Realtime Hit Counter

Saturday 8 December 2012

سنڌ وطن ۽ دين ڌرم مذهب ؟



سرور ڪائنات سڳوري سيدنا محمّد 
(ڪريم رئوف رحيم ۽ جهانن جي ڪارڻي رحمة اللعالمين) صلي الله عليه وسلم جن جي جيڪڏهن جنهن به توهين اهانت انسلٽ ڪئي آهي، ان تي الله جي، الله جي رسول صلي الله عليه وسلم جي، ملائڪن جي، جبلن، سمونڊن، زمين، آسمان، فلڪ، تارن، سيارن، جنن ۽ انسانن جي لعنت هجي! 

اهو ٿيو منهنجو ذاتي موقوف، جيڪو مون هتي چٽو ڪيو. 

پر ڇا اهي سنڌي سيڪيولر-ازم جا دعويدار ۽ نيشنلسٽ ڇو عقل جا انڌا ٿي، مون مسڪين عيبدار گناهگار ٻانهي شفيق کي، اهڙا ڦوٽا توهين سان ٿڦيل مُلَنِ موالين يا غير مُلن موالين پاران شيئر ڪيل، ڇو ٿا ٽيگ ڪن مون کي حيرت ٿي لڳي! افسوس

اسان سنڌي قوم جو هتي فيسبوڪ سوشل ميڊيا تي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي سورن پورن ڏکن ڏوجهرن کي ڇڏي، لاحاصل بحث تي وقت وڃائڻ، اسان کي سونهي يا سٺو ٿو لڳي؟ 

ٻيو ته ڇا اسان جي سنڌي نيشنلسٽ فڪر فلسفي وارن دوستن جا اهي سنڌي مذهبي ڌرمي ساٿي سنگتي يار سڄڻ نه آهن؟

جن کي اسان شعوري طور تي رنجائي، پنهنجي انقلابي مقصد کان هٿ سان ڀڄائڻ جا مجرم ڀائيوار ته ٿي نه رهيا آهيون؟

جنهن سان سنڌ جو وجود بقاء وارو سفر اڃا پري ٿي ويندو يا انقلابي قافلي وارا سنڌي پانڌيئڙا گهٽ ٿي ويندا! 
افسوس

ٻي هڪ اهم ڳالهه ته ڇا امريڪا برطانيه وارن سنڌ جي قاتلن کي برطانيه ۾ وهاري سنڌ جي وجود بقاء سان اوڇي ڪوجهي ڪرڀائيتي کيڏ راند ناهن ڪڏائي رهيا؟

ڇا امريڪا ۽ برطانيه جي ڳٺ-جوڙ سان سنڌ جو وجود ختم ڪري پاڪستان ۾ ضم (حلول) ڳاڙڻ وارو ڪم نه ڪيو ويو؟

ڇا جيڪڏهن امريڪا برطانيه سچا ٿين ته، سنڌ کي آزادي نه ٿي ملي سگهي ۽ جي نه ٿا ڏيارڻ چاهين ته ڇو نه؟ 

ڇا پنجابين پٺاڻن برمين بهارين برمين ۽ آفگانين وغيره کي سنڌ ۾ آباد ڪرائڻ ۾ امريڪا جي (رنڊي يو.اين.او) ۽ برطانيه، اسان جي ماٿري سنڌ ۾ آباد نه ڪرايو هو؟ 

ڇا پنهنجن لونڊن جنرلن ايوب ضياء ۽ پرويز کان سنڌ کي برباد کي تباه برباد نه ڪرايو هو ۽ سنڌ جون زمينون بندر شهر کيت ٻنيون نه کسيا ويا؟

سو تنهنجي ڪري هٿ ٻڌي التجاء ٿو ڪريان ته، اهڙا متنازعه فوٽو يا ٻيو ڪو به مواد وغيره، مونکي شيئر نه ڪيا وڃن. 

نه ته پوء انهن جي ليڊرن جي (جن دين ڌرم مذهب جي ڌوکي ۾ هندو مسلم دو قومي نظريه هيٺ سنڌ کي غلام ڪري ويا )  تن جي فيسٻوڪ تي پٽڪڙي اهڙي لاهبي جو سهي ڪين سگهندا. 

اسان کي سنڌي سيڪيولر نيشنلسٽ رهڻ ڏنو وڃي. 

هوئن به جيڪي پاڻ کي سيڪيولر-ازم ۽ نيشنلزم جا ڀوتار ٿا سڏائڻ انهن کي اهڙيون ڪوجهيون ڪڌيون ڪرڀائتيون حرڪتون نه ٿيو سونهن! 

جيئي سنڌ ۽ ان جيجل سنڌ جو مصيبتن ماريل اولاد سنڌي عوام. 

اسان سنڌي قوم جي معصوم عوام کي اهڙين ڪوجهين ڳالهين کان پري رهڻ جي صلاح ٿا ڏيون ۽ انهن کي به دلجاء ٿا ڏيون جن جون دليون رنجايون پيون وڃن، سو صبر ڪن ته جئن هڪ ڏينهن سنڌ باندرن جي هٿن منجهان آزاد ٿيندي، پوء اهي سرمائيدارن جا پٺو دلال دنيا جي گولي تي ڳوليا ڪين لڀندا اهو الله جو قانون آهي. 

جوکيو شفيق احمد 

وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، جن اُتوسين ايمانَ؛ 
تن مڃيو مُحمَّدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻ لِسانَ؛ 
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمان، اَوَتڙِ ڪنهن نه اوليا. 
شاهه رح

عبد الله بن عباس رضي الله تعاليٰ عنهما کان روايت آهي ته: 
نبي صلّي الله عليه وسلم جن وٽان هڪڙو گڏهه لنگهيو جهن جي مُنهَن تي ڏنڀُ هو؛ ارشاد فرمايائون ته ''الله جي ان تي لعنتَ هجي جنهن هن (گڏهه) کي ڏنڀُ ڏنو آهي.'' صحيح ملسم ڏسو ڪتاب:-رياضّ الصالحين، 
سنڌيڪارُ:علَامة سعيد احمد ڀٽو، مهراڻ اڪيڊمي، 
شڪارَپورُ،سنڌُ.

2:- ابو سعيد رضِِيّ الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته:- مان پنهنجي غلَامَ کي ڦٽڪي سان ماري رهيو هُئُسِ، اوچتو مون پنهنجي پويان آوازُ ٻڌيو ته اي ابو مسعودَ ! سمجهَه کان ڪم وٺُ! ڪاوڙِ جي ڪري مون آوازُ نه سڃاتو. جڏهن جڏهن اهو مون کي ويجهو ٿيو ته ڇا ڏسان ته رسول الله عليه وسلم جن آهن فرمائي رهيا آهن ته؛ اي ابو مسعودَ ! پڪَ ڄاڻ ته الله تعاليٰ ان غلَامَ جي ڀيٽ ۾ توتي وڌيڪ سگهارو آهي. مون چيو ته اڳتي غلَامَ کي نه ماريندُس. 

3-:- هڪ (ٻي) روايت ۾ آهي ته سندن ( يعني رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي) هيبت کان منهنجي هٿ مان چهبڪُ ڪري پيو. ٻي روايت ۾ آهي ته مون عرض ڪيو اي الله جا رسول! الله جي رضا لَاءِ اهو (غلَامُ) آزادُ آهي. ارشاد فرمايائون ته جيڪڏهن ان کي آزادُ نه ڪرين هان ته توکي جهنمَ جو عذاب پهچي ها يا توکي باهه ساڙي ها. اهي روايتون صحيح مسلم ۾ آهن.

ڏسو ڪتاب:- رياضّ الصالحين،سنڌيڪارُ:- علَامة سعيد احمد ڀٽو،
مهراڻ اڪيڊمي، 
شڪارَپورُ،سنڌُ.

عبد الله بن عمر رضي الله عنهما کان روايت آهي ته:-رسول الله صلي الله عليه وسلم چيو ته : هڪ عورت کي ٻلي جي ڪري عذاب ڪيو ويو. ان (ٻليءَ) کي ٻڌي ڇڏيائين، تان جو (اڃايل بکايلَ) ٻلي مري وئي، تنهن ڪري جهنمَ ۾ داخل ٿي.نه پاڻ ان ٻليءَ کي کائڻ پيئڻ لَاءِ ڪجهه ڏنائين ۽ نه ان کي ڇوڙڻَ لَاء تيارُ هئي ته جيئن زميني جانورُ کائي پيٽ ڀري. متفق عليه  1599،   ڪتاب رياضّ الصالحين، سنڌيڪارُ: علَامة سعيد احمد ڀٽو،
مهراڻ اڪيڊمي، 
شڪارَپورُ،سنڌُ.
***

No comments:

Post a Comment