Realtime Hit Counter

Saturday 11 July 2015

پنجاب جو ورهاڱو ۽ موجوده سياسي صورتحال بئريسٽر ضمير گهمرو


پنجاب جو ورهاڱو ۽ موجوده سياسي صورتحال
بئريسٽر ضمير گهمرو

جيئن جيئن چونڊن جا ڏينهن ويجها ٿي رهيا آهن، تيئن تيئن سياسي پارٽيون پنهنجين حڪمت عملين کي واضح ڪري رهيون آهن. پيپلز پارٽي جو ته چونڊن ڪرائڻ تي ئي ڀروسو آهي، ڇو ته نه ته ان وٽ ڪا اسٽيبلشمينٽ آهي ۽ نه وري عدليه انهن سان دوستانه آهي. پنجاب ۽ ان جي قيادت جو زور وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ ۽ سو به گيلاني-زرداري جي موجودگيءَ کان سواءِ ئي آهي. هوڏانهن ملڪ جي معيشت، امن امان ۽ پرڏيهي پاليسي واري صورتحال تمام ڏکي آهي. آمريڪا جا نت نوان مطالبا توڙي دڙڪا روز جو معمول ٿيندا پيا وڃن. ان صورتحال ۾ پنجاب اسيمبلي پاران بهاولپور توڙي ڏکڻ پنجاب صوبا ٺاهڻ جي حق ۾ يڪراءِ ٺهراءُ پاس ڪرڻ ملڪ جي سياست کي تاريخي موڙ تي بيهاري ڇڏيو آهي.
پنجاب جي حڪمران رنجيت سنگهه 2 جولاءِ 1818ع تي سرائيڪي پرڳڻي تي قبضو ڪري ان کي پنهنجي حڪمراني هيٺ آڻي ڇڏيو هو. اهڙي طرح ڪشمير توڙي موجوده خيبر پختونخوا کي به پنهنجي سلطنت سان ملائي ڇڏيو هو. انگريزن 1901ع ۾ موجوده خيبر پختونخوا کي پنجاب کان ڌار ڪري سرحد جي نالي سان جدا صوبو ٺاهيو، پر سرائيڪي پرڳڻو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پنجاب جو حصو رهيو. پنجاب سرائيڪين جي تعداد کي پاڻ سان گڏي ملڪ جو وڏو صوبو ٿي ويو. سنڌ، خيبر پختونخوا توڙي بلوچستان پاڻ ۾ ڳنڍجن، تڏهن به سندن قومي اسيمبليءَ ۾ پنجاب جي 183 سيٽن جي ڀيٽ ۾ سندن 149 سيٽون بيهن ٿيون، جنهن ۾ اقليتي سيٽن کان سواءِ بلوچستان 17، خيبر پختونخوا 43، سنڌ 75، فاٽا 12 ۽ 2 اسلام آباد جون سيٽون آهن. پنجاب جي اهڙي عددي اڪثريت، جيڪا سرائيڪين تي بيٺل آهي، پنجاب کي ملڪ جي سمورن ادارن جو مالڪ بڻائي ڇڏيو، جن ۾ فوج، سول بيوروڪريسي، عدليه، ميڊيا ۽ رياست جا ٻيا انيڪ ادارا شامل آهن. پنجاب سرائيڪين جي عددي اڪثريت جي بنياد تي نه رڳو رياست جي ادارن پر انهن ادارن جي ذريعي سياست تي به قابض رهيو. جمهوريت ۾ جڏهن سندس وس نٿو پڄي ته اهو عدليه، فوج ۽ سول نوڪر شاهي کي استعمال ڪري جمهوريت کي گهر موڪلي پيو ڇڏي. جمهوريت کي گهر موڪلڻ جو سندس مقصد ملڪ جي اڪثريتي آبادي هر هڪ سنڌي، سرائيڪي، بلوچي ۽ پٺاڻ آبادي جي سياسي حقن جي نه صرف پائمالي پر انهن جي وسيلن تي تسلط پڻ سندس پاليسي جو اهم محرڪ رهيو. پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب مان اڀري پر آهستي آهستي سندس دائرو تنگ ڪري سنڌ ڏانهن ڌڪيو ويو، پر سرائيڪي پرڳڻي ۾ وري به پ پ پنهنجي اڪثريت برقرار رکي. پ پ کي جڏهن محسوس ٿيو ته رياست تي قابض ادارا سندس سياسي حقن کي يا سندس حق حڪومت کي تسليم نه ڪري رهيا آهن ته هنن پنجاب کي ٻه اڌ ڪرڻ پنهنجي سياسي مفاد ۾ سمجهيو ۽ پهريون دفعو ملڪ جو صدر ۽ وزير اعظم موقعي جو فائدو وٺندي کلي عام ان جي حمايت ڪرڻ لڳا. جيئن ته سرائيڪي پرڳڻو پنجاب جي اڌ کان گهڻو آهي، ان ڪري هو سرائيڪي، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا کي گڏ ڪري ايندڙ حڪومت ٺاهڻ جي پيش قدمي ڪري رهيا آهن.
پنجاب جي قيادت وري چالاڪي کان ڪم وٺندي هڪ بجاءِ ٻن صوبن جا ٺهراءَ منظور ڪري ڇڏيا. جيتوڻيڪ سرائيڪي عوام پنهنجي قوم جي لاءِ هڪ صوبو/رياست جي گهر ڪري رهيو آهي، پر پنجاب اسيمبلي جي هڪ ٺهراءَ تي ئي عمل ڪرڻ جو امڪان آهي، ڇو ته ملڪ جون سڀ قومون هر هڪ سنڌي، بلوچ، پختون قومي بنيادن تي صرف هڪ صوبي قائم ڪرڻ تي سهمت آهن، ڇو ته ٻين قومن کي پنهنجون پنهنجون رياستون آهن، جنهن جي بنياد تي هو وفاق ۾ شامل آهن. انتظامي بنيادن تي صوبي جي گهر آئين ۽ وفاقي اصولن جي خلاف ورزي آهي. هونئن ته آئين جي آرٽيڪل 239 ۾ نون صوبن ٺاهڻ جو پارليامينٽ کي اختيار هرگز نه آهي، ڇو ته اهو اختيار Constituent units تي ٻڌل آئين ساز اسيمبلي جو آهي ۽ موجوده پارليامينٽ آئين جي آرٽيڪل 239 هيٺ رڳو صوبن جي حدن ۾ ڦير ڦار ڪري سگهي ٿي. پر جيئن ته چارئي صوبا سرائيڪي صوبي جي حق ۾ آهن ته ان کي Constituent units جو فيصلو چئي سگهجي ٿو.
سنڌ جي قومپرستن 28 جنوري تي متحده پاران اسيمبلي ۾ نون صوبن جي باري ۾ بل جي پيش ڪرڻ خلاف ان ڪري هڙتال جو سڏ ڏنو هو، ڇو ته آئين هيٺ صوبن جي حدن ۾ ڦير ڦار وارو اختيار صوبائي اسيمبلين کان کسي پارليامينٽ کي ڏنو پئي ويو، پر جيئن ته پنجاب اسيمبلي ڏکڻ پنجاب صوبي جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري هاڻي آئين جي آرٽيڪل 239 ۾ ترميم وارو اشو ختم ٿي ويو آهي ۽ مسرور جتوئي جيڪو سنڌ اسيمبلي ۾ بل پيش ڪيو هو، ان جو مقصد به پورو ٿي ويو آهي، ڇو ته پ پ سرڪار وقت جي نزاڪت ۽ سنڌ جي ردعمل کي سمجهندي صوبن جي حدن ۾ ڦير ڦار وارو اختيار صوبائي اسيمبلي وٽ برقرار رکيو آهي ۽ ڪنهن به صوبائي اسيمبلي جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان بل پاس ڪرڻ کانسواءِ پارليامينٽ ڪنهن به صوبي جي حدن ۾ ڦير ڦار نه ٿي ڪري سگهي. جيئن ته سرائيڪي صوبو انتظامي بنيادن تي نه پر قومي بنيادن تي ٺاهيو پيو وڃي، ان ڪري سنڌي، بلوچ توڙي پختون ان ڳالهه تي سهمت آهن، ڇو ته ان سان پنجاب به ورهائجي ويندو ۽ آرٽيڪل 239 وارو صوبن کي تحفظ به ملي ويندو. ان ڪري ئي پيپلز پارٽي سرڪار نواز ليگ تي زور وجهڻ لاءِ پارليامينٽ مان ترميم بجاءِ ٺهراءُ آندو، ته جيئن نواز ليگ تي دٻاءُ وجهي پنجاب اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ڪرائجي ۽ ٿيو به ائين ته سرائيڪي پرڳڻي ۾ ملتان واري ننڍي چونڊ کان پوءِ نواز ليگ پنهنجي ساک بچائڻ لاءِ فورن هڪ بجاءِ ٻه ٺهراءَ پيش ڪيا. پنجاب جي قانون واري وزير چيو ته پ پ وارا گهر ويندا ته خبر پوندن ته ٺهراءَ ۾ ڇا آهي، پر اها رڳو سندس خام خيالي هئي، ڇو ته پنجاب اسيمبلي ٻن صوبن جا ٺهراءَ پاس ڪري يا پنجن صوبن جا، اهو فيصلو ته پارليامينٽ کي ڪرڻو آهي، ته سندس ڪهڙي ٺهراءَ تي عمل ڪري. ان مان لڳي ٿو ته دل تي ڪيڏو بار رکي نواز ليگ اهي ٺهراءَ پاس ڪيا آهن.
هنن ٺهرائن سان هڪدم ملڪ جي سياسي تاريخ ۽ بيهڪ تبديل ٿي وئي آهي، ڇو ته پنجاب جي ورهاڱي سان ستر سيٽون سرائيڪي کڻندا ته پنجاب ملڪ جي سياست تي ايترو اثر انداز نه ٿي سگهندو ۽ سياست ۾ اثر نه هجڻ ڪري هن جو رياست جي ادارن تي بي پناهه ڪنٽرول به ڍرو ٿيندو ويندو، جنهن سان کيس ڪاپاري ڌڪ لڳندو، پر ملڪ کي زبردست فائدو ٿيندو، ڇو ته 75 سيڪڙو پاڪستان ملڪ جي ادارن ۽ پاليسين کان پنجاب جي عددي بالادستي جي ڪري ڏور رهيو آهي. هڪ لحاظ کان هي تاريخي تبديلي هوندي، پر پارليامينٽ کي گهرجي ته اها ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهي. جيڪڏهن بهاولپور صوبو ٺاهڻ جي ڪوشش ٿي ته پوءِ ٽئي صوبا ان تي متفق نه ٿيندا، ڇو ته وفاق ۾ پاڻي، ناڻي، قدرتي وسيلن توڙي آئيني اختيارن تي فيصله سازي ۽ پنجاب مان گهڻا صوبا سندن حق ماري سگهن ٿا، جنهن جي هو سخت مخالفت ڪندا ۽ صرف ڏکڻ پنجاب صوبي تي ئي اتفاق ٿي سگهي ٿو.
پ پ سرڪار جي هي سياسي پهل ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي اڳڀرائي آهي، ڇو ته گيلاني-زرداري سرڪار خلاف ٺهندڙ محاذ به ان پهل جي ردعمل جو نتيجو آهي. پنجاب جي قيادت هميشه ملڪ ۾ سياسي نظام پنهنجن شرطن تي چاهيو آهي، ضيا کان وٺي مشرف تائين سياسي نظام پنجاب جي شرطن تي ئي هلندو آيو آهي ۽ هينئر جڏهن پنجاب جي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي پاليسين جي ڪري عالمي ۽ علائقائي طور اڪيلي ٿي آهي ته پهريون دفعو پنجاب پنهنجي 14 ضلعن تي مشتمل آباديءَ سان ڪنهن ڪنڊ ۾ داخل ٿيڻ جي شروعات ڪئي آهي، جيڪا سياست ۾ تمام وڏي تبديلي هوندي، ڇو ته هاڻ پنجاب لاءِ مزاحمت جا چار مرڪز گڏ ٿيندا ۽ عين ممڪن آهي ته ملڪ جو سياسي سرشتو پهريون دفعو پنجاب جي هٿن ۾ نه رهي.
پهريون ڀيرو پنجاب ۾ سياسي مينڊيٽ ورهائجڻ جو زبردست امڪان آهي، ڇو ته سرائيڪي، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جو مينڊيٽ ٿورڙي تبديلين سان ساڳيو رهندو، پر پنجاب ۾ پنج مک پارٽيون سينو ساهي رهيون آهن، جن ۾ پ پ، نواز ليگ، تحريڪ انصاف، ”ق“ ليگ ۽ جماعت اسلامي شامل آهن. پنجاب، جيڪو اعليٰ مهارت سان ٻين صوبن جو مينڊيٽ ٽوڙي پنهنجون حڪومتون قائم ڪندو هو، اهو پهريون ڀيرو زبردست سياسي ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار رهندو، ڇو ته مرڪز ۾ جيڪا پارٽي اقتدار ۾ هوندي، اها سندس سياست تي زبردست اثر انداز ٿيندي. نواز شريف ان ڪري سخت ششدر آهي ته صرف پنجاب جي 70 يا 80 سيٽن تي هو نه ته ملڪ جو وزير اعظم ٿي سگهي ٿو، نه ئي قومي اڳواڻ ۽ اهي سيٽون به سڀ جون سڀ کيس ملڻيون نه آهن. باقي ٻين صوبن ۾ نواز شريف سياسي اڳواڻن ڏانهن جيڪو هٿ وڌايو آهي، ان سان ڪو خاص فرق نه پوندو، ڇو ته پنجاب جي مسلسل توسيع واري پاليسي جي ڪري ٻين صوبن ۾ پنجاب جي قيادت لاءِ ڪا راءِ جڙي نه ٿي سگهي ۽ پنجاب جيڪڏهن ايندڙ چونڊون نه روڪيون ته پوءِ کيس پاڪستان جي هڪ ڪنڊ نصيب ٿيندي، باقي 80 سيڪڙو ملڪ سياسي طور هٿن مان نڪتل هوندو. هي ڪو صرف مقامي سياست جو نتيجو نه آهي، پر گذريل 65 سالن ۾ پنجاب جيڪا ڏيهي ۽ پرڏيهي سياست ڪئي آهي، ان جو نتيجو آهي، ڇو ته عالمي ۽ علائقائي قوتون پنجاب جي اهڙي سياست کان خائف آهن، ان ڪري هنن پنجاب کي پوري ملڪ کي هلائڻ لاءِ جيڪو ڇيڪ ڇڏيو هو، اهو دور پڄاڻي تي پهتو آهي ۽ هي خطو نئون جنم وٺي رهيو آهي، جتي سياست انتهاپسندي، توسيع پسندي تي ٻڌل نه هوندي، پر جيئن ته رياست جا اهم ادارا هينئر به پنجاب جي هٿ ۾ آهن ۽ ظاهر آهي اهي آهستي آهستي نڪرندا، ان ڪري في الحال هي ملڪ عبوري دور مان گذري رهيو آهي، جتي رياست پنهنجو نئون ڪردار متعين ڪرڻ لاءِ آتي آهي، پر پراڻي اسٽيبلشمينٽ سندس راهه ۾ رڪاوٽ آهي. 1739ع کان 1849ع تائين پنجاب جي حڪمراني لڳ ڀڳ پاڪستان جيتري علائقي تي هئي، جنهن ۾ سمورو ڪشمير، اولهه اوڀر پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ سرائيڪي پرڳڻو، بهاولپور رياست کان سواءِ شامل هئا، پر انگريزن جي برپا ڪيل مسلسل Civil wars جيڪي بالاڪوٽ ڀرسان وڙهيون ويون، کين ڪمزور بڻائي ڇڏيو. بدقسمتي سان ساڳيون جنگيون هينئر به بالا ڪوٽ يا ان جي ويجهن علائقن ۾ وڙهيون پيون وڃن. هن دفعي سپر پاور برطانيا نه پر آمريڪا آهي. اهڙيون جنگيون اسٽيبلشمينٽ کي ڏينهون ڏينهن محدود ڪري رهيون آهن، نه رڳو سياسي طور تي پر جاگرافيائي اعتبار کان پڻ. ان ڪري اهو لازم آهي ته نئين ورلڊ آرڊر ۾ رهڻ لاءِ رياست نوان بنيادي اصول ٺاهي ۽ جيڪڏهن نه ٺاهيندي ۽ ماضي ۾ رهڻ پسند ڪندي ته تبديلي جون قوتون کيس سر ڪري وينديون.
barrister-zamir@hotmail.com
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
پنجاب جي حڪمران رنجيت سنگهه 2 جولاءِ 1818ع تي سرائيڪي پرڳڻي تي قبضو ڪري ان کي پنهنجي حڪمراني هيٺ آڻي ڇڏيو هو. اهڙي طرح ڪشمير توڙي موجوده خيبر پختونخوا کي به پنهنجي سلطنت سان ملائي ڇڏيو هو. انگريزن 1901ع ۾ موجوده خيبر پختونخوا کي پنجاب کان ڌار ڪري سرحد جي نالي سان جدا صوبو ٺاهيو، پر سرائيڪي پرڳڻو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پنجاب جو حصو رهيو. پنجاب سرائيڪين جي تعداد کي پاڻ سان گڏي ملڪ جو وڏو صوبو ٿي ويو. سنڌ، خيبر پختونخوا توڙي بلوچستان پاڻ ۾ ڳنڍجن، تڏهن به سندن قومي اسيمبليءَ ۾ پنجاب جي 183 سيٽن جي ڀيٽ ۾ سندن 149 سيٽون بيهن ٿيون، جنهن ۾ اقليتي سيٽن کان سواءِ بلوچستان 17، خيبر پختونخوا 43، سنڌ 75، فاٽا 12 ۽ 2 اسلام آباد جون سيٽون آهن. پنجاب جي اهڙي عددي اڪثريت، جيڪا سرائيڪين تي بيٺل آهي، پنجاب کي ملڪ جي سمورن ادارن جو مالڪ بڻائي ڇڏيو، جن ۾ فوج، سول بيوروڪريسي، عدليه، ميڊيا ۽ رياست جا ٻيا انيڪ ادارا شامل آهن. پنجاب سرائيڪين جي عددي اڪثريت جي بنياد تي نه رڳو رياست جي ادارن پر انهن ادارن جي ذريعي سياست تي به قابض رهيو. جمهوريت ۾ جڏهن سندس وس نٿو پڄي ته اهو عدليه، فوج ۽ سول نوڪر شاهي کي استعمال ڪري جمهوريت کي گهر موڪلي پيو ڇڏي. جمهوريت کي گهر موڪلڻ جو سندس مقصد ملڪ جي اڪثريتي آبادي هر هڪ سنڌي، سرائيڪي، بلوچي ۽ پٺاڻ آبادي جي سياسي حقن جي نه صرف پائمالي پر انهن جي وسيلن تي تسلط پڻ سندس پاليسي جو اهم محرڪ رهيو. پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب مان اڀري پر آهستي آهستي سندس دائرو تنگ ڪري سنڌ ڏانهن ڌڪيو ويو، پر سرائيڪي پرڳڻي ۾ وري به پ پ پنهنجي اڪثريت برقرار رکي. پ پ کي جڏهن محسوس ٿيو ته رياست تي قابض ادارا سندس سياسي حقن کي يا سندس حق حڪومت کي تسليم نه ڪري رهيا آهن ته هنن پنجاب کي ٻه اڌ ڪرڻ پنهنجي سياسي مفاد ۾ سمجهيو ۽ پهريون دفعو ملڪ جو صدر ۽ وزير اعظم موقعي جو فائدو وٺندي کلي عام ان جي حمايت ڪرڻ لڳا. جيئن ته سرائيڪي پرڳڻو پنجاب جي اڌ کان گهڻو آهي، ان ڪري هو سرائيڪي، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا کي گڏ ڪري ايندڙ حڪومت ٺاهڻ جي پيش قدمي ڪري رهيا آهن.پنجاب جي قيادت وري چالاڪي کان ڪم وٺندي هڪ بجاءِ ٻن صوبن جا ٺهراءَ منظور ڪري ڇڏيا. جيتوڻيڪ سرائيڪي عوام پنهنجي قوم جي لاءِ هڪ صوبو/رياست جي گهر ڪري رهيو آهي، پر پنجاب اسيمبلي جي هڪ ٺهراءَ تي ئي عمل ڪرڻ جو امڪان آهي، ڇو ته ملڪ جون سڀ قومون هر هڪ سنڌي، بلوچ، پختون قومي بنيادن تي صرف هڪ صوبي قائم ڪرڻ تي سهمت آهن، ڇو ته ٻين قومن کي پنهنجون پنهنجون رياستون آهن، جنهن جي بنياد تي هو وفاق ۾ شامل آهن. انتظامي بنيادن تي صوبي جي گهر آئين ۽ وفاقي اصولن جي خلاف ورزي آهي. هونئن ته آئين جي آرٽيڪل 239 ۾ نون صوبن ٺاهڻ جو پارليامينٽ کي اختيار هرگز نه آهي، ڇو ته اهو اختيار Constituent units تي ٻڌل آئين ساز اسيمبلي جو آهي ۽ موجوده پارليامينٽ آئين جي آرٽيڪل 239 هيٺ رڳو صوبن جي حدن ۾ ڦير ڦار ڪري سگهي ٿي. پر جيئن ته چارئي صوبا سرائيڪي صوبي جي حق ۾ آهن ته ان کي Constituent units جو فيصلو چئي سگهجي ٿو.سنڌ جي قومپرستن 28 جنوري تي متحده پاران اسيمبلي ۾ نون صوبن جي باري ۾ بل جي پيش ڪرڻ خلاف ان ڪري هڙتال جو سڏ ڏنو هو، ڇو ته آئين هيٺ صوبن جي حدن ۾ ڦير ڦار وارو اختيار صوبائي اسيمبلين کان کسي پارليامينٽ کي ڏنو پئي ويو، پر جيئن ته پنجاب اسيمبلي ڏکڻ پنجاب صوبي جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري هاڻي آئين جي آرٽيڪل 239 ۾ ترميم وارو اشو ختم ٿي ويو آهي ۽ مسرور جتوئي جيڪو سنڌ اسيمبلي ۾ بل پيش ڪيو هو، ان جو مقصد به پورو ٿي ويو آهي، ڇو ته پ پ سرڪار وقت جي نزاڪت ۽ سنڌ جي ردعمل کي سمجهندي صوبن جي حدن ۾ ڦير ڦار وارو اختيار صوبائي اسيمبلي وٽ برقرار رکيو آهي ۽ ڪنهن به صوبائي اسيمبلي جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان بل پاس ڪرڻ کانسواءِ پارليامينٽ ڪنهن به صوبي جي حدن ۾ ڦير ڦار نه ٿي ڪري سگهي. جيئن ته سرائيڪي صوبو انتظامي بنيادن تي نه پر قومي بنيادن تي ٺاهيو پيو وڃي، ان ڪري سنڌي، بلوچ توڙي پختون ان ڳالهه تي سهمت آهن، ڇو ته ان سان پنجاب به ورهائجي ويندو ۽ آرٽيڪل 239 وارو صوبن کي تحفظ به ملي ويندو. ان ڪري ئي پيپلز پارٽي سرڪار نواز ليگ تي زور وجهڻ لاءِ پارليامينٽ مان ترميم بجاءِ ٺهراءُ آندو، ته جيئن نواز ليگ تي دٻاءُ وجهي پنجاب اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ڪرائجي ۽ ٿيو به ائين ته سرائيڪي پرڳڻي ۾ ملتان واري ننڍي چونڊ کان پوءِ نواز ليگ پنهنجي ساک بچائڻ لاءِ فورن هڪ بجاءِ ٻه ٺهراءَ پيش ڪيا. پنجاب جي قانون واري وزير چيو ته پ پ وارا گهر ويندا ته خبر پوندن ته ٺهراءَ ۾ ڇا آهي، پر اها رڳو سندس خام خيالي هئي، ڇو ته پنجاب اسيمبلي ٻن صوبن جا ٺهراءَ پاس ڪري يا پنجن صوبن جا، اهو فيصلو ته پارليامينٽ کي ڪرڻو آهي، ته سندس ڪهڙي ٺهراءَ تي عمل ڪري. ان مان لڳي ٿو ته دل تي ڪيڏو بار رکي نواز ليگ اهي ٺهراءَ پاس ڪيا آهن.هنن ٺهرائن سان هڪدم ملڪ جي سياسي تاريخ ۽ بيهڪ تبديل ٿي وئي آهي، ڇو ته پنجاب جي ورهاڱي سان ستر سيٽون سرائيڪي کڻندا ته پنجاب ملڪ جي سياست تي ايترو اثر انداز نه ٿي سگهندو ۽ سياست ۾ اثر نه هجڻ ڪري هن جو رياست جي ادارن تي بي پناهه ڪنٽرول به ڍرو ٿيندو ويندو، جنهن سان کيس ڪاپاري ڌڪ لڳندو، پر ملڪ کي زبردست فائدو ٿيندو، ڇو ته 75 سيڪڙو پاڪستان ملڪ جي ادارن ۽ پاليسين کان پنجاب جي عددي بالادستي جي ڪري ڏور رهيو آهي. هڪ لحاظ کان هي تاريخي تبديلي هوندي، پر پارليامينٽ کي گهرجي ته اها ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهي. جيڪڏهن بهاولپور صوبو ٺاهڻ جي ڪوشش ٿي ته پوءِ ٽئي صوبا ان تي متفق نه ٿيندا، ڇو ته وفاق ۾ پاڻي، ناڻي، قدرتي وسيلن توڙي آئيني اختيارن تي فيصله سازي ۽ پنجاب مان گهڻا صوبا سندن حق ماري سگهن ٿا، جنهن جي هو سخت مخالفت ڪندا ۽ صرف ڏکڻ پنجاب صوبي تي ئي اتفاق ٿي سگهي ٿو.پ پ سرڪار جي هي سياسي پهل ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي اڳڀرائي آهي، ڇو ته گيلاني-زرداري سرڪار خلاف ٺهندڙ محاذ به ان پهل جي ردعمل جو نتيجو آهي. پنجاب جي قيادت هميشه ملڪ ۾ سياسي نظام پنهنجن شرطن تي چاهيو آهي، ضيا کان وٺي مشرف تائين سياسي نظام پنجاب جي شرطن تي ئي هلندو آيو آهي ۽ هينئر جڏهن پنجاب جي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي پاليسين جي ڪري عالمي ۽ علائقائي طور اڪيلي ٿي آهي ته پهريون دفعو پنجاب پنهنجي 14 ضلعن تي مشتمل آباديءَ سان ڪنهن ڪنڊ ۾ داخل ٿيڻ جي شروعات ڪئي آهي، جيڪا سياست ۾ تمام وڏي تبديلي هوندي، ڇو ته هاڻ پنجاب لاءِ مزاحمت جا چار مرڪز گڏ ٿيندا ۽ عين ممڪن آهي ته ملڪ جو سياسي سرشتو پهريون دفعو پنجاب جي هٿن ۾ نه رهي.پهريون ڀيرو پنجاب ۾ سياسي مينڊيٽ ورهائجڻ جو زبردست امڪان آهي، ڇو ته سرائيڪي، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جو مينڊيٽ ٿورڙي تبديلين سان ساڳيو رهندو، پر پنجاب ۾ پنج مک پارٽيون سينو ساهي رهيون آهن، جن ۾ پ پ، نواز ليگ، تحريڪ انصاف، ”ق“ ليگ ۽ جماعت اسلامي شامل آهن. پنجاب، جيڪو اعليٰ مهارت سان ٻين صوبن جو مينڊيٽ ٽوڙي پنهنجون حڪومتون قائم ڪندو هو، اهو پهريون ڀيرو زبردست سياسي ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار رهندو، ڇو ته مرڪز ۾ جيڪا پارٽي اقتدار ۾ هوندي، اها سندس سياست تي زبردست اثر انداز ٿيندي. نواز شريف ان ڪري سخت ششدر آهي ته صرف پنجاب جي 70 يا 80 سيٽن تي هو نه ته ملڪ جو وزير اعظم ٿي سگهي ٿو، نه ئي قومي اڳواڻ ۽ اهي سيٽون به سڀ جون سڀ کيس ملڻيون نه آهن. باقي ٻين صوبن ۾ نواز شريف سياسي اڳواڻن ڏانهن جيڪو هٿ وڌايو آهي، ان سان ڪو خاص فرق نه پوندو، ڇو ته پنجاب جي مسلسل توسيع واري پاليسي جي ڪري ٻين صوبن ۾ پنجاب جي قيادت لاءِ ڪا راءِ جڙي نه ٿي سگهي ۽ پنجاب جيڪڏهن ايندڙ چونڊون نه روڪيون ته پوءِ کيس پاڪستان جي هڪ ڪنڊ نصيب ٿيندي، باقي 80 سيڪڙو ملڪ سياسي طور هٿن مان نڪتل هوندو. هي ڪو صرف مقامي سياست جو نتيجو نه آهي، پر گذريل 65 سالن ۾ پنجاب جيڪا ڏيهي ۽ پرڏيهي سياست ڪئي آهي، ان جو نتيجو آهي، ڇو ته عالمي ۽ علائقائي قوتون پنجاب جي اهڙي سياست کان خائف آهن، ان ڪري هنن پنجاب کي پوري ملڪ کي هلائڻ لاءِ جيڪو ڇيڪ ڇڏيو هو، اهو دور پڄاڻي تي پهتو آهي ۽ هي خطو نئون جنم وٺي رهيو آهي، جتي سياست انتهاپسندي، توسيع پسندي تي ٻڌل نه هوندي، پر جيئن ته رياست جا اهم ادارا هينئر به پنجاب جي هٿ ۾ آهن ۽ ظاهر آهي اهي آهستي آهستي نڪرندا، ان ڪري في الحال هي ملڪ عبوري دور مان گذري رهيو آهي، جتي رياست پنهنجو نئون ڪردار متعين ڪرڻ لاءِ آتي آهي، پر پراڻي اسٽيبلشمينٽ سندس راهه ۾ رڪاوٽ آهي. 1739ع کان 1849ع تائين پنجاب جي حڪمراني لڳ ڀڳ پاڪستان جيتري علائقي تي هئي، جنهن ۾ سمورو ڪشمير، اولهه اوڀر پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ سرائيڪي پرڳڻو، بهاولپور رياست کان سواءِ شامل هئا، پر انگريزن جي برپا ڪيل مسلسل Civil wars جيڪي بالاڪوٽ ڀرسان وڙهيون ويون، کين ڪمزور بڻائي ڇڏيو. بدقسمتي سان ساڳيون جنگيون هينئر به بالا ڪوٽ يا ان جي ويجهن علائقن ۾ وڙهيون پيون وڃن. هن دفعي سپر پاور برطانيا نه پر آمريڪا آهي. اهڙيون جنگيون اسٽيبلشمينٽ کي ڏينهون ڏينهن محدود ڪري رهيون آهن، نه رڳو سياسي طور تي پر جاگرافيائي اعتبار کان پڻ. ان ڪري اهو لازم آهي ته نئين ورلڊ آرڊر ۾ رهڻ لاءِ رياست نوان بنيادي اصول ٺاهي ۽ جيڪڏهن نه ٺاهيندي ۽ ماضي ۾ رهڻ پسند ڪندي ته تبديلي جون قوتون کيس سر ڪري وينديون.barrister-zamir@hotmail.comThe Kawish Group of PublicationB/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
x

No comments:

Post a Comment