Realtime Hit Counter

Friday 9 August 2019

( ماهوار الصادق ڪراچي. اپريل 1986 . حافظ محمد اسماعيل ( مرحوم) کڏي واري پاران لکيل هڪ ايڊيٽوريل مان اقتباس.) : سهيڙيندڙ شفيق جوکيو.

( ماهوار الصادق ڪراچي. اپريل 1986 . حافظ محمد اسماعيل ( مرحوم) کڏي واري پاران لکيل هڪ ايڊيٽوريل مان اقتباس.)
ڌارين اسان سان ڏاڍ ڪيو آهي ۽ اسان سان جيڪي زيادتيون ٿيون آهن انهن جو ته وڏو داستان آهي جنهن جي لکڻ لاء هزارها صفحن جا دفتر گهرجن ۽ انهن جو ته بيان هلندو رهندو پر غور ڪرڻ جي ضرورت آهي ته اسان سان جيڪو به ڪلور ٿيو آهي جيڪو ڏاڍ ۽ ظلم ٿيو آهي ان جا ذميدار فقط ڌاريا آهن؟؟؟ ڇا اسان تي ڪا به ذميداري ڪانهي؟

اسين سمجهون ٿا ته اسان سان جيڪو ناحق ٿيو آهي ان جا ذميدار فقط ۽ فقط اسين پاڻ آهيون ۽ ان جا سبب رڳو ٻه آهن 
1-اسان جي پنهنجي ڪمزوري 
2- اسان جي پاڻ ۾ قومي نا اتفاقي
غالبا ڪمزوري جو مکيه سبب به شايد اها ئي نا اتفاقي آهي

چون ٿا ته سائين قومي اتفاق ڪيئن ٿئي؟ اسان ۾ مذهبي اختلاف آهن طبقاتي ۽ گروهي اختلاف آهن، اسان ۾ نظرياتي اختلاف آهن، ذاتي مفادن جو اختلاف آهي
ڪو چوي ٿو ته اسلام کپي ، ڪو سوشلزم جو علمبردار آهي ته ڪو وري سيڪيولرازم جو، ڪو جمهوريت گهري ٿو ته ڪو شورائيت گهري ٿو. هڪڙا ديوبندي ٻيا بريلوي، هڪڙا شيعا ته ٻيا سني، هڪڙا سوشلسٽ بلاڪ سان ته ٻيا ڪيپيٽلسٽ بلاڪ سان. اهڙي طرح دانشورن ، سماجي ۽ ادبي حلقن ۾ به ساڳيا اختلاف آهن . ان لاء قومي اتفاق ۽ ايڪو ڪيئن ٿئي؟

اهو اعتراض قبول آهي ۽ صحيح آهي ته اختلاف هر قسم جا آهن. 
پر ڇا اهي ساڳيا اختلاف دنيا جي هر ڪنهن قوم ۽ ملڪ ۾ ڪونهن...؟ ڇا دنيا جي هر ڪا زبان ڳالهائيندڙن ۾ اهي اختلاف ڪونهن...؟

اسان جي سڀ کان وڏي مخالف قوم ۽ زبان ڳالهائيندڙ پنجابين ۾ ڇا اهي ساڳيا اختلاف ڪونهن..؟ ڇا اردو ڳالهائڻ وارن ۾ اهي سڳيا اختلاف ڪونهن...؟ ڇا عيسائي مذهب وارن ۾ پنهنجا اختلاف ڪونهن ..؟ ڇا سوشلزم ۽ ڪميونزم وارن جي وچ ۾ اختلاف ڪونهن..؟ انگريز قوم ۾، فرانسيسي قوم ۾ اهي ساڳيا اختلاف ڪونهن ..؟ پر جتي گڏيل مفاد اچي ٿو ته اتي انهن ۾ ايڪو ڪيئن ٿي وڃي ٿو..؟ ڇا هڙو ايڪو اسان ۾ نٿو ٿي سگهي...؟

جيڪو چوي ٿو ته اتفاق تڏهن ٿيندو جڏهن اسان جو اختلاف ختم ٿئي ته هو غلط چوي ٿو.
اختلاف ڪڏهن ختم نٿو ٿي سگهي، ۽ اختلاف هجڻ تمام ضروري به آهي. ڇو ته اختلاف زندگيءَ جي نشاني ۽ علامت آهي. اختلاف فقط بي جان شين ۾ نه ٿيندو آهي. اختلاف ٺڪرن ۽ پٿرن ۾ نه ٿيندو آهي. اهڙي ڳالهه ڪرڻ وارا شايد انسان کي به بي جان سمجهن ٿا.

ڇا پيءُ ۽ پٽ جي وچ ۾ اختلاف ڪو نه ٿيندو آهي؟ ڇا ماءُ ۽ ڌيءُ جي وچ ۾ اختلاف ڪو نه ٿيندو آهي؟ ڇا ڀائرن ۾ اختلاف ڪو نه ٿيندو آهي؟ اختلاف ته ڇڏيو پر ڪڏهن ته هڪ ٻئي جي جان جا دشمن به ٿي پوندا آهن. ته پوء اختلاف ڇڏڻ لاء جيڪو چوي ٿو سو غلط چوي ٿو.

نظرياتي ، مذهبي، سياسي، گروهي، طبقاتي۽ ذاتي مفادن سڀني جو اختلاف پاڻ ۾ رکو ۽ اهو جاري رکو!
پر ان نڪتي تي اتفاق ۽ ايڪو ڪريو ته جتي اسان جو گڏيل قومي مفاد ۽ قومي وجود جي بقا وارو مسئلو هجي اتي اسان جو پاڻ ۾ ايڪو رهي.

ان لاء اسان جي سنڌين جي هر طبقي کي اها گذارش آهي ته هڪ نڪتي تي ايڪو ڪريو، اتفاق ڪريو . جيڪڏهن اهڙو اتفاق ۽ ايڪو نه ٿيو ته جيڪو نتيجو نڪرندو اهو صاف ظاهر آهي ۽ ان کي هرڪو سمجهي سگهي ٿو

اهو چوڻ ته سنڌي زبان کي يا سنڌي قوم کي ڪو به ختم نٿو ڪري سگهي ته اها ڳالهه رڳو اهو ماڻهو چوندو جنهن کي انساني تاريخ جي ڄاڻ ڪونهي. 
تاريخ ۾ ڪيتريون قومون ۽ زبانون هيون جن جو وجود ختم ٿئي به سوين سال ٿي ويا آهن. انه مان ڪي ته اهڙيون به هيون جن جي نالن ۽ زبانن کان رڳو ماهر لسانيات واقف آهن ٻئي کي ته خبر به ڪانهي. —

No comments:

Post a Comment