Realtime Hit Counter

Tuesday 9 August 2011

سنڌ بنام پنجاب. مقاله لاهور _علامه مفتي مولانا عبد الوهاب چاچڙ صاحب. املاء صورتخطي جوکيو شفيق احمد



سنڌ بنام پنجاب. مقاله لاهور _علامه مفتي مولانا عبد الوهاب چاچڙ صاحب.
املاء/ صورتخطي جوکيو شفيق احمد
ابتداعيه :- سنڌ جن ۾ مبتلا آهي اهي ايترا ته گهڻا ۽ گهرا آهن جو انهن جو حل صرف آپريشن ان کان سواء ٻي ڪابه دوا وقت وڃائڻ کان سواء ٻيو ڪجهه به ناهي.
پنجاب جيڪو سامراج آهي ان جا نمائندا سنڌ ۾ اچي حالات جو جائزو وٺندا رهيا آهن ۽ حالات تي ڪنٽرول ڪرڻ جا مؤثر طريقا ملعوم ڪندا رهيا آهن.
ڪجهه وقت ٿيندو ته ''تنظيم اسلامي'' جي باني ۽ سربراهه ڊاڪٽر اسرار احمد صاحب جن سکر ۾ مون سان سنڌ جي مسئلن تي گفتگو ڪيو هو. ۽ آخر ۾ فرمايائون ته '' مان اوهان جي گفتگو ۽ اظهار جو پروگرام لاهور ۾ رکندم. جمعيت علماء اسلام جي آئين شريعت ڪانفرنس جي شرڪت لاءِ جيئن علامه مولانا شيخ عبد الڪريم ٻير شريف وارن، ڳوٺ ٻير، تعلقه قمبر علي خان، ضلع لاڙڪاڻه،سنڌ، سان گڏجي ايندا ته ان موقعي تي لاهور جي دانشورن آڏو اوهان جو خطاب (تقرير) رکندمِ'' مگر ناني سائين (راقم عبد الوهاب چاچڙ) جي وفات سبب لاهور وڃي نه سگهيُم.
پوءِ ڊاڪٽر (اسرار احمد) صاحب جن مسئله 'سنڌ ۽ انقلاب اسلامي' تي لاهور ۾ مقالن جو نشستون رکيون. پهرين رات انقلاب اسلاميءَ جا مقالا ٿيا جن ۾ مولانا حامد ميان صاحب جن جو مقالو به هو ۽ ٻي رات مسئله سنڌ تي مقاله پڙهيا ويا، جن م ٽي مقاله سنڌين پڙهيا، راقم (عبد الوهاب چاچڙ) محمد موسيٰ ڀٽو ۽ مسٽر نور محمد،هڪ پنجابي وڪيل مسٽر محمود مرزا صاحب مقاله پڙهيو جنھن ”آج ڪا سنڌ “ ڪتاب لکيو آهي. ٽن اردو مادري زبان وارن پڙهيا. مشھور سنڌ دشمن صلاح الدين ، لاهور جي رهاڪو سراج منير ۽ صدر مجلس ظفر بهاري ـ سنڌ جي اردو ڳالهائڻ وارن ۾ عام طرح ذهني تبديلي آئي آهي، انهن اهو محسوس ڪيو آهي ته پنهنجي محسن سنڌين سان عداوت رکڻ نا شڪري آهي ۽ هندستان کي ياد ڪرڻ بجاءِ سنڌ سان محبت رکڻ ئي مناسب آهي پر اهي ٽيئي مھاجر ته ڇڙو سنڌ دشمني تي لهي آيا پر انسانيت کي به لڄايائون ۽ پنجاب جي ايجنٽ تنظيم ” مھاجر اتحاد تحريڪ“ کان به ٻه هٿ اڳتي هئاـ اتي مون (راقم: علامه مفتي مولانا عبد الوهاب چاچڙ صاحب ) مقالو پڙهيو ۽ مسٽر نور محمد پٺاڻ ، صلاح الدين جي هفوات جو جواب جو مثبت جواب ڏنو. منهنجو اِهو مقالو ماهنامه ميثاق لاهور مئي 1987 ۾ ڇپيو ۽ انجو ترجمو ڇاپي رهيا آهيون (ادارو) 1
سنڌ بنام پنجاب
نحمده ونصلي علي رسوله الڪريم ا‌ما بعد اڄ هن مجلس ۾ ٻن تاريخي معاهدن ۽ انهن جي خلاف ورزين جو ڪجھ تفصيل سان ذڪر ڪندم؛ معاهده اول قرارداد لاهور يا نظريه پاڪستان معاهده دوئم تقسيم آب بابت معاهده لا ڪميشن يا 1945ع جو''سنڌ پنجاب ايگريمنٽ''.
تمام ممالڪ اسلاميه جو متحده اقتدار بنو اميه تائين قائم رهيو بعد ۾ ممالڪ اسلاميه جو اهو اتحاد باقي نه رهيو. ان ڪري ته حضور (سيدنا محمد) ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ” اسلام جي چڪي پنجٽيھه يا فرمايائون ڇٽيھه يا فرمايائون ستٽيھ سالن بعد ٿي ويندي پوءِ جيڪڏهن ماڻهو هلاڪ ٿي ويا ته انهن جو به اهو رستو آهي جيڪو ٻين هلاڪ ٿيندڙن جو آهي ۽ جيڪڏهن انهن جو دين انهن لاءِ قائم رهيو ته ستر سال تائين قائم رهندوـ حضرت عمر رضه پڇيو ته اي نبي صلي الله عليه وآله وسلم گذريل زمانو ملائي يا رڳو ايندڙ زماني جا؟ پاڻ فرمايائون آئنده جا ستر سال ـ حضرت شاھ ولي الله رحه ازالة الخفاء مترجم اردو ج ـ 1 ، ص ـ 300 ۾ اها حديث نقل ڪري فرمايو آهي ته ”انهيءَ حديث جو مضمون خارج ۾ ظاهر ٿيو ڇو ته 35هه ۾ حضرت عثمان شهيد ٿيو ۽ جهاد جو انتظام بگڙي ويو پوءِ حضرت معاويه رضه جي زماني ۾ جهاد جو انتظام قائم ٿيو ۽ انهيءَ تاريخ کان ستر سالن بعد بنو اميه جي سلطنت زائل ٿي وئي
مطلب ته قرن اول تائين تمام بلاد اسلاميه جي وچ ۾ ڍيلو ڍالو اتحاد قائم هيوـ
( اهڙي اتحاد ۾ علاحدگي ٿي سگهي ٿي ) ان ڪري ته حضرت ابو عبيده رضه علائقه حمص کي اتحاد کان آزاد ڪري ڇڏيو ۽ فرمايو ته ”انتم علي امرڪم “ جڏهن انهن جي حفاظت ڪرڻ کان قاصر رهيو( فتوح الشام للبلا ذري ) اهڙي قسم جو 1940ع ۾ مسلمانان هند جون ٻه رايون هيون جميعة علماٰءِ هند جي راءِ هئي ته هندستان جا سڀ ملڪ اهڙي هلڪي ڦلڪي اتحاد ۾ شريڪ هجن جنهن ۾ هندو اڪثريت جو مستقل سد باب ٿيل هجي ـ ڪانگريسي مسلمانن جو به اهو ئي خيال هو پر مسلم ليگ جي راءِ هئي ته مسلم اڪثريت واري ممالڪ هند جو پاڻ ۾ اتحاد هجي. جيڪڏهن اوهان لفظي نزاع ۾ مبتلا نه ٿيو ته اڄوڪي اصطلاح ۾ اهڙي اتحاد کي ڪنفيڊريشن (confederation ) سان تعبير ڪري سگهجي ٿوـ1940ع ۾ لاهور جي اندر جيڪا تاريخي قرارداد مسلم ليگ پاس ڪئي هئي اها انهيءَ راءِ جو اظهار هو ۽ اهوئي ” نظريه پاڪستان “ آهي ، قرارداد جو متن آهي ” اهي علائقا جتي مسلمان تعداد ۾ ڪثرت سان آهن مثلا شمال مغربي ۽ مشرقي هندستان جي منطقن(رياستن) ۾ انهن جي اهڙي طرح گروه بندي ڪئي وڃي جو اهي آزاد ۽ خودمختار مملڪتن جي اهڙي صورت اختيار ڪن جنهن ۾ ملحق يونٽ خودمختار ۽ مقتدر هجن
ان کان پوءِ اپريل 1941ع ۾ مدراس جي اندر مسلم ليگ جي سالانه اجلاس ۾ به تقريباً اها ئي قرارداد ٻيهر منظور ڪئي وئي ۽ انهي نظريه۽ معاهده تحت ڊسمبر 1945ع ۽ جنوري 1946ع ۾ مسلم ليگ مسلمانان هند جي اڪثريت جا ووٽ حاصل ڪيا ۽ اهو ووٽ هڪ لحاظ سان ريفرنڊم هو.
نظريه پاڪستان کان پهريون انحراف
نظريه پاڪستان جي مالڪن ووٽ حاصل ڪرڻ بعد پنهنجي اصلي نيت جو اظهار هن طرح ڪيو جو اپريل 1946ع ۾ دهلي ڪنوينشن ۾ مسلمانان هند ۽ نظريه پاڪستان طئي ٿيل قرارداد کي مسخ ڪري هڪ نئين قرارداد منظور ڪئي ـ قرارداد دهلي جو متن هي آهي.
جيئن ته مسلمانن کي پڪو يقين ٿي چڪو آهي ته هندن جي غلبه کان مسلمانن کي نجات ڏيڻ لاءِ لازم آهي ته هڪ با اختيار ۽ با اقتدار مملڪت جو قيام عمل ۾ آندو وڃي جيڪو مشرقي منطقه ۾ آسام ، بنگال ۽ شمال مغربي منطقه ۾ سنڌ ، پنجاب ، بلوچستان ۽ صوبه سرحد تي مشتمل هجي
انهي سازشي قرارداد ۾ مملڪتن(اسٽيٽس) کي مملڪت (اسٽيٽ) ۾ تبديل ڪيو ويوـ نظريه پاڪستان ۾ وحدتن کي آزاد، خودمختار ۽ مقتدر قرار ڏنو ويوهو مگر انهي سازشي ''قرارداد دهلي'' ۾ اهي شيون مرڪز لاءِمختص ڪيون ويون. شرعا، اخلاقا ۽ قانونا ''قرارداد دهلي'' جي ڪائي اهميت نه آهي ـ ''معاهده يا نظريه پاڪستان قرارداد لاهور'' ئي آهي جنهن جي خاتمه جي معني پاڪستان جو خاتمو هوندو؛ ڇو ته ''نظريه پاڪستان'' بمنزله روح جي هوندو آهي.
ٻيو انحراف :
ٻيو انحراف (ڦيري کائڻ) سنڌ اسمبليء 1946ع ۾ ٻه بل پاس ڪيا
1. ٽي سو ايڪڙ کان گهٽ زمين جو مالڪ پنهنجي زمين گروينه ٿو رکي سگهي جيسيتائين گورنمينٽ کان ان جي منظوري نه وٺي.
2. اڄ تائين جيتريون زمينون گروي جي ڪري وڪرو ٿيون آهن يا اڃان تائين گروي رکيون آهن اهي سڀ پنهنجي اصل مالڪن کي موٽي ملنديون ۽ جيترو عرصو اهي گروي ۾ رهيون آهن انهي عرصي جي زرعي پيدائش جو حساب گروي رکڻ واري کان وٺي اصل مالڪ کي ڏنو ويندو ، جيڪڏهن اهو حساب قرض کان واڌارو هوندو انهي قسم جو بل پنجاب اسمبلي 1900ع ۾ پاس ڪيو هو ۽ عمل ۾ به اچي ويو هو ۽ سرحد اسمبليءَ اهڙو بل 1951ع ۾ پاس ڪيو 30 سيپٽيمبر 1952ع تائين انهيءَ بل جي بنياد تي صوبه سرحد ۾ واپس ٿيل زمين جو تخيمينه (ڪاٿو) 16356 ايڪڙ آهي. سنڌ اسمبليءَ ۾ مسلمان غالب اڪثريت ۾ هئا تنهنڪري اهو بل آسانيءَ سان پاس ٿي ويو. هي ڳالهه واقع آهي ته سنڌ ۾ مسلمان اڪثريت هوندي تعليم ۽ معيشت ۾ پوئتي هئا. تعليم جي اعتبار سان هن ڪري پوئتي هئا جو انگريزن آزاد ملڪ سنڌ تي قبضو ڪري ان کي صوبه نه بڻايائون بلڪ بمبئيءَ جي ڪمشنري بڻايائون. ڪاليج ۽ يونيورسٽيء جي تعليم لاء بمبئيءَ وڃڻ عام مسلمان جي طاقت کان ٻاهر هيو. ان کان علاوه سنڌي غيورُ مسلمان انگريز سان گڏ انگريزيءَ کان به متنفر هيا عالمن سڳورن جي فتوائن به انهي نفرت ۽ دوريءَ ۾ واڌارو ڪيو. انهي هوندي سنڌ ۾ مسلم ۽ نان مسلم جي بنياد تي ملازمتن لاء آباديءَ جي تناسب سان ڪوٽا سسٽم منظور ڪرايو.انهي قسم جو ڪوٽه سسٽم پنجاب ۾ به هو. سنڌي مسلمانن پنهنجا تعليمي ادارا قائم ڪيا ۽ آهستي آهستي تعليم ۾ خود ڪفيل ( پاڻ ڀرجهلا) ٿي ويا.
سنڌ جا مسلمان گهڻي ڀاڱي ڳوٺاڻا هئا جن جي معيشت جو انحصار زراعت تي هو ۽ آبپاشيء جو نظام بهتر نه تنهنڪري زراعت مان زندگيء جون ضرورتون پوريون نه پونديون هيون. سنڌي مسلمان سنڌ مسلمان پنهنجي ضروريات لاء هندو شاهوڪارن ۽ وياج خورن کان قرض کڻي مفلس کان مفلس تر ٿيندا ويا. زمينون گروي رکندا هئا جيڪي قرض ۽ سود تر سود (وياج) ۾ وڪرو ٿي وينديون هيون. مٿئين ٻنهي بلن کي انهيء پس منظر ۾ ڏٺو ويندو ته انهن جي اهميت سمجَهه ۾ ايندي.
اهي ٻئي بل پاس ٿي منظوريءَ جي لاء گورنر جنرل (وائسراءَ) هند ڏانهن ويا دفتري ڪاروائي جي دوران ئي پاڪستان بڻجي ويو. هاڻي اهو بل پاڪستان جي گورنر جنرل محمد علي جناح (جيڻاهه) جي خدمت ۾ پيش ٿيا. جناح صاحب پهريون بل ته پاس ڪيو پر ٻئي بل کي رد ڪندي چيائين ته اهي زمينون پناهگيرن ڏنيون وينديون. جڏهن ته هندن جي متروڪه جائداد ۽ زمين ۾ فرق هو. زمينون انهن جون پنهنجيون نه هيون بلڪه انهن جا اصلي مالڪ (سنڌي) مسلمان هيا. بهرحال سنڌي مسلمان جيڪا شيء هندوستان جي دور ۾ حاصل ڪئي پاڪستان جي برڪت سان اها به انهن کان کسجي وئي اهو اقدام قرارداد پاڪستان لاهور جي سراسر منافي (خلاف)هو انهيء جي باوجود سنڌ وارن کي چيو ويندو آهي ته توهان کي هندو کائي وڃن هان! يا کائي ويندا جيڪڏهن پاڪستان نه ٿئي ها يا نه رهيو. حالانڪه هيءَ ڳالهه ظاهر آهي ته سنڌين کي پاڪستان کاڌو آهي ۽ کائي رهيو آهي يا ٻيو ڪوئي اچي کائندو؟
ٽيون انحراف:
ٽيون انحراف: 1948ع جي اوئل(کان اڳ) ۾ پاڪستان سرڪار سنڌ جي دار الحڪومت بندرگاهه ۽ عظيم الشان شهر ڪراچي کي سنڌ کان جدا ڪيو- سنڌ اسمبلي متفقه قرارداد(ٺهراءُ) ۾ ان جي مخالفت ڪئي بلڪ ان کي قراداد لاهور سان غداري قرار- ان اتفاق راءِ ۾ سنڌ اسمبليءَ جا برطانوي ميمبر به شامل هئا. جناح صاحب ۽ لياقت علي خان هر اسمبليءَ ۾ برطانوي شهرين کي رڪنيت عنايت ڪئي هئي. پر بندوق جي نالي (سگهه) سان ڪراچي زبردستي کسي وئي. البت واعده ڪيو ويو ته صوبائي سيڪريٽريٽ عمله جي رهائشگاهن تعمير ڪرڻ وغيره جي لاءِ مرڪز سنڌ کي معاوضو ادا ڪندو، مگر اڄ تائين اهو واعده به وفا نه ٿيو.
هي ڳالهه واضح آهي ته پاڪستان اسلامي نظام جي لاءِ ڪونه بڻايو ويو. اوهان قرارداد لاهور جي مطالعو ڪريو اهڙي ڪائي ڳالهه ڪونهي. جمعيت علماء اسلام ۽ ڪي ٻيون پارٽيون اسلامي نظام لاء ڪوششون ڪري رهيون آهن، خدا انهن کي ڪامياب ڪري بانيان پاڪستان (جوڙيندڙڻ) جي ذهن ۾ ئي اها ڳالهه ڪونه هئي. پاڪستان صرف(رڳو) هندن جي غلبه کان نجات ۽ آزادي جي بنياد تي قائم ٿيو. هندن جي غلبه جي ۽ ڪثرت جو خوف به ڪل هند سطح تي هو ڪنهن خاص علائقه ۽ صوبه جي سطح جو خوف ڪافرما نه هو. صوبه سرحد جتي هندو نه هجڻ جي برابرهئا، انهن به رفرنڊم ۾ حصو ورتو[ توڙي مخالف پارٽي بائيڪاٽ ڪيو هو] ته ان جو محرڪ به ڪل هند سطح تي هندو جو خوف هو. اگر بانيان پاڪستان جي دل ۽ اسلامي نظام جو ادنيٰ خيال هجي ها، ته هرگز هيٺيان اقدام (وکون) نه ڪن؟
[1] پاڪستان بڻجڻ کان پوءِ پاڪستاني جهنڊو چاڙهيو ويو ۽ برطانوي پرچم يونين جيڪ لاٿو ويو ته جناح صاحب فرمايو يونين جيڪ کي ٻيهر بلند ڪريو ۽ ان کي هڪ ٻيو ڏينهن به ڦڙڪڻ ڏيو.
[2]هڪ غير مسلم[ڀنگي عيسائي]جوگندر ناٿ منڊل کي 10 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي دستور ساز اسمبلي جو پهريون چيئرمين بڻايو ويو.
[3] ڪٽر قادياني چوڌري ظفر الله کي ملڪ جو پهريون وزير خارجه بڻايو ويو.
[4] پاڪستاني بري افواج جو ڪمانڊر انچيف هڪ انگريز جنرل ميسروي(ميسوري) کي بڻايو ويو. حد ته هيءَ آهي جو آڪٽوبر 1947ع ۾ گورنر جنرل جناح صاحب پاڪستان افواج کي ڪشمير بيهي وڃڻ جو حڪم ڏنو حڪم ڏنو مگر انهن فوجين جي ڪمانڊر جنرل گريسيءَ حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو. انهيءَ حڪمُ عدوليءَ جي صله ۾ چئن مهينن عد انهيءَ جنرل گريسيءَ کي جنرل ميسوري جي جاءِ تي بري افواج جو ڪمانڊر انچيف بڻايو ويو ۽ 16 جنوري، 1951ع تائين انهن منصب تي فائز رهيو.
[5] هوائي فوج جو سربراه به هڪ انگريز ايئر مارشل ايل.آر ايچريءَ کي بڻيايو ويو ۽ 1957ع تائين اهو انگريز پاڪستان جي فصائيه جو سربراه رهيو.
[6] بحري فوج جو سربراه به هڪ انگريز ايڊمرل جيفورڊ کي مقرر ڪيو ويو.
[7] صوبي پنجاب جو گورنر سر فرانسس موڊي[انگريز] کي مقرر ڪيو ويو جيڪو آگسٽ 1949ع تائين گورنر رهيو.
[8] مشرقي (اوڀر) پاڪستان جو گورنر به انگريز فريڊ راڪ بورن کي بڻايو ويو، جيڪو ٽي سال حڪومت ڪندو رهيو.
[9] صوبه سرحد ۾ چئن سالن تائين هڪ ٻئي پٺيان ٻن انگريزن گورنري ڪئي يعني ڪنگهم ۽ ڊنڊلس.
[10] سڀني اسمبلين ۾ انگريزن کي اعزازي رڪنيت ڏني وئي ان طرف اهڙو اشارو به ڪري آيو آهيان.
مطلب ته پاڪستان جي بانين ملڪ جي فوجن جو مخصوص ذهن تيار ڪرايو ۽ ملڪ جي رڳ ريشه ۾ برطانوي جراثيم داخل ٿيڻ جو موقعو مهيا ڪيو(ويو) اسلامي نظام جا داعي ائين ڪندا آهن. هي اهي خرابيون آهن جن جو واسطو نظريه جي بانين سان آهي.
ورتل:- سنڌ جو ڪيس
ڇاپو پهريون، 1988ع
پاران:سنڌ ساگر پارٽي، سنڌ

No comments:

Post a Comment