Realtime Hit Counter

Thursday 17 February 2011

ڏکويلن جو ڏيهه ۽ مزاحمتي عالمن جو ڪردار


ڏکويلن جو ڏيهه ۽ مزاحمتي عالمن جو ڪردار
ميانداد شر
وطن جي آجپي، امن ۽ خوشحالي ۾ جتي قوم جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ فردن جاني ۽ مالي قربانيون ڏئي پاڻ موکيو آهي اتي عالمن ۽ روحاني پيشوائن پڻ پنهنجو ڪردار ادا پئي ڪيو آهي. پاڻ جڏهن تاريخ جي ورقن ۾ جهاتي پائي ڏسون ٿا ته ارغونن ۽ مغلن جي دور حڪومت ۾ ڏکويلن جي ڏيهه سنڌ جي جهوڪ تي نظر پئي ٿي. سائين علي محمد راشدي (رحمة الله تعالي عليه) پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ جهوڪ شريف لاءِ ڏاڍيون حقيقت تي ٻڌل سٽون لکيون آهن. هو لکي ٿو ته، ”سنڌ ڏکويلن جو ڏيهه آهي. خاص طرح سان ٺٽي ضلعي جو علائقو جتان جي ماڻهن ڏاڍا ڏک ڏٺا آهن. تاريخ جي پنن مان رت پيو ٽمي. هر قاتلن جي ڪاهه سڀ کان پهرين ٺٽي تي هوندي هئي. اتي پهچڻ بعد پير پختا ٿيندا هئس ته شوقيا ماڻهن جو شڪار شروع ڪندو هو. تعجب آهي ته ان کان پوءِ به انسان پيدا ٿيندا رهيا. ظالم مرندا کپندا ويا ماڻهو جيئرا رهندا آيا. ماڻهو به اهڙا جو ڪنهن تي نظر پين ته اڳلو سرمد بڻجي سرهو ٿي، ٿي ويو.“
ٺٽي جي سرزمين تي صوفي شاهه عنايت رحه (رحمة الله تعالي عليه) ميران پور ۾ جنم ورتو. ميران پور ۾ جنهن کي بعد ۾ مغلن ساڙائي ڇڏيو. صوفي شاهه عنايت ڪيترا سال سنڌ کان ٻاهر بيجارپور (دکن) ۾ مشهور بزرگ مخدوم عبدالملڪ رحه وٽ رهي علم ۽ فضل حاصل ڪيو. تصوف جو طريقو اختيار ڪيائين همه اوست يعني بنا ڀيد بائو، تعصب ۽ تفريق کان پاڪ روح جي پاڪيزگيءَ واري نظرئي تي عمل پيرا رهيو انهي نظرئي جي سنڌ کي ان وقت سخت ضرورت پڻ هئي، هر وقت ٻاهرين جون ڪاهون، مار ڌاڙ، ڦرلٽ، مفلسي ۽ غلامي، گهليون ۽ گهوڙا نه داد نه فرياد نه امن هو ۽ نه ئي سلامتي هئي. سنڌ جي سرزمين تي ايڏو اوندهه ڏسي شاهه عنايت رحه بيجا پور کي ڇڏي موٽي سنڌ ۾ آيو. ناانصافين جي خلاف وطن جي آجپي لاءِ بغاوت جو علم هٿ ۾ کنيو. پنهنجن پوئلڳن ۽ جانثارن کي ظلم جي خلاف تيار ڪري ٺٽي جي گورنر اعظم خان مغل جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون.
مخدوم بلاول شهيد (رحمة الله تعالي عليه) جو نالو جليل القدر مشائخ ۽ عالمن ۾ شمار ٿئي ٿو. شاهه بيگ ارغون جڏهن دولهه درياهه خان (رحمة الله تعالي عليه) جي شهادت کان پوءِ ڄام فيروز جي پيش پوڻ بعد ٺٽي کان لڪيءَ تائين وارو علائقو کيس عنايت طور حڪومت لاءِ ڏنو ۽ سيوهڻ کان مٿي واري ايراضي ۽ سيوهڻ جو قلعو مير عليڪ ارغون، سلطان مقيم بيگ، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد ترخان کي ڏئي ڇڏيو هو. سيوستان ۽ ٽلٽي جي سنڌي سپوتن مخدوم بلاول رحه جي اڳواڻي ۾ شاهه بيگ ارغون سان مقابلو ڪيو. اتان جي سوڍن ۽ سهتن ۽ عهد ڪيو ته جيسن تائين جان ۾ ساهه آهي تيسين پوئتي نه هٽنداسين. شاهه بيگ ارغون درياهه خان جي پٽن محمود خان ۽ متل خان کي نصيحت ڪرڻ لاءِ قاضي قاضن کي موڪليو پر اتان جي غيرت مند ماڻهن قاضي قاضن جو منهن ڏسڻ به پسند نه ڪيو. مخدوم بلاول رحه جڏهن شاهه بيگ ارغون خلاف تحريڪ بلالي شروع ڪئي ته درياهه خان جي پٽن، رڻ مل سوڍي ۽ سارنگ سوڍي ٽلٽيءَ وٽ ارغونن جي لشڪر جي رستا روڪ ڪئي. سن وٽ سيد حيدر سنائي (رحمة الله تعالي عليه) سندن ٻيڙا ساڙائي ڇڏيا. انڙ پور وٽ مخدوم ساهڙ (رحمة الله تعالي عليه)، لنجار جنگ جي اڳواڻي ڪئي ۽ خاصائيءَ جي ميدان تي دائود شورو جي اڳواڻي ۾ جانڻ شورو ۽ اسماعيل شورو بهادريءَ سان مقابلو ڪيو.
آزادي جي تحريڪ ۾ حُر مجاهدن ۽ سندن روحاني پيشوا پير صبغت الله شاهه ثانيءَ (رحمة الله تعالي عليه) جو وڏو ڪردار رهيو آهي. هي تحريڪ اوڻيهه صديءَ جي وچ ڌاري سنڌ ۾ نمودار ٿي ۽ هڪ سئو سالن تائين جاري رهي. راشدي پيرن جو پهريون بزرگ سيد علي مڪي (رحمة الله تعالي عليه) هو. جنهن جي ويهين پٽ (پيڙهي) ۾ سيد محمد بقا شهيد (رحمة الله تعالي عليه) پيدا ٿيو. جنهن بعد هن خاندان ۾ باقاعده سجاده نشيني جو آغاز ٿيو. سيد محمد بقا(رحمة الله تعالي عليه)کان پوءِ سندن فرزندن سيد (پير محم) راشد(روضي ڌڻي رحمة الله تعالي عليه) مسند نشين ٿيو. سيد راشد جي باري ۾ سندن والد محترم جي مرشد مخدوم محمد اسماعيل (رحمة الله تعالي عليه) پيشن گوئي ڪئي هئي ته هي اهو مبارڪ روح آهي جنهن سان دنيا جو وڏو حصو فيض ياب ٿيندو.
سيد صبغت الله شاهه اول (رحمة الله تعالي عليه) سيد محمد راشد (رحمة الله تعالي عليه) جن جا فرزند هئا. پاڻ 1818ع ۾ گاديءَ تي ويٺا.
جڏهن سيد صغبت الله شاهه (رحمة الله تعالي عليه) اول مسند و هدايت کي زينت بخشي ته ان وقت سلطنت اسلاميه جو ڏيئو اجهامي رهيو هو. پنجاب تي سکن جو قبضو هو، سنڌ سکن ۽ انگريزن ٻنهي جي نظرن جو شڪار هئي. سيد صغت الله شاهه اول نه رڳو هڪ مذهبي ۽ روحاني پيشوا هو پر ان سان گڏ ملڪ جي سياسي حالات واقعات ۾ به سندن گهري دلچسپي هوندي هئي. پير پاڳاري اول جي وفات بعد سندن پيدا ڪيل آزاديءَ واري جذبي حرن کي هميشه لاءِ انگريزن خلاف برسر پيڪار رکيو. پير پاڳاري سيد حزب الله شاهه
(رحمة الله تعالي عليه)1847ع ۾ تحريڪ جو رک موڙي انگريزن ڏانهن ڪيو ۽ اهو 1891ع ۽ ٻي حر تحريڪ جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. آزادي جي هيءَ جنگ اٽڪل 12 سال هئي ان دوران انگريز سرڪار سيد علي گوهر شاهه (رحمة الله تعالي عليه) کي حيدرآباد جيل ۾ نظربند ڪيو. مٿس دٻاءُ وڌو ويو ته پاڻ پنهنجي مريدن کي ان تحريڪ کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏي.
پيرپاڳاري شاهه مردان شاهه(رحمة الله تعالي عليه) جي وفات بعد سيد صبغت الله شاهه ثاني (رحمة الله تعالي عليه) جي ڇهين پاڳاري جي حيثيت ۾ دستاربندي ٿي. پاڻ 12 ورهين جي ننڍي عمر ۾ تخت ۽ تاج جو مالڪ بڻيو. پاڻ آزاد خيال هو کيس خارجي ضابطن ۽ اثرن کان سخت نفرت هئي انگريزن پير صاحب سان ڪافي دفعا رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي وفاداريءَ جو يقين ڏيارڻ بعد کين بي شمار سهوليتن جي پيش ڪئي پڻ ڪئي پر پير صاحب (رحمة الله تعالي عليه) جي رڳن ۾ حريت پسندن جو خون هو ۽ کيس ان ڳالهه جو پوريءَ طرح احساس هو ته هو هڪ بلند پائي روحاني ۽ محب وطن خاندان سان تعلق رکي ٿو. ان ڪري پاڻ انگريزن سان تعلق رکڻ کي منافقت خيال ڪندو هو. پير صبغت الله شاهه ثاني (رحمة الله تعالي عليه) فرمايو ته شهادت اسان جو تاج آهي ۽ اڳتي وڌي ان کي پائڻ اسان لاءِ عين عبادت آهي. اسان فقط آزادي سان محبت ڪئي آهي ۽ اهو جرم نه آهي.
1943ع ۾ هن جوڌي جوان ڦوهه جوانيءَ ۾ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري سنڌ جي تاريخ جي صفحن ۾ پاڻ کي هميشه لاءِ زنده جاويد ڪري ڇڏيو.
مولانا عبيد الله سنڌي سيال ڪوٽ جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ جنم ورتو. چئن مهينن کان پوءِ ماءُ گذاري ويس. يتيم ٿي سنڌ ۾ پهتو. سنڌ جي رنگ ۾ رنگجي سنڌي بڻجي ويو. حضرت (قطب الاقطاب شيخ السنڌ و الهند سيدنا ) مولانا سيد تاج محمود امروٽيءَ (رحمة الله تعالي عليه) جيڪو انگريز سامراج جي خلاف هو کان متاثر ٿي (حفيظ الملة حافظ ) محمد صديق رحه ڍ (رحمة الله تعالي عليه) ڀرچونڊي واري جي هٿ تي راشديه قادري طريقه جي بعيت ڪئي. هندستان مان انگري ڀڄايو هلچل ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ (رحمة الله تعالي عليه) جو اهم ڪردار رهيو. پاڻ جلاوطن به رهيو ته جيل جون صعوبتون به برداشت ڪيون. مولانا تي لکجي ته ڪتاب لکي سگهجي ٿو، هو نه صرف امامِ انقلاب هو پر مجاهد، مجتهد، محنت ڪش ۽ عالم ۽ عالم با عمل به هو ته، مورخ، مفسر قرآن، شيخ الحديث ۽ فيلسوف به هو.
پير غلام محمد سرهندي رحه(رحمة الله تعالي عليه) عالم باعمل هو ته مرد مجاهد ۽ ڪامل پير به هو. سندس ڪرامتون به مشهور هيون. مٽياري سيدن جي خاندان جو هي اڏول انسان جڏهن خلافت جي تحريڪ شروع ٿي ته انگريزن خلاف لٺ کڻي ٻاهر نڪري آيو. انگريزن جي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کي حرام سمجهي فتويٰ ڏنائين ته قرآن شريف مطابق انگريز جي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ اڄ به حرام آهي ته آئيندي لاءِ به حرام آهي. پاڻ فرمايائون ته انگريز جو منهن ڏسڻ به ڪبيرو گناهه آهي. پاڻ انگريز خلاف هجڻ جي ڏوهه ۾ رتنا گيري جيل ۾ ٻه سال سزا به ڀوڳيائون.
پير رشد الله شاهه جهنڊي واري کي ڄائي ڄم کان انگريزن سان نفرت هئي انگريز جي منهن ڏسڻ کي به حرام سمجهندو هو. هندستان ۾ تحريڪ آزادي شروع ٿيڻ کان به اڳ سنڌ ۾ ان تحريڪ جو بنياد وجهي منسلڪ رهي انقلابي دنيا ۾ پير پاتو هو. مولوي عبدالله لغاريءَ (رحمة الله تعالي عليه) به کانئس تربيت ورتي. لاڙڪاڻي ۾ 1920ع ۾ پهرئين خلافت ڪانفرنس منقعد ڪرايائين جنهن ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد (رحمة الله تعالي عليه) به شريڪ ٿيو هو.( مجاهد سنڌ علامه مولانا) مولوي عبدالله لغاري (رحمة الله تعالي عليه) سنڌ جي اوائلي انقلابين مان هو. جليان والا باغ جي سانحي کان به اڳ تحريڪ ۾ شامل ٿي چڪو هو. مولوي عبدالله لغاري جو موقف هو ته غلامي ۽ بيغرتي ساڳي شئي آهي، محب وطن مولوي صاحب جي زندگي گذارڻ جو ڍنگ به تمام سادو هو. هڪ ئي جسم تي وڳو هوندو هئس جنهن کي جمعي جي ڏينهن هڪ ڪڙئي تي وڃي ڌوئي وري پائيندو هو، نه مال نه مڏي هڪ ڪاٺيءَ جي ڦڻي ۽ ورهه جي ڪاٺيءَ جو ڏندڻ ۽ سيراندي کان سر رکي رات جو سمهندو هو.
سنڌ صوفين ۽ ولين جو مسڪن رهي آهي، صوفي ازم هتان جي ماڻهن جي مزاج جو حصو رهندو پي آيو آهي ۽ ساڳي طرح انقلابي نظريو پڻ رهيو آهي. عالم سڀ آباد ڪرين واري دعا صوفي ازم جو اصل منشور آهي. اڄ جتي انتهاپسندي ۽ طالبانائيزيشن معاشري لاءِ زهر قاتل جو روپ ڌاري چڪي آهي، اتي امن، محبت ۽ حب الوطني جي جذبي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ صوفي ازم وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪو آهي.
منٺار ملاح
ميانداد شر
سنڌ وطن جي هاڻوڪي بدتر صورتحال هر نموني اسان کي للڪاري رهي آهي هر قسم جون هٿرادو پيدا ڪيل آفتون ۽ مصيبتون اسان جو مقدر بڻايون ويون آهن. بک، بيروزگاري، بدحالي، قبيلائي جهيڙا، ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ڌارين جي آبادڪاري، شهرن ۾ دهشت گردن ۽ ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن جو راڄ، اغوائون، ڦرون، ڌاڙا سنڌوءَ جي پيٽ مان اڏرندڙ واري، خودڪشيءَ جي رجحان ۾ هر روز ٿيندڙ واڌ، مايوسي، انارڪي ڌارين دهشتگردن جون بدمعاشيون ، وڏيرن جي م و قعي پرستي، قوم دشمني، ڪم ظرفي، وطن فروشي، غداري ۽ ويڪو فطرت ۾ ويتر ٿيندڙ واڌ، تعليم، ۽ انصاف جي مرڻينگ حالت، سياسي سماجي ۽ معاشي تباهي، معدني وسيلن مٿان شهري دهشت گرد ٽولي جو ڇانئجي وڃڻ،چرس، هيورئن ۽ آفيم جي وبا جو پکڙجي وڃڻ ۽ ٻيون اهڙي نوعيت جون اڻ ڳڻيون سماجي بيماريون ۽ برايون هاڻوڪي سنڌ جو آئينو ڏيکاري رهيون آهن.
سنڌ ديس ۽ سنڌين جي وجود ۾ ڪوڙهه وانگر ناسور ڪري ويل هيڏين سارين سياسي، سماجي بيمارين باوجود سنڌي اڃا تائين آئسوليشن جو جيئرو جاڳندو مثال محسوس ٿي رهيا آهن. پاڻ ڪيترن ئي سالن کان سپريڊ سچوئيشن ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. پر پاڻ کي جمود واري صورتحال مان نڪرڻ لاءِ تيار ئي نه ڪري رهيا آهيون. ڄڻ اسان پنهنجي قومي وجود کي تهس نهس ڪرڻ وارن سمورن معاملن کان بي خبر هجون يا اهڙا وائڙا بڻجي ويا آهيون جو سڀ ڪجهه ڏسندي به ڄڻ اهو سوچيندا هجون ته هي ڪنهن جي بازار لٽجي رهي آهي؟
انسانيت جي رهبر، لطيف جي وارثن تي ڪهي آيل ههڙيون ڏکيائيون ۽ مصيبتون ڏينهون ڏينهن بربادي ۽ تباهي جو وڌندڙ طوفان، سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ هزارين سالن کي پنهنجي برقرار رکي ايندڙ وجود کي تباهه ڪرڻ لاءِ وڄ جيان واڪا ڪريو اٿي رهيو آهي ۽ اسان ماڻهو ننڊ جي ستي پي هر لقاءَ کان بي نياز بڻجي گھري ننڊ ۾ کونگھرا هڻي رهيا آهيون.
اسان مان ڪيترن ماڻهن ڇا ڪڏهن سنجيدگي سان سوچيو آهي ته اسان اڄ ڪٿان کان اچي ڪٿي پهتا آهيون؟ ڇا وڃي بچيا آهيون؟ ڇا ڪري رهيا آهيون؟ پنهنجي چوڌاري پکڙيل نا اميدي، نراسائي ۽ سياسي سماجي برايون اسان کي ڇا ڀاسي رهيون آهن؟ يا اسان ڪڏهن اهڙن ٻين سوالن تي غور ڪيو آهي، جيڪي اسان جي برباديءَ جو گھنڊو وڄائي اسان جي ذهنن ۾ ڪا هلچل پيدا ڪري سگهي. اسان ماڻهن جي اڪثريت برتري جي ان احساس جو شڪار آهي ته اسان پنج هزار سال پراڻي تهذيب جا وارث آهيون. مڃيوسين، يورپ ۽ آمريڪا جي خطي وارا ماڻهو اڃان سڌريل ئي ڪون هئا تڏهن اسان وٽ مهين جي دڙي جهڙي سڌريل ۽ شاندار تهذيب جو جود هو، جتي اهي سهولتون ۽ انتظام هئا جيڪي هاڻوڪي دور جي سڌريل ملڪن ۾ ملن ٿا. مهين جي دڙي جهڙي شاندار سڀيتا تي صرف ۽ صرف فخر ڪرڻ ۽ انهي جي عظمت جا ڳيچ ڳائڻ پنهنجي جڳهه تي بلڪل درست، پر تاريخي دوري تي رڳو خوش ٿيڻ ۽فخر ڪرڻ ڪا به ڏاهپ، عقلمندي ۽ دانائي ناهي. انهي ۾ شڪ ڪرڻ ئي اجايو آهي ته ڪو تاريخ اهم ناهي، تاريخ ۽ تاريخي ورثن ۽ تهذيبن جي پنهنجي اهميت آهي. پر انهي کان اهم مستقبل ۽ اڃان به وڌيڪ حال جي اهميت آهي. ڇا اسان سوچيو آهي ته اسان سنڌي وطن ۾ خوشيون، هٻڪارون، ۽ مهڪارون، خوشحالي، سونهن ۽ سينگار پيدا ڪري سگهون ٿا؟ يا اسان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته اسان جيئن پوءِ تيئن ڪنهن اونهي ڌٻڻ ۾ هلندا پيا وڃون. ڇا ائين ئي ڌٻڻ ۾ اندر هلندا وينداسين يا رپوري طاقت ۽ توانائي سان پيرن تي بيهي مزاحمت ڪنداسين؟
اسان پنهنجي خصيص ۽ معمولي مسئلن ۾ الجهڻ کانپوءِ مزاحمت ته ضرور ڪندا آهيون، پر بحيثيت قوم جي اسان ماڻهن ڪڏهن ڪا سگھاري مزاحمت ڪون ڪئي آهي. هن وقت جهڙي نموني اسان مختلف بلائن جي گھيري ۾ آهيون، ماضي ۾ اهڙيون مصيبتون ۽ تباهيون، بحيثيت قوم جي اسان جو مقدر ڪون بڻيون آهن. جنهن جو شڪار هن ديس جو هر ماڻهو بڻيو هجي جئين هن وقت اسين سڀ ڀوڳي رهيا آهيون. اسان جي تاريخ، چيو وڃي ٿو ته مزاحمت جي تاريخ آهي ۽ اسان جو حال ويڙهه جو مثال آهي، برابر اسين وڙهيا آهيون، بحيثيت ذاتين ۽ قبيلن جي پر اسان بحثيت قوم جي ڪڏهن وڙهيا ئي ناهيون. اسان جي تاريخ جا وڏا هيرا، دودو، دولهه، هوشو، هيمون وغيره وڙهيا پر بحثيت سپاهي جي، اسان وٽ دشمنن سان قبيلا وڙهيا، ڳوٺ وڙهيا، پاڙا وڙهيا، ذاتيون وڙهيون پر مجموعي طور هي ديس وارا ڪڏهن به وڙهيائي ناهن.
اسان جون سوچون، مفاد، دشمنيون، جهيڙا ۽ نفرتون به ايتريون ئي خصيص، ننڍڙيون ۽ معمولي آهن، جيترا اسان پاڻ پتڪڙا آهيون، اسان خوشي توڙي ڏک جي ننڍڙين ۽ پتڪڙين ڳالهين تي خوشيءَ ۾ نه ٿا ماپون يا ڏک ۾ لڙهي وڃون ٿا، پر پاڻ سنڌين جي زندگي ۽ موت جهڙن مسئلن تي به غير سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪري تن جي مذاق اڏائيندا رهون ٿا. ڇا اسان جو اهو رويو قوم دشمنيءَ تي ٻڌل رويو نه آهي؟ اسان جو اهو عمل ديس دشمنيءَ جو عمل نه ٿو ٿي سگهي ڇا؟!
دنيا جي جن به قومن، مظلوميءَ جي گهاڻي ۾ پيڙجڻ دوران جيڪو به مزاحمت جو رستو ورتو ۽ ان رستي تي هن جي سچائيءَ ۽ ثابت قدميءَ سان هلندا رهيا ته ڪاميابي سندن راهه ۾ پنهنجا نيڻ نڇاور ڪندي رهي.
توهان ويهين صديءَ جي تاريخ تي ئي ٿوري نظر ڊوڙايو ته اوهان اڳيان حيرت انگيز سوڀن جا ڪارناما نظر ايندا. عظيم آڪٽوبر انقلاب کان اڳ روس ڇا هو؟ ڇا مائو زيتنگ جهڙي ڪرشماتي شخصيت پيدا ٿيڻ کان پهرين چين ڇا هو؟ ۽ هاڻي ترقيءَ جي راهه تي ڪيترو اوچائي تي اڏري رهيو آهي؟ نيلسن منڊيلا کان اڳ آفريڪين کي ڪيتري قدر خراب نظر سان ڏٺو ويندو هو؟ ايران اسلامي انقلاب کان اڳ ڪهڙين مصيبتن ۾ اڙيل هو؟ هيرو شيما ۽ ناگا ساڪيءَ تي ايٽم بم ڪرڻ کان اڳ جاپان ڇا هو؟ ۽ پوءِ ڪيئن اقتصادي ترقيءَ ۾ پاڻڀرو ٿي ويو؟ ويٽنام ۽ ڪيوبا، هوچي منهه ۽ چي گويرا ۽ فيڊل ڪاسترو کان اڳ ڪهڙي حيثيت ۾ هئا؟ ۽ اڄ ڪيتري عظمت تي پهتل آهن؟ ۽ اهي سڀ حقيقتون دنيا اڳيان ڪنهن پڌري ڪتاب جيان کليون پيون آهن ۽ انهن جي ترقيءَ جو سمورو راز پوري عالم آڏو ظاهر آهي.
جن به ملڪن ۽ قومن، سچائي، ديانتداري، دور انديشي ۽ ثابت قدميءَ سان پنهنجين قومن جي ڦٽيل تقدير کي سنوارڻ لاءِ مڙي مٺ ٿي سڀ خوف، وهم، وسوسا ۽ انديشا دور ڪري جدوجهد جي ميدان ۾ نڪري نروار ٿيا ۽ انهن جيڪي ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون ماڻيون ته انهن کي ڪير به سلام ڪرڻ کانسواءِ نه ٿو رهي سگهي. انهيءَ ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان بحيثيت قوم جي ماضيءَ جي عظمتن جي سمورن داستانن واري نشي جي حالت مان نڪري سنڌ ديس جو ڦٽل نصيب سنوارڻ لاءِ ڪنهن روشني ۽ خوشگوار صبح جا ڪرڻا پسڻ جي خاطر پنهنجون عداوتون ۽ دشمنيون وساري هن ديس ۽ قوم جي تباهيءَ جو جواز بڻجندڙ عملن خلاف جوڳا اپاءُ وٺون ۽ ضمير جي سچائيءَ ۽ ثابت قدميءَ سان سنڌ ڌرتيءَ جي دردن جي ازالي لاءِ پاڻ ۾ ٻڌي ڪري اڳتي وڌون ته جيئن ايندڙ نسلن جي لعنتن ۽ ڦٽڪارن کان بچي سگهون
http://www.facebook.com/topic.php?uid=102085546494976&topic=143

No comments:

Post a Comment