Realtime Hit Counter

Sunday 19 December 2010

سنڌي وسيع النظر: سچو نيشنلسٽ ۽ سنڌ جو سڄڻ ڪير، مُلان يا ڀنگوڙي موالي ؟_جوکيو شفيق احمد


سنڌي وسيع النظر: سچو نيشنلسٽ

۽ سنڌ جو سڄڻ ڪير، مُلان يا ڀنگوڙي موالي ؟

جوکيو شفيق احمد

شيخ المشائخ امام علامه محمد شفيع صديقي پاٽائي قدس سره، جن متعلق علامه دين محمد وفائي رح

تذڪره مشاهير سنڌ ۾ فرمائي ٿو:­ '' مون سان منهنجي استاد مخدوم حاجي حسن الله پاٽائي رح بيان ڪيو ته هڪ دفعي سيوهڻ (شريف ، ضلعو دادو ، سنڌ) ۾ شيعن ۽ سنين جو مناظرو ٿيو ، جنهن ۾ هيءُ بزرگ (علامه امام محمد شفيع پاٽائي قدس سره ) به وڃي شريڪ ٿيو. ماڻهو هُيو ڏاڍو سخت مذهبي ۽ جوشيلو اُنهيءَ مجلس ۾ ڪنهن شيعي جي زبان مان اصحابن سڳورن جي شان ۾ گستاخي جو گٿو لفظ نڪري ويو، جنهن تي هن بزرگ ( علامه امام محمد شفيع پاٽائي قدس سره ) کي ڏاڍو غصو ۽ غم ٿيو. انگريزي راڄ مضبوط نموني قائم ٿيل هو، جنهن ڪري هي مذهبي بزرگ ( علامه امام محمد شفيع پاٽائي قدس سره ) ڪنهن به طريقي پنهنجي غصي جي باهہ کي وسائي نہ سگهيو، غم کي پي ويو ڄمار ۾ به ستر سالن کي اچي پهتو هو انجو اِهو اثر نڪتو جو رت جا اِسهالَ (دستَ) اچڻ لڳا. سيوهڻ (شريف ضلع دادو، سنڌ ) مان روانا ٿي پاٽ (شريف ضلعو دادو سنڌ) پهتا ته ٻئي ڏينهن وفات فرمائي ويا . اِنا لله وانا اِليهِ راجِعون.

اِهو واقعو سال 1312هجري ۾ ٿي گذريو. ‏‏''

نوٽ :- تحقيق موجب پاڻَ ( علامہ اِمام محمد شفيع صديقي پاٽائي قدس سره ) 63 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائون. مولانا ( سيدنا مُرشدنا سيد تاج محمود) امروٽي رح (امروٽ شريف ضلعو شڪارپور سنڌ وارا ) جڏهن سندن مزار تي دُعا گهرڻ آيو تہ فرمايائين هي بزرگ ( شيخ المشائخ امام علامہ محمد شفيع صديقي پاٽائي قدس سره) هِن صديءَ جو مُوَحد ( الله تعاليٰ جي هيڪڙائيءَ جو قائل ) هو .

حوالي جي لاءِ ڏسوسوانِح : ترجمو ۽ تفسير ”الم“ سال 1994ع ، اداره پاٽ هائوس ۽ پبلشر ، حيدرآباد سنڌ.


No comments:

Post a Comment