Realtime Hit Counter

Friday 20 April 2012

مذهب (ڌرمُ) ۽ فڪر امام انقلاب عبيد الله سنڌيء:


مذهب (ڌرمُ) ۽ فڪر امام انقلاب عبيد الله سنڌيء:

هر هڪ سرو-راجيه جمهوريه، پنهنجي اڪثريت واري آباديء جي مذهب (ڌرم) کي پنهنجو اسٽيٽ مذهب بڻائي سگهي ٿي، جيڪڏهن ان مذهب جا اڳواڻ پنهنجي مذهبن (ڌرمن) جو اهڙو مجموعو پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن، جيڪو '' مها-ڀارت سرو-راجيه ڪميٽي'' جي فيصلي ۾ سرو-راجيه جمهوريه جي بنيادي سياسي ۽ اقتصادي اصولن جي خلاف رجعتي مواد کان پاڪ. ان صورت ۾ لازمي طور ان جمهوريت جو پريزيڊنٽ ان مذهب جي پوئلڳن مان چونڊيو ويندو.

الف: جنهن صورت ۾ اڪثريت واري آباديء جو مذهب(ڌرم) سرڪاري مذهب ٿي ويو، انهيء صورت ۾ جيڪڏهن ڪنهن اقليت(ٿورائي) جو مذهب به ''مذهب به مها-ڀارت سرو-سراجيه مرڪزي ڪميٽي'' جي فيصلي مطابق انهيءَ شرط کي پورو ڪري ٿو ته ان کي به پنهنجن پوئلڳن جي آباديء جي تناسب سان مذهبي معاملن ۾ سرڪاري امداد حاصل ڪرڻ جو حق حاصل هوندو.

ب:اهڙن مذهبن (ڌرمن) کي جيڪي پارٽي پروگرام ۾ سرو-راجي جمهوريه جي سياسي ۽ اقتصادي بنيادي اصولن سان ساٿ نه ٿا ڏيئي سگهن، فقط انهيءَ صورت ۾ مذهبي (ڌرمي) تعليم جي آزادي ڏني ويندي، جڏهن ان جا پوئلڳ مها-ڀارت سرو-راجيه مرڪزي ڪميٽي کي پڪ ڏيارن ته هو سياسي معاملن ۾ حصو نه وٺندا.

ج: بنا ڪنهن فرق جي سڀني مذهبن (ڌرمن) جي مقدس جاين کي قانوني طور احترام لائق سمجهيو ويندو. انهن محدود ايراضين لاء مها-ڀارت سرو-راجيه مرڪزي ڪميٽي خاص قانون ٺاهيندي(جوڙيندي) اهڙي ريت جيڪڏهن ڪنهن قوم جي مرڪزي تعليم-گاه ڪنهن ٻي قوم جي علائقي ۾ هوندي ته اها به خاص قانون هيٺ احترام لائق قرار ڏني ويندي.

30:هڪ سرو-راجي جمهوريه جيڪڏهن ڪنهن مذهب (ڌرم) کي سرڪاري مذهب بڻائي ٿي يا جيڪڏهن ڪنهن مذهب کي تسليم ڪري وٺي ٿي ته:

الف: انهن مذهبن (ڌرمن) جي تعليم گاهن ۽ مذهبي مقدس جاين کي انهن جي آباديء جي تناسب سرڪاري امداد ڏني ويندي.

ب: انهن مذهب (ڌرم) جي ڏڻن تي سرڪاري موڪل ڪئي ويندي.

ج: جيڪڏهن انهن مان ڪنهن مذهب جا پوئلڳ پنهنجي مرضيء سان ڪنهن خاص ضرورت لاء پنهنجي مٿان ڪو ٽيڪسُ لاڳو ڪن ته حڪومت ان ٽيڪس جي گڏ ڪرڻ ۾ ساڻن مدد(سهڪار) ڪندي.

د: مذهب (ڌرم) جي اشاعت لاء ڪنهن به مذهب کي سرڪاري امداد نه ڏني ويندي.

31: هندوستان ۾ مذهبن جي وچ ۾ جهيڙن کي نبيرڻ لاء '' مها-ڀارت سرو-راجيه مرڪزي ڪميٽي'' هر هڪ سرو-راجي جمهوريه ۾ عدالتي قانون مطابق هڪ ثالثي پنچائت(جوڙيندي) ٺاهيندي.

الف: جيڪڏهن هڪ خاندان مان هڪ عورت پِيءُ مڙُس يا ڌيءُ (پٽ) جي همراهيءَ کان سواء پنهنجو مذهبُ تبديل ڪري ٿي ته انهيءَ عورت جو ان پنچائت جي سامهون بيانُ ٿيندو ۽ اها ان برادريء جي فيصلي کان سواء الڳ نه ٿي سگهندو.

ب: جيڪڏهن ان برادريء جي سامهون ڪنهن مذهب جي پوئلڳن تي مذهب جي نالي تي عورتن اغواء ڪرڻ جو الزامُ ڪيترائي ڀيرا ثابت ٿي چڪو هجي ته ان مذهب جي سرڪار امداد (جيڪڏهن ان کي ملندي آهي بند ڪئي ويندي، جيسيتائين ان مذهب جا پوئلڳ مرڪزي ڪميٽيءَ کي مطمئن نه ڪندا.
ڏسو

مها-ڀارت سرو راجيه پارٽي آف هند جا مول متا يعني عرف ۾ آئين منشور

ڪتاب مولانا عبيد الله سنڌي رح جون تحريرون ۽ تقريرون
سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي،سنڌ.

هن کي لکيو مون مون مسڪين
جوکيو شفيق احمد
***

No comments:

Post a Comment