Realtime Hit Counter

Wednesday 30 March 2011

پنجن ٻولين ۾ ڊڪشنري مرتب ڪندڙ لسانيات جي ماهر جو وڇوڙو

مارچ خميس ڏينهن پنجن ٻولين ۾ ڊڪشنري مرتب ڪندڙ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي عالمي حيثيت ڏيارڻ لاءِ سڄي عمر جاکوڙ ڪندڙ لسانيات جي ماهر الهڏني عباسيءَ کي ڪراچي جي سول اسپتال ۾ هميشه لاءِ اکيون پوريندي ڏٺو. سنڌ راڻي ۽ مير باگي جي شهر ۾ اکيون کوليندڙ الهڏنو عباسي لاڙ ۾ علم، ادب ۽ سماجي خدمت جا يادگار محل اڏيندڙ خانبهادر مير غلام محمد ٽالپر طرفان تعمير ڪرايل لارينس مدرسي ۾ پڙهيو، جتي کيس وقت جي وڏي عالم، استاد مرحوم قادر بخش خاصخيلي پڙهايو. کيس محمد صديق مسافر ۽ ايڇ ايم خواجه جي صحبت به نصيب ٿيندي رهي. هن سنڌي، اردو، انگريزي، عربي ۽ فارسي ٻولين تي دسترس حاصل ڪئي، دنيا جي ڇپيل لغتن جي اسٽڊي ڪئي، ايم اي ۽ ايم ايڊ ڪيو. تعليم کاتي ۾ هاءِ اسڪول ٽيچر طور مقرريءَ بعد 17 گريڊ ۾ پهچي رٽائر ڪيائين. هن جي وڏي خدمت اها آهي جو هن سنڌي، اردو، انگريزي، عربي ۽ فارسي ٻولين تي مشتمل ڊڪشنري مرتب ڪئي. سندس خواب هو ته سنڌي ٻولي، عالمي ٻولين جي قطار ۾ اچي. ان ڪري هن دنيا جي اهم ٻولين تي لڳاتار 9 سال، روزاني 15 کان 16 ڪلاڪ محنت ڪري ڊڪشنري مرتب ڪئي، جنهن جي ڇپائيءَ جيتري وٽس رقم نه هئي، جنهنڪري پاڻ ان وقت جي گورنر ايس ايم عباسي ۾ اميد ڪري مسودو ان اڳيان پيش ڪيو، جنهن سنڌي ادبي بورد انتظاميا کي هدايت ڪئي، جتي الهڏني عباسيءَ کي پنڌ ڪندي ورهيه گذري ويا. هو جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جا پنڌ ڪري ٿڪجي پيو ته هن ضلعي بدين جي ان وقت جي ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين غلام علي نظاماڻيءَ سان رابطو ڪيو، پر اُتان به کيس ڪجهه پلئه نه پيو. وقت گذرندو رهيو ۽ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو وزير اعظم ٿي ته هن چاهيو هو ته هاڻي ته وزير اعظم به سنڌي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اهميت کي سمجهڻ واري آهي، سو الهڏني عباسيءَ تڪ مان چونڊيل ايم اين اي معرفت شهيد محترمه سان ملاقات جو سوچيو پر اها ملاقات نه ٿي سگهي ۽ محترمه جي حڪومت به ختم ڪئي وئي. ان باوجود لڳاتار محنت ڪندڙ هي شخص هٿ تي هٿ رکي نه ويٺو، هن جو ”سنڌي ٽو انگريزي“ گرامر جو ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي ويو. اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچڻ سبب سندس همت وڌي وئي. هن اڳي کان اڳرو ٿي ڊڪشنريءَ جي ڇپائڻ لاءِ ڪوششن کي تيز ڪيو. هو سنڌي لئنگويج اٿارٽي به وڃي نڪتو. هميشه اڇا ڪپڙا پائيندڙ ان شخص جا وار به اڇا ٿي ويا پر کيس ڪٿان به ڪا سٺي موٽ نه ملي، ان جي باوجود هو مايوس نه ٿيو ۽ زندگيءَ جي آخري وقت تائين ڊڪشنري ڇپائڻ وارو خواب سانڍي پساهه پورا ڪيائين. ٻه سال اڳ ايم پي اي ۽ سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا طرفان مرزا اڪيڊمي حيدرآباد طرفان اها ڊڪشنري ڇپرائڻ جو اعلان ڪيو هو پر اهو اعلان به اڌورو رهجي ويو ۽ الهڏني عباسيءَ جو پورهيو سندس حياتيءَ ۾ ڇپجي نه سگهيو، سندس خواب ساڀيان ٿي ڪونه سگهيو. عمر جو سمورو شعوري حصو هن علم کي ارپيو. تلهار ۾ عباسي ايليمينٽري اسڪول قائم ڪيائين. بيحسيءَ ۽ لاتعلقيءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته، سنڌ جي ان خاموش خدمتگار جي وڇوڙي تي ڪي به لغت جا ماهر، اديب، تعليمي ماهر تڏي تي به نه پهتا آهن. هو وسري به ويندو، پر سند ڪم يادگار رهندو.

عثمان راهوڪڙو/ٽنڊو باگو

The Kawish Group of Publication

B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.

Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167

Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com

http://www.thekawish.com/

1 comment:

  1. پنجن ٻولين ۾ ڊڪشنري مرتب ڪندڙ لسانيات جي ماهر جو وڇوڙو

    by Jokhio Shafique Ahmed on Saturday, March 12, 2011 at 6:25pm

    ReplyDelete