Realtime Hit Counter

Sunday 27 February 2011

چوٿين 04-فيبروري پاڪستان جي تاريخ جو اهم ڏينهن هو استاد نظاماڻي


چوٿين 04-فيبروري پاڪستان جي تاريخ جو اهم ڏينهن هو استاد نظاماڻي

4 فيبروري 1952ع جو اُهو صُبح جڏهن حر تحريڪ جا اهم غازي، سنڌ جا سياستدان، معزز قبيلن جا سردار، سرڪاري ڪامورا ۽ صحافي حضرات پير ڳوٺ درگاهه شريف ضلع خيرپور جي انهن عمارتن وٽ اچي گڏ ٿيا هئا، جيڪي انگريز سرڪار 1943ع ۾ بمباري ۽ ڊائناميٽ ذريعي تباهه ڪري ڇڏيون هيون.
پاڳارا خاندان جي اها شاندار لائبريري، جيڪا حضرت محمد بقا شاهه رحه عرف پَٽ ڌڻي، سنڌ، هند جا جهر جهنگ جهاڳي تاريخ جا اهم ڪتاب گڏ ڪيا. ان کانپوءِ حضرت محمد راشد روضي ڌڻي رحه کان وٺي حضرت صبغت الله شاهه شهيد تائين انهي لائبريري ۾ لکين ڪتاب گڏ ٿيا، ديوان مسڪين جو خالق پير سائين مسند ڌڻي، جنهن هڪڙي شاعر جي غزل کان متاثر ٿي، کيس داد ۾ پنهنجو هاٿي، پيل بان سميت ڏيئي ڇڏيو هو. اها شاندار لائبريري انگريز سرڪار ائين لُٽي ۽ برباد ڪئي، جيئن تاتارين بغداد جي لائبريرين کي برباد ڪيو هو. پير صاحب شاهه مردان شاهه عرف ڪوٽ ڌڻي، درگاهه شريف جي حويلي، روضي مبارڪ ۽ مسجد شريف کي ڪوٽڏيجي کان به وڏو حفاظتي ڪوٽ ڏياري مريدن جي داخلا لاءِ شاهي در ٺهرايو هو. انگريز سرڪار بمباري ڪري ڪوٽ جو اڌ حصو ختم ڪري ڇڏيو هو. مسجد شريف ۽ روضي کانسواءِ هرطرف سِرن ۽ پٿرن جا ڍير هئا. حُر فقير شهيد سورهيه بادشاهه جي شهادت 20 مارچ 1943ع کان وٺي 4 فيبروري 1952ع تائين سرڪاري فوج سان وڙهندا رهيا. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به حُر پاڪستان سرڪار کي انگريز سرڪار سمجهي برسرِ پيڪار رهيا. شهيد سورهيه بادشاهه جي شهادت 20 مارچ 1943ع کان وٺي 4 فيبروري 1952ع تائين مطلب 9 سال بنا ليڊر جي سرڪار خلاف مزاحمت ڪندا رهيا. حُرن جي ٽولي جو اڳواڻ اهوئي غازي هوندو هو جيڪو ان وقت سربراهي ڪري رهيو هوندو هو. حُرن جا اهڙا ڪيترائي ٽولا هوندا هئا، جيڪي پنهنجي مڙسي سان مُنهن ڏيئي رهيا هئا.
14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان آزاد ٿيو، ان وقت به لکين حُر، هندستان ۽ پاڪستان جي مختلف 20 حُر ڪئمپن ۾ قيد هئا، هزارين حُر غازي مختلف جيلن ۾ قيد هئا، اُهي لوڙها يعني حُر ڪئمپون لاڙڪاڻي جي وارهه شهر کان هندستان جي دوهند شهر تائين پکڙيل هيون. هندستان جي وزيراعظم جواهر لال نهرو آزادي کانپوءِ حُر ڪئمپ جو دورو ڪيو، هو حُر ڪئمپ ۾ پهچي حُرن کي چيائين ته، ”توهان آزادي جا ويڙهاڪ هئا، توهان جي جدوجهد کي اسان سلام پيش ڪيون ٿا. توهان اسان جا فريڊم فائٽر آهيو، جيڪڏهن اوهان هندستان ۾ رهڻ چاهيو ته، اوهان کي اسان هتي زمينون، روزگار به ڏينداسين، اوهان جي پير جي گادي به بحال ڪنداسين، پر جيڪڏهن اوهان پاڪستان وڃڻ چاهيو، ته اوهان کي پاڪستان موڪلينداسين، توهان اڄ کان انهن حُر ڪئمپن مان آزاد آهيو. حُرن چيو، ”اسان پنهنجي سنڌ واپس وينداسين، جتي اسان جون ٻنيون، اسان جي وڏن جون قبرون آهن، اسان جي مرشدن جا روضا آهن، اسان پنهنجي ديس واپس وينداسين.“
جڏهن حُرن کي هندستان جي ڪئمپن مان آزاد ڪري پاڪستان جي سرحد تي پهچايو ويو ته، اتي سرڪار سندن استقبال لوهي زنجيرن ۽ هٿڪڙين سان ڪيو. حُرن سمجهيو، اسان جي مسلمانن جو ملڪ آزاد ٿي ويو آهي، پر هي ڇا؟ حُرن کي وري جيلن ۽ مختلف لوڙهن ڏانهن موڪليو ويو، اهي حُر ڪئمپون پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ موجود هيون ۽ موجوده پير صاحب پاڳارو شاهه مردان شاهه ۽ سندس ننڍو ڀاءُ نادر علي شاهه راشدي جلاوطني جي زندگي ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا هئا. ميرو نظاماڻي، جنهن جي لاءِ ليمبرڪ چوندو هو، مِيري جي گولي ميرو ميرو ڪندي ايندي آهي. يعني مِيري نظاماڻي جو ٿيل فائر دشمن جو سر کڻڻ کانسواءِ نه گُسندو هو. اهڙو غازي به پاڪستان سرڪار هٿان وڙهندي شهيد ٿيو. پاڪستان سرڪار پنجن سالن کانپوءِ ۽ شهيد سورهيه بادشاهه جي شهادت کان نو، ڏهه سال بعد پاڳارا خاندان جي گادي بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ حُرن کي سرينڊر ڪرڻ لاءِ جماعت جا معزز مقرر ڪيا ويا. پيرسائين پاڳارو 27 صفر 1347هه، 22نومبر 1928ع ۾ پيرڳوٺ درگاه شريف ۾ پيدا ٿيو. سندس نالو سيد سڪندرعلي شاه لقب ڇٽ ڌڻي آهي. هي اهو دور هو جو انگريزن جي چالبازين جو ڄار پيرصاحب سورهيه بادشاه جي خلاف وڇايل هو. 1930ع ۾ سورهيه بادشاه جي گرفتاري ۽ وري 1936ع ۾ آزادي. وري 1941ع ۾ گرفتاري دوران سندس صاحبزادي سيد سڪندر علي شاه موجوده پاڳاري تمام گهڻيون تڪليفون ڏٺيون. پاڻ جڏهن پنهنجي والد سان گڏ پهريون دفعو گرفتار ٿيا ته سندن عمر اڍائي سال هئي.
سورهيه بادشاه جي ٻيو دفعو گرفتاري (آڪٽوبر 1941ع) وقت عمل ۾ آئي ٻئي صاحبزاده (سيد سڪندر علي شاه موجوده پاڳارو ءِ سيد نادر علي شاه) کي به ڪراچي شهر ۾ مير خدابخش ٽالپر جي بنگلي ۾ قيد ڪري رکيو ويو. بقول پيرسائين جي ته ”هي اهو دورهو جو اڃان تحريڪ جي مڪمل منصوبه بندي نه ٿي هُئي.جڏهن سورهيه بادشاه رح کي شهيد ڪيو ويو ته، سندن عمر 15 سال هئي. سورهيه بادشاه جي شهادت جي صدمي سان گڏ انهن ٻنهي صاحبزادن کي پنهجي ڏيهه سنڌ مان جلاوطن ڪري پهريائين هڪ آفيسر محمود حسين جي نگراني ۾ 1943ع ۾ عليگڙه موڪليو ويو. جتي ٽي سال رهيا.ان کانپوءِ جون 1946ع ۾ سمنڊ جي رستي ِلورپول انگلينڊ جي نا مناسب ماحول ڏانهن موڪليو ويو. جتي گرم علائقي جي ماڻهن لاءِ سرد علائقي ۾ ڪا به مناسب سهولت ڪانه هئي. جنهن جو احوال پيرسائين هڪڙي خط ۾ ڊاڪٽر بلوچ سان ڪيو جيڪو ان وقت آمريڪا ۾ پڙهي رهيو هو . جنهن ۾ پيرصاحب لکيو ته، سرد علائقي ۾ اسان وٽ نه هيٽر آهي نه سگري، سرد موسم ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيا آهيون. مسٽر ڊيوس جي انهي اسڪول ۾ شاگردن جو تعداد پندرهن کان وڌيڪ نه هو. جنهن ۾ سڀ جا سڀ شاگرد باغي اڳواڻن جا هئا. جن ۾ سنڌ، روڊيشيا، ٿائلينڊ، ايران، عراق، آئرلينڊ، حبشه، جهڙا ملڪ شامل هئا.
گادي بحال ٿيڻ ۾ ڪهڙن ماڻهن ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو، ڪنهن مخالفت ڪئي، انهن جو وڏو دلچسپ داستان آهي ۽ هڪ وڏي ٿيسز جو موضوع آهي . ” جن پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ گادي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، حضرت پيرسائين جن جا مرشد چناه وارا بزرگ محمد افضل صاحب رحه، مولوي محمد صالح مهر پيش امام مسجد درگاه شريف، خليفو احمد فقيرلغاري، خليفو حاجي حاميد انڙ، الهه بچايو فقير وڪيو، ولي محمد فقير گاڏيواڻ، ميرمحمد فقير ڀيو، خليفو سرائي سانوڻ خان نظاماڻي، عبدالرحمان فقير سنجراڻي، صاحبڏنو فقير موچي، محمد ملوڪ فقير مهر، محمد حسن فقير ڀاڻوجو، مير تاج محمد فقير، ڪريمڏنو فقير ڪٽپر، گاگن فقير مڱريو، عثمان فقير بهڻ، لعل بخش فقير مڱڻيجو، حاجي دودو فقير نظاماڻي ۽ ٻي اها جماعت جيڪا لوڙهن ۾ قيد هئي ڦوڙي ڪري جماعت جي فقيرن کي ڏيندي هئي، جيئن مرشد جي گادي آباد ٿئي“.( حوالو، خليفي احمد جو ڳالهيون. رحيم لغاري جهونگار 16.)
4 فيبروري 1952ع تي موجوده درگاهه شريف، جتي ماضي جون شاندار عمارتون کنڊرات بڻيل هيون، اتي مسجد شريف ۾ 24 يا پنجويهه سالن جو ڪِلِين شيوِ نوجوان يعني موجوده پير سائين پاڳارا هڪڙي وڏي هجوم ۾ ويٺو هو، جتي پير صاحب کي پڳ ٻڌرائڻ جي تياري ڪئي پئي وئي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪمپيئرنگ جا فرائض سرانجام ڏيئي رهيو.
انهي ميڙ ۾ پير صاحب جا همدرد به هئا ته مخالف به جن پير صاحب جي خاندان توڙي حُرن سان وڏا ويڌن ڪيا هئا. اهي غازي ۽ حر به موجود هئا، جن جا نيڻ ڳوڙهن سان ڀريل هئا، اهي ڳوڙها خوشيءَ جا به هئا ته غم جا به هئا. خوشي جا انهي ڪري هئا، جو ڏهن سالن کانپوءِ شهيد اعظم سورهيه بادشاهه جو صاحبزادو پڳدار ٿي رهيو هو ۽ درگاهه شريف وري آباد ٿي رهي هئي. ڏک جا ڳوڙها انهي ڪري هُئا جو حضرت سورهيه بادشاهه جي شهادت جو کين يقين نه ٿي آيو، انهن کي اهو ويساهه هو ته شهيد سورهيه بادشاهه زنده آهي، اهو موٽي ايندو. ڇاڪاڻ ته شهيد سورهيه بادشاهه پنهنجي روحاني خطاب ۾ چيو هو ته، ”مان ڀلي قيد ٿي وڃان پر توهان پنهنجي جدوجهد آزادي هٿن مان نه ڇڏجو. انگريز توهان کي منهنجي رت ۾ ٻڏل ڪپڙا به ڏيکاريندا پر توهان اعتبار نه ڪجو، مان موٽي ايندس.“
هاڻي هوائن جا رُخ بدلجي چڪا هئا، نه شهيد سورهيه بادشاهه واپس اچڻو هو ۽ نه ئي هاڻ انگريز سرڪار موجود هئي. لکين حُرن لاءِ گادي جي بحالي به لازمي هئي، ڇاڪاڻ ته اڃا به ڪيترائي حر غازي جهنگلن ۾ روپوش هئا، ڪيترائي حُر جيلن ۽ ڪئمپن ۾ قيد هئا.
پير صاحب 4 فيبروري تي پڳ ٻڌڻ کانپوءِ اهو اعلان ڪيو ته اڄ کانپوءِ اسان پاڪستان سرڪار جا وفادار آهيون، هي ملڪ اسان جو آهي، هن جي حفاظت ڪرڻ اسان تي فرض آهي. وقت اچي ويو آهي ته شاندار ماضي جي بجاءِ روشن مستقبل ڏانهن ڏسجي. اسان پنهنجي دشمنن کي معاف ڪيون ٿا ۽ انهن ڏانهن دوستي جو هٿ وڌايون ٿا، پوءِ پير صاحب پهريائين انهن جون دعوتون قبول ڪيون جن حر تحريڪ دوران حرن سان ڪلور ڪيا. اهو هڪ وڏو فيصلو هو، اها هڪ وڏي بهادري هئي. حُر جيڪي سؤ سالن کان گوريلا ويڙهه ۾ مصروف هئا، انهن جي روشن مستقبل لاءِ لازمي هو ته امن معاهدو ڪيو وڃي. دشمنيون ختم ڪيون وڃن، حُرن کي آباد ڪرڻ، انهن جي تعليم ۽ روزگار لاءِ لازم هو ته ڪجهه وڃائڻو ئي ڇو نه پوي، پوءِ ٿيو به ائين. پير صاحب پڳ ٻڌڻ کانپوءِ حُر ڪئمپ جو دورو ڪيو، حرن غازين ڏانهن ماڻهو موڪليائين، پُرامن رهڻ لاءِ پيغام موڪليائين، اُهي حُر غازي جن تي ڪيترائي سرڪاري ڪيس هئا، انهن کي پيش پوڻ ۽ هٿيار اُڇلڻ جو حڪم ڏنائين، پوءِ انهن جي آزادي لاءِ پير صاحب پاڻ وڪيل به ڪيا ۽ انهن کي آزاد ڪرايائين. اهڙي نموني هي درگاهه شريف وري آباد ٿي، وري لائبريري به آباد ٿي، جيڪا اڄ به شاندار نموني سان موجود آهي.

No comments:

Post a Comment