Realtime Hit Counter

Thursday 10 February 2011

الله خالق رب العالمين: اشرف المخلوقات انسان؛ قرآني تعليمات جي روشنيء ۾؛ ۽ ان جو ويري شيطان ۽ چارلس ڊارون جي فڪر جو رد

الله خالق رب العالمين: اشرف المخلوقات انسان؛ قرآني تعليمات جي روشنيء ۾؛ ۽ ان جو ويري شيطان ۽ چارلس ڊارون جي فڪر جو رد

by Jokhio Shafique Ahmed on Saturday, February 5, 2011 at 3:51pm

Charles Robert Darwin FRS (12 February 1809 – 19 April 1882) was an English naturalist.
He published his theory with compelling evidence for evolution in his 1859 book On the Origin of Species.
The scientific community and much of the general public came to accept evolution as a fact in his lifetime.
However, it was not until the emergence of the modern evolutionary synthesis from the 1930s to the 1950s that a broad consensus developed that natural selection was the basic mechanism of evolution.
In modified form, Darwin's scientific discovery is the unifying theory of the life sciences, explaining the diversity of life.

http://en.wikipedia.org/wiki/Charles_Darwin

الله خالق رب العالمين: اشرف المخلوقات انسان قرآني تعليمات جي روشنيءَ ۾؛ ۽ ان جو ويري شيطان ۽ چارلس ڊارون جي فڪر

جو رد

مسڪين سنڌي

عرف جوکيو شفيق احمد

آڪسفورڊ يونيورسٽي کان هڪ نئون ۽ قابل قدر ڪتاب ''قاموس جهالت '' (دي انسائيڪلو پيڊيا آف اگنورينس) جي نالي سان ڇپيو آهي، جنهن ۾ سٺ مستند ماهر ۽ مڃيل سائنسادان جا مختلف موضوعن تي مقالا آهن. انهن مان هڪ مقالي جو نالو ئي آهي؛ (ارتقائي نظريه جا ٺڳي جا ٺاهه) (دي لميٽيشن آف ايووليئيشن ٿيوري) هن مضمون جو خلاصو هي آهي ته ؛ انسان هٿ ٺوڪين ارتقائي قانونن جي باري ۾ ڪجهه به ڪين ٿو ڄاڻي ۽ انهن کي حقائِق جو نالو ڏيڻ هڪ ڪوڙي دعوي آهي. (تخليق آدم اور نظريه ارتقاء ص-39

هي پيراگراف ڏسو ڪتاب: (ڊارون جو ارتقائي نظريه ۽ اسلام) -مصنفه

پروفيسر ڊاڪٽر محمد رمضان ڦلپوٽو،

جامعه عربيه مظهر العلوم حماديه-کهڙا،سنڌ

تعلقه گمبٽ، ضلع خيرپور ميرس،سنڌ

هاڻ آئون ملتجي آهيان ته؛

ڊارون جو ارتقائي نظريه بابت موصوف جو مٿيون ڪتاب ملاحظه ڪيو وڃي، ڇو ته، منهنجو موضوع آهي؛

الله خالق رب العمامين: اشرف المخلوقات انسان قرآني تعليمات جي روشنيءَ ۾ ۽ ان جو ويري رجميم الشيطان ۽ چارلس ڊارون جي فڪر جو رد

تنهنڪري آئون رڳو انسان جي تخليق بابت: الله خالق رب العالمين جي ڪلام قرآن حڪيم جي روشني ۾،

مسٽر چارلس ڊارون جي ٿيوري فڪر سوچ نظريه کي رد ڪندس، جيڪو هيٺ ملاحظه ڪندا -مسڪين سنڌي

عرف جوکيو شفيق احمد

خصوصي تخليق جو نظريو، ( ٿيوري آف اسپيشل ڪريئيشن ) اسلام ٻڌائي ٿو ته؛

انسان جي پيدائش هڪ مستقل نوع (قسم) جي حيثيت سان ٿي آهي. الله تعالي پنهنجي قدرت ڪامله سان پهريائين حضرت آدم عليه السلام کي مٽيءَ مان پيدا فرمايو، ان کان پوءِ انساني نسل شروع ٿيو، جيڪو توالد ۽ تناسل جي طريقي سان الله تعالي مرد ۽ ٻارن کي نَوَنِ (9) مهينن تائين ماءُ جي پيٽ ۾ مختلف مرحلن مان گذاريندي، کيس حياتي ڏيئي، دنيا جي تختي تي موڪلي ٿو. هن نظريي کي سائنسي اصطلاح ( ٽرمنا لاجي) ۾ خصوصي تخليق جو نظريو(ٿيوري آف اسپيشل ڪريئيشن ) جو نالو ڏنو ويو آهي

اسان هن بابت قرآن حڪيم جون مختلف آيتون پيش ڪنداسون، جنهن مان انسان جي تخليق بابت اسلامي نقطه نظر (پوائنٽ آف ويو) چٽي طرح دليلن جي بنياد تي سامهون اچي ٿو. (پروفيسر محمد رمضان ڦلپوٽو)جيڪي هيٺ ترتيب ڏئي لکجن ٿيون

آيتن ۾ استعمال ٿيل لفظن جي لغوي تحقيق :

1.خلق.

2.تراب.

3.طين.

4.صلصال.

5.حما.

6.سلاله.

7.نطفه.

8.علقه

9.مضغه.

10.امشاج

1.خلق معني:

اصل صحيح اندازي سان پيدا ڪرڻ ، نئين سر پيدا ڪرڻ، جنهن جو اڳ پير کر نه هجي ۽ هڪ شيءِ کي ٻي شيءِ مان پيدا ڪرڻ تي به ڳالهائبو آهي.

2.تراب:

زمين کي به چيو ويندو آهي ۽ مٽيءَ کي به چيو ويندوآهي.

3.طين:

مٽي ۽ پاڻي مليل کي طين چيو ويندو آهي.يا وري مٽي پاڻي ۽ بجري کي پاڻيءَ سان ملائجي ته ان کي طين چيو ويندو آهي.

4.صلصال:

سڪل وڄڻندڙ مٽيءَ کي چيو ويندو آهي

5.حما:

ڪاري گپ؛ مسنون؛ صورت بڻايل يا ڪاري بدبوءِ دار گپ کي حما چيو ويندو آهي.

6.سلاله:

چونڊيل خلاصو؛ جنهن جو مطلب هِن شيءِ کي هِنَ مان ڪڍيو ويو آهي. ان مان مراد خلاصو آهي.

7.نطفة:

معني، مَنِيءَ جو ٽيپو چيو ويندو آهي، نطفه خالص پاڻي: مرد جي مَنِيءَ کي به چيو ويندو آهي

8.علقه:

دڳ يا رت جي دڳ لوٿڙي کي چيو ويندو آهي

9.مضغة:

مضغة ٻوٽِِيءَ کي چيو ويندو آهي يعني گوشت وغيره جو ٽڪرو ميڊڪل سائينس م ڪور چيو ويندو آهي، جيڪو چٻاڙيوڃي جنهن جو جمع آهي مضغ عربيءَ ۾ لحم يا مضغة چيو ويندو آهي

10.امشاج:

وچڙندڙ يا رنگ يعني عربيءَ ۾ معني ٿيندي ان کي ملايائين امشاج جمع آهي ان جو واحد آهي مشج يا مشيج. مرڪب يا مليل جليل پاڻياٺو؛ مَنِيءَ يا نطفه جو هڪڙو ٽيپو قطره ڦڙو ڪيترين ئي جزن جو جڙيل آهي

انسان عورت جي ان بيضي يعني اوويري رِحِمَ مان پيدا ٿيندو آهي، جيڪو مرد جي مَنِيءَ جي جزن سان مليو هجي، اهو امشاج آهي. پروفيسر ڊاڪٽر علامه محمد رمضان ڦلپوٽو، جون سندس ڪتاب منجهه ڪيل معنائون پوريون ٿيون.

هاڻ اچو ته نج قرآن حڪيم جي روشنيءَ ۾ پنهنجي مضمون يعني انسان جي خلقت جو جا جائزو وٺي، جعلي ڪوڙن مفروضن

فڪرن سوچن ويچارن نظرين جو رد ڪيون.

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

الَّذِي أَحْسَنَ كُلَّ شَيْءٍ خَلَقَهُ ۖ وَبَدَأَ خَلْقَ الْإِنسَانِ مِن طِينٍ ﴿٧﴾ ثُمَّ جَعَلَ نَسْلَهُ مِن سُلَالَةٍ مِّن مَّاءٍ مَّهِينٍ ﴿٨﴾ سورة السجده.

جنھي جيڪا شيء پيدا ڪئي سا سڀڪا چڱيءَ طرح بڻائي ۽ ماڻھوءَ جي پيدائش کي مٽيءَ مان نئون شروع ڪيائين. (٧) وري سندس اولاد بي قدر پاڻيءَ جي نچوڙي مان بڻايائين. (٨) سورة حم السجدة

يَا أَيُّهَا النَّاسُ إِن كُنتُمْ فِي رَيْبٍ مِّنَ الْبَعْثِ فَإِنَّا خَلَقْنَاكُم مِّن تُرَابٍ ثُمَّ مِن نُّطْفَةٍ ثُمَّ مِنْ عَلَقَةٍ ثُمَّ مِن مُّضْغَةٍ مُّخَلَّقَةٍ وَغَيْرِ مُخَلَّقَةٍ لِّنُبَيِّنَ لَكُمْ ۚ وَنُقِرُّ فِي الْأَرْحَامِ مَا نَشَاءُ إِلَىٰ أَجَلٍ مُّسَمًّى ثُمَّ نُخْرِجُكُمْ طِفْلًا ثُمَّ لِتَبْلُغُوا أَشُدَّكُمْ ۖ وَمِنكُم مَّن يُتَوَفَّىٰ وَمِنكُم مَّن يُرَدُّ إِلَىٰ أَرْذَلِ الْعُمُرِ لِكَيْلَا يَعْلَمَ مِن بَعْدِ عِلْمٍ شَيْئًا ۚ وَتَرَى الْأَرْضَ هَامِدَةً فَإِذَا أَنزَلْنَا عَلَيْهَا الْمَاءَ اهْتَزَّتْ وَرَبَتْ وَأَنبَتَتْ مِن كُلِّ زَوْجٍ بَهِيجٍ ﴿٥﴾ سورة الحج

اي ماڻھؤ جيڪڏھن وري جيئري ٿئڻ کان اوھين شڪ ۾ پيل آھيو ته اسان اوھان کي مٽيءَ مان بڻايو وري نُطفي مان وري رت جي دڳ مان وري گوشت جي ٻوٽيءَ مان پورو بڻايل ۽ اڌ گابرو بڻايل ھن لاءِ ته اوھان کي کولي ٻڌايون، ۽ جنھن کي گھرندا آھيون تنھن کي مُقرر مُدّت تائين ڳڀيرڻين ۾ ٺھرائيندا آھيون وري ٻار بڻائي اوھان کي ٻاھر ڪڍندا آھيون وري نپائيندا آھيون ته اوھين پنھنجي جواني کي پھچو، ۽ اوھان مان ڪو اڳي مرندو آھي ۽ اوھان مان ڪنھن کي (جھورائي جي) نڪميءَ ڄمار ڏانھن ھن لاءِ ورايو ويندو آھي ته ڄاڻپ کانپوءِ ڪجھ نه ڄاڻي، ۽ زمين کي غير آباد ڏسندو آھين پوءِ جڏھن مٿس پاڻي وسائيندا آھيون تڏھن تازي ٿيندي ۽ اُڀامندي آھي ۽ سڀڪنھن جنس مان چڱا اوڀڙ ڄمائيندي آھي. (٥) سورة الحج

هُوَ الَّذِي يُصَوِّرُكُمْ فِي الْأَرْحَامِ كَيْفَ يَشَاءُ ۚ لَا إِلَـٰهَ إِلَّا هُوَ الْعَزِيزُ الْحَكِيمُ ﴿٦﴾ سورة آل عمران

اُھو (الله) اھو آھي جيڪو (مائن) ڳڀيرڻن ۾ جئن گھرندو آھي (تئن) اوھان جي شڪل ٺاھيندو آھي، اُن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي (اُھوئي) غالب حِڪمت وارو آھي. (٦) سورة آل عمران

وَلَقَدْ خَلَقْنَا الْإِنسَانَ مِن سُلَالَةٍ مِّن طِينٍ ﴿١٢﴾ ثُمَّ جَعَلْنَاهُ نُطْفَةً فِي قَرَارٍ مَّكِينٍ ﴿١٣﴾ ثُمَّ خَلَقْنَا النُّطْفَةَ عَلَقَةً فَخَلَقْنَا الْعَلَقَةَ مُضْغَةً فَخَلَقْنَا الْمُضْغَةَ عِظَامًا فَكَسَوْنَا الْعِظَامَ لَحْمًا ثُمَّ أَنشَأْنَاهُ خَلْقًا آخَرَ ۚ فَتَبَارَكَ اللَّـهُ أَحْسَنُ الْخَالِقِينَ ﴿١٤﴾ سورة المؤمنون

۽ بيشڪ ماڻھوءَ کي مٽيءَ جي ست مان بڻايوسون. (١٢) وري اُن کي نطفو ڪري مُحڪم جاءِ ۾ رکيوسون. (١٣) وري (اُن) نُطفي کي رت جو دڳ بڻايوسون وري (اُن) رت جي دڳ کي ٻوٽي بڻايوسون وري (اُن) ٻوٽي کي ھڏا بڻايوسون پوءِ (اُنھن) ھڏن کي گوشت پھرايوسون، وري اُن کي ٻي (نئين) بڻاوت بڻائي سون، پوءِ الله (وڏيءَ) برڪت وارو (سڀ کان) ڏاڍو چڱو خلقيندڙ آھي. (١٤) سورة المؤمنون

وَالسَّمَاءِ وَالطَّارِقِ ﴿١﴾ وَمَا أَدْرَاكَ مَا الطَّارِقُ ﴿٢﴾ النَّجْمُ الثَّاقِبُ ﴿٣﴾ إِن كُلُّ نَفْسٍ لَّمَّا عَلَيْهَا حَافِظٌ ﴿٤﴾ فَلْيَنظُرِ الْإِنسَانُ مِمَّ خُلِقَ ﴿٥﴾ خُلِقَ مِن مَّاءٍ دَافِقٍ ﴿٦﴾ يَخْرُجُ مِن بَيْنِ الصُّلْبِ وَالتَّرَائِبِ ﴿٧﴾ إِنَّهُ عَلَىٰ رَجْعِهِ لَقَادِرٌ ﴿٨﴾ يَوْمَ تُبْلَى السَّرَائِرُ ﴿٩﴾ فَمَا لَهُ مِن قُوَّةٍ وَلَا نَاصِرٍ ﴿١٠﴾ سورة الطارق

آسمان جو ۽ رات جي وقت ۾ ايندڙ جو قسم آھي. (١) ۽ ڪنھن سمجھايئي ته رات جو ايندڙ ڇا آھي؟ (٢) (اُھو) چمڪندڙ تارو آھي. (٣) ته ڪو جيءُ اھڙو ڪونھي جنھن تي ھڪ نگھبان مقرر ٿيل (نه) آھي. (٤) تنھنڪري ماڻھوءَ کي گھرجي ته نھاري ڏسي ته کيس ڇا مان بڻايو ويو آھي. (٥) ٽپي سان نڪرندڙ پاڻي مان بڻايو ويس. (٦) جو پُٺيءَ ۽ اُرھ جي وچ مان نڪرندو آھي. (٧) بيشڪ الله سندس وري موٽائڻ تي وس وارو آھي. (٨) جنھن ڏينھن (ماڻھن جي دلين جا) سڀ ڳُجھ جاچيا ويندا. (٩) پوءِ تنھن ڏينھن ڪانه اُن کي سگھ رھندي ۽ نڪو واھرو (ھوندس). (١٠) سورة الطارق

أَوَلَمْ يَرَ الْإِنسَانُ أَنَّا خَلَقْنَاهُ مِن نُّطْفَةٍ فَإِذَا هُوَ خَصِيمٌ مُّبِينٌ ﴿٧٧﴾ وَضَرَبَ لَنَا مَثَلًا وَنَسِيَ خَلْقَهُ ۖ قَالَ مَن يُحْيِي الْعِظَامَ وَهِيَ رَمِيمٌ ﴿٧٨﴾ قُلْ يُحْيِيهَا الَّذِي أَنشَأَهَا أَوَّلَ مَرَّةٍ ۖ وَهُوَ بِكُلِّ خَلْقٍ عَلِيمٌ ﴿٧٩﴾ الَّذِي جَعَلَ لَكُم مِّنَ الشَّجَرِ الْأَخْضَرِ نَارًا فَإِذَا أَنتُم مِّنْهُ تُوقِدُونَ ﴿٨٠﴾ أَوَلَيْسَ الَّذِي خَلَقَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ بِقَادِرٍ عَلَىٰ أَن يَخْلُقَ مِثْلَهُم ۚ بَلَىٰ وَهُوَ الْخَلَّاقُ الْعَلِيمُ ﴿٨١﴾ إِنَّمَا أَمْرُهُ إِذَا أَرَادَ شَيْئًا أَن يَقُولَ لَهُ كُن فَيَكُونُ ﴿٨٢﴾ فَسُبْحَانَ الَّذِي بِيَدِهِ مَلَكُوتُ كُلِّ شَيْءٍ وَإِلَيْهِ تُرْجَعُونَ ﴿٨٣﴾ سورة يس

پوءَ (اي پيغمبر) توکي سندن چوڻ نه ڏکوئي، جيڪي ڳجھو ڪندا آھن ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھن سو بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا. (٧٦) ماڻھوءَ نه ڏٺو آھي ڇا ته اسان کيس نُطفي مان بڻايو پوءِ تڏھن ته اُھو پڌرو جھيڙاڪ ٿيندو آھي. (٧٧) ۽ اسان لاءِ ھڪ مثال بيان ڪندو آھي ۽ پنھنجي بڻاوت وساريندو آھي، ۽ چوندو آھي ته (ھنن) ھڏن کي ڪير جياريندو ۽ اُھو سڀڪنھن پيدائش کي ڄاڻندڙ آھي. (٧٨) (اي پيغمبر کين) چؤ ته جنھن اُنھن کي پھريون ڀيرو بڻايو سو اُنھن کي (وري) جياريندو ۽ اُھو سڀڪنھن پيدائش کي ڄاڻندڙ آھي. (٧٩) جنھن سائي وڻ مان اوھان لاءِ باھ پيدا ڪئي پوءِ اوچتو اوھين اُن مان باھ ٿا ٻاريو. (٨٠) جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو سو انھن جھڙن جي بڻائڻ تي وس وارو نه آھي ڇا؟ ھائو! (وس وارو آھي)، ۽ اُھو وڏو بڻائيندڙ (سڀ) ڄاڻندڙ آھي. (٨١) سندس حُڪم ھن کانسواءِ (ٻيو) ڪونه آھي ته جڏھن ڪا شيء بڻائڻ گھرندو آھي ته اُن لاءِ رڳو چوندو آھي ته ٿيءُ ته (اھا شي) ٿي پوندي آھي. (٨٢) پوءِ اُھو (الله) پاڪ آھي جنھن جي ھٿ ۾ ھر شيءَ جي حڪومت آھي ۽ ڏانھس اوھين موٽايا

ويندؤ. (٨٣) سورة يس

وَالتِّينِ وَالزَّيْتُونِ ﴿١﴾ وَطُورِ سِينِينَ ﴿٢﴾ وَهَـٰذَا الْبَلَدِ الْأَمِينِ ﴿٣﴾ لَقَدْ خَلَقْنَا الْإِنسَانَ فِي أَحْسَنِ تَقْوِيمٍ ﴿٤﴾ سورة التين

انجير ۽ زيتون جو قسم آھي. (١) ۽ طُور سينا جو. (٢) ۽ ھِن اَمن واري شھر (مڪي) جو. (٣) ته بيشڪ ماڻھوءَ کي تمام سھڻي نموني پيدا ڪيوسون. (٤) سورة التين

وَلَقَدْ خَلَقْنَا الْإِنسَانَ مِن صَلْصَالٍ مِّنْ حَمَإٍ مَّسْنُونٍ ﴿٢٦﴾ وَالْجَانَّ خَلَقْنَاهُ مِن قَبْلُ مِن نَّارِ السَّمُومِ ﴿٢٧﴾ وَإِذْ قَالَ رَبُّكَ لِلْمَلَائِكَةِ إِنِّي خَالِقٌ بَشَرًا مِّن صَلْصَالٍ مِّنْ حَمَإٍ مَّسْنُونٍ ﴿٢٨﴾ فَإِذَا سَوَّيْتُهُ وَنَفَخْتُ فِيهِ مِن رُّوحِي فَقَعُوا لَهُ سَاجِدِينَ ﴿٢٩﴾ فَسَجَدَ الْمَلَائِكَةُ كُلُّهُمْ أَجْمَعُونَ ﴿٣٠﴾ إِلَّا إِبْلِيسَ أَبَىٰ أَن يَكُونَ مَعَ السَّاجِدِينَ ﴿٣١﴾ قَالَ يَا إِبْلِيسُ مَا لَكَ أَلَّا تَكُونَ مَعَ السَّاجِدِينَ ﴿٣٢﴾ قَالَ لَمْ أَكُن لِّأَسْجُدَ لِبَشَرٍ خَلَقْتَهُ مِن صَلْصَالٍ مِّنْ حَمَإٍ مَّسْنُونٍ ﴿٣٣﴾ قَالَ فَاخْرُجْ مِنْهَا فَإِنَّكَ رَجِيمٌ ﴿٣٤﴾ وَإِنَّ عَلَيْكَ اللَّعْنَةَ إِلَىٰ يَوْمِ الدِّينِ ﴿٣٥﴾ قَالَ رَبِّ فَأَنظِرْنِي إِلَىٰ يَوْمِ يُبْعَثُونَ ﴿٣٦﴾ قَالَ فَإِنَّكَ مِنَ الْمُنظَرِينَ ﴿٣٧﴾ إِلَىٰ يَوْمِ الْوَقْتِ الْمَعْلُومِ ﴿٣٨﴾ قَالَ رَبِّ بِمَا أَغْوَيْتَنِي لَأُزَيِّنَنَّ لَهُمْ فِي الْأَرْضِ وَلَأُغْوِيَنَّهُمْ أَجْمَعِينَ ﴿٣٩﴾ إِلَّا عِبَادَكَ مِنْهُمُ الْمُخْلَصِينَ ﴿٤٠﴾ سورة الحجر

۽ بيشڪ اسان آدم کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻايو. (٢٦) ۽ ھن کان اڳ جنن کي ڄَرَ واريءَ باھ مان بڻايوسون. (٢٧) ۽ جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو ته آءُ آدم کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻائيندڙ آھيان. (٢٨) پوءِ جڏھن کيس پورو ڪري رھان ۽ منجھس پنھنجي روح مان ڦوڪيان ته کيس سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پئجو. (٢٩) پوءِ اُنھن مڙني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو. (٣٠) سواءِ ابليس جي، سجدي ڪندڙن سان گڏ ھجڻ کان انڪار ڪيو. (٣١)(الله) چيو ته اي ابليس توکي ڇا ٿيو جو سجدي ڪرڻ وارن مان نه ٿئين. (٣٢) (ھن) چيو ته مون کي نه جڳائيندو آھي ته آءٌ اھڙي ماڻھوءَ کي سجدو ڪريان جنھن کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻايو اٿئي. (٣٣) (الله) فرمايو ته اُن (بھشت) مان نڪر ڇوته تون تڙيل آھين. (٣٤) ۽ توتي قيامت تائين لعنت آھي. (٣٥) (ابليس) چيو ته اي منھنجا پالڻھار مون کي قيامت جي ڏينھن تائين مُھلت ڏي. (٣٦) (الله) فرمايو ته تون بيشڪ مُھلت ڏنلن مان آھين. (٣٧) ٺھرايل وقت واري ڏينھن تائين. (٣٨) (ابليس) چيو ته اي منھنجا پالڻھار تو جو مون کي گمراہ ڪيو آھي تنھنڪري آءٌ انھن لاءِ زمين ۾ (گناھن کي) ضرور سينگاريندس ۽ (ٻـين) سڀني کي گمراہ ڪندس. (٣٩) سواءِ اُنھن تنھنجن ٻانھن جي جي سچا آھن. (٤٠) سورة الحجر

وَلَقَدْ كَرَّمْنَا بَنِي آدَمَ وَحَمَلْنَاهُمْ فِي الْبَرِّ وَالْبَحْرِ وَرَزَقْنَاهُم مِّنَ الطَّيِّبَاتِ وَفَضَّلْنَاهُمْ عَلَىٰ كَثِيرٍ مِّمَّنْ خَلَقْنَا تَفْضِيلًا ﴿٧٠﴾ سورة الاسراء

۽ بيشڪ آدم جي اولاد کي شرف ڏنوسون ۽ کين پَٽن ۽ دريائن ۾ کنيوسون ۽ کين سٺين شين مان روزي ڏنيسون ۽ جيڪي خلقياسون تن مان گھڻن کان کين زيادہ مانَ وارو ڪيوسون. (٧٠) سورة الاسراء

سنڌي مترجم

شيخ القرآن و شيخ السنڌ و الهند عرب و العجم

قطب الاقطاب سيدنا تاج محمود امروٽي نور الله مرقده

مضمون جو گهڻو تڻو مواد ( ڊارون جو ارتقائي نظريو ۽ اسلام) تان ورتو ويو آهي؛

جيڪو اسان محترم پروفيسر علامه محمد رمضمان ڦلپوٽو صاحب جن جي نهايت شان مان توقير وقار علمي عظمت اعزاز واري محنت تحقيق ريسرچ ۽ ڪاوش ڪوشش لياقت قابليت آهي، جنهن جي جيتري به واکاڻ ڪجي اها نهايت حقير قليل آهي _مسڪين سنڌي

جوکيو شفيق احمد

جاري آهي جنگ حق ۽ سنڌ جي لاء جاري رهندي

1 comment:

  1. نوري

    داستان پھريون

    تون سَمو سردار، آءٌ ميئي مھاڻي آھيان؛
    تنھنجيءَ شفقت مِھر جو، آھي ڪو نه شُمارُ؛
    گنديءَ گاندَر گھر کان، ڪيو ساري عالم عارُ؛
    مٿي تَنھن مَدارُ، تو ساريءَ ڪينجھر رکي.

    تون سَمو سائين، آءٌ ميئي مُھاڻِي آھيان؛
    مون لَڄ رھائين، جو پَلءِ لڳيس تانھنجي.

    آءٌ ميئي مُھاڻِي، تون سَمو ساري سَر جو؛
    قرب منھنجو ڪھڙو، ڄاڻيو ٿو ڄاڻِي؛
    کارِي سرِ کنيم ٿي، ڇِڇيءَ، کِکِيءَ ھاڻِي؛
    راجا تنھنجي راضَ سان، ٿيس راڻِنِ جي راڻِي؛
    تو سَما سِيباڻِي، نه ته ھيس بيھودي بڇڙي.

    ReplyDelete