Realtime Hit Counter

Friday 9 August 2019

محمد بن قاسم متعلق هتي جماعت اسلامي ۽ جيئي سنڌ وارا دوست اهي، ٻئي طبقا انتها پسندي تي بيٺل آهن.

محمد بن قاسم متعلق هتي جماعت اسلامي ۽ جيئي سنڌ وارا دوست اهي، ٻئي طبقا انتها پسندي تي بيٺل آهن. 

محمد بن قاسم متعلق هتي جماعت اسلامي ۽ جيئي سنڌ وارا دوست اهي، ٻئي طبقا انتها پسندي تي بيٺل آهن.
اعتدال واري ڳالهه ڪارڻ کان پهريائين هن بحث جا اصول طي ڪرڻا پوندا، اهو ته طي آهي ته سنڌ ۾ اسلام هڪ حد تائين محمد بن قاسم کان اڳ ئي پهچي چڪو هو محمد بن قاسم ڪو صحابي ناهي، جو تنقيد کان بالاتر هجي ۽ خود مودودي صاحب جنهن طريقي سان، حضرت عثمان رضي الله عنه ۽ حضرت معاويه رضي الله عنه جي ڪردار ڪشي ڪري ٿو ۽ هتي سنڌ ۾ وري بنو اميه جي سنڌ فٿح ڪرڻ واري عمل جي دفاع جي ٺيڪيداري ان جي جماعت طرفان ڪئي وڃي ٿي ته؛ اهو انتهائي عجيب لڳي ٿو. ٻئي طرف ڪامريڊن کي ڏسو ته اهي هڪ تاريخي ڀحث کي مذهبي تعصب ۽ نفرت واري انداز سان کڻن پيا جو مورڳو اسلام خلاف گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۾ هٻڪ نٿا ڪن. منهنجي خيال ۾ ته ان مسئلي هڪ طرف بنو اميه جي عرب قومي تناظر کي مدنظر رکڻ سان گڏ اسلام کي بين الاقوامي مذهب طور مدنظر رکڻ ۽ بنو اميه کي ان کان ڪلي طور لاتعلق نه سمجهڻ به ضروري آهي، ته ٻئي طرف ”راجا ڏاهر“ بابت تاريخ کي محفوظ رکڻ جي اهميت تسليم ڪرڻ سان گڏوگڏ ان وقت سنڌ جي داخله ۽ خارجه پاليسي تي بحث ڪرڻ به ضروري آهي. پر هتي قومپرست دوستن جي نظر خارجه پاليسي تي کليل ڊبيٽ کي ڪا به اهميت ناهي، انهن وٽ پاليسي اها آهي ته؛ ”هڪ انگريز کي هر صورت ۾ برطانيا جي پاليسي جي حمايٿ ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ فرينچ کي هرصورت ۾ فرانس جي پاليسي جي.“ حالانڪه اهو به ڪو سٺو اصول ڪونهي بلڪه ان جي مقابلي ۾ پنهنجي قوم جي اجتماعي ادارن جي عمل کي به جائز ۽ ناجائز جي عالمي انساني اصولن تي پرکڻو پوندو جيستائين مذهبي مسئلي جو تعلق آهي ته؛ اسان جا سنڌي هندو ليکڪ ڀائر پاڻ کي ان تعصب کان آجو نه ڪري سگهيا آهن، جيڪا اهميت جماعت اسلامي وارن وٽ محمد بن قاسم کي آهي، جنهن راجا ڏاهر کي ماريو؛ اها ئي اهميت انهن وٽ ”مهاڀارت“ جي مشهور جنگي ڪردار ”ارجن“ کي آهي جنهن سنڌ جي ان وقت واري راجا ”جيڌرت“ جي سسي تير سان اڏائي مهاڀارت جي حوالي سان هڪ مقدس ڪارنامو سرانجام ڏنو هو، پر اسان جي دوستن وٽ ”راجا جيڌرت“ سنڌ جو شهيد سڏرائڻ جي لائق ناهي؟ اوهان کي سنڌي هندن ۾ به ڪنهن جو نالو جيڌرت نه ملندو ارجن داس (ارجن جا ٻانها) ڪيترائي ملندا منهنجي دل جي تمنا اها آهي ته؛ ان مسئلي خالص علمي انداز سان گفتگو ٿئي. سنڌ ۾ اهو مسئلو ون يونٽ واري دور ۾ اٿيو جنهن ۾ پير علي محمد راشدي جا ڳجها هٿ به هئا، اها منهنجي ذاتي معلومات آهي، ان دور ۾ پنجاب وارن هڪ طرف پير علي محمد راشدي کان ون يونٽ ٺهرائڻ ظاهر ظهور ڪم ورتو ته؛ ٻئي سنڌين جي عرب دنيا قديم تعلقات جي ٻيهر زنده ٿيڻ جي خطري کان مشرق وسطيٰ جي اهم خطي ۾ سنڌين، عربن ۽ ايرانين بابت متوازن خارجه پاليسي واري ڪنهن به ڪوشش کي عرب دشمني جو رخ ڏياري، عربن ۽ سنڌين کي تاريخ جو ٻه مستقل دشمني رکندڙ قومون ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين، جنهن جو کٽيو ”ضياء الحق ۽ ان جي باقيات“ اڄ تائين کائيندا رهن ٿا، پيپلز-پارٽي جي مقابلي ۾ پنجاب جي پسمنظر رکڻ واري حڪومتن سان عربن جي سٺن تعلقن جو پس منظر به اهو آهي ته اتي جي پنجاب لابي سنڌين کي عرب دشمن قرار ڏئي، پنجاب جي قومي تعلقات کي مظبوط بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندي رهي ٿي، پير علي محمد راشدي عرب قوم پرستن جو شيدي مخالف هو ۽ ”جمال ناصر“ خلاف پاڪستان ۾ ماحول ٺاهڻ لاء وڏو اهم ڪردار ادا ڪيائن. سنڌين کي ايران کان به فرنٽ لائين عرب دشمن قوم ڊڪليئر ڪرائڻ جو مطلب اهو ٿيندو ته سڀاڻي جيڪڏهن سنڌ هڪ آزاد ملڪ ٿي وڃي تڏهن جيئن عرب سنڌين لاء هڪ دشمن قوم هوندا، تنهن ڪري اي يورپ سان واپار پنهنجا بحري جهاز مصر جي ”سوئيز ڪينال“ جي جنوبي آفريڪا جي ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ کان ڦيرائي پنج هزار کن ميل وڌيڪ سفر ڪري ”واسڪو ڊيگاما“ واري پراڻي روٽ سان يورپ ويندا- 
https://en.wikipedia.org/wiki/Jayadratha

tag

No comments:

Post a Comment