرست ليڊر چوندا ته آهن ته هينئن ٿيڻ نه ڏينداسين پر آخر ڪار اهي بحث مباحثا ۽ گرما گرم بيان وقت سان گڏ ماٺا ٿي ويندا آهن ۽ ٿيندو اهو ڪجهه آهي جيڪو وفاق يا پنجاب ئي چاهيندو آهي.

هن دور ۽ هن جهان ۾ به اهو ئي ڪجهه ٿيندو آهي جيڪو اڳ ٿي گذريو آهي يا ٿيندو رهيوآهي. ڪوڙي جو ڪنڌ ۽ ڪاپار مٿي هوندو آهي ۽ اقتداري ڌر جا ڳجهيءَ ڳوهه ۾ يا ظاهر ظهور گيت ڳائيندو ۽ مان پائيندو آهي. بس پرائي ٻوڙ ٿي ٽوپي نراڙ تي.

باقي جيڪڏهن ڪو سچو ماڻهو سچ ۽ سنڌڙيءَ جو ساٿي نڪري پيو ته پوءِ ان لاءِ ساڳيون ئي اڳوڻن سچن ماڻهن وانگر ڦٽڪا، ڦاسيون، جيل، جبر ۽ جان جو خطرو ئي هوندو آهي.
ايجنسين جون اندروني ڪوششون ۽ قومي ماڻهن جي لاءِ قهر ۽ ستم ظريفيون بجا طور تي جاري آهن. پوءِ جيڪي جهڪيا ۽ جان بچائي ويا ته پوءِ انهن جي لاءِ جهوڙا ئي جهوڙا آهن. باقي جي سورهيه بڻجي سچ جا ساٿاري بڻجي ويندا آهن پوءِ انهن کي سر ڏئي سوريءَ سزا وار ٿيڻو ئي پوندو آهي. هي ٽوڙي ڦاٽڪ ۽ سانگهڙ سانحي وارا ۽ اهڙا ٻيا واقعا هن مايوسي واري دور ۾ اهو ئي ٻڌائن ٿا ته

اڃا رڃ منجهان رڙ اچي ٿي اچي ٿي
متان ائين سمجهين مئا مور سارا
http://www.awamiawaz.com/2011/May/4th/Articls/03.htm

1 comment: