Realtime Hit Counter

Sunday 27 February 2011

شهيد انقلاب سورهيه بادشاهه جو ملهايل 67هون يوم شهادت راج کتري



شهيد انقلاب سورهيه بادشاهه جو ملهايل 67هون يوم شهادت
راج کتري

شهيد سورهيه بادشاهه ادبي فورم پاران 27 مارچ ڇنڇر شام آچر رات گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڍليار جي گرائونڊ تي ملهايو ويو. پروگرام جي صدارت پروفيسر قلندر شاهه لڪياري ڪئي، جنهن پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته شهيد سورهيه بادشاهه جنهن انگريز سامراج سان مهاڏو اٽڪائيندي پنهنجي ڌرتي ۽ وطن واسين لاءِ پنهنجي جانثار ساٿين سان، پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو. ان جو تاريخ ۾ اهڙو مثال ڪٿي به نٿو ملي، جو وطن يا ڪفن موت يا آزادي فيصلي تي اٽل رهندڙ هي بهادر انسان کي گورن انگرزن پنهنجي فيصلي ۽ اصول جا سمورا ليڪا لتاڙي سورهيه بادشاهه کي موت جي سزا ٻڌائي. هن 34 سالن جي ڦوهه جواني ۾ پاڻ شهادت عظميٰ جو درجو حاصل ڪيو. اهڙي ريت برصغير جي تاريخ جو عظيم هيرو عظيم مجاهد سنڌ جي جانثار غازين جو سردار وطن خاطر سر ڏئي سرهو ٿيو ۽ آزادي ۽ انقلاب کي مان بخشائين. هن چيو ته پير صاحب پاڳارا جي جماعت ۾ ڪڏهن به اوچ ۽ نيچ نه هوندي ۽ فقير فقير هوندو آهي، جيڪو تسبيح جي داڻن ۾ سمايل هوندو آهي. هن چيو ته اسان مرشد جي فيض جا طالب آهيون. راشدي پاڳارا خاندان اهل علم جو گهر رهيو آهي. هن چيو ته مرشد جي سڃاڻپ علم آهي ۽ نصيحت ڪئي وئي ته علم حاصل ڪريو ۽ علم کان وانجهيل شخص پنهنجا ٻئي جهان وڃايا ۽ رحمانيت جو پهريون ڏاڪو علم آهي. هن چيو ته ايڪي اتحاد ۽ ڀائيچاري جو اخلاق ۽ پابندي هن جماعت ۾ ڏسڻ وٽان آهي. يوم شهادت جي ادبي ويهڪ ڪانفرنس کي مهمان خاص ڀٽ ڌڻي جي گادي نشين، شهزاده علي بخش ناز لطيفي خطاب ڪندي چيو ته حر جماعت ۾ هر قسم جا ماڻهو ڏٺاسين ۽ حر حسيني آهن. ڀٽائي سرڪار جو سر ڪيڏارو حر حسينيت ۽ آزادي پرست تي لکيل آهي. هن چيو ته حرن سان وڏو ظلم ڪيو ويو. اها هڪ الڳ ايف آءِ آر ٺهي پئي، جيڪو انگريز انصاف پسند جو گهر سڏيو ويندو هو ان گوري انگريز سنڌ جي ماڻهن سان جيڪي ظلم ڏاڍ ۽ بربريت جا پهاڙ ڪيرايا آهن ان جو مثال تاريخ ۾ ڪٿي به نٿو ملي. هن چيو ته امام انقلاب شهيد سورهيه بادشاهه، هميشه عزت آجپي خوشحالي ۽ انسانيت جي ڀلائي جي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪا اسان سنڌي ماڻهن جي ورثي ۾ شامل ۽ رڳون ۾ ڳنڍ جي وئي. اعزازي مهمان اڳوڻي سيڪريٽري ثقافت سنڌ، گل محمد عمراڻي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته شهيد اعظم سورهيه بادشاهه سنڌ جي اها عظيم هستي آهي جنهن تي جيترو به لکجي جنهن تي جيترو ڳالهائجي اهو گهٽ آهي، ڇاڪاڻ ته ڪير ايڏو بهادر ٿي سگهي ٿو جو 12 سالن جي ننڍڙي عمر ۾ تخت نشين ٿيندي ئي انگريز سرڪار جنهن جي بادشاهي تان، ڪڏهن سج به نه لهندو هو، سان سڌو سنئون مهاڏو اٽڪائي اعلان بغاوت ڪري ته هڪدم سندس حسيني تسلسل سامهون ايندو آهي. هن چيو ته جنهن تحريڪ جو بيناد، خون ۽ سورمن جي رت سان هجي ۽ هن ڌرتي جا سچا عاشق جن جي ڪري پاڪستان وجود ۾ آيو ۽ پهريائين مسلم ليگ پنهجن فرضن ۾ ناڪام وئي، هن چيو ته ميڊم حميده کهڙو جي حقيقت ۽ ڏند ڪٿائي حقيقت کي الڳ ڪجي. پاڪستان جي سڄي تاريخ ۾ ڊاڪٽر علامه اقبال کان وٺي لياقت علي خان ۽ سر سيد احمد خان تائين ڪڏهن ڪير جبل ۾ ويو پر سورهيه بادشاهه 1930ع کان 1936ع تائين ان وقت جي ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ جي قتل سزا تحت جيل ويو ۽ قائد اعظم محمد علي جناح روزانو 500 رپيا في جي حساب سان سورهيه بادشاهه جو ڪيس عدالت ۾ لڙيو. انگريزن کي جرمني، روس، گانڌي ۽ نهرو مان ايترو ڊپ نه هو، جيترو سورهيه بادشاهه مان هو. هن چيو ته سراج الدولهه بنگال ۾ بادشاهت قائم ڪئي پر سورهيه بادشاهه سنڌ جي سنڌي ماڻهن جي دلين جو بادشاهه هو. جيڪو سنڌ جي آزادي لاءِ سر تري تي کڻي هليو ۽ ڌرتي تان قربان ٿيو، هن چيو ته سائين جي ايم سيد 1950ع ۽ سنڌ جي آزادي جي هلچل ۽ قوم پرستي جي جنگ شروع ڪئي پر قوم پرستي جي شعور سورهيه بادشاهه ڏنو. هن چيو ته سورهيه بادشاهه هڪ انسانيت پرست ۽ دور انديش ۽ دور نظر ماڻهو هو. هن چيو ته سائين جي ايم سيد سورهيه بادشاهه کي مسلم ليگ جاگيردارن ۽ سردارن جي آهي. ان ۾ شامل نه ٿيندس ۽ جيڪڏهن سنڌ آزاد ٿي ته سڀاڻي اختيارن جي ورڇ ۾ جي ايم سيد ۽ ان جي پيرو ڪارن جو نالو به نه هوندو. هن چيو ته علامه آءِ آءِ قاضي، سورهيه بادشاهه کي سائين جي ايم سيد کي حر ايڪٽ ختم ڪرڻ لاءِ چيو، هن چيو ته جبلگال ۾ ذوالفقار علي ڀٽي ۽ پرويز مشرف، بنگالين کان معافي ورتي ۽ حرن سان جيڪي زيادتيون ۽ بي واجپيون ڪيون ويون ان تي سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ حڪومت حرن کان معافي گهري ڇاڪاڻ ته جڏهن آصف علي زرداري بلوچستان ۽ بلوچن کان، معافي گهري ٿو ته سنڌين کان ۽ حرن کان سنڌ حڪومت ۽ برطانيه پارليامينٽ به معافي وٺي نه ته هي حر بغاوت ڪندا.
اعزازي مهمان پروفيسر محمد مبين وساڻ چيو ته انگريز سرڪار کان جن سر خان صاحب ۽ خان بهادرن جا لقب ورتا. اهي سنڌ جا ويري ۽ سنڌين جا ۽ حرن جا ازلي دشمن هئا. هن چيو ته 1843ع کان 1943ع تائين انگريز گوري کي للڪارڻ وارا حر هئا ۽ پاڳارو خاندان هو. هن چيو ته 1941ع تي موجوده پير صاحب پاڳاري کي ڪراچي بدر ڪري ان لاءِ گڙنگ بنگلو، پير ڳوٺ ۽ سانگهڙ جا علائقا تنگ ڪيا ويا ته جيئن هي ماڻهو چرپر ڪندو ته انگريزن لاءِ مسئلا پيدا ڪندو. مير محمد نظاماڻي خطاب ڪندي چيو ته فيض محمد راڄڙ واري حر تحريڪ ۽ سورهيه بادشاهه جي جانثار سائين لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون. ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي پر اڄ قومي هيرن کي وساريو پيو وڃي. مولوي محمد حسن سڪندري چيو ته وطن جي آزادي لاءِ قرباني ڏني، سورهيه بادشاهه اسان کي قرضي ڪري ويو آهي ۽ هن ڪڏهن به انگريز سامراج آڏو ڪنڌ نه جهڪايو ۽ هن ڪنڌ ڪپائڻ سيکاريو. هن چيو ته اڳ ۾ پاڪستان جي سمورن سياستدانن جا رستا، وائيٽ هائوس ڏانهن هوندا هئا پر هاڻي سمورن سياستدانن جا رستا ڪنگري هائوس ڏانهن آهن. فقير اسلم هنڱورو چيو ته اسان اڃا تائين پنهنجي قومي هيري شهيد سورهيه بادشاهه جو مدفن به ڳولي نه سگهيا آهيون ۽ سورهيه بادشاهه کي اها خبر هئي ته ايڏي وڏي تحريڪ هلندي، جانيون قربان ٿينديون. سانگهڙ جي اڳوڻي ناظم سعيد خان نظاماڻي چيو ته پير صاحب حرن جيڪي قربانيون ڏنيون آهن ان جو مثال دنيا ۾ نٿو ملي. هن چيو ته 1965ع ۽ 1971 جي جنگين ۾ هن ملڪ لاءِ وڌ کان وڌ قربانيون حرن ڏنيون ۽ آئينده پنهنجي ڪامل مرشد جي حڪم تي لبيڪ چئي هر ڏکئي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. ڊاڪٽر محمد هاشم خاصخيلي چيو ته تاريخدانن اديبن، ليکڪن ۽ محققن کي حرن ۽ سورهيه بادشاهه تي ڊاڪيومينٽري ٺاهڻ گهرجي ۽ انگريزن جي دلالن، خان بهادرن ۽ خان حبن جا لقب وٺي تاريخ سان وڏو ظلم ڪيو آهي. فنڪشل مسلم ليگ ضلع سانگهڙ جي صدر فقير اسماعيل مهر چيو ته سورهيه بادشاهه ننڍي عمر ۾ پنهنجن حرن کي وطن ڪفن جو نعرو ڏنو ۽ جن ماڻهن کي ڌاڙيل ۽ لٽيرو چيو ويو اڄ اهي قوم جا هيرو آهن ۽ هن ڏتڙيل ۽ مظلوم قوم جا اڳواڻ، پير صاحب پاڳاري، پنهنجن حرن کي ملڪ جو وزيراعظم بڻايو. فقير خدا بخش حمزو درس پنهنجي خطاب ۾ چيو ته شهيد سورهيه بادشاهه سنڌ جي عظيم هستي جيڪا حقيقي معنيٰ ۾ تاريخ جي آئيني ڏٺي وڃي ته سندس شان ۽ شجاعت کي اجاگر ڪيو وڃي. سندس تاريخي قربانيون ايڏيون ته وڏيون آهن جنهن جو مثال نٿو ڏئي سگهجي. مرڪزي صدر حاجي خان محمد هنڱورجو آيل سمورن معزز مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو. جڏهن ته پروگرام ۾ سيد نور بخاري، پير بخش راڄڙ، عبدالحق درس، ايم ايس ايف اڳواڻ محم ابراهيم درس، فقير شهمير درس، حاجي محمد ڪريم، حافظ اميد علي اديب ۽ شاعر ذاڪر شر، ڊاڪٽر نور محمد ڀٽي، حاجي ڪامل هنڱورو، محمد عثمان ڀنڀرو، لليت راج کتري، محمد اسحاق پهوڙ، ليکڪ ايم جمن ڪنڀر، عبدالحليم هاليپوٽو، حاجي محمد بخش ڪٻر، خليفو محمد رحيم هنڱورو، مراد علي نظاماڻي، فقير ابوبڪر منڱريو، ڊي ڊي او روينيو کپرو، خدا بخش مسون، منصور علي ڪنڀر، عبدالجبار درس، واجد علي جسڪاڻي، عبدالحليم هنڱورجو، محمد قاسم هنڱورجو، محمد بچل هيڊ ماستر، جاويد احمد درس ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.

No comments:

Post a Comment