Realtime Hit Counter

Sunday 13 February 2011

عرب ملڪن ۾ امريڪا جي منافقي پال ڪريگ رابرٽس/زاهده شيخ


عرب ملڪن ۾ امريڪا جي منافقي

پال ڪريگ رابرٽس/زاهده شيخ

امريڪي حڪومت جي منافقي ۽ مڪاري هاڻي وري پنهنجي پوري طاقت ۽ جاهه و جلال سان ظاهر ٿي آهي. امريڪي حڪومت عراق ۽ افغانستان تي حملو ڪري سڄن سارن ڳوٺن ۽ شهرن سميت ٻنهي ملڪن جي وڏي حصي کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو ۽ عراق ۽ افغانستان ۾ ”جمهوريت آڻڻ“ جي نالي ۾ بيشمار عام شهرين جو ڪوس ڪيو. هاڻي جڏهن مصر جا ماڻهو ڪيترن ڏينهن کان گهٽين ۾ ۽ رستن تي نڪري ”مبارڪ! جان ڇڏ، هليو وڃ!“ جا زوردار مطالبا پيا ڪن، پوءِ به امريڪي حڪومت پنهنجي اشارن تي نچندڙ حڪمران جو پاسو وٺيو بيٺي آهي. نه رڳو ايترو پر اڃان به صلاحون پيئي ڏئي ته ٽن هاڪن کان ملڪ ۾ پوليس راڄ قائم رکڻ کانپوءِ به مبارڪ ئي مصر ۾ جمهوريت قائم ڪرڻ لاءِ مناسب ماڻهو آهي.

30 جنوريءَ تي امريڪا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ هليري ڪلنٽن پڌرو ڪيو ته امريڪا مصر ۾ نه ”آزادي ۽ جمهوريت“ جي گهر ٿو ڪري نه ئي ڊڪٽيٽر جي نيڪاليءَ ۾ مددگار ٿيندو. اسرائيل جي صدر نيتن ياهوءَ امريڪا ۽ يورپ کي چيو آهي ته علائقائي مضبوطي جي بچاءَ واسطي مبارڪ مٿان ٿيندڙ تنقيد کي ٻنجو ڏنو وڃي.

مضبوطيءَ مان نيتن ياهو جي مراد ظاهر آهي ته اها آهي ته اسرائيل کي اها آزادي مليل هجي ته اهو بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي فسلطينين کان ڦرلٽ ۽ سندن ملڪ چورائڻ جو ڌنڌو رکي سگهي. مبارڪ امريڪا ۽ اسرائيل جو پگهاردار ۽ چوڪيدار آهي. هو ٽن ڏهاڪن کان امريڪا ۽ اسرائيل پاران غزه کي ڪڙو چاڙهي بند ڪري، ٻاهرين دنيا کان ڪاٽيو ويٺو آهي. هو غزه جي قيد ڪيل فلسطينين ڏانهن سڄي دنيا مان جيڪا امداد موڪلي وڃي ٿي، ان کي مصري سرحد وٽ روڪيو ڇڏي ۽ ان جي عيوض ڳري پگهار پيو وٺي. امريڪي ٽئڪس ڀريندڙ شهرين جي پئسن جي مهربانيءَ سان مبارڪ ۽ سندس خاندان ارب ۽ کرب پتي بڻجي ويا آهن. امريڪا جي ڪا به حڪومت پوءِ چاهي اها ڊيموڪريٽ هجي چاهي ريپبلڪن هجي، مبارڪ ۾ ڪيل پنهنجي اها ڳري سيڙپ ختم ڪرڻ نٿا گهرن.

امريڪي حڪومت ڊگهي عرصي کان عرب عوام تي پنهنجي مڙهيل حڪمرانن کي عرب عوام بدران اسرائيل ۽ امريڪا جي مفادن جو چوڪيدار بڻائڻ لاءِ کين رشوتون ۽ معاوضا ڏئي عرب حڪومتن کي ڪرپٽ بڻائيندي رهي آهي. عرب عوام امريڪي پئسي جي زور تي ساڻن ٿيندڙ ڏاڍ ۽ جبر کي ڪئين سالن تائين سٺو آهي پر هاڻي هو بغاوت جون نشانيون پيا ڏيکارين.

تيونس ۾ امريڪا جي ٿاڦيل عوام جي قاتل ظالم حڪمران کي، ماڻهن رستن تي اچي اقتدار کان تڙي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي. اها بغاوت مصر تائين پکڙجي ويئي آهي ۽ يمن ۽ اردن جي گهٽين ۾ امريڪا جي پِٺُو حڪمرانن خلاف مظاهرا پيا ٿين.

اها عوامي سجاڳي ٿي سگهي ٿو ته امريڪا جي اشارن تي نچندڙ اڳڙين جي گڏن حڪمرانن کي نيڪالي ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي پر ڇا ان تبديليءَ جو نتيجو امريڪا جي اشارن تي هلندڙ پراڻن پِٺُو حڪمرانن جي جاءِ تي نون اڳڙيءَ جي گڏن حڪمرانن جي اچڻ کان وڌيڪ ڪو ٻيو نڪرندو؟ مبارڪ ٿي سگهي ٿو ته هليو وڃي پر ان جي جاءِ تي جيڪو ٻيو ايندو ان کي به ڏسڻ ۾ ايندو ته کيس به ساڳيا پراڻا امريڪي سنج پهريل آهن.

اهي (امريڪا جا ڇاڙتا) فرعون حڪمران پنهنجن ملڪن جي ٻي ڪارائتي سياسي قيادت کي ختم ڪري ڇڏيندا آهن. عوام ۾ اثر رکندڙ سياسي اڳواڻن يا ته قتل ڪيا ويندا آهن يا جلاوطن آهن يا ته وري جيلن ۾ واڙيل آهن. تنهن کانسواءِ جيستائين ڪو ايران جهڙو باقاعدي سورهن جا، سورهن آنا مڪمل انقلاب اچي، تيستائين ٻيو کڻي ڪهڙو به انقلاب اچي پر ملڪ جي کريل ڪامورا شاهي جيڪا زمانن کان وٺي شيءِ جيئن آهي سا تيئن ئي رکيو ويٺي آهي اُها هڪڙي پائيءَ جو به سڌارو آڻڻ نٿي ڏئي، سا ملڪ جي مالڪ ٿيو ويٺي هوندي ۽ عوام کي ساڳيا ٽڪر ساڳ سان کارايو ويٺي هوندي. ان کانسواءِ مصر جي فوج کي امريڪا جي ڊالرن تي پلجڻ جي عادت ٿي ويئي آهي ۽ اها چاهي ٿي ته کيس ملندڙ پئسن جو ساڳيو وهڪرو جاري رهي. اهو انهن پئسن جو باقاعدي وهڪرو ئي آهي جنهن سان ڪنهن به ٻي ايندڙ حڪومت کي به آرام سان خريد ڪري ڇڏبو.

جيئن ته ڊالر دنيا جو بين الاقوامي ڏيتي ليتيءَ ۽ واپار جو خاص سِڪو آهي. تنهن ڪري امريڪي حڪومت کي دنيا مٿان اقتصادي برتري حاصل آهي ۽ اهو ٻين ملڪن کي ايران وانگر دنيا کان ڪٽي اڪيلو بڻائي سگهي ٿو. عرب ملڪن جي امريڪي پنجوڙ مان نڪري آزاد ٿيڻ لاءِ ٻن ڳالهين مان ڪنهن هڪ ڳالهه جو ٿيڻ لازمي آهي. يا ته انقلاب عرب دنيا کي مڪمل طرح تبديل ڪري ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ عرب ملڪن جي پاڻ ۾ مضبوط معاشي ٻڌي پيدا ٿئي، جيڪا مقامي معاشي واڌاري کي همٿائي يا وري امريڪي ڊالر دنيا جي خاص سڪي طور ناڪام ٿئي.

اولهه جي ملڪن پاران وچ اوڀر جي عرب ملڪن مٿان برتري قائم رکندي اچڻ جو وڏو سبب عربن جي پاڻ ۾ ٻڌي نه هجڻ آهي. عربن جي وچ ۾ انهيءَ ڦوٽ کانسواءِ اسرائيل ۽ امريڪا فلسطين جي ائين ڦرلٽ ۽ توهين سان مٽي پليت نه ڪري سگهن ها، جيئن اهي ڪئين ڏهاڪن کان ڪندا اچن ۽ عربن جي وچ ۾ پيل انهيءَ ڦوٽ کانسواءِ، امريڪا عراق تي حملو به نه ڪري سگهي ها. ان ڳالهه جو امڪان تمام گهٽ آهي ته ڪو عرب اوچتو پاڻ ۾ ٺهي ويندا ۽ ٻڌي ڪندا.

ڊالر جي زوال جو امڪان وڌيڪ آهي. دراصل امريڪي سرڪار جي بجيٽ جي کوٽ ۽ واپار جي کوٽ انهن ٻنهي کي وڌائڻ جي پاليسي ۽ وفاقي رزرو (Federal Reserve) جي بجيٽ جي کوٽ کي ۽ وڏين بئنڪن جي ٺلهن ڪاغذي اثاثن کي ناواجب سان چالو سڪو بنائڻ جي پاليسيءَ جي ڪري، ڊالر خاتمي طرف ئي پيو وڃي.

جيئن ڊالر جي گهڻ ٿيندي، تيئن ان جي قيمت ۾ لاٿ ايندي. شايد اهو وقت پري ڪونهي جڏهن عرب حڪمران امريڪي پئسن لاءِ پنهنجي قوم جي ماڻهن کي وڪڻڻ بند ڪندا.

(نوٽ: ليکڪ امريڪا جي خزاني جي کاتي جو اڳوڻو اسسٽنٽ سيڪريٽري آهي.)

(ڊيلي ٽائيمس 2 فيبروري 2011ع جي ٿورن سان)

http://www.dailyibrat.com/

No comments:

Post a Comment