Realtime Hit Counter

Monday 20 December 2010

صوفين جو فرض ۽ امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح _جوکيو شفيق احمد


صوفين جو فرض ۽ امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح
اسان هندوستان جي مسلمانن جي طرفان پهرين عام جنگ (جنگ عظيم يا مها ڀاري لڙائي) 1914-1918 ۾ حصو وٺي بعض ڳالهيون پنهنجي تجربي سان ڏٺيون، جن جو اسان کي پڙهڻ پڙهائيڻ جي زندگيءَ ۾ ڪڏهن گمان به نه گذريو. ان تجربي مان اسان سمجهي ويا آهيون ته مسلمانن لاء ديني علم ۽ ارشاد و احسان (1) بهترين عمل آهي ليڪن هي شرط آهي ته انهن عملن سان ڪنهن به حالت ۾ يا ڪنهن به صورت ۾ ڪافرنکي مدد نه ملندي هجي، نه ته الله تعالي انهن نيڪ عملن کي به بيڪار ۽ اڪارت ڪري ڇڏيندو. مثلاَ ڪو صوفي پنهنجي مريدن کي الله الله ڪرڻ ۾ ايترو لڳائي ٿو جو اهو انهن کي قرآن حڪيم جي دشمنن سان جهاد (انقلاب ) ڪرڻ لاء نه ٿو تيار ڪري سگهي ۽ انهيءَ طرح ڪافرن کي فائيدو پهچندو رهي ٿو ته پوءِ انهن جي ان نيڪ ڪمن جي فائيدمند هجڻ ۾ وڏو شڪ آهي.
جهاد امر بالمعروف جي مسئلي ۾ فقيه رازيءَ ( 1)، احڪام القرآن ۾ نهايت صاف بيان ڪيو آهي. اسان لاء اهو ڪافي ۽ شافي آهي. انهي امام ابوحنيفه رح جي طريقي تي انقلاب روح پيدا ڪيو آهي. انهيءَ ڪتاب کان پوءِ اسان نه ٿا سمجهي سگهون ته حنفين کي قرآن حڪيم جي انقلابي تحريڪ کان پوئتي رهڻ لاءِ ڪو بهانو ملي(3) سگهي ٿو.
لفظ ڪافر
( مولانا عبيد الله سنڌي ڪافر ان کي لکندوچوندو آهي؛ جيڪو الله تعالي جي وحدانيت توحيد هيڪڙائي ۽ اجتماع انسانيءَ يعني انساني سوسائيٽي ۾ برابري يعني عدل انصاف مساوات جو منڪر هجي ) جوکيو شفيق احمد

حاشيه 1_ارشاد : خدا جي حڪمن ڏي رهنمائي، احسان تصوف جا عمل
2_احمد بن علي ابوبڪر الرازي الجصاص پيدائيش 305 هجري، سن 917 عيسوي وفات 370 هجري سن 980 عيسوي بلند پايه، حنفي امام ، احڪام القرآن ٽن جلدن ۾
3_هن مسئلي تي الجصاص رح جا خيالات سورة الفتح جي تفسير ۾ ڏسڻ گهرجن
هي مضمون : جنگ انقلاب يعني سورة قتال جو انقلابي تفسير تان ورتو ويو آهي جيڪو امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح جن لکايو هو _پٻلشر مولانا عبيد الله سنڌي ڪتب خانو نيو سعيد آباد _سنڌ ضلع حيدرآباد ، سنڌ
مفصل مطا لعہ لاءِ ملاحظہ ڪريو هيٺين لنڪ.. ۽ سورة محمد يعني جنگِ انقلاب جنهنکي امام سنڌيءَ سورة قتال جو تفسير ڪري لکرايو آهي.

No comments:

Post a Comment