Realtime Hit Counter

Friday 1 April 2011

سنڌ ۾ انگريزن جي پهرين مارشل لا دوران قهري ڪارروايون وليداد ”ولي“


حصو پهريون

سن 1942ع ۾ حصرت پير صبغته الله ساهه عرف پير پاڳاري جي ايامڪاريءَ ۾ وقت جي انگريز حڪومت، سنڌ اندر وڏي پئماني تي هلندڙ حُر تحريڪ کي ٻنجو ڏيڻ ۽ حرن کي پوريءَ ريت نيست و نابود ڪرڻ لاءِ متعلق ايراضين ۾ مڪمل مارشل لا لڳائي، سخت فوجي ڪارروايون شورع ڪيون، جن ۾ سُڪن سان گڏ آلا به سڙي ويا، انگريزحڪومت پنهنجا تجربيڪار آفيسر مقرر ڪيا ۽ مضبوط فوجون حر غازين جي مقابلي ۾ آنديون، محترم وليداد ولي خود انهيءَ فوج ۾ شامل هو، ۽ انهيءَ عرصي ۾ جيڪي ڪجهه ڏٺو ۽ مهسوس ڪيو، سو هڪ ياداشت جي صورت ۾ قلمبند ڪندو رهيو.

مارشل لا ايراضيءَ وارو ماحول:

دنيا ۾ ٻي عظيم جنگ چالو هئي ۽ جرمن فوجون طبرقو ۽ ايران جي سرحدن تائين پهچي چڪيون هيون، هندستان ۾ ڪانگريس ڪُئٽ، انڊيا، تحريڪ شروع ڪري ڏني هيئ، مطلب ته انگريزن لاءِ هيءُ وقت انتهائي آزمائش وارو هو، سنڌ ۾ حرن غازي جماعت، جي نالي سان هڪ عظيم الشان تنظيم قائم ڪئي هئي، جنهن جو صدر مقام ڪيٽيءَ ۾ هو، ۽ معاون مرڪز گڙنگ وارو بنگلو (سانگهڙ) هو انگريزن پير پاڳاري کي ملاقات جي بهاني ڪراچيءَ ۾ گهرائي کڻي نظربند ڪيو، ان جي خلاف حرن پهريائين خاموش مظاهرا ڪيا، پر انگريزن کي هن تنظيم کي اصل برباد ڪرڻو هو، تن حرن سال ڇيڙ ڇاڙ شروع ڪئي، نتيجو اهو نڪتو جو هڪ طرف سکر کان وٺي سانگهڙ تائين، ٻئي طرف سعيد آباد کان وٺي کڏڙي تائين، ٽئين طرف هٿونگي کان وٺي شهدادپور تائين، ۽ چوٿين طرف جيسلمير جي سرحد کان وٺي چوٽيارين تائين، ميدان جنگ جو نظارو پسڻ ۾ ٿي آيو، هڪ طرف سرڪار جا خير خواهه جاسوس، حرن هٿان پئي قتل ٿيا، ته ٻئي پاسي حرن خلاف ڪاررواين جي آڙ ۾ انگريزي فوجن ڳوٺن جا ڳوٺ باهين ۾ پئي جلايا، حرن ڪٿي ريلون پئي ڪرايون ته ڪٿي کڏون کوٽي پوليس ۽ فوج جون لاريون باهه جي نذر پئي ڪيون، مطلب ته سنڌ جي انهن ايراضين ۾ ميدان جنگ وارو نظارو هو.

13 مئي 1943: فوج ۾ ڀرتي

تاريخ 12 مئي سن 1942ع ڏهين بجي صبح جو، آءُ حيدرآباد جي ايس پي جي آفيس ۾ پهتس، جتي فرنٽ صاحب سنڌ پوليس رينجرس نالي هڪ فوج حرن جي مقابلي لاءِ بڻائي رهيو هو، هن فوج ۾ صرف بروهي، بلوچ ۽ قبائلي ايراضين جي جوانن کي ڀرتي پئي ڪيو ويو، جيڪب آباد، گنداوا، نوشڪي ۽ هزارا مان هزارين جوان ڀرتيءَ لاءِ اچي رهيا هئا، بطور ڪوارٽر، ماسٽر، بلوچ ڪمپني ۾ ڀرتي ٿيس، جنهن ۾ جيڪب آباد ۽ گنداوا جا 200 کن بلوچ نوجوان شامل هئا، اسان کي مسلسل ٽن مهينن تائين جهنگلن ۽ پهاڙن ۾ وڙهڻ جي ڪامل ٽريننگ ڏني وئي، هن فوج جو ڪمانڊنگ آفيسر ڪرنل ايڇ پي ٿامس هو، جو هڪ تجربيڪار پوڙهو فوجي آفيسر هو ۽ سنڌي، بروهڪي ۽ بلوچي زبانون بخوبي ڄاڻيندو هو.

22 جولاءِ (سومر) 1943: مارشلا لا ايراضيءَ ڏانهن روانگي:

جڏهن اسان واري اي ڪمپني، مڪمل ط رح تيار ٿي وئي ته اسان کي سنجهوري ڏانهن وڃڻ جا احڪام مليا، اسان جي ڪمپنيءَ جو ڪمانڊر ڪيپٽن ڊبليو ايڇ لانگ هو، جنهن کي سنڌي زبان سکڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، هن مون کي پنهنجو استاد مقرر ڪيو ۽ آءُ هن جي ويجهو رهڻ لڳس، هيءُ آفيسر نهايت چالاڪ ۽ چابڪ دست هو، هن وٽ ڪيترا فوجي آفسر ايندا ويندا هئا، جن مان ميجر جنرل رچرڊسن، جنرل آفيسر ڪمانڊنگ سدرن سرڪل ۽ ايڊمنسٽريٽر مارشل لا مسٽر آر ايڇ سمپسن، ايس پي نواب شاهه ۽ مسٽر ايڇ ٽي لمبرڪ، اسپيشل ڪمشنر مارشل لا ايريا، جا نالا قابل ذڪر آهن، اهي ئي ٽي مکيه آفيسر هئا، جي حرن کي برباد ڪرڻ جا اپاءَ ۽ پروگرام بڻائيندا هئا.

اسين صبح جو سوير ستين بجي، ريل ۾ سوار ٿي، ٻن پهرن ڌاري سنجهوري پهتاسيون ۽ شهر جي ڀرسان لوڪل بورڊ بنگلي ۾ قيام پذير ٿياسون، اهو ڏينهن سومر، 22 جولاءِ 1942ع هو، هتي پنجاب ريجمينٽ جي هڪ ڪمپني اڳي ئي موجود هئي، اهو ڏينهن ڪئمپ لڳائڻ ۾ لڳي ويو، ٻئي ڏينهن صبح جو، فوجي جوان پريڊ کي لڳي ويا ۽ آءُ شهر ۽ آس پاس جو جائزو وٺڻ لاءِ بازار ويس، شهر ۾ ملسمانن جي بربادي، درو ديوار مان ظاهر هئي، هر مرد ۽ عورت جي چهري تي مايوسيءَ ۽ دهشت جا آثار نمايان هئا، باقي رهيا هندو واپاري، جن جي دڪانن جي بازار ۾ اڪثريت هئي، سي سندن قديم منافقانه چال مطابق، ساڌن سان سنمک، پنئچن سان پورا هئا، يعني هڪ طرف حرن سان، بحيثيت پاڙي وارن جي، پريت جي ريت ۾ رنڱيل هئا ته ٻئي طرف ڳجهيءَ طرح انگريز آفيسرن وٽ جاسوس بڻجي سرخرو پئي رهيا، هر طرف فوج ۽ پوليس جو دور دورو هو، وچ بازار ۾ منهنجي ملاقات محمد صالح نالي هڪ ديندار واپاريءَ سان ٿي، گفتگوءَ دوران هن صاحب مون کي ٻڌايو ته حرن جي بهاني سان پوري مسلمان قوم هندن ۽ انگريزن جي انتقامي جذبي جو شڪار بڻجي رهي آهي، پوليس جي پِٺُن جي ٻيگهي متل هئي، جنهن به ماڻهوءَ ڏينهن نشاندهي ڪن ٿا ۽ جو به کين خاصي رقم نٿو ڏئي، تنهن کي حر ظاهر ڪري ٻه شاهد هٿرادو بڻائي گرفتار ڪرايو ڇڏين، ان طرح ڪيترا بي گناهه برباد ٿي ويا آهن، ۽ ٿي رهيا آهن

جاري آهي !

http://www.awamiawaz.com/2011/March/31st/digest/02.htm

No comments:

Post a Comment