Realtime Hit Counter

Thursday 31 March 2011

خلاصت التجويد افادات حضرت مولانا قاري عبد القادر صاحب ليغاري (رحمه الله)

Tahir Sindhi
خلاصت التجويد

افادات حضرت مولانا قاري عبد القادر صاحب ليغاري
(رحمه الله)

جوڙيندڙ قاري قمر الدين (انور)
(رحمه الله)

ترتيب ۽ نظر ثاني

ابو طاهر ڊاڪٽر قاري عبد القيوم سنڌي
پروفيسر جامعه ام القري مڪو پاڪ

ڪمپوز ڪري هت حاضر ڪندڙ: ابو عبد الله طاهر سنڌي
سبق پهريون

قرآن مجيد جا اسان تي چار حق آهن:

1۔ قرآن مجيد کي اهڙي طرح پڙهڻ جيئن الله تعالي کيس نازل فرمايو، ۽ جيئن حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن پڙهيا ۽ پڙهيائون۔

2۔ قرآن مجيد جي صحيح معني ۽ مطلب پڙهڻ ۽ سمجهڻ۔

3۔ قرآن مجيد جي حڪمن مطابق پوري زندگي عمل ڪرڻ۔

4۔ بيان ڪيل انهن ٽنهي حقن جي اشاعت ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ(1)۔

(1 وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ڪتاب: نهايت القول المفيد، تاليف علامه محمد مڪي نصر، صفحو 235 ۽ 236۔

سبق ٻيو

علم تجويد جي تعريف ۽ حقيقت

قرآن مجيد جي صحيح پِڙهڻ لاءِ علم تجويد جو پڙهڻ نهايت ئي ضروري آهي۔

لفظ تجويد جي لغوي معني آهي: ڪنهن شئءِ کي سٺو ۽ عمده ڪرڻ۔

قراء جي اصطلاح ۾ تجويد جي معني آهي: هر حرف کي پنهنجي مخرج (نڪرڻ جي جاءِ) مان پڙهڻ ۽ سموريون صفتون ادا ڪرڻ۔

سبق ٽيون
(لَحن)
1۔ (لحن) معني: غلطي، تجويد جي ابتڙ يا خلاف پڙهڻ کي (لحن) چئبو آهي۔
(لحن) ٻه قسم آهي:
1۔ لحن جلي۔
2۔ لحن خفي۔
(لحن جلي): يعني ظاهري غلطي، حرفن يا حرڪتن کي مٽائڻ يا وڌائڻ ۽ گهٽائن کي لحن جلي چئبو آهي۔
مثلا: (ح) کي (هه) پڙهڻ، يا انجي ابتڙ۔
(انعمتَ) کي (انعمتُ) پڙهڻ، (الحمد) کي (الَحمد) پڙهڻ، (خَلَقَ) کي (خَلَقا) پڙهڻ، (جَعَلا) کي (جَعَلَ) پڙهڻ ۔۔۔۔

لحن جلي جو حڪم: اهو حرام ۽ ممنوع آهي۔

(لحن خفي): يعني لڪل (ڳجهي) يا هلڪي غلطي، جيڪي صفتون حرفن کي سونهن ڏينديون آهن (جن کي عربي ۾ صفات عارضه چئبو آهي) اهي ادا نه ڪرڻ کي (لحن خفي) چئبو آهي۔
مثال: غنه جي جاءِ تي غنه ادا نه ڪرڻ، ٿلهي پُر حرف کي باريڪ يا انجي ابتڙ پڙهڻ۔

لحن خفي جو حڪم:
اهو مڪروه آهي، ان کان بچڻ گهرجي۔

فائده:

عربي ٻولي ۾ (حرڪت) جو جمع: (حرڪات) آهي۔
(حرڪت): زبر، زير، پيش کي چئبو آهي، جنهن حرف تي حرڪت هجي انکي: (متحرڪ)، ۽ جنهن تي حرڪت نه هجي انکي: (ساڪن) چئبو آهي۔
عربي زبان ۾ (زبر) کي (فتحه)، (زير) کي (ڪسره) ۽ (پيش) کي (ضمه) چئبو آهي۔
جنهن حرف تي (فتحه) هجي انکي (مفتوح)، جنهن تي (ڪسره) هجي انکي (مڪسور) ۽ جنهن تي (ضمه) هجي انکي (مضموم) چئبو آهي۔
(شد) يا (تشديد) معني: سختي، جنهن حرف تي تشديد هجي انکي (مُشَدد) چئبو آهي۔

سبق چوٿون
مخارج الحروف
(حرفن جي نڪرڻ جون جايون)
ا) کان (ي) تائين عربي حرفن کي (حروف هجاء) چئبو آهي، اهي جملي (29) حرف آهن، انهن جي نڪرڻ جي جاين کي عربيءَ ۾ (مخارج)، ۽ هر هڪ کي (مخرج) چئبو آهي.
امام يحيي بن زياد (الفراء) وٽ مخرج:14 آهن.
پهريون مخرج:
(اقصي الحلق): نڙيءَ جو هيٺيون حصو (لُڪيءَ جي مٿان)، هتان (3) حرف (الف، أ، هه) نڪرن ٿا.
ٻيو مخرج:
(وسط الحلق): نڙيءَ جو وچون حصو، هتان (2) حرف (ع،ح) نڪرن ٿا.
ٽيون مخرج:
(ادني الحلق): نڙيءَ جو مٿيون حصو (تارونءَ جي طرف وارو) هتان (2) حرف (غ،خ) نڪرن ٿا.
انهن کي (حَلقِيَه) (نڙيءَ وارا) حرف چئبو آهي.
چوٿون مخرج):
زبان جي پاڙ (ڪاڪڙي جي ڀر سان) ۽ تارون، هتان هڪ حرف (ق) نڪرندو آهي.
پنجون مخرج:
زبان جي پاڙ ۽ تارون، پر (ق) جي مخرج کان ٿورو ٻاهر، هتان هڪ حرف (ڪ) نڪري ٿو.
انهن ٻنهي حرفن کي (لَهَوِيَه) (ڪاڪڙي وارا) چئبو آهي.
ڇهون مخرج:
زبان جو وچ ۽ تارون، هتان ٽي حرف (ج،ش،ي) نڪرن ٿا.
انهن حرفن کي (شَجَرِيَه) (ڇت وارا) چئبو آهي.
ستون مخرج:
زبان جو پاسو _ ساڄو يا کاٻو، يا ٻئي پاسا هڪئي وقت، پر کاٻي پاسي کان وڌيڪ آسان آهي_ مٿين پنجن هوڙن جي پاڙ سان ملي، هتان هڪ حرف (ض) نڪري ٿو.
هن حرف کي (حَافِيَه) (پاسي وارو) چئبو آهي.
(اٺون مخرج):
زبان جو ڪنارو مٿين ٽن ڏندن ۽ هڪ هوڙ جي پاڙ سان ملي، هتان ٽي حرف (ل، ن، ر) نڪرندا آهن، پر (ر) نڪرڻ محل زبان جي پٺيءَ کي به دخل آهي.
انهن حرفن کي (طَرَفِيه) (ڪناري وارا) چئبو آهي.
نائون مخرج:
زبان جي چوٽيءَ جي پٺي، مٿين وچين ٻن ڏندن جي پاڙ سان ملي، هتان ٽي حرف (ط، د، ت) نڪرن ٿا.
انهن حرفن کي (نِطَعِيَه) (غار وارا) چئبو آهي.
ڏهون مخرج:
زبان جي چوٽي، مٿين وچين ٻن ڏندن جي چوٽيءَ سان ملي، هتان ٽي حرف (ظ، ذ، ث) نڪرندا آهن.
انهن حرفن کي (لِثَوِيَه) (مهارن وارا) چئبو آهي.
يارهون مخرج:
زبان جي چوٽي هيٺين ڏندن جي ڪناري، مٿين وچين ڏندن جي ملڻ سان، هتان ٽي حرف (ص، س، ز) نڪرن ٿا.
انهن حرفن کي (اَسلِيَه) (چوٽي وارا) چئبو آهي.
ٻارهون مخرج:
مٿين ٻن ڏندن جي چوٽي ۽ هيٺين چپ جو پيٽ، هتان هڪ حرف (ف) نڪري ٿو.
تيرهون مخرج:
ٻنهي چپن جو ملڻ، هتان ٽي حرف (ب، م، و) نڪرن ٿا.
نوٽ: (ب) چپن جي آلاڻ مان نڪرندي آهي، انکي (بحري)، (م) چپن جي خشڪي مان نڪرندي آهي، انکي (بري) ۽ (و) چپن جي اڻ پوري ملڻ سان نڪرندي آهي، انکي (هوائي) چئبو آهي.
نوٽ: ٻارهين ۽ تيرهين مخرج جي حرفن کي (شَفَوِيَه) (چپن وارا) چئبو آهي.
چوڏهون مخرج:
(خيشوم) يعني نڪ جي پاڙ ۽ نالي، هتان غنه وارو گهڻو آواز نڪرندو آهي.
ڪن جو چوڻ آهي ته (م، ن) غنه جي حالت ۾ اتان نڪرندا آهن، پر محققن پهرين قول کي ترجيح ڏني آهي(1).
انهن حرفن کي (خَيشُومِيَه) چئبو آهي.

استادن لاءِ هدايتون
1. مخرجن جي سبق کي گهٽ ۾ گهٽ ٽن حصن ۾ ورهائي شاگردن کي پڙهائجي.
2. شاگردن کي امام فراء جي قول مطابق چوڏهن مخرج پڙهائڻ کان سواءِ زباني سمجهاڻي ۾ اهو به ٻڌائجي ته امام عمرو بن عثمان (سيبويه) وٽ (16) مخرجون آهن، ڇو ته هن (ل، ن، ۽ ر) هر هڪ جي مخرج هيٺين ريت جدا چئي آهي:
(ل): زبان جي ڪناري مٿين ٽن ڏندن ۽ هڪ هوڙ (ضاحڪ) جي پاڙ مان.
(ن): زبان جي پاسي مٿين ٽن ڏندن (ناب، رباعي، هڪ ثنايا) جي پاڙ مان.
(ر): زبان جي پاسي مٿين ٻن ڏندن (رباعي ۽ هڪ ثنايا) جي پاڙ مان.
امام خليل بن احمد فراهيدي وٽ مخرج (17) آهن، هن حروف مده (و، ا، ي) جو مخرج (جوف فم) (وات جو پور) چيو آهي.
نوٽ: ياد رکڻ گهرجي ته هي اختلاف اعتباري آهن نه ڪِ حقيقي، ڇو ته ڪن زياده ويجهڙائي جي ڪري گڏي مخرج چيو، ۽ ڪن وري ٿوري دوري کي مد نظر رکي جدا مخرج چيو آهي.
3. ستين مخرج کان ٻارهين مخرج تائين (6) مخرجن جو تعلق ڏندن سان آهي، انهيءَ ڪري ڏندن جا نالا ياد رکڻ گهرجن:
ڪل ڏندن جو تعداد(32) آهي.
عربي ۾ هڪ ڏند کي (سِن)، گهڻن کي (اَسنَان).
۽ هڪ هوڙ کي (ضِرس) ۽ گهڻن کي (اَضرَاس) چئبو آهي.

ڏندن جو بيان
وچان ڏند: ٻه مٿيان ۽ ٻه هيٺيان، انهن کي (ثَنَايَا) (جوڙا) چئبو آهي.
مٿين کي (ثنايا عليا) ۽ هيٺين کي (ثنايا سفلي) چئبو آهي.
ثنايا سان متصل ٻن مٿين ۽ ٻن هيٺين کي (ربَاعِيات) ۽ (قَوَاطِع) چئبو آهي.
رباعيات سان متصل ٻن مٿين ۽ ٻن هيٺين نوڪدار ڏندن کي (اَنيَاب) ۽ (ڪَوَاسِر) چئبو آهي.

هوڙن جو بيان

انياب سان متصل ٻن مٿين ۽ ٻن هيٺين هوڙن کي (ضَوَاحِڪ) چئبو آهي.
ضواحڪ سان متصل ڇهن مٿين ۽ ڇهن هيٺين هوڙن کي (طَوَاحِن) چئبو آهي.
طواحن سان متصل ٻن مٿين ۽ ٻن هيٺين هوڙن کي (نَوَجِذ) چئبو آهي.

نظم
آهي تعداد سڀ ڏندن جو ٻٽيهه
ثنايا چار ۽ ٻه ٻه رباعي
وري انياب آهن چار بيشڪ
رهيا اضراس جي هن ويهه جائي
ضواحڪ چار ۽ ٻارهن طواحن
نواجذ هن وري ٻه ٻه اي ڀائي

4. ڪنهن به حرف جو مخرج معلوم ڪرڻو هجي ته ان حرف کي ساڪن ڪري ان کان اڳ همزه متحرڪ آڻي پڙهي ڏسجي، جٿي آواز ختم ٿي اهو تنهن حرف جو مخرج آهي.
مثال: أح، اَب، اَهه ... اهڙيءَ طرح سڀئي حرف پڙهي ڏسجن.

1) ڏسو ڪتاب: هدايت القاري، تاليف الشيخ عبد الفتاح المرصفي، ص: 64 _ 65 ۽ ص: 177_188.

سبق پنجون
(حرفن جون صفتون)
حرف جيڪا صورت ۽ شڪل وٺي نڪري تنهن کي (صفت) چئبو آهي.
صفتون ٻه قسم آهن: (ذاتيه) ۽ (عارضه).
1. صفات ذاتيه: ذاتي صفتون هر حرف ۾ هونديون آهن، انهن جي ادا ڪرڻ سان حرف صحيح ۽ ڪامل، ۽ ادا نه ڪرڻ سان غلط ۽ ناقص ٿي پوندو آهي.
(صفات ذاتيه) کي (لازمه) (هميشه رهڻ واريون)، (مقومه) (تيار ڪرڻ واريون)، (مميزه) (نکيڙڻ واريون) به چئبو آهي.
2. صفات عارضه: صرف (8) اٺن حرفن ۾ هونديون آهن، جن جو مجموعه آهي: (ءاوي لرمن)، انهن صفتن جي ادا نه ڪرڻ سان حرف ته رهندو پر ان ۾ سونهن ۽ زينت نه رهندي.
صفات عارضه کي (محسنه) (سونهن ڏيڻ واريون) (مزينه) (زينت ڏيڻ واريون) (محليه) (زيور پهرائڻ واريون) به چئبو آهي.

سبق ڇهون
صفات ذاتيه = ذاتي صفتون

ذاتي صفتون ٻه قسم آهن: (متضاده) ۽ (غير متضاده).
متضاده: انهن صفتن کي چئبو آهي جن جو (ضد) (مقابل) مقرر هجي.
اهي (8) صفتون آهن:
1. هَمس: يعني (جهڪو آواز) جن حرفن ۾ اها صفت هوندي انهن جي ادا ڪرڻ وقت آواز مخرج ۾ جهڪو ۽ ساهه جاري رهندو، اها فقط 10 حرفن ۾ هوندي آهي، جن جو مجموعه آهي: (فحثه شخص سڪت) انهن حرفن کي (مهموسه) چئبو آهي.
2. جهر: يعني (بلند آواز)، جن حرفن ۾ اها صفت هوندي انهن جو آواز مخرج ۾ بلند رهندو، مهموسه حرفن کان سواءِ باقي 19 حرف مجهوره آهن.
3. شده: يعني (سختي)، جن حرفن ۾ اها صفت هوندي انهن جو آواز مخرج ۾ سخت رهندو، اها 8 حرفن ۾ هوندي آهي، جن جو مجموعه آهي (اجدڪ قطبت) انهن حرفن کي (شديده) چئبو آهي.
4. رخاوه: يعني (نرمي)، جن حرفن ۾ اها صفت هوندي انهن جو آواز مخرج ۾ نرم رهندو، توسط: يعني (وچٿري) جن حرفن ۾ اها صفت هوندي انهن جو آواز مخرج ۾ وچٿرو رهندو، اها صفت فقط 5 حرفن ۾ هوندي آهي جن جو مجموعه آهي: (لِن عمر) انهن حرفن کي متوسطه چئبو آهي. شديده ۽ متوسطه حرفن کان سواءِ باقي 16 حرف رخوه آهن.
5. استعلاء: يعني (بلند ٿيڻ)، جن حرفن ۾ اها صفت هوندي انهن جي پڙهڻ وقت زبان تارون ڏانهن بلند ٿيندي ۽ حرف ٿلها ٿي پوندا، اها فقط 7 حرفن ۾ هوندي آهي جن جو مجموعه آهي (خص ضغط قظ) انهن حرفن کي مستعليه چئبو آهي.
6. استفال: يعني (پستي يا هيٺ رهڻ)، جن حرفن ۾ اها صفت هوندي انهن جي پڙهڻ وقت زبان تارون ڏانهن بلند نه ٿيندي بلڪِ هيٺ رهندي ۽ حرف سنها ٿي پوندا، ۽ انهن کي (مستفله) چئبو آهي، (مستعليه) حرفن کان سواءِ باقي 22 حرف مستفله آهن.
7. اطباق: يعني(چنبڙڻ)، جن حرفن ۾ اها صفت هوندي انهن جي پڙهڻ وقت زبان جو ڪجهه حصو تارون سان چنبڙندو ۽ حرف ٿلها ٿي پوندا، اها فقط (ص، ض، ط، ظ) چئن حرفن ۾ هوندي آهي، ۽ انهن کي (مطبقه) چئبو آهي.
8. انفتاح: يعني (کليو رکڻ)، جن حرفن ۾ اها صفت هوندي انهن جي پڙهڻ وقت زبان تارون کان کليل رهندي، حرف پنهنجي حال تي رهندا، انهن کي (منفتحه) چئبو آهي، (مطبقه) حرفن کان سواءِ باقي 25 حرفن ۾ اها صفت هوندي آهي(1).

(1) علامه ابن الجزري ۽ جمهور علماء تجويد وٽ (اذلاق) ۽ (اصمات) به متضاد صفتن مان آهن، انهن جو تفصيل هن ريت آهي: اذلاق: يعني (زبان جي تيزي) جن حرفن ۾ اها صفت هوندي اهي زبان جي چوٽي يا چپن کان تيزي ۽ سولائيءَ سان ادا ٿيندا، اها فقط 6 حرفن ۾ هوندي آهي، جن جو مجموعه آهي: (فر من لب)، انهن حرفن کي (مذلقه) چئبو آهي، (اصمات): يعني (خاموشي يا ماٺ) جن حرفن ۾ اها صفت هوندي اهي خاموشي ۽ ڳڙائيءَ سان ادا ٿيندا، (مذلقه) حرفن کان سواءِ باقي 23 حرفن ۾ اها صفت هوندي آهي، انهن کي (مصمته) چئبو آهي.

ان شاءَ الله جاري آهي

No comments:

Post a Comment