Realtime Hit Counter

Friday 16 March 2012

مذهب تبيل ڪندڙن بابت امام انقلاب عبيد الله سنڌي جو موقوف

رنڪل ڪماري (هاڻوڪي فريال) بابت اسان جو موقوف بابائي سنڌ امام انقلاب مرشدي عبيد الله سنڌيء جو جيڪو موقوف فڪر آهي اهو اسان جو به فڪر آهي. نه گهٽ نه وڌ ملاحظ ڪندا ته امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح جن ڇا ٿا چون ؟
هيٺ ٿو لکجي اميد ته اسان بابت توهان ڪنهن ڏک ڪاوڙ يا مغالطي ۾ نه رهندا ته اسان لاء رب جي رضا هوندي لايرحم الله من يرحم الناس يعني الله ٻاجهه نه ٿو ڪري ان تي جيڪو انسانن تي رحم نه ٿو ڪري:
امام انقلاب عبيد الله سنڌي جي پهرين پارٽي جيڪا هن ترڪيءَ ۾ پايو وجهي جوڙي هئي يعني (مها-ڀارت سرو راجيه پارٽي) جي مول متن مطابق ته :- شق نمبر 31-
هندوستان جي مذهبن جي وچ ۾ جهيڙن کي نبيرڻ لَاء '' مها-ڀارت سرو-راجيه پارٽي'' ''مرڪزي ڪميٽِي'' هر هڪ سرو-راجي جمهوريه ۾ عدالتي قانون مطابق هڪ ثالثي پنچائت ٺاهيندي.
الف- جيڪڏهن هڪ خاندان مان هڪ عورت پِيءُ مڙُس يا ڌيءُ (پٽ) جي همراهيءَ کان سواء پنهنجو مذهبُ تبديل ڪري ٿي ته انهيءَ عورت جو ان پنچائت جي سامهون بيانُ ٿيندو ۽ اها ان برادريء جي فيصلي کان سواء الڳ نه ٿي سگهندو.
ب-جيڪڏهن ان برادريء جي سامهون ڪنهن مذهب جي پوئلڳن تي مذهب جي نالي تي عورتن اغواء ڪرڻ جو الزامُ ڪيترائي ڀيرا ثابت ٿي چڪو هجي ته ان مذهب جي سرڪار امداد (جيڪڏهن ان کي ملندي آهي) بند ڪئي ويندي، جيسيتائين ان مذهب جا پوئلڳ مرڪزي ڪميٽيءَ کي مطمئن نه ڪندا.
ڏسو مها-ڀارت سرو راجيه پارٽي آف هند جا مول متا يعني عرف ۾ آئين منشور
ڪتاب مولانا عبيد الله سنڌي رح جون تحريرون ۽ تقريرون
سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي،سنڌ
هن کي لکيو مون خاڪ پاء جوکيو شفيق احمد

No comments:

Post a Comment