Realtime Hit Counter

Friday 15 July 2011

الا، ائين مَ ٿئي، جو ڪتابن ۾ پڙهجي!! راز ناٿن شاهي


”قومن ۽ انهن جي ٻولين کي تسليم نه ڪرڻ وارا پاڻ ملڪ دشمن آهن“ سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جويي اظهار ڪيو.

”موجوده حڪومت هوندي سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو نه ملندو...“ ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار عبدالقادر جوڻيجي چيو.

”اهو بل بحال نه ٿيندو ڇو جو ان تي هوم ورڪ ٿيل ڪونهي...“ مشهور شاعر شمشير الحيدريءَ مون کي ٻڌايو.

”جيڪي ميمبر ٻولين جي هن بل کي پاڪستان کان انڪار سمجن ٿا انهن کي ته پارليامينٽ ۾ ويهڻ جو حق ئي ناهي...“ سنڌ ثقافت کاتي جي وزير محترمه سسئي پيلجو پنهنجي دل جي ڳالهه ڪئي.

ماروي ميمڻ ۽ يوسف ٽالپر پاران پيش ڪيل ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ وارو بل قومي اسيمبليءَ جي ڪاميٽيءَ ٻيهر رد ڪري ڇڏيو ڇو جو هن ڪميٽيءَ جي سترهن مانوارن ميمبرن ۾ تيرنهن ڄڻا ملڪ جي حاڪم صوبي پنجاب سان تعلق رکن ٿا جن کي هن ٻولين واري بل ۾ ملڪ دشمنيءَ جي بوءِ اچي رهي هئي!! هي ڪيڏي نه بدنصيبي آهي هن ملڪ جي جو هو ٻولين کي مان مرتبو ڏيارڻ واري ڳالهه کي، سنڌ جي اديبن، دانشورن، صحافين، اديبن، وزيرن بلڪه عام سنڌين کي به ملڪ دشمن وارو سرٽيفڪيٽ وڏي واڪ پنهنجي قومي ميمبرن هٿان ڏياري سک جو ساهه کڻن ٿا!!

سموري سنڌ جي ساڃاهه وند ماڻهن کي هن ڳالهه حيران ڪري ڇڏيو آهي ته آخر ها سنڌ دشمني، سنڌي ٻولي دشمني، سنڌي ثقافت دشمني ڪيستائين جاري جاري رهندي!! ڪجهه عرصو اڳ هڪ ادبي ميڙ ۾ هڪ اديب دوست مون کي چيو هيو ته ”سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو نه ڏيارڻ ۾ سڀ کان وڏو هٿ قومي اسيمبليءَ ۾ ويٺل سنڌي ميمبرن جو آهي...“ ۽ هينئر جڏهن سڀ ڪجهه پڌرو ٿي ويو ته اها واقعي حقيقت آهي ته هن سڄي ميلي ۾ سنڌي ميمبرن جي دلچسپي نه هئڻ سبب اهو نتيجو سامهون آيو آهي. ڀلا اڪيلو يوسف ٽالپر، يا اڪيلي ماروي ميمڻ يا سنڌ جي ادبي ۽ سياسي خاندان جي سسئي پليجو ڪنهن ڪنهن مورچن تان سنڌ دشمنن سان ويڙهاند ڪندا!!؟ سنڌ جا دانشور، اديب، شاعر، صحافي، قوم پرست سياست دان ڪيتريون ريليون ڪڍندا!؟ ڪيترا مضمون اخبارن ۾ لکندا!!؟ ڇاڪاڻ ته جن کي سنڌ واسين پنهنجو ووٽ ڏئي مرڪزي ايوان يا صوبائي ايوان ۾ موڪليو انهن سنڌ جي ٻين اهم مسئلن کان ڪن لاٽار ڪرڻ سان گڏوگڏ هن اهم بلڪه تمام وڏي سنڌي قومي مسئلي واري معاملي تي ڪنن ۾ آڱريون وجھي، اکيون بند ڪري، ذهن جا دروازا بند ڪري، ڪنڌ جھُڪائي پنهنجي امن ۽ ڀائيچاري جو ثبوت سڄي ملڪ کي ڏيڻ لاءِ هر وقت، هر هنڌ تيار هوندا آهن!!

سڀ کان پهريان سڌ اسيمبليءَ پاڪستان ٺهڻ وارو بل منظور ڪري ٻين رياستن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو هيو، انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته سنڌ هن ملڪ جي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، اها ٻي ڳالهه آهي ته ان ثواب کٽڻ کان پوءِ سڀ کان وڏا نقصان به سنڌ کي ٿيا، باقي سڀ صوبي جهڙا هئا اهڙا ئي آهن هنن جي اوائلي ثقافت ۽ ٻولي سان هٿ چراند نه ڪئي وئي، پر سنڌ کي سُهڻيءَ جيان مانگر مڇن ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، سنڌ جي ٻوليءَ کي تعليمي مرڪزن منجھان نيڪالي ڏني وئي، انگريزن جي زماني ۾ سنڌي اڪيلي ٻولي هئي جيڪا سنڌ جي سرڪاري ٻولي هئي، باقي صوبن ۾ ائين نه هيو، ڇاڪاڻ ته ڪنهن ٻولي جو الف ب پنهنجو نه هيو، ته ڪنهن ٻولي جي ڪا هڪ صورتخطي موجود نه هئي، ڪنهن جا ڪتابي نسخا نامڪمل هئا. سنڌي ۾ شاهوڪار ٻولي، شاندار ثقافت ۽ لکين تحريري ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا موجود هئا جن کي هوريان هوريان ختم ڪرڻ جون سازشون رٿيون ويون جن کي ڪامياب ڪرڻ ۾ ڪيترن ئي سنڌ ڄاون جو هٿ پڻ هيو ۽ اڃا تائين موجود آهي!!

دل خوش ڪرڻ لاءِ ته اهو چيو وڃي ٿو ته عوامي سرڪار آهي، پر جيڪڏهن سنجيدگيءَ سان، ناراض ٿيڻ کان سواءِ، ٿڌي دماغ سان جائزو وٺجي ته هنن ڪجهه سالن جي عرصي ۾ سنڌ کي تمام گهڻا نقصان ڏنا ويا آهن!! جن پاڻ کي سنڌ ڌرتيءَ جا قنڌار سڏايو انهن ڀوتارن مفاهمت وارو لباس پاتو ۽ هر جائز ناجائز مطالبي جي پورائي لاءِ سدائين ”هاڪار“ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي شهرن ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، لينڊ مافيا، ڀتا مافيا ۽ ڳوٺن ۾ اغوا گيري، ڀنگ ڪهاڻي، ڌاڙيل راند شروع ڪئي وئي ۽ هن سڄي راند ۾ مسڪينن کي وقت جي گهاڻي ۾ پيڙهيو ويو!! ڪو به انسان سچ جي ڳالهه ڪري ٿو ته ان کي بنا ڊپ ڊاءَ جي کنڀيو وڃي ٿو، کيس اذيتن جي سوريءَ جو سينگار ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن پنهنجي ٻوليءَ جي حق لاءِ ٻاڪاري ٿو ته هنن کي ملڪ دشمن جو خطاب ڏنو وڃي ٿو. اهڙيون ئي حالتون جڏهن بنگالي ڀائرن سان ڪيون ويون ته هنن مجبور ٿي پنهنجو سامان ڌار ڪرڻ شروع ڪيو هن وقت سنڌين سان به ساڳيو لڪاءُ ڪيو پيو وڃي ۽ هن سموري ڊرامي جو اسڪرپٽ ساڳي ئي صوبي منجهه تحرير پيو ٿو ٿئي جنهن صوبي منجھان هن ملڪ کي اڌ ڪرڻ وار ڊرامو اسٽيج ڪيو ويو هيو، ڪردارن کان ڪم وٺڻ کان پوءِ هنن کي هن ڌرتيءَ تان ئي غائب ڪيو ويو ۽ انهن ڪردارن منجھان اڪثريت جو تعلق سنڌ سان هيو، جيڪڏهن گذريل تاريخ جا ورق ورايا وڃن ته اها سڄي صورت حال سامهون نظر ايندي.

قانون ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرپرسن جو تعلق به انهيءَ حاڪم صوبي سان آهي، هن خاتون هن سنڌي ٻوليءَ واري بل تي تمام گهڻي ڪاوڙ ڏيکاري ۽ واضح لفظن ۾ چيو ته سڀ ڪن کولي ٻُڌي ڇڏن ته اڳتي اهڙي رٿ موڪلڻ جي همٿ نه ڪئي وڃي!! اهڙيءَ ريت هن ڪميٽيءَ جي سڀني ميمبرن جيڪي هر سياسي پارٽيءَ سان جڙيل آهن، يڪراءِ، يڪ طرفو فيصلو ٻڌائي سنڌ جي عام ماڻهن کي تمام گهڻو دلي صدمو پهچايو، پر صرف پنهنجين وزارتي ڪرسين ۽ مرڪزي اقتداري ايوانن وارين پنهنجين سيٽن کي بچائڻ لاءِ سنڌي ميمبر خاموش آهن!! ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته ڄڻ هنن سڀني سنڌي ميمبرن جو ”سنڌي قومي ٻولي“ واري مسئلي سان ڪو به رشتو ناهي!! جيڪڏهن آهي ته صرف اقتدار سان آهي!!

اهو به عام تاثر آهي ته پيپلز پارٽي جون ڳالهيون سنڌ ۾ هڪڙيون هونديون آهن ته پنجاب ۾ ٻيون!! حالانڪ جڏهن به پنجاب جي ڪنهن ڏکئي مرحلي جي ڳالهه ٿيندي آهي يا پنجاب جي ڪنهن اجتماعي فائدي جي ڳالهه ٿيندي آهي ته هر پنجابي ميمبر ڀلي اهو ڪهڙي به سياسي پارٽيءَ ۾ شامل هجي سڀ هڪ آواز ٿي ويندا آهن!! پوءِ اهو مسئلو، ڪالاباغ ڊيم جو هجي، روينيو جو هجي، بنگلاديش ۾ فوجي قيدين جي واپسيءَ جو هجي يا قومي ٻولين جو هُجي!! پر اسان واري ڀوتارڪي سياست رڳو ٽوپي ڊرامي ۾ خوش آهي!! اجرڪ ڪلهن تي رکي ڦوٽو ڪڍائن ۾ فخر محسوس ٿي ڪري!! سنڌ ڪارڊ استعمال ڪري اقتدار ماڙين ۾ نه سمجهه ۾ ايندڙ ڏاڪڻين تي سرگردان رهڻ ۾ دانش مندي ڀائن ٿا!! سنڌ جي حقيقي مسئلن، ٻوليءَ جي درد ڪهاڻين کان بي خبريءَ کي پڻ سياسي راند سا تشبيهه ڏين ٿا!! کين شايد خبر ناهي ته ٻولين جو رنگ ۽ روپ ادب جو آئينو ۽ انقلاب جي روشني آهي، ڪنهن به ڌرتيءَ جي بنيادي ٻولي کي ميسارڻ پنهنجي تاريخي وجود کان انڪاري هجڻ آهي. هونئن به سنڌ ۾ ”اندروني سنڌ ۽ بيرون سنڌ“ چوڻ شروع ڪرايو ويو آهي!! جيڪو سمجهه کان ٻاهر آهي ته اها ”بيرون سنڌ“ ڪهڙا بلا آهي جنهن کي سنڌ ۾ نازل ڪيو پيو وڃي!! هن کان اڳ ۾ ”ڪراچي ۽ سنڌ“ وارو ڊرامو چالو ڪيو ويو جنهن منجھان اڃا جند نه ڇٽي آهي!!

سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بڻائڻ لاءِ هاڻي سنڌ جي سڀني سنڌين کي گڏجي ڪو زور دار ڪم ڪرڻو پوندو، جنهن ۾ سنڌڄاوا دانشور، اديب، شاعر، صحافي، مصور، اداڪار هڪ ئي آواز ۾ سنڌ جي سڏ تي پڙاڏي جيان سڄي ڌرتيءَ تي گونجي اٿن، سمجهو ته هي اهو ئي ون يونٽ وارو ناانصافيءَ جو زمانو آهي، متان ائين نه ٿئي جو اسان سنڌين کي حقيقت ۾ به پياري سنڌ تي شاعر نارائڻ شيام جي انهيءَ بي چينيءَ کي ڏسڻو پوي جنهن ۾ هن ڏکاري انداز سان دلي اُڌمو ظاهر ڪيو هيو ته:

الا، ائين مَ ٿئي، جو ڪتابن ۾ پڙهجي،

هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.

Raznathanshahi01@hotmail.com

1 comment:

  1. ڇنڇر 21 مئي 2011ع - 17 جمادي الثاني 1432 هه عوامي آواز ڪراچي سنڌ

    ReplyDelete