Realtime Hit Counter

Friday 9 August 2019

پنهنجي پاران

پنهنجي پاران
11 مئي 2013 جي اليڪشن ان ڳالهه تي تصديقي مهر لڳائي ڇڏي آهي جيڪا اسان هنن صفحن تي ڪيئي ڀيرا ڪري چڪا آهيون ته PPP جو بيس (Base )۽ بنياد سنڌ ئي آهي. سنڌ کان سواء ڪٿي به PPP کي چڱي موٽ ڪونه ملي آهي. جيڪڏهن ڌانڌلي جي ڳالهه مڃجي ته به ٻئي هنڌ PPP کان ٻيا گوء کڻي ويا آهن ۽ PPP فقط سنڌ ۾ ئي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري سگهي آهي. باقي رهي ڌانڌلي ته جنهنجو جيترو وس هليو آهي اتي هن پنهنجي وس کان گهٽايو ڪونهي. اسان وٽ لياري ۾ اڄڪلهه اها ڳالهه مشهور آهي (پوء کڻي حقيقت ڪيتري به هجي )ته هتي دهشتگردن جو قبضو آهي. جن کيPPP جي آشيرواد حاصل آهي، اتي ته تمام گهڻي ڌانڌلي ٿي هوندي! يا انهن ڌانڌلي ڪئي آهي. MQM به سڄو ڏينهن اهو پروپيگنڊا پئي ڪري ته سڄي ڪراچي ۾ گينگ وار ۽ لياري جا دهشتگرد حالات خراب ڪري رهيا آهن. اسان جو صوبائي اسيمبلي جو حلقو پي ايس 108 آهي اتان PPP جو اميدوار جاويد ناگوري 32 هزار کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. ان جي مقابلي ۾ ٻيو نمبر ايندڙ اميدوار PTI جو هو جنهن 17 هزار کان وڌيڪ ووٽ کنيا. هاڻ جيڪڏهن ايتري ڌانڌلي ۽ بدمعاشي هجي ها جيترو پروپيگنڊا آهي ته ڇا PTI جو اميدوار 17 هزارن کان وڌيڪ ووٽ کڻي سگهي ها؟ ڪراچي ۾ ٻين حلقن ۾ ڏسو! جتي MQM اميدوار ڪامياب ٿيا آهن ڪيترن اميدوارن لک کان وڌيڪ ووٽ کنيا آهن. ان جي مقابلي ۾ اميدوارن ڪيترا ووٽ کنيا آهن؟ ڀيٽ ڪريو.۽ پوء فيصلو ڪريو ته ڌانڌلي ۽ بدمعاشي ڪٿي وڌيڪ آهي؟

هن اليڪشن ۾ اسان جي سمجھه ۽ تجزيي موجب پاڪستان ۾ هر ڪنهن پنهنجي قوم کي ووٽ ڏنو آهي. سنڌين سنڌين کي. پنجابين پنجابين کي، پٺاڻن پٺاڻن کي. بلوچن بلوچن کي. پنجاب ۾ نواز شريف کي ووٽ مليو جيڪو پنجابي قوم جو نمائندو آهي. سنڌ ۾ PPP کي ووٽ مليا جيڪا سنڌي عوام جي نمائنده آهي يا ٻين لفظن۾ سنڌ جي اڪثريت کيس نمائندو سمجھي ٿي. خيبرپختونخواه ۾ جنهن به پارٽي کي ووٽ مليا، پر مليا پٺاڻن کي ئي. بلوچستان ۾ بلوچن جا ووٽ بلوچن کي پٺاڻن جا ووٽ پٺاڻن کي. جيڪا ڳالهه ڪجهه عرصو اڳ جرم هئي اڄ وڏي واڪي ڪئي پئي وڃي. ۽ اهي ماڻهو ٿا ڪن جيڪي قوم ۽ قوميت جي ڳالهه کي علاقائيت، تعصب ۽ دين دشمني قرار ڏيندا هئا. پر نه، ترسو! قوم ۽ قوميت جي ڳالهه ڪرڻ علاقائيت تعصب تي مبني ۽ دين ۽ پاڪستان جي دشمني فقط ان وقت هئي جڏهن اها ڳالهه سنڌي ڪندا هئا ۽ سنڌ لاء ڪئي ويندي هئي. هاڻ به ساڳي صورتحال آهي. تڏهن ٻيا ان حوالي سان کلي ڪري ڳالهه نه ڪندا هئا پر عملي طرح ايئن ئي سوچيندا ۽ ڪندا هئا. پر، هاڻ ته اهي به کلي ڪري ڳالهه ڪن ٿا ۽ ان کي به عين اسلام قرار ڏين ٿا. نواء وقت اخبار ۾ هڪ ڪالم نويس ڊاڪٽر محمد اجمل نيازي لکي ٿو:
“میانوالی میرا شہر ہے۔ پٹھان تو میں ہوںمگر پنجابی پٹھان ہوں۔ پٹھان اور مسلمان ہونا ایک بات ہے اور ہم لوگ پکے پاکستانی ہیں” (نوائے وقت:17 مئی 2013 ص: 3 ) ٻڌايو ! آهي ڪو جواب اسان وٽ ان ڳالهه جو! وري ان ساڳئي ئي ڪالم ۾ غزوه هند جي ڳالهه ڪندي پاڻ چئي ٿو:

“حضور نے میرے اس خطے کی طرف انگشت شہادت کا اشارہ کرتے ہوئے فرمایاکہ مجھے اس طرف سے ٹھنڈی ہوا آتی ہے”

هاڻ اوهان ٻڌايو ته هن خطي ڏانهن نبي سائين جو اشارو ڄڻ پنجاب ۽ خاص ميانوالي ڏانهن آهي؟!!

(هن حديث يا ڳالهه جي صحيح ۽ ڪمزور هئڻ بابت اسين في الحال ڪنهن تفصيل ۾ نٿا وڃون. نه ته ڳالهه ٻئي پاسي نڪري ويندي)

نواز شريف جي اليڪشن کٽڻ بابت ڳالهه ڪندي هڪڙي ڪالم ۾ چوي ٿو: “ کچھ لوگوں نے غلط طور پر اعتراض کیا ہےکہ بھارت میں جاتی امراؤ میں لوگوں نے خوشی منائی ہے۔ یہ فطری ہے۔ رائے ونڈ لاہور میں اپنےگھر کا نام جاتی امراؤ رکھا ہے۔ من موہن سنگھ کے لیئے غالبا چکوال میں خوشی کی گئی تھی۔ اتنی تنگ نظری ٹھیک نہیں ہے۔کشادگی بہرحال کشیدگی سے بہتر ہے۔ہمسایوں کے حقوق ہیں۔(نوائے وقت : 15 مئی 2013 ص: 3 ) ورهاڱي کان اڳ هندستان ۾ هندو مسلمان جو گڏجي رهڻ غير فطري هو. سنڌ ۾ هندن سان چڱائي غير فطري لڳي ٿي. پر هڪڙي پنجابي لاء هندستان ۾ سندس آبائي ڳوٺ ۾ هندن ۽ سکن طرفان خوشيون ملهائڻ فطري آهن! جنون کا نام خرد رکھ دیا خرد کا جنون ۔ جو کرے تیرا حسن کرشمہ ساز کرے۔

اسان جو سڀ کان وڏو ڏوهه ۽ گناه اهو آهي ته اسين سنڌي آهيون. ان بابت پنجابين ۽ ٻين کي الله سائين سان به شڪوه ۽ شڪايتون هونديون ۽ اهي شآيد الله سائين جو به اهو ڏوهه (نعوذبالله)معاف ڪرڻ لاء تيار نه ٿين ته هن سنڌين کي ڇا ڪاڻ پيدا ڪيو؟
اليڪشن 2013 جا نتيجا خاص طرح سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن جي سمجهه ۽ اعليٰ سياسي شعور جوزنده مثال آهي. هڪڙا ماڻهو جيڪي پاڻ کي قوم پرست ۽ دانشور سڏرائن ٿا، سنڌي عوام جي PPP کي ووٽ ڏيڻ تي کين ڏوراپا ۽ طعنا پيا ڏين.۽ کين شعور کان وانجهيل پيا ڪوٺين.پر، ڳوڙهي نطر سان ڏسبو ته اهي پاڻ شعور کان عاري ۽ ناسمجهه آهن.
قومپرست سڏرائڻ وارا ته نواز شريف جي هنج ۾ وڃي ويٺا. جيڪو پنجاب سنڌ سان ظلم ڪري رهيو آهي، جيڪو هرقسم جي نا انصافي ۽ ظلم ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجھي ٿو ، قوم پرست ان رنجيت سنگهه جي پاڇي ۾ سنڌ تي حاڪميت ڪرڻ لاء سنڌي ماڻهن کان ووٽ ٿا گهرن ۽ جڏهن سنڌ جي عوام کين موٽ نه ڏني ته کين شعور کان عاري قرار ڏيڻ درحقيقت خود شعور کان عاري هئڻ وارو عمل آهي. هتي ته ماڻهن پنهنجون پارٽيون ختم ڪري ڇڏيون ۽ نواز ليگ ۾ ضم ٿي ويا. پوء اهي ڏهيسر هجن يا ايم آرڊي جا پاڻ کي چيمپيئن سڏرائيندڙ هجن. سنڌي ماڻهن جڏهن اهو ڏٺو ته وٽن ٻي ڪا واه ناهي ته پوء انهن وٽ PPP کانسواء ٻيو ڪهڙو رستو ۽ آپشن باقي رهيو؟ PPP کي سنڌي ماڻهن جو ووٽ درحقيقت قوم پرستن ۽ دانشورن ئي پنهنجي عمل سان ڏياريو آهي ۽ سنڌي عوام ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته کين قومپرستن ۽ نام نهاد دانشورن کان وڌيڪ سياسي شعور آهي. سنڌ جو عوام پنجاب جي مخالفت ۾ سچو آهي. قومپرستن ۽ دانشورن وانگر انهن ۾ منافقت ڪانهي.

آصف علي زرداري ڪرپٽ آهي، چور آهي، وغيره. وغيره. ٻيو ڪير آهي جيڪو ڪرپٽ ڪونهي ۽ چور ڪونهي؟ ڇا گذريل پنج سال آصف علي زرداري کي فوج، عدليه، ميڊيا ۽ سياسي جماعتن طرفان ذليل ۽ رسوا ڪرڻ جو عمل ان ڪري هو ته هو ڪرپٽ آهي؟ يا آصف علي زرداري سندن نشانو ڪونه هو بلڪه جنهن قوم سان سندس تعلق آهي اها قوم نشاني تي هئي؟. زرداري جو سنڌي هجڻ ايڏو وڏو ڏوهه آهي جو ڪو به چور کيس پاڻ سان گڏ برداشت ڪرڻ لاء تيار ڪونهي. وري اهو جو انهن جو سربراه ٿئي سا ڳالهه ته آسمان ڦاٽي پوڻ برابر آهي. سائين جي ايم سيد اهو ماڻهو آهي جنهن سڀ کان پهريائين پاڪستان بابت ٺهراء اسيمبلي ۾ پيش ڪيو پر سموري زندگي کيس ڪهڙي ذلت سان منهن ڏيڻو پيو. سبب ڪهڙو هو؟سندس سنڌي هئڻ؟

ذوالفقار علي ڀٽو، پنجابين جي ذلت آميز شڪست کان پوء کين ان نفسياتي ڪيفيت مان ڪڍڻ وارو هو. پنجابين جي 90 هزار فوج کي انڊيا جي قيد مان هن آزاد ڪرايو. پر، ڇا پلهءِ پيس؟ ڦاهي! ڇو؟ ڇاجي ڪري؟ سنڌي هو! سندس آخري ڏينهن بابت هڪ پروگرام۾ راولپنڊي جيل جي اسسٽنٽ جيلر مجيد احمد قريشي ڳالهائيندي ڪي ڳالهيون ڪيون . جڏهن کانئس انٽرويو ڪندڙ وسيم بادامي پڇيس ته ڇا ڀٽي کي قومپرست چئي سگهجي ٿو؟ تنهن تي ان وراڻيو ته اهڙي ته ڳالهه ڪانه هئي پر هڪ ڳالهه، جو جڏهن آخري ڀيرو بيگم صاحبه ڀٽي صاحب سان ملڻ آئي هئي تڏهن هن کيس چيو ته: ” زلفي! فوجي مونکي غور سان چتائي ڏسي رهيا هئا“. تنهن تي ڀٽي صاحب چيو ته : ”هن قوم تي مون وڏو احسان ڪيو هو (اشارو پنجابين ڏانهن هجيس)جو مون هندستان جي قيد مان 90 هزار قيدين کي با عزت رها ڪرايو. پر هي احسان فراموش نڪتا it would have been much better I had make Sindho Desh and being its life time president (ان کان اهو گهڻو بهتر ۽ چڱو ٿئي ها جو آئون سنڌو ديش ٺاهيان ها ۽ تاحيات ان جو صدر بڻجي وڃان ها)
ڏسو، پروگرام11th Hour. ARY نيوز. 03-04-2013 “بھٹو وزیر اعظم سے پھانسی کے قیدی تک”)

هاڻي جنهن جي ٿوري گهڻي سوچ اها هجي تنهن کي هي احسان فراموش قوم معاف ڪري ڇڏي ها؟ خام خيالي آهي.

بينظير صاحبه به لاهور ۽ لاڙڪاڻي جي فرق جي ڳالهه ڪندي هئي پوء ڇا ٿيو؟ ڇا هن کي طالبانن ماريو؟ يا امريڪين؟ نا سمجهي آهي! کيس مارڻ وارا به اهي ئي آهن جن ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي تي چاڙهيو. ڇو؟ ڇالاء؟ سنڌياڻي هئي ان ڪري! 
PPP جي قيادت ذوالفقار علي ڀٽي کان ويندي آصف علي زرداري تائين نڪي کلم کلايو قومپرست قيادت آهي نه انقلابي. ۽ نه ان اعليٰ درجي جي قيادت جا وصف ۽ گڻ انهن ۾ آهن پر پوء به هو نشانو بڻيا ۽ ڪي مارجي ويا، جيئن ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير. ۽ ڪي وري انتظار ۾ آهن جيئن آصف علي زرداري. اهو سڀ ڇو ٿيو؟ جو اهي سڀ سنڌي هئا.

PPP ان ڪري اسٽيبلشمنٽ جي نشاني تي رهي ٿي جو سندس قيادت، انڌي منڊي لولي لنگڙي جيڪا به چئو، سنڌي آهي. پر خود PPP اڃا ان راز کي ان حقيقت کي شايد نه سڃاتو آهي يا کيس پاڪستان جي وفاق جي مجبوري اها ڳالهه باوجود سمجھڻ جي اختيار ڪرڻ نه ڏني آهي ته هو پنهنجي پاڻ کي سڃاڻي پنهنجي بنياد ۽ اساس کي سڃاڻي جنهن ۾ سندس بقا ۽ حياتي آهي. جيستائين اهو رستو ۽ واٽPPP اختيار نه ڪندي تيستائين اها اسٽيملشمنٽ تي غالب نه ٿي سگهندي. جنهن قوم جي يا قوم جي ڪنهن طبقي جي قيادت ڌارين جي هٿ ۾ هوندي اها قوم ۽ قوم جو اهو حصو ڪڏهن به اڳتي وڌي نه سگهندو. ڪاميابي نه ماڻي سگهندو.
هينئر هن سڄي سياسي ميل ۾ سنڌي مولوي به ڏسو ته الائي ڪٿي گم آهي. سنڌي مولوي وڏي تعداد ۾ جمعيت علماء اسلام سان وابسته آهن جنهن جي مرڪزي قيادت غير سنڌي آهي. پٺاڻ آهن، سندن ترجيح به ظاهر آهي ته پٺاڻ مفاد هوندا، بلڪه آهن. سنڌ ۾ ڪيترن ئي اهم تڪن تي سندن اميدوار پٺاڻ ٿا هجن. ڪراچي ته ڇڏيو پر سکر مان به پٺاڻ ٿا اليڪشن ۾ حصو وٺن! جيئن تازي اليڪشن ۾ به ٿيو. ڀلا ايئن ڪڏهن ٿيو ته مولانا فضل الرحمٰن پنهنجي ڀاء عطاء الرحمٰن جي بدلي سنڌ جي ڪنهن سنڌي عهديدار کي خيبر پختونخواه مان ڪنهن تڪ تي بيهاري؟ پاڻ ٻن ٽن جاين تان بيهڻ بدران ٻين کي بيهارڻ جو سوچي؟ پر اها ڳالهه سوچڻ اسان جي نا سمجهي آهي شايد! سنڌي مولوي جيستائين پنهنجي قيادت پاڻ پيدا نه ڪندا پٺاڻن جي پويان هلندا رهندا، تيستائين ڪڏهن به هو پنهنجي قوم لاء ڪجهه به نه ڪري سگهندا توڻي جو هو پنهنجي قوم لاء ڪجهه ڪرڻ لاء ڪيترا به مخلص ۽ سچا ڇو نه هجن! حالانڪه سنڌي مولوي اهو آهي جو ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي هر طبقي جي حقن لاء جيڪابه تحريڪ هلي، جيڪو به تحرڪ ٿيو ان جي پٺيان سنڌي مولوي هو.

سائين جي ايم سيد کي فرقه وارانه واٽ اختيار ڪرڻ کان ڪنهن ڪنهن روڪيو؟ مولانا محمد صادق کڏي واري ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي!. جنهن جو اعتراف پاڻ سائين جي ايم سيد به ڪيو آهي. الله بخش شهيد کي الله بخش يا سنڌ جي حقن لاء پاڻ پتوڙيندڙ ڪنهن بڻايو؟ محمد امين کوسي جي زباني ٻڌو:

” الله بخش جي سياسي حياتي ۾ جيڪو ڪجهه اهم آهي ان لاء ذميواري حڪيم صاحب مرحوم ومغفور جي ڪچهري روڊ واري جاء تي ٿيل گفت وشنيد آهي. الله بخش صحيح طور ۽ طريقي سان سنڌ جي هڪ بلند پايه عالم، صاحب فهم وفراست سياستدان جي ٺاهيل ۽ رٿيل پروگرام مطابق سنڌ جي سياست تي انهن جي ئي طفيل ۽ صدقي وزير اعظم بڻيو. الله بخش، حڪيم صاحب جو بڻايل وزير اعظم هو. اهو هندن جي مهرباني سببئون ڪونه هو. البته هندو ميمبرن خصوصا ڪانگريس جي هندو ميمبرن جي اولاد کيس ميسر ٿي سگهي، ان لاء به حڪيم صاحب مرحوم ومغفور جي ذات والاصفات وڏي حد تائين ذميوار آهي. حڪيم صاحب مرحوم ومغفور جي مشورن تي عمل ڪرڻ سبب اها امداد حاصل ٿي سگهي.

مان الله بخش ۽ پيرزادي جو يڪسان طور يار ۽ دوست هوس. مان انفرادي طرح حڪيم صاحب ۽ حضرت مولانا محمدصادق جو سنگتي ۽ اوئين ڪانگريسي هوس . پير الاهي بخش جي واسطيداري به حڪيم صاحب سان ساڳي طرح گهري هئي. پر فيصله ڪن سياسي معاملو حڪيم صاحب ۽ حضرت مولانا مرحوم جي هٿ ۾ هوندو هو. سندن حڪمن تي هلڻ لاء الله بخش کي مجبور ڪندوهوس.( مڪتوبات امين الملت . جلد 1 صفحو 26. 27)

پر، هاڻي سنڌي مولوي ڪٿي آهي؟ پهريائين سندن ڪردار وعمل قائدانه هو. 1972ع کان پوء سندن ڪردار ۽ عمل مقلدانه ٿي ويو آهي. ايئن هلندي هلندي شايد غلامانه نه ٿي وڃي. ان حالت مان نڪرڻ لاء کين پاڻ پنهنجي قيادت پيدا ڪرڻي پوندي. 
PPP وارن کي به سوچڻو پوندو ته جي اهي پنهنجي بنيادن کي مضبوط نه ڪندا ته اڳتي انهن لاء ديوار تي ڇا لکيل آهي؟ سا ڳالهه ڪنهن کان ڳجهي ڪانهي. پر شايد PPP وارن کي ان کي پڙهڻ ۾ ڏکيائي پئي ٿئي.

قومپرستن کي سوچڻو پوندو ته اهي سنڌ لاء سوچين ٿا ۽ سنڌ جي حقن لاء ڪم ڪرڻ گهرن ٿا ته انهن کي فقط ٺلهن نعرن تي نه هلڻو پوندو بلڪه ٺوس حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. ان حڪمت عملي جوڙڻ ۾ کين زميني حقيقتن کي به سامهون رکڻو پوندو. 
سنڌي دانشور جي ذميواري قوم جي صحيح فڪري رهنمائي ڪرڻ ۽ درست رستو وٺرائڻ آهي. مايوسي ڦهلائڻ ۽ ڊي مورالائيز ڪرڻ بدران مورال بلند ڪرڻ ۽ اخلاقي بهتري پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ اخلاق بلند ڪرڻ لاء الحاد ۽ بي ديني کي ختم ڪرڻ لازمي آهي. وڌيڪ دانشورن کي اسين ڪهڙي دانش سيکارينداسين اهي پاڻ صاحب دانش آهن. عقلمند را اشاره ڪافي است. الله سائين هر قوم جو رب آهي، ڪنهن خاص قوم جو ناهي! تنهن ڪري ان ڳالهه مان مايوس نه ٿيڻ گهرجي ته مخالفن لاء ته هرقسم جي آساني ۽ موقعا آهن سنڌين لاء ڪجهه به ڪونهي. ته رب جو فرمان ياد رکو !

وَ الَّذِیۡنَ جَاہَدُوۡا فِیۡنَا لَنَہۡدِیَنَّہُمۡ سُبُلَنَا ؕ وَ اِنَّ اللّٰہَ لَمَعَ الۡمُحۡسِنِیۡنَ ﴿٪۶۹﴾ 
جيڪي اسان جي رستي ۾ ڪوشش ۽ جدو جهد ڪن ٿا اسان انهن کي ضرور پنهنجا رستا ڏيکارينداسين ۽ بيشڪ الله ڇڱائي ڪندڙن سان گڏ آهي.(العنڪبوت. آيت:69 )
Mahmood.abumazin@gmail.com
http://www.jamiatulamaesindh.com/Alsad…/April2013/page1.html

tag

No comments:

Post a Comment