Realtime Hit Counter

Friday 16 March 2012

جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي جو پروگرامُ:


جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي جو پروگرامُ:

1- دارالرشاد، اسواد اعظم ۽ قاسمُ المعارف جا پراڻا ڪارڪن ۽ سندن ساٿي جيڪي وطني خدمت کي پنهنجو مذهبي فرض سمجهن ٿا، انڊين نيشنل ڪانگريس جي اندر هڪ مستقل پارٽي تشڪيل ڏين ٿا جنهن جو تعلق اتر اولهندي هندوستان جي محدود پرڳڻن سان هوندو.

الف-پارٽيءَ جو نالو جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي هوندو.

2-ان پارٽيءَ جا نظري بنيادي اصول هي آهن:

الف-عدمُ تشدد جي پابنديءَ سان ڪامل آزاديءَ حاصل ڪرڻ ان تواريخي حقيقت کي ياد رکڻ گهرجي ته عيسائيت عدمُ-تشدد جي جي پابنديءَ سان ٽن سوءُ ورهين ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.

ب- آبادگار(هاري، فارمرس) هنر-مند ۽ پورهيت جي معاشي(اقتصادي)حالت سڌارڻ ۽ ان کي ترقي ڏيئي يورپ جي پورهيت جيتري بڻائڻ جيسيتائين ملڪ جي عامُ آباديءَ جي معاشي حالت ترقي نه ڪندي (تيسيتائين) سياسي ترقي (واڌ-ويج) نا-ممڪن آهي.
ج-هندوستان کي هڪ ملڪ نه پر يُورَپَ وانگر ملڪن جو مجموعو مڃڻ، ٻوليءَ ۽ معاشرت کي ملڪي ونڊ-ورڇ جو بنياد بڻائڻ.

و- ترقي يافته يورپَ جي هنرن کي اسان جي ملڪ ( ننڍي-کنڊ يعني هند ۽ سنڌُ) ۾ هلائڻ لاء ۽ وطن جي خدمت ۽ حفاظت ۾ مرد ۽ عورت کي جوان-مردي سيکارڻ لاء يورپين معاشرت(يعني صنعتي ترقي ۽ فوجي تنظيم)(ميڪنازم ڊولپمينٽ ۽ آرمي آرگنائيزيشن) اختيارُ ڪرڻ.

سمجهاڻي: يورپين قومن جي سياسي برداريءَ ۾ شامل ٿيڻ کان سواءِ نه ايشيا جي سياسي ترقي سؤلي (سهنجي آسان سهل) آهي ۽ نه هندوستان جي؛ تنهن ڪري معاشرتي انقلابُ خوشيءَ سان برداشت ڪرڻ گهرجي، نه ته رجعت-پسند قوّتون(ريئڪشنري) ملڪ (وطن) کي رَکَ بڻائي ڇڏينديون.

ورتل ڪتاب؛ مولانا عبيد الله سنڌي تحريرون ۽ تقريرون،
سهيڙيندڙ ۽ سنڌيڪارُ ثناءُ الله سومرو،
سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، سنڌ.

۽ پڻ ڪتاب افادات ملفوظات مولانا عبيد الله سنڌي
ليکڪُ پروفيسر محمد سرور، باني سنڌ ساگر اڪيڊمي، لاهورُ.

۽ ڪتاب خطابات مولانا عبيد الله سنڌي،
ڊاڪٽر پروفيسر سلمان شاهجان-پوري ثم سنڌي ڪراچي، سنڌ.

۽ پروفسر بشير احمد بي.اي لڌيانوي جا جا ڪتاب.
۽ پڻ علامه غلامه مصطفيٰ قاسمي اڳوڻو چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ /
ڊئريڪٽر شاه ولي الله اڪيڊمي، حيدرآباد، سنڌ.

۽ پڻ علامه موسيٰ جارُ الله روس وارن شاگر رشيد امام انقلاب عبيد الله سنڌيءَ جا ڪتاب.

هي اختصار سان لکيو
مون فقير جوکئي شفيق احمد.

No comments:

Post a Comment