Realtime Hit Counter

Thursday 22 December 2011

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد! _ جوکيو شفيق احمد

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!

ليڪن وطن سنڌ ۾ هر سنڌي جيجل ماءُ ٿئي ٿي، هرهر ڇو شهيد؟

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!

ليڪن وطن سنڌ ۾ سنڌي پيءُ ٿئي ٿو، هرهر ڇو شهيد؟

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!

ليڪن وطن سنڌ ۾ سنڌي مظلومُ نياڻي ٿئي ٿي، هرهر ڪاري ڇو شهيد؟

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!

ليڪن وطن سنڌ ۾ سنڌي ڀيڻ ٿئي ٿي، هرهر ڪاري ڇو شهيد؟

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!

۽ پڻ مظلومُ معصومُ مجبور مهقورعورت به ٿئي ٿي، هرهر ڇو شهيد؟

اي امام امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد

ليڪن وطن سنڌ ۾ سنڌي معصومُ ٻچو ٻچو ٿئي ٿو، هرهر شهيد

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!

ليڪن وطن سنڌ ۾ سنڌي گگدامُ ٿئي ٿو، هر هر شهيد؟

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!

ليڪن وطن سنڌُ ۾، سنڌي جهورُ جهونو ٿئي ٿو، هرهر ڇو شهيد؟

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!

ليڪن وطن سنڌ سنڌي مسڪين ٿئي ٿو، هر هر ڇو شهيد؟

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!

ليڪن وطن سنڌ ۾ سنڌي مزدور ٿئي ٿو، هر هر ڇو شهيد؟

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!

ليڪن وطن سنڌ ۾ سنڌي غريب ٿئي ٿو، هرهر ڇو شهيد؟

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!

ليڪن وطن سنڌ ۾ سنڌي هاري ٿئي ٿو هرهر ڇو شهيد؟

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد

ليڪن وطن سنڌ ۾ سنڌي شاگرد ٿئي ٿو، هرهر ڇو شهيد؟

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!

ليڪن وطن سنڌ ۾ سنڌي استاد ٿئي ٿو، هر هر ڇو شهيد؟

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!

ليڪن وطن سنڌ ۾ سنڌي بک ۾ باهه ٿئي ٿو، ڇو شهيد؟

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!

ليڪن وطن سنڌ ۾ سنڌي پياسو پياس ۾ ٿئي ٿو، ڇو شهيد؟

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!

ليڪن وطن سنڌ ۾ سنڌي عوامُ ٿئي ٿو هر هر ڇو شهيد؟

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!

ليڪن وطن سنڌ ۾ سنڌي ئي سنڌي ٿئي ٿو، هرهر ڇو شهيد؟

اي امام حسين رضه تون پنهنجي وطن جي ڪربلا به ڏس شهيد!

ليڪن وطن سنڌ جي سنڌيءَ جي هر گهڙي، هر مهل، اسم زمان ۽ مڪان به ڏس شهيد ؟

سو به مذهب جي نانءَ تي، ملڪ پاڪستان ۾

منافقيءَ جي نالي تي شهيد؟

سو به مذهب جي نانءَ تي، ملڪ پاڪستان ۾

منافقيء جي نالي تي شهيد؟

آهي مون جوکيئي شفيق کي حيراني، سو به حبداريءَ

جي نالي تي ڇو شهيد؟

آهي مون جوکيئي شفيق کي حيراني،سو به حبداريءَ

جي نالي تي ڇو شهيد؟

اڃا به لکي سگهجي ٿو پر ايترو ڪافي آهي.سياڻن لاء اشارو؟

by Jokhio Shafique Ahmed on Monday, December 5, 2011 at 7:15am


No comments:

Post a Comment