Realtime Hit Counter

Monday 26 August 2019

1965ع واري جنگ کان اڳ رڻ ڪڇ: مير الطاف حسين ٽالپر.




1965ع واري جنگ کان اڳ رڻ ڪڇ جي 9100 اسڪوائر ڪلوميٽر ايراضي متنازعہ هئي جنهن تي سنڌ جي دعوي هر لحاظ کان قانوني ۽ مضبوط هئي. ايوب خان ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٺاه عيوض سنڌ جي سرزمين ڪڇ جي رڻ جي 90 فيصد ايراضي هندوستان جي حوالي ڪري ڇڏي.

پاڪستاني مقتدره ڪشمير ڪشمير ڪري ڪشمير تہ جيڪو حاصل ڪيو سو ڪيو پر ان جي سزا هميشه سنڌ کي ئي ڀوڳڻي پئي آ. سنڌ جي جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري هي رشوت ۾ ڌارين جي حوالي ڪندا آيا آهن. ايوب خان ڪڇ جو رڻ ۽ ناري جو ريگستان هندوستان حوالي ڪيو. ڀٽي صاحب بهاولپور جهڙي سڄي ساري رياست جيڪا رنجيت سنگه جهڙو جابر حڪمران بہ پنجاپ ۾ شامل نہ ڪري سگهيو هو سا 73 جي آئين ۾ پنجاب کي ڏئي ڇڏي، الهندي ۾ سنڌ جي سوين ميل ايراضي سنڌ کان الڳ ڪري بلوچستان ۾ شامل ڪري ڇڏي.
سنڌ جو جسم ڪپي ڪوري ٽوٽا ٽڪر ڪري سنڌ کان عليحده ڪرڻ انهن لاء ڪا نئين ڳالھ تہ آهي ئي ڪونہ پر خود سنڌين کي بہ ڪڏنهن ان ڳالھ جي پرواه ڪونہ رهي آهي.
اڄ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي ڳالھ اسان کي جذباتي تہ بنائي ٿي پر اڄ تائين سنڌ جي جسم جا جيڪي عضوا ڪپي سنڌ کان الڳ ڪيا ويا آهن انهن تي نہ اسان جا جذبا ٿا جاڳن ۽ نہ اسان کي انهن جي پرواه ئي محسوس ٿئي ٿي. اسان شعوري لاشعوري طور انهن جي پاڻ کان علحدگي مان مطمئن لڳا پيا آهيون. ائين هڪ ڏينهن ٻين عضون ڪٽجڻ تي بہ ٻه ڏينهن ڌاڙ گهوڙا ڪري پرسڪون ٿي ويهي رهنداسي.

تصوير وڪيپيڊيا تان. 
https://en.wikipedia.org/wiki/Great_Rann_of_Kutch

No comments:

Post a Comment