Realtime Hit Counter

Wednesday 30 March 2011

شاهه رح جي رسالي ۾ آيل قرآني آيتن جو اڀياس _حصو پهريون_ پروفيسر عبد القادر چاچڙ صاحب

عبدالقادر چاچڙ

شاه جو رسالو ۾ آيل

قرآني آيتن جو اڀياس

سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي قادرالڪلام شاعر ٿي گذريا آهن جن ۾ قاضي قادن، شاه عبدالڪريم بلڙي وارو، حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي، حضرت سچل سرمت، سيد ثابت علي شاه، فقير قادر بخش بيدل ۽ ٻيا شامل آهن.

پر شاعريءَ ۾ جيتري مڃتا حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه کي ملي آهي اوتري ٻئي ڪنهن کي نه ملي سگهي آهي.

شاه ڀٽائي رحه قادري طريقي جو صوفي هو. (1) ۽ مذهبي تعصب کان ڪونهين ڏور هو. حضرت ڀٽائي رحه پنهنجي ڪلام (شاه جو رسالو) ۾ ڪيتريون قرآني آيتون، حديثون ۽ عربي محاورا آندا آهن. هن مقالي ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ۾ جيڪي قرآن ڪريم جون آيتون آيل آهن انهن جو اڀياس پيش ڪجي ٿو. (2) جيئن خبر پوري ته حضرت ڀٽائي رحه ڪيتريون ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون آيتون پنهنجي ڪلام ۾ ڪتب آنديون آهن.

آيت 1: "لاخوف علیھم ولاھم یحزنون" (3)1

نه آهي خوف انهن جي مٿان ۽ نه ئي اهي غمگين آهن.

آيت جو مطلب هيءُ آهي ته جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا انهن لاءِ اللھ تعالي وٽ وڏو اجر آهي ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ ڪوبه غم ڪونهي.

حضرت ڀٽائي رحه هن آيت کي سر ڪلياڻ ۾ هن طرح آندو آهي:

"لاخوف عليهم ولاهم يحزنون" سچن ڪونهي سور،

مولي ڪيو معمور، انگ ازل ۾ انجو.

آيت 2: "الا اللہ" (4)2

نه آهي ڪوبه معبود مگر الله.

اصل ۾ هي الفاظ ڪلمي طيب "لا الھ الا اللھ محمد رسول اللھ" جو حصو آهن. هنن الفاظن ۾ اللھ تعالي جي وحدانيت ۽ هيڪڙائيءَ واري هڪل جي تلقين ٿيل آهي.

حضرت شاه ڀٽائي رحه هي الفاظ پنهنجي ڪلام (رسالي) جي مختلف بيتن ۾ آندا آهن. هتي نموني خاطر هڪ بيت سر ڪلياڻ جو ڏجي ٿو:

وحده جي وڍيا، "الا اللھ" سين اورين.

آيت 3: "وتعز من تشاءُ وتذل من تشاءُ" (5)2(اي اللھ!) جنهن کي وڻييءِ تنهن کي عزت ڏين ۽ جنهن کي وڻييءِ تنهن کي ذليل (خوار خراب) ڪرين.

هن آيت ۾ اللھ باري تعالي حضرت محمد ڪريم ﷺ کي حڪم ڏنو ته توهان پنهنجو معاملو اللھ جي حوالي ڪر. اللھ تعالي جنهن کي چاهي بادشاهي ڏئي ۽ جنهن کان وڻيس بادشاهي کسي وٺي، هو جنهن کي چاهي عزت ڏئي ۽ جنهن کي چاهي خوار ۽ رسوا ڪري. هر ڳالهه اللھ جي هٿ ۾ آهي، جيڪو هر شيءِ تي قدرت رکڻ وارو آهي.

حضرت شاه ڀٽائي رحه سر ڪلياڻ جي داستان ٽين ۾ فرمايو آهي:

سوئي راه رد ڪري، سوئي رهنماءُ،

"وتعز من تشاءُ وتذل من تشاءُ"

اها ساڳي آيت حضرت ڀٽائي رحه سر پرڀاتي ۾ به آندي آهي.

آيت 4: "والعصر" (6)4

قسم آهي زماني جو.

هيءَ سورت عصر جي پهرين آيت آهي.جنهن ۾ اللھ تعالي زماني جو قسم کنيو آهي ۽ زمانو (تاريخ) شاهد آهي ته ماڻهو دنيا جهان ۾ چڱايون گهٽ ۽ لنڱايون وڌيڪ ڪن ٿا جنهن ڪري اهي خساري ۾ رهن ٿا. باقي جيڪي ماڻهو پختو ايمان آڻن ٿا، چڱا ڪم ڪن ٿا ۽ هڪ ٻئي کي ڏکئي وقت ۾ صبر ڪرڻ جي تلقين ڪن ٿا، اهي ڪامياب آهن.

آخر "والعصر" جو، اينهين اتائون،

تهان پوءِ آءٌ، سڪان ٿي سلام کي.

آيت 5: "فاذڪروني اذڪرڪم" (7)

پوءِ مونکي هر وقت ياد ڪندا رهو (۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا رهو) مان به توهان کي نه وساريندس. (اوهانکي اجر ۽ ڪاميابي ڏيندس)

هن آيت سڳوري ۾ اللھ تعالي ٻانهن کي فرمايو آهي ته توهان مونکي ياد ڪريو يعني منهنجي حڪمن جي تعميل ڪريو ته آءٌ توهان کي دنيا ۾ ڏک ۽ سک ۾ نه وساريندس ۽ آخرت ۾ جنت جهڙي عظيم نعمت پڻ عطا ڪندس.

حضرت ڀٽائي رحه سر ڪلياڻ ۾ هيٺيون بيت آندو آهي جنهن ۾ مذڪوره آيت آيل آهي:

تو جنين جي تات، تن پڻ آهي تنهنجي،

"فاذڪروني اذڪرڪم"، اي پروڙج بات،

هٿ ڪاتي ڳڙ وات، پڇڻ پر پرين جي.

آيت 6: "الست برکم" (8)

(عام ارواح ۾ اللھ تعالي پڇيو ته) ڇا مان توهان جو پروردگار نه آهيان؟

جڏهن انسانن جي روحن کي اللھ تعالي پيدا ڪيو ته انهن کان وعدو ورتو ۽ کين شاهد بڻايو ته مان توهان سڀني جو رب آهيان، ان موقعي تي سڀني ان ڳالهه کي مڃيو هو.

اهو سمورو وعدو ۽ شاهدي هن لاءِ هئي ته سڀاڻي ڪو ماڻهو ائين نه چوي ته مونکي خبر نه هئي.

حضرت شاه ڀٽائي رحه انهيءَ واقعي کي سر ڪلياڻ ۾ هن انداز ۾ آندو آهي:

پاٻوهي هيڪار مونهان پڇيو سڄڻين،

"الست برڪم"، چيائون جنهن وار،

سندي سور ڪنار، تن تڏاهڪون نه لهي.

آيت 7: "واللہ مع الصابرين" (9)

۽ بيشڪ اللھ تعالي صبر ڪرڻ واران جو ساٿي آهي.

اللھ تعالي ۽ رسول پاڪ ﷺ بار بار ڏک، تڪليف ۽ آزمائش جي موقعي تي صبر ڪرڻ جي تلقين ڪئي آهي.

حضرت شاه ڀٽائي رحه مٿين آيت سر يمن ڪلياڻ ۾ هن طرح آندي آهي:

ڏمر پاسو ڏک سين، کاند کٿوري هوءِ،

"واللھ مع الصابرين"، آڳو ايهين چوءِ.

آيت 8: "بسم اللہ" (10)

شروع اللھ جي نالي سان.

مسلمان جڏهن کائڻ، پيئڻ ۽ ٻئي ڪنهن ڪم جي شروعات ڪندا آهن ته ان وقت "بسم اللھ الرحمان الرحيم" چوندا آهن. جنهن سان ڪم ڪار يا شين ۾ برڪت پوندي آهي.

حضرت ڀٽائي رحه سر يمن ڪلياڻ ۾ فرمايو آهي ته نيڪ نيتي سان ڪم جي شروعات ۾ بسم اللھ پڙهجي ته پوءِ ڪاميابي يقيني آهي.

ڪوڙ ڪتابن ۾، حرف مڙوئي هڪ،

جي تو نظر نيڪ، ته "بسم اللھ" ئي بس ٿئي.

آيت 9: " واشڪروالي ولاتڪفرون " (11)

۽ منهنجي نعمتن جو قدر ڪيو ۽ بي شڪر نه ٿجو.

اللھ تعالي فرمايو آهي ته اي انسان! مون توهان ڏانهن رسول موڪليا جن توهان جي دلين کي ڪفر کان صاف ڪيو، انهن توهان کي ڪتاب ۽ حڪمت ڀريون ڳالهيون سيکاريون ۽ مان توهان ڪي ٻيون اڻ ڳڻيون نعمتون ڏنيون. هاڻي توهان تي لازم آهي ته منهنجو شڪر ڪريو ۽ ناشاڪر نه ٿيو.

حضرت شاه ڀٽائي رحه ان آيت کي سر سريراڳ ۾ هن طرح آندو آهي:

"واشڪروالي ولاتڪفرون"، ڪڍ تون ڪفرانا.

آيت 10: "لھم البشری" (12)

انهن (سچن مومنن) لاءِ دنيا جي زندگيءَ ۾ به (ڪامراني ۽ سعادت جي) خوشخبري آهي.

هن آيت ۾ اللھ تعالي نيڪوڪارن کي خوشخبري ڏيندي ٻڌايو آهي ته اهي غمگين نه ٿين، اللھ تعالي انهن جي دنيا ۽ آخرت واري زندگي کي سنواريندو، جنهن جو اللھ تعالي انهن سان وعدو ڪيو آهي ۽ رب پاڪ وعدي خلافي نه ڪندو آهي.

حضرت ڀٽائي رحه هن آيت کي سر سريراڳ ۾ هن طرح آندو آهي:

جنين سودي سچ سين، وکر وهائيو،

بخرو "لهم البشري" جو، انهيءَ لي آيو،

ان کي لالن لنگهايو، ساندارو سمونڊ جو.

آيت 11: "کل نفس ذائقۃ الموت" (13)

هر هڪ نفس کي آخر موت جو مزو چکڻو آهي.

موت هڪ حقيقت آهي جنهن کان پيغمبر، رسول، ڪامل ولي به بچي نه سگهيا آهن. جڏهن موت اچڻو آهي ته پوءِ اسانکي ٻئي جهان جو سمر تيار ڪرڻ جو الڪو هئڻ گهرجي، بغير سمر جي اهو جهان ڏاڍو ڏکيو آهي. اللھ تعالي ماڻهن کي موت ياد ڏياريندي فرمائي ٿو ته چڱا ڪم ڪيو ۽ بڇڙائين کان پري ڀڄي وڃو.

حضرت شاه ڀٽائي رحه سر سريراڳ ۾ ماڻهن کي ٻڌائي ٿو ته مرڻ واري ڳالهه سڀئي ماڻهو ذهن نشين ڪري وٺن، انهيءَ متعلق ڪنهن قسم جي ڪوتاهي ۽ لاپرواهي نه ڪن.

"کل نفس ذائقۃ الموت"، سچي اي سنڀار.

آيت 12: "یوم یفر المرء من اخیہ" (14)

جنهن ڏينهن ماڻهو پنهنجي ڀاءُ کان پري ڀڄندو.

هن آيت ۾ قيامت جي ڏينهن پيش ايندڙ ڳالهين مان هڪ ڳالهه جو ذڪر آهي ته ان ڏينهن ڀاءُ ڀاءُ کان ۽ پيءُ پٽ کان ۽ دوست دوست کان بيزار هوندو ۽ هرهڪ پنهنجي جان آجي ڪرائڻ جي فڪر ۾ هوندو.

حضرت ڀٽائي رحه هن آيت جي مناسبت سان سر سريراڳ ۾ ماڻهن کي تلقين ڪئي آهي ته جنهن ڏينهن ڀاءُ ڀاءُ کان بيزار هوندو، ان ڏينهن جي تياري ڪريو، ان ڏينهن کان غافل نه ٿيو.

"يوم يفر المرءُ من اخيھ"، جتي ڀڄندا ڀار.

آيت 13: "واما من خاف مقام ربہ" (15)

۽ جو شخص پنهنجي پاليندڙ جي سامهون بيهڻ کان ڊنو هوندو. (ان لاءِ جنت آهي)

جڏهن ماڻهو جي دل ۾ خدا جو خوف اچي ٿو ته پوءِ هو برائين ۽ بڇڙائين کان پري ڀڄي ٿو ۽ چڱائين ڏانهن وک وڌائي ٿو. اللھ تعالي فرمايو آهي ته جيڪو حساب ڪتاب ڏيڻ واري ڏينهن کان ڊڄندو اهو ڪامياب آهي ۽ کيس جنت ملندي.

حضرت شاه ڀٽائي رحه هن بيت کي سر سهڻي ۾ آڻي فرمايو آهي ته جنهن ماڻهو کي خوف خدا دل ۾ هوندو اهو ڏکيا حساب ڪتاب جا ڏينهنڙا ۽ لنگهه لنگهي پار پوندو. خوف خدا رکڻ وارا راتين جو جاڳي رب کي ريجهائڻ ۾ رڌل رهن ٿا انهن لاءِ ڪوبه الڪو ۽ فڪر نه آهي.

"واما من خاف مقام ربھ"، اي لنگهيائين لنگهه.

سڪندين کي سيد چئي، ڪين جهليندو جهنگ،

رات جنين جي رنگ، الا! سي اڪاريين.

آيت 14: "لاتقنطوا من رحمۃ اللہ" (16)

(اي ماڻهو! جن منهنجي واٽ ڇڏي پاڻ تي ظلم ڪيو آهي سي) خدا جي رحمت مان اميد نه لاهيو. (جيڪڏهن هاڻي به اوهان منهنجي ڏيکاريل واٽ تي هلڻ شروع ڪيو ته مان به رحمت جي موٽ ڪندس)

هن آيت ۾ ڀٽڪيل ماڻهن کي اللھ تعالي اميد ڏيکاريندي فرمائي ٿو ته هاڻي به موٽي اچو، منهنجي رحمت وسيع آهي. توبه ڪندوءُ، دل سان اللھ ڏانهن رجوع ڪندوءُ ته توهان کي پنهنجي رحمت ۾ ضرور وٺندس.

شاه ڀٽائي رحه سر سهڻي ۾ فرمائي ٿو ته جيڪڏهن ماڻهو کي تڪليف پهتي آهي، آسرو ۽ سهارو هليو ويو آهي ته به اهو اللھ جي رحمت مان آسرو نه لاهي، چڱائي جي تات ۽ اڪير نيٺ ماڻهوءَ کي پنهنجي محبوب (اللھ باري تعالي) سان ملائيندي.

هن شعر ۾ ڀٽائي رحه سهڻي ۽ ميهار جي روپ ۾ اللھ جي رحمت مان نااميد نه ٿيڻ واري ڳالهه سمجهائي آهي.

گهڙو ڀڳو ته گهوريو، آسر م لاهيج،

"لاتقنطوا من رحمت اللھ"، ترهي ان تريج،

حبيباڻي هيج، پسين منهن مهار جو.

آيت 15: "کن فیکون" (17)

(مدد ۽ وسيلن کان سواءِ) هو فقط حڪم ڪري ٿو ته ٿي پوءُ ته پوءِ ائين ٿي پوندو آهي.

هن آيت ۾ اللھ تعالي جي سڀ کان وڏي صفت تڪوين جو ذڪر ٿيل آهي ته جڏهن باري تعالي ڪنهن جي ٺاهڻ، ۽ وجود ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪندو آهي ته پوءِ صرف چوندو آهي ٿي پوءُ ته اها شيءِ ٿي پوندي آهي.

حضرت شاه ڀٽائي رحه سر سهڻي ۾ اللھ باري تعالي جي ذات متعلق فرمايو آهي ته اها فرشتن، انسانن، جنن ۽ ٻين شين جي وجود ۾ اچڻ کان پهريون ئي موجود هئي. ۽ اللھ جي ذات ازل کان آهي، سهڻي ۽ ميهار جو عشق به اصل کان آهي، اهو عشق دائمي آهي. دنيا جا لاها چاڙها انکي ختم نٿا ڪري سگهن.

ساهڙ جا سينگار، مون اڻ ڏٺا اڳي هئا،

نڪا "ڪن فيڪون" هئي، نڪا ٻي پچار،

ملڪنئان مهند هئي، توڏيءَ جي توار،

محبت ساڻ مهار، لاياءِ لطيف چئي.

آيت 16: "ولسوف یعطیک ربک فترضی" (18)

۽ توکي ضرور تنهنجو پاليندڙ (ايترو) ڏيندو پوءِ تون خوش ٿيندين.

هن آيت ۾ اللھ تعالي نبي ڪريم عليھ السلام جي مٿان جيڪي انعام اڪرام ۽ مهربانيون فرمايون، انهن جو ذڪر آيل آهي.

شاه ڀٽائي رحه سر رامڪليءَ ۾ اهڙي انعام کي هن انداز ۾ بيان ڪيو آهي:

"ولسوف يعطيڪ ربڪ فترضي"، توسين قادر ڪيا قرار.

آيت 17: "يجاهدون في سبيل الله" (19)

اهي اللھ جي راه ۾ جهاد ڪن ٿا.

الله تعاليٰ هن آيت ۾ سچن مومنن پيدا ڪرڻ طرف اشارو فرمايو آهي جيڪي خدا سان حب رکندا، پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڏاڍا نرم هوندا پر دين جي دشمن لاءِ تمام سخت هوندا.

حضرت شاه ڀٽائي رحه هن آيت کي سر ڪيڏارو جي هڪ بيت ۾ هن طرح آندو آهي:

"يجاهدون في سبيل الله"، ڪم اهوئي ڪن،

حورون هار ٻڌن، سهرا شهيدن کي.

آيت 18: "اللہ الصمد" (20)

اللھ ئي بي پرواه آهي.

اللھ تعالي هن جهان جي وايو منڊل کي هلائڻ وارو آهي، انکي هن جهان جي هلائڻ ۾ ٻئي ڪنهن جي سهاري يا مدد جي ضرورت نه آهي.

حضرت ڀٽائي رحه هن آيت واري شعر کي سر ڪيڏارو ۾ هن طرح آندو آهي:

"اللھ الصمد" بي نياز سا ڪري جا چاهي،

انهين منجهه آهي، ڪا اونهين ڳالهه اسرار جي.

آيت 19: "لايکلف الله نفسا الا وسعها" (21)

الله تعاليٰ ڪنهن به نفس تي سندس طاقت کان ٻاهر ذميداري نٿو رکي.

الله تعاليٰ انسانن تي جيڪي ذميواريون مقرر ڪيون آهن اهي سڀ انهن جي وس واريون آهن. رب پاڪ ڪابه اهڙي ذميواري انسانن مٿان مقرر نه ڪئي آهي جيڪا پوري ڪرڻ انهن لاءِ ناممڪن هجي.

حضرت لطيف سائين انهيءَ آيت کي سر ڪيڏارو ۾ هن طرح آندو آهي:

"لايکلف الله نفسا الا وسعها"، جيڪا پڄنديم سا،

گهوٽ به لڳا گهاءَ، سو پڻ شير شهيد ٿيو.

آيت 20: "الله نورالسموات والارض" (22)

الله تعاليٰ آسمان ۽ زمين جو نور آهي.

جيڪو الله تعاليٰ تي ايمان آڻيندو اهو اونداهي مان نڪري روشني ڏانهن ايندو. جيئن روشنيءَ ۾ ماڻهوءَ کي سڀ ڪجهه نظر ايندو آهي، تيئن الله تعاليٰ سان ناتو جوڙيندڙ کي به حق ۽ سچ چڱيءَ ريت ڏسڻ ۾ ايندو.

حضرت ڀٽائي رحه سر ڪيڏارو ۾ هن آيت کي پنهنجي بيت ۾ هن طرح آندو آهي:

"الله نورالسموات الارض"، جلوو زميناس،

"سيماهم في وجوههم"، منهن ۾ مڻ ڳتياس،

ڪڪرا ڪربلا جا، مادر ٿي ميڙياس،

ڦٽن تان رت ڦڙا، عليءَ ٿي اگهياس،

مڙئي معاف ڪياس، خالق بدلي خون جي.

آيت 21: "سيماهم في وجوههم" (23)

سندن پيشانين تي (سجدن جا) اثر ٺهي بيٺا آهن.

هن آيت ۾ نبي ڪريم ﷺ ۽ صحابه ڪرام جون جيڪي نشانيون ٻڌايون ويون آهن تن مان هڪ نشاني هيءَ پڻ آهي ته گهڻي عبادت ڪرڻ ڪري انهن جي پيشانين تي سجدي جا نشان ٺهي پيا آهن.

حضرت شاه ڀٽائي رحه هن آيت کي سر ڪيڏارو جي هڪ بيت ۾ آندو آهي جيڪو هن کان پهريون واري آيت ۾ گذري آيو.

آيت 22: "وفی انفسکم افلاتبصرون" (24)

۽ خود توهان جي جانين ۾ به وڏيون نشانيون موجود آهن. ڇا توهان اهي نٿا ڏسو؟

الله تعاليٰ حق ۽ صحيح ڳالهه سڃاڻڻ لاءِ جيڪي نشانيون رکيون آهن، هن آيت ۾ انهن آفاقي نشانين کان پوءِ انفسي نشانين ڏانهن اشارو آهي. اللھ باري تعالي فرمائي ٿو ته توهان پري نه وڃو، بلڪ پنهنجي جان ۾ غور فڪر ڪريو ته ان ۾ به توهان کي اللھ تعالي جون ڪيترين ئي نشانيون ڏسڻ ۾ اينديون. جيئن دل، دماغ، اکين جي بينائي، ساهه کڻڻ واري رڳ، رت جي گردش وغيره.

شاه ڀٽائي رحه مٿين بيت ۽ هيٺين ٻن بيتن ۾ وحدت الوجود طرف به اشارو ڪيو آهي ۽ دليل ۾ اهي آيتون آنديون اٿس، ڀٽائي رحه سر سسئي آبري ۾ فرمايو آهي:

هوت تنهنجي هنج ۾، پڇين ڪوه پهي؟

"وفي انفسڪم افلاتبصرون"، سوجهي ڪر سهي،

ڪڏهه ڪانه وهي، هوت ڳولڻ هٽ تي.

آيت 23: "نحن اقرب الیہ من حبل الورید" (25)

۽ اسان کيس سندس شه رڳ کان به ويجها آهيون (جا ڳچيءَ جي ٻنهي پاسن ۾ ٿئي ٿي).

انسان کي جيڪي ڪجهه گهرڻو آهي اهو اللھ باري تعالي کان گهري، جو اللھ کيس هر شيءِ کان وڌيڪ ويجهو آهي، ٻيو ته ٺهيو پر رب پاڪ انسان کي پنهنجي شه رڳ کان به وڌيڪ ويجهو آهي. رب ٻاجهاري جي ايڏي ويجهي هجڻ باوجود ٻين کان گهرڻ اهو انسان کي نٿو سونهين.

شاه ڀٽائي رحه هن آيت کي سر سسئي آبري جي هڪ بيت ۾ هن طرح آندو آهي:

هوت تنهنجي هنج ۾، پڇين ڪوه پرياڻ،

"نحن اقرب اليھ من حبل الوريد"، تنهنجو توهين ساڻ،

پنهنجو آهي پاڻ، آڏو عجيبن کي.

آيت 24: "انہ بکل شیء محیط" (26)

يقين ڄاڻو ته اللھ هر شيءِ کي گهيرو ڪندڙ آهي.

هن آيت ۾ اللھ جي قدرت جو بيان آهي، ماڻهن کي ٻڌايو ويو آهي ته ماڻهو هروڀرو وهمن گمانن ۾ آهن ته قيامت قائم ٿيندي الاهي جي نه؟ قيامت ضرور قائم ٿيندي، جتي ماڻهو اللھ جي روبرو پيش ڪيا ويندا. قيامت قائم ڪرڻ ان لاءِ ڏکي نه آهي.

حضرت ڀٽائي رحه هن آيت واري بيت کي سر سسئي آبري ۾ هن طرح آندو آهي:

"انھ بڪل شيءِ محيط"، اي آرياڻي اهڃاڻ،

سڀ ۾ پنهو پاڻ، ڪينهي ٻئو ٻروچ ري.

آيت 25: "نار اللہ الموقدہ" (27)

اها اللھ جي ٻاريل باه آهي.

هن آيت ۾ انهن ماڻهن کي خبردار ڪيو ويو آهي جيڪي هن جهان ۾ هميشه رهڻ جو گمان ڪن ٿا ۽ آخرت کان غافل ٿي دنيا ۾ پنهنجي نفساني خواهش مطابق ڪم ڪن ٿا، انهن کي پرزا پرزا ڪري اللھ جي ٻاريل باه ۾ اڇلايو ويندو.

حضرت شاه ڀٽائي رحه سر سسئي آبري ۾ عشق کي ٻرندڙ باه قرار ڏنو آهي ۽ فرمايو آهي ته جيڪي اللھ جي هيڪڙائي جا ڪوڏيا هوندا اهي ڪنهن جي انتظار ڪرڻ بغير اچي عشق الاهي ۾ گرفتار ٿيندا.

العشق "نار اللھ الموقده"، کوري جئنِ کاڻي،

آهي آرياڻي ٻيو، سرتيون! سجھي ڪين ڪي.

آيت 26: "ھیھات ھیھات لما توعدون" (28)

منڪرن چيو ڪهڙي نه اڻ ٿيڻ جهڙي ڳالهه آهي! جنهن جو اوهان کي وعدو ڏنو وڃي ٿو. (ڀلا ٻيهر جيرو ڪيئن ٿي سگهبو!)

مرڻ بعد انسان جو جسم مٽي کائي وڃي، مڇين جي پيٽ ۾ هليو وڃي يا پکي پرندا کائي ويا هجن، بهرحال انکي پنهنجي ڪئي جي حساب ڪتاب ڏيڻ لاءِ جيئرو ٿيڻو آهي. انسان جي مرڻ کان بعد زنده ٿيڻ جو وعدو رب پاڪ ڏنو آهي، اهو پورو ٿيندو پر منڪر ان کو بعيد سمجهن ٿا، جيڪا انهن جي حماقت آهي.

حضرت ڀٽائي رحه هن آيت واري بيت کي سر ديسي ۾ هن آندو آهي:

"هيهات هيهات لماتوعدون"، سڃي ٿي اوطاق،

چڪي چوري چاڪ، هاڙي هوت هلي ويا.

آيت 27: "صراط مستقیم" (29)

سڌو رستو (ڏيکار)

هيءُ دعا جو حصو آهي، جيڪا ماڻهو رب پاڪ کان گهرندو رهندو آهي. هن دعاءَ ۾ سنئين واٽ ملڻ جي التجا ڪئي وئي آهي ۽ ڀلل ۽ ڀٽڪيل راهن کان بچڻ جي رب پاڪ کان گهر ڪئي وئي آهي.

حضرت شاه ڀٽائي رحه انکي سر ديسي جي بيت ۾ هن طرح آندو آهي:

سڱ "صراط المستقيم" جو، اٿي تان اڳيا،

سي ڪيچي نيندءِ ڪئان؟ تنهنجو نينهن نفاق سين.

شاه سائين وري سر مارئي ۾ مذڪوره پوري آيت جا هي لفظ آندا آهن: "اھدنا الصراط المستقیم"

آيت 28: "رفیع الدرجات" (30)

اهو ڪائنات جو مالڪ وڏا درجا ڏيندڙ آهي.

هن آيت ۾ قيامت جي ڏينهن بلند درجن ڏيڻ واري صفت الاهي جو ذڪر ٿيل آهي.

حضرت ڀٽائي رحه سر ديسي ۾ هن آيت کي پنهنجي بيت ۾ هن طرح آندو آهي:

ڪيچي ڪال ڪهي ويا، اديون آڌيءَ رات،

جاڳان تان جيڪي ٿيو، وهاڻيءَ پرڀات،

ڦوڙائو فقير کي، ڏنو جتن سنديءَ ذات،

"رفيع الدرجات!" پرمل پنهو ميڙئين!

آيت 29: "ان اللہ یغفر الذنوب جمیعا " (31)

يقينا اللھ تعالي سڀ گناه بخشي ٿو ڇڏي. (جڏهن اللھ جي رحمت جي موٽ ٿئي)

هن آيت جا الفاظ مٿي گذري آيل آيت "لاتقنطوا من رحمۃ اللہ" جو حصو آهن، ان جو مطلب اهوئي آهي ته اللھ جي رحمت مان نااميد نه ٿيو، بيشڪ اهو مومنن جا سڀ گناه معاف ڪري ڇڏي ٿو.

شاه ڀٽائي رحه سر ڪوهياري جي هڪ بيت ۾ هن آيت جو ذڪر هن طرح آندو آهي:

"ان اللھ يغفر الذنوب جميعا"، سچو اي پرياڻ،

اديون عبداللطيف چئي، اهڙو آهي اڳواڻ.

آيت 30: " نار حامیہ" (32)

(اها) تمام گرم باه آهي.

هي الفاظ سورت قارعه جي هڪ آيت جو حصو آهن. هن سموري سورت ۾ قيامت قائم ٿيڻ، حساب ڪتاب بعد ملندڙ جزا ۽ سزا جو ذڪر آهي. جيڪي ماڻهو چڱا هوندا انهن کي جنت ملندي ۽ برن کي گرم باه ۾ وڌو ويندو.

حضرت ڀٽائي رحه سر سورٺ جي هڪ بيت ۾ هن آيت کي هن طرح آندو آهي:

تو در آيس راڄيا، جاجڪ وٺي جيءُ،

ڪنا "نار حامیۃ"، هاڻ بچائج هيءُ،

والي ڏياريئي ويءُ، جت آهي "جنات عدن"

آيت 31: "جنات عدن" (33)

(جنت جي باغن ۾) انهن ۾ هميشه رهندا.

اللھ تعالي فرمائي ٿو ته جيڪي ماڻهو ايمان آڻيندا ۽ عمل چڱا ڪندا انهن کي ٽڪڻ جي لاءِ جنت ملندي جتي هو هميشه هميشه لاءِ رهندا.

حضرت شاه ڀٽائي رحه هن آيت کي سر سورٺ جي هڪ بيت ۾ آندو آهي، جيڪو هن کان پهريون واري آيت ۾ گذري آيو.

آيت 32: "کیف المدظل" (34)

ته ڪيئن هو پاڇي کي ڊگهو ٿو ڪري.

زمين ۽ آسمان، سج ۽ چنڊ ۾ اللھ تعالي جيڪي نشانيون رکيون آهن، هن آيت ۾ انهن جو ذڪر آهي. سج جي چڙهن ۽ لهڻ سان ماڻهو يا ٻين شين جو جيڪو پاڇو ٿئي ٿو، صبح جو پهريون وڏو پوءِ ننڍو ۽ شام جو پهروين ننڍو ۽ پوءِ وڏو ٿيندو ويندو آهي، هن آيت ۾ ان جو ذڪر آيل آهي.

حضرت ڀٽائي رحه هن آيت کي سر بيراڳ هندي ۾ هن طرح آندو آهي:

"ڪيف مدظل"، نقش اولياست.

آيت 33: "یداللہ فوق ایدیھم" (35)

اللھ جو هٿ هنن جي هٿن مٿان آهي.

هن آيت ۾ صحابه ڪرام جي حضرت رسول ڪريم عليھ السلام جن سان ڪيل جهادي بيعت جو ذڪر آهي ته، اللھ جو هٿ (مدد) انهن جي هٿن تي آهي.

حضرت ڀٽائي رحه هن آيت جي حصي کي سر بيراڳ هندي ۾ هن طرح آندو آهي:

دست تو از اهل آن بيعت شود،

ڪه "يد اللھ فوق ايديهم" بود.

آيت 34: "لا احب الآفلین" (36)

مان انهن شين کي پسند نه ٿو ڪريان جيڪي لهي (گم) ٿيون وڃن.

هنن آيتن ۾ حضرت ابراهيم ۽ سندس پيءُ آزر جو ذڪر آهي. جڏهن ابراهيم عليھ السلام اڀرندڙ تارو ڏٺو ته سمجهائڻ لاءِ شڪ جو اظهار ڪيائين، پوءِ جڏهن تارو لهي ويو ته هن يقين ڪي اجاگر ڪيائين ته ستارن کي خدا مڃڻ صحيح نه آهي، جو اهي گم ٿي وڃن ٿا ۽ گم ٿيڻ واري شيءِ ڪيئن معبود ٿي سگهي ٿي.

حضرت ڀٽائي رحه هن آيت جي لفظن کي سر بيراڳ هندي ۾ هن طرح آندو آهي:

اندرين وادي مرو بي اين دليل،

"لا احب الآفلين"، گوچون خليل.

آيت 35: "لیس کمثلہ شی" (37)

ڪابه شيءِ اللھ تعالي جي مثال جهڙي نه آهي.

هن آيت ۾ اللھ تعالي آسمان زمين ۽ چوپاين جي جوڙا جوڙا ٺاهڻ کان بعد فرمائي ٿو ته اللھ باري تعالي جهڙي ڪابه شيءِ نه آهي.

انهيءَ ڳالهه کي حضرت ڀٽائي رحه سر بيراڳ هندي ۾ هن طرح آندو آهي:

احد "ليس ڪمثلي"، صمد ليس لي ضدي،

"لمن الملڪ" تو گفتي ڪو سزا وار خدائي.

آيت 36: "لمن الملک" (38)

اڄ ڪنهنجي حڪومت آهي؟

قيامت جي ڏينهن پهرين صور ڦوڪجڻ سان پوري ڪائنات فنا ٿي ويندي ته ان موقعي تي اللھ تعالي اهو سوال ڪندو، جواب ڏيڻ وارو ڪوئي نه هوندو ته، جواب پاڻ ئي ڏيندوته اڄ ملڪ واحدقهار جو آهي.

حضرت شاه ڀٽائي رحه هن آيت کي سر بيراڳ هندي ۾ آندو جيئن هن کان پهريون واري آيت ۾ گذريو آيو.

آيت 37: "وتواصوا بالحق وتواصوا بالصبر" (39)

انهن هڪ ٻئي کي حق جي نصيحت ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي صبر جي نصيحت ڪئي.

قرآن ۾ هڪ ٻئي کي ۽ ڏک سک ۾ صبر جي تلقين جو تاڪيد آيل آهي. هن آيت ۾ پڻ ان جو اظهار ٿئي ٿو.

حضرت شاه ڀٽائي رحه سر بروو سنڌي ۾ هن آيت کي پنهنجي شعر ۾ هن طرح آندو آهي:

"وتواصوا بالحق وتواصوا بالصبر"، ائين اتيائون،

مئي ماريائون، کلي گهايو سڄڻين.

آيت 38: "فکان قاب قوسین او ادنیٰ" (40)

تان جو ٻن ڪمانن جو مفاصلو وڃي رهيو بلڪه اڃان به ويجهو.

هن آيت ۾ اللھ جو جيڪو پيغام جبرئيل عليھ السلام پهريون پهريون غار حرا ۾ پهچايو هو، ان وقت جبريل ۽ رسول ڪريم عليھ السلام جي پاڻ ۾ قريب هجڻ جو ذڪر آهي.

حضرت ڀٽائي رحه سر رامڪلي جي هڪ بيت ۾ هن آيت کي هن انداز ۾ آندو آهي:

"فڪان قاب قوسين او ادني"، ٿا نانگا ائين نين.

آيت 39: "کل من علیھا فان" (41)

جيڪي به زمين تي آهي سي سڀ فنا ٿيڻ واريون شيون آهن.

جڏهن قيامت قائم ٿيندي ته دنيا تي جيڪي ڪجهه به آهي سو سڀ فنا ٿي ويندو، رهندو نالو الله جو. هن آيت ۾ ان ڳالهه ڏانهن اشارو آهي.

حضرت شاه ڀٽائي رحه هن آيت کي سر رامڪلي ۾ هن طرح آندو آهي:

"ڪل من عليها فان"، باقي ڪين بچن.

آيت 40: "اللہ ولی الذین آمنوا یخرجھم من الظلمات الی النور" (42)

اللھ انهن ماڻهن جو محافظ ۽ مددگار آهي جي ايمان جي راه اختيار ڪن ٿا. انهن کي هر قسم جي اونداهين مان ڪڍي روشنائي ۾ آڻي ٿو.

هن آيت ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيڪي ايمان آڻين ٿا، چڱا ڪم ڪن ٿا اهي اللھ جا دوست آهي، اللھ تعالي پنهنجي اهڙن دوستن کي ڪفر ۽ گمراهي جي اونداهين مان ڪڍي هدايت جي روشني ۾ آڻي ٿو.

حضرت شاه ڀٽائي رحه هن آيت کي سر رامڪلي ۾ هن طرح آندو آهي:

"اللھ ولي الذين آمنوا يخرجهم من الظلمات الي النور"،

ٿا اهڙيءَ پر پرن.

آيت 41: "وخر موسیٰ صعقا" (43)

۽ حضرت موسي عليھ السلام بيهوش ٿي ڪري پيو.

هن آيت ۾ طور سينا جبل جي ان مشهور واقعي جو ذڪر آهي جنهن ۾ حضرت موسي عليھ السلام، اللھ تعالي سان ڪلامي ٿيو، ۽ پوءِ اللھ باري تعالي کي ڏسڻ جي خواهش ظاهر ڪيائين. هن جڏهن اللھ جي تجلي ڏٺي ته بي هوش ٿي ڪري پيو.

حضرت ڀٽائي رحه هن آيت کي سر رامڪلي جي هڪ بيت ۾ بيان ڪيو آهي:

"خر موسي صعقا"، جوڳي جنگ جلن.

آيت 42: "ما زاغ البصر وما طغیٰ" (44)

تڏهن (حضرت جن جي حقيقت ڏسندڙ) نگاه نڪي ٻئي طرف ڦري نڪي حد کان ٻاهر نڪري ويئي.

هن آيت ۾ معراج مبارڪ واري واقعي جو ذڪر آهي ته رسول ڪريم عليھ السلام جن عجائبات قدر ڏٺا ته سندن نظر ڪنهن ٻئي طرف ڪونه وئي، بلڪه پروردگار جي عجائبات جي زيارت ۾ محو رهي. حضرت شاه ڀٽائي رحه ان ڪي ديدار الاهي تي محمول فرمايو آهي ۽ هن آيت کي سر رامڪلي جي بيت ۾ هن طرح آندو آهي:

"مازاغ البصر وما طغي"، اهڙي روش رون،

مشاهدو محبوب جو اتي آديسين.

آيت 43: "واذکر ربک فی نفسک" (45)

۽ (اي پيغمبر) پنهنجي پروردگار کي پنهنجي اندر ۾ ياد ڪندو ڪر.

هن آيت ۾ هدايت ڏني وئي آهي ته ماڻهو هميشه اللھ تعالي کي ياد ڪري، پاڻ ۾ ڪڏهن به تڪبر غرور وغيره نه آڻي. جيڪو اللھ کي دل سان ياد ڪندو، اهو بڇڙائين ۽ بيڪار ڳالهين کان بچيل رهندو.

حضرت ڀٽائي رحه هن آيت کي سر رامڪلي جي بيت ۾ هن طرح آندو آهي:

"واذڪر ربڪ في نفسڪ"، اندر آگ جلاءِ،

جن کي سڄڻ جي ساڃاه، تن کي ڪينان مٺو ڪي نه ٻيو.

آيت 44: "یھدی اللہ لنورہ من يشاء" (46)

اللھ تعالي جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي انهيءَ نور ۾ پهچائي ٿو.

اللھ تعالي جو حڪم روشني آهن، جيڪي انهيءَ جي ٻڌايل طريقي تي هلندا اهي روشني ۾ هوندا ۽ هدايت پائيندا. ۽ جيڪي اللھ باري تعالي جي ٻڌايل طريقي کي ڇڏيندا، اهي اونده ۾ ڀٽڪندا.

حضرت ڀٽائي رحه سر رامڪلي ۾ آيت جي مناسبت سان شعر ۾ فرمايو آهي:

"يهدي اللھ لنوره من يشاءُ"، ائين انهن ليءِ آهي،

اي تنهين جي جاءِ، جن ٻئي جڳ ڇڏيا.

آيت 45: "واللہ یدعوا الی دارالسلام" (47)

۽ اللھ تعالي سلامتيءَ واري گهر ڏانهن سڏي ٿو.

اللھ تعالي ماڻهن کي سڏي ٿو ته منهنجي حڪمن جي تعميل ڪريو ته توهان کي سلامتيءَ جي جاءِ جنت ڏيان..

حضرت ڀٽائي رحه هن آيت کي سر راملي جي هڪ بيت آڻيندي فرمايو آهي:

"واللھ يدعوا الي دار السلام"، صاحب سڀن سڏي،

هي هي هن هڏي، همھ کي حيران ڪيو.

آيت 46: "قل ھو اللہ احد" (48)

(اي پيغمبر!) چو ته اللھ هڪڙوئي آهي.

نه صرف هيءَ آيت پر پوري سورت اخلاص توحيد جو نچوڙ آهي.

حضرت ڀٽائي رحه سر رامڪلي ۾ هن آيت جي باري ۾ فرمائي ٿو:

"قل هو اللھ احد"، منجهان پرت پڙهن،

سعادت سرين گر کي گڏيا ڪاپڙي.

آيت 47: "قل ہو الرحمان آمنا بہ" (49)

(اي پيغمبر!) چئو ته اهو (اللھ)وڏو مهربان آهي ان تي اسان ايمان آندو آهي.

اللھ تعالي جي ذات ٻاجهه ۽ مهرباني ۾ بي مثل آهي. هن آيت ۾ رب پاڪ جي ٻاجهاري ۽ رحمان هجڻ واري صفتن جو بيان آيل آهي.

ڀٽائي رحه سر رامڪلي جي هڪ بيت ۾ هن آيت کي هن انداز ۾ پيش ڪيو آهي:

"قل هو الرحمان آمنا بھ"، اتي اختيارين،

پر چڱي پارين، گر کي گڏيا ڪاپڙي.

آيت 48: "لن تنالو البر حتیٰ تنفقوا مما تحبون" (50)

توهان نيڪي جي درجي کي ڪڏهن به پهچي نٿا سگهو جيستائين (خدا جي راه ۾) خرچ نه ڪيو ان مان جنهن سان توهان کي محبت آهي.

هن آيت ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته اللھ جي راه ۾ سڙيل سڪل ۽ بيڪار شيءِ نه بلڪ پنهنجي پياري ۽ وڻندڙ شيءِ ڏيو. ماڻهو جيتري قيمتي شيءِ اللھ جي راه ۾ ڏيندو، اوترو کيس اجر ۽ ثواب وڌيڪ ٿيندو ۽ اللھ جي رضا پڻ حاصل ٿيندي.

حضرت ڀٽائي رحه سر رامڪلي جي هڪ بيت ۾ فرمايو آهي:

"لن تنالوا البر حتي تنفقوا مما تحبون"، پاڻ ڪياءٌ پئمال،

لڌاءٌ لطيف چئي، جانب جو جمال،

نانگا ٿيا نهال، گر کي گڏيا ڪاپڙي.

آيت 49: "ان الذین یخشون ربھم بالغیب لھم مغفرۃ" (51)

بيشڪ جيڪي پنهنجي پاليندڙ کان پرپٺ ڊڄن ٿا تن لاءِ معافي آهي.

هن آيت ۾ اللھ کان ڊڄڻ جو حڪم آهي ۽ پرپٺ جو مطلب هيءُ آهي ته ماڻهن اللھ تعالي کي نه ڏٺو آهي بلڪه نشانين کي ڏٺو آهي، اهو غيب تي ايمان آڻڻ آهي.

حضرت ڀٽائي رحه سر رامڪلي ۾ فرمايو آهي:

"ان الذين يخشون ربهم بالغيب لهم مغفرت"، پرور جا پيغام،

خطرا لاهي خام، گر کي گڏيا ڪاپڙي.

آيت 50: "رضی اللہ عنھم ورضوا عنہ" (52)

اللھ انهن کان راضي ٿيو ۽ اهي اللھ کان راضي ٿيا.

هن آيت ۾ صحابه ڪرام ۽ مومنن ڏانهن اشارو آهي ته، انهن جي نيڪ عملن ڪري اللھ تعالي انهن مان راضي آهي، ۽ اهي به اللھ جي عطا ڪيل نعمتن ڏنل ثوابن جي ڪري پنهنجي پروردگار کان راضي آهن.

حضرت ڀٽائي رحه هن آيت کي سر رامڪلي جي هڪ بيت ۾ آڻيندي فرمائي ٿو:

"رضي اللھ عنهم ورضوا عنھ"، جوڳين ايءُ جزاءُ،

ڏيئي ساه سزاءَ، گر کي گڏيا ڪاپڙي.

آيت 51: "وما خلقت الجن والانس الا لیعبدون" (53)

۽ مون جنن توڙي انسانن کي فقط هن لاءِ خلقيو آهي ته هو منهنجي ٻانهپ ڪن.

هن آيت ۾ اللھ تعالي انسانن ۽ جنن جي پيدائش جو بنيادي فائدو ٻڌايو آهي ته، انهن کي پروردگار صرف ۽ صرف پنهنجي عبادت لاءِ خلقيو آهي.

شاه ڀٽائي رحه هن آيت متعلق سر رامڪلي ۾ فرمايو آهي:

"وماخلقت الجن والانس الا ليعبدون"، سڻيو سڌ سچي،

اڪنڊ ساڻ اچي، گر کي گڏيا ڪاپڙي.

آيت 52: "ان الذین آمنوا وعملوا الصالحات" (54)

مگر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اڻ کٽ اجر آهي.

هن آيت ۾ ايمان آڻيندڙن ۽ نيڪ عمل ڪرڻ وارن جو ذڪر ٿيل آهي ته اهي اللھ جي امان ۾ هوندا.

شاه ڀٽائي رحه سر رامڪلي ۾ فرمايو آهي:

"ان الذين آمنوا وعملوا الصالحات"، سڻي آيو تن آرام،

جنت پيتائون جام، گر کي گڏيا ڪاپڙي.

آيت 53: "انما یوفی الصابرون اجرھم" (55)

جيڪي ماڻهو صبر سان ثابت قدم رهن ٿا تن کي يقينا بي انداز اجر ۽ انعام ملندو.

صبر ڪرڻ وارن جي وڏي فضيلت آئي، جيئن پهريون به گذري آيو. هن آيت ۾ انهن لاءِ بي انداز انعام ۽ اجر جو ذڪر آهي.

شاه ڀٽائي رحه سر رامڪلي ۾ فرمايو آهي:

"انما يوفي الصابرون اجرهم"، سرها ٿيا سڻي،

ڀلي ڀت ڀڻي، گر کي گڏيا ڪاپڙي.

آيت 54: "فلھم اجر غیر ممنون" (56)

پر پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ اڻ کٽ اجر آهي.

هن آيت ۾ چڱن ماڻهن کي خوشخبري ڏني وئي آهي ته انهن لاءِ اللھ وٽ عمل صالح جو تمام وڏو ۽ اڻ کٽ اجر آهي، توهان چڱا ڪم ڪري اڻ کٽ اجر ۾ ڀائيوار ٿي وڃو.

حضرت ڀٽائي رحه سر رامڪلي ۾ فرمائي ٿو:

"فلهم اجر غير ممنون"، سامين سچ سري،

ڏڻي دل ڌري، گر کي گڏيا ڪاپڙي.

آيت 55: "ھو اللہ الواحد القھار" (57)

هو اللھ آهي، يگانو آهي ۽ غالب (سڀ شيءِ ڪنٽرول ڪرڻ وارو) آهي.

هن آيت ۾ اللھ تعالي جي حيثيت، قوت ۽ طاقت طرف اشارو آهي ۽ هيءُ پڻ ٻڌايو ويو آهي ته اللھ جي رحمان سان گڏ قهار واري صفت به ماڻهن کي ياد رکڻ گهرجي.

حضرت ڀٽائي رحه هن آيت جي باري ۾ سر رامڪلي ۾ فرمايو آهي:

"هو اللھ الواحد القهار"، سامي منجهه سوارا،

ٿي چاڪن سين چورا، گر کي گڏيا ڪاپڙي.

آيت 56: "ان اللہ ھو الرزاق" (58)

بيشڪ اللھ ئي آهي جو (پاڻ ٻين کي) رزق ڏيندڙ آهي.

هر ساه واري جي رزق ۽ روزي جو ذمو اللھ تعالي کنيو آهي. هن آيت ۾ ان ڳالهه جو اظهار ٿيل آهي.

حضرت ڀٽائي رحه سر رامڪلي ۾ هن آيت بابت فرمائي ٿو:

"ان اللھ هو الرزاق"، سامين سڏ سڄن،

جوڳي جنگ جلن، گر کي گڏيا ڪاپڙي.

آيت 57: "ان الذین فتنوا المومنین" (59)

بيشڪ جن ايمان وارن کي ايذائيو.

هن آيت ۾ انهن ماڻهن لاءِ وعيد آيل آهي جيڪي مومنن کي ايذائين ٿا ۽ ان بڇڙي عمل کان باز اچي توبه نه ٿا ڪن، اهي عذاب جهنم جو ڀوڳيندا.

حضرت ڀٽائي رحه هن آيت متعلق سر رامڪليءَ ۾ فرمايو آهي:

"ان الذين فتنو المومنين"، سناسي ساهين،

سنگت سنوارين، گر کي گڏيا ڪاپڙي.

آيت 58: "فبصرک الیوم حدید" (60)

سو اڄ تنهنجي نظر تمام تيز آهي.

قيامت جو ڏينهن قائم ٿيندو ته اللھ تعالي انهن ماڻهن کان پڇندو جيڪي هن ڏينهن جا انڪاري هئا ته اڄ ته توهان جي نظر تيز آهي ۽ جنهن ڏينهن جو توهان انڪار ڪندا هيو، اهو ڏينهن توهان کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

حضرت ڀٽائي رحه سر رامڪلي ۾ هن آيت متعلق فرمايو آهي:

"فبصرڪ اليوم حديد"، ايهين اتائون،

سڳر ساريائون، گر کي گڏيا ڪاپڙي.

آيت 59: "واللہ علی کل شیء قدیر" (61)

۽ اللھ سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو.

هن آيت ۾ اللھ جي قدرت ۽ بادشاهي طرف اشارو آهي ته هو اهو ڪجهه ڪري سگهي ٿو جيڪو ٻيو ڪوبه نٿو ڪري سگهي، سڀ شيءِ تي ان جو وس هلندڙ آهي.

شاه ڀٽائي رحه سر رامڪلي ۾ ان بابت فرمايو آهي:

"واللھ علي ڪل شيءِ قدير"، چپن کي چورين،

ساميڙا سورين، گر کي گڏيا ڪاپڙي.

آيت 60: "ان اللہ یحب المحسنین" (62)

بيشڪ الله انهن سان حب ٿو رکي جيڪي چڱايون ڪن ٿا.

جيڪي ماڻهو چڱا ڪم ڪن ٿا، برن ڪمن کان پري رهن ٿا، اللھ جي واٽ ۾ خرچ ڪن ٿا، اهڙن ماڻهن کي رب پاڪ پسند ڪري ٿو.

حضرت شاه ڀٽائي رحه سر رامڪلي ۾ مذڪوره آيت کي پنهنجي شعر ۾ هن طرح آندو آهي:

"ان اللھ يحب المحسنين"، خوشيان خواب نه ڪن،

ورد ويراڳين، گر کي گڏيا ڪاپڙي.

آيت 61: "واللہ غالب علی امرہ" (63)

۽ اللھ پنهنجي ڪم تي غالب ۽ وس رکندڙ آهي.

اللھ جي طاقت ۽ بادشاهي سڀني کان طاقتور آهي، پروردگار جنهن ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪندو آهي ته اهو پوري ڪرڻ ۾ کيس ڪنهن به قسم جي مشڪل پيش نه ايندي آهي.

شاه ڀٽائي رحه هن آيت متعلق سر رامڪليءَ ۾ فرمايو آهي:

"واللھ غالب علي امره"، پر چڱي پارين،

لاهوت لڏين، گر کي گڏيا ڪاپڙي.

آيت 62: "اللہ لطیف بعبادہ" (64)

اللھ تعالي پنهنجي ٻانهن تي مهربان آهي.

ماڻهن مان جيڪو اللھ جي حڪم جي پوئيواري ڪندو، کيس رب پاڪ جي مهرباني ۽ ٻاجهه ملندي، اللھ تعالي پنهنجن ٻانهن تي مهربان آهي..

حضرت ڀٽائي رحه سر رامڪلي ۾ ان آيت متعلق فرمايو آهي:

"اللھ لطيف بعباده"، آيت ايءُ پڙهن،

سناسي سهڙن، گر کي گڏيا ڪاپڙي.

آيت 63: "الذین آمنوا وکانوا یتقون" (65)

اهي ئي ماڻهو آهن جن ايمان آندو ۽ زندگي اهڙيءَ طرح گذاريائون جو براين ۽ گناهن کان بچندا رهيا.

هن آيت ۾ ايمان وارن جي زندگي گذارڻ جو طريقو ٻڌايو ويو آهي. مومن گناهن کان پاڻ کي بچائين ٿا ۽ چڱن ڪمن جي اڻ تڻ سندن دل ۾ رهي ٿي.

حضرت ڀٽائي رحه سر آسا ۾ هن آيت بابت هڪ بيت ۾ فرمايو آهي:

"الذين آمنوا وڪانوا يتقون"، انپر اڀا جي،

نيئي نونڌين تي، ڏکي چٽي چاڙهيا.

آيت 64: "وحدہ لاشریک لہ" (66)

اللھ اڪيلو آهي ۽ ان سان ٻيو ڪوبه شريڪ نه آهي.

شرڪ وڏي ۾ وڏو گناه آهي. اللھ تعالي وٽ ٻين گناهن جي معافي آهي پر شرڪ جي معافي نه آهي. هن آيت ۾ وحدانيت جو ذڪر آهي ۽ شرڪ جي نفي ٿيل آهي.

حضرت ڀٽائي رحه سور آسا ۾ ان بابت فرمايو آهي:

"وحده لاشريڪ لھ"، اهو راڳ رڳن،

سي ستائي جاڳن، ننڊ عبات انجي.

آيت 65: "قل لن یصیبنا الا ما کتب اللہ" (67)

(اي پيغمبر تون) چئو ته اسانکي ڪجهه به پيش نٿو اچي سگهي سواءِ ان جي جيڪي اللھ تعالي اسان جي لاءِ لکي ڇڏيو آهي.

هيءَ آيت غزوه (جنگ) تبوڪ جي موقعي تي نازل ٿي، هن ۾ پيغمبر ڪريم عليھ السلام کي چيو ويو ته توهان ڪافرن کي ٻڌايو ته اسان تي تڪليف ايستائين نه ايندي جيستائين اللھ جي طرفان لکيل نه هوندي.

حضرت ڀٽائي رحه هن آيت واري بيت کي سر مارئي ۾ هن طرح آندو آهي:

ڪونه قادر ڪو ٻئو، ائين جو اڀاڳ،

"قل لن يصيبنا الا ما ڪتب اللھ"، اي معذرت ماڳ،

سڀوئي سڀاڳ، مارئي مساڳي ٿئو.

آيت 66: "لم یلد ولم یولد" (68)

نه (ڪنهن کي) ڄڻيو اٿس ۽ نه انکي ڪنهن ڄڻيو آهي.

اڳين مذهبن ۾ ڪي حضرت عيسي عليھ السلام ۽ حضرت عزير عليھ السلام کي اللھ تعالي جو پٽ سمجهندا هئا، ته ڪي وري ملائڪن کي اللھ جون ڌيئر چوندا هئا. هن آيت ۾ اهڙي قسم جي نظريي رکڻ وارن جي نفي ٿيل آهي.

حضرت ڀٽائي رحه هن آيت کي پنهنجي سر مارئي ۾ هن طرح آندو آهي:

"لم يلد ولم يولد"، مارئي ڪوه ڪري،

اڄ ڪ ڪال مري، ساري سانبيڙن کي.

آيت 67: "انا فتحنا لک " (69)

(اي پيغمبر) بيشڪ اسان توکي فتح ڏني آهي.

هي آيت صلح حديبيه جي موقعي تي نازل ٿي. صلح حديبيه جا ظاهري شرط مسلمانن جي خلاف هئا جنهن ڪري ڪيترائي وهم گمان ماڻهن جي دلين ۾ پيدا ٿيا، انهن گمانن کي دور ڪرڻ لاءِ اللھ تعالي هن صلح کي چٽي فتح قرار ڏنو.

حضرت ڀٽائي رحه هن آيت جي لفظن کي سر مارئي جي هڪ بيت ۾ هن طرح آندو آهي:

زمرد زخرف سومرا، عيش اعرابين،

"انا فتحنا لڪ"، قلوبان ڪهن،

عمر! بندياڻن، لاهي لوه نه ڇڏئين؟

آيت 68: "اولائک اصحاب الجنۃ" (70)

(ايمان آڻڻ وارا ۽ صالح عمل ڪرڻ وارا) جنتي جماعت ۾ هوندا.

هن آيت ۾ اللھ تعالي جنتين جون وصفون بيان ڪيون آهن، هن آيت کان پهريون واري آيت ۾ وري جهنمين جون صفتون ڏنل آهن.

حضرت ڀٽائي رحه هن آيت کي سر مارئي جي هڪ بيت ۾ هن طرح آندو آهي:

"اولائک اصحاب الجنت"، ماڳ سندن موچار،

"وسقاهم ربهم شرابا طهورا"، پرن پوڄ پنوهار،

ويروتار وجود ۾ پرين جي پچار،

سٻاجها ستار! مونکي مارن ميڙئين!

آيت 69: "وسقاھم ربھم شرابا طھورا" (71)

۽ سندن پالڻهار کين پاڪ شراب پياريندو.

هن آيت ۽ هن کان اڳين آيتن ۾ جنتين جو ذڪر آيل آهي. اللھ تعالي فرمايو آهي ته جنتي ماڻهن کي نشي ۽ ڌپ کان پاڪ ۽ صاف شراب پياريا ويندا.

حضرت ڀٽائي رحه هن آيت کي سر مارئي جي هڪ بيت ۾ آندو آهي جيڪو هن بيت کان اڳ واري آيت ۾ آيل آهي.

آيت 70: "لحما طریا وتستخرجون حلیۃ تلبسونھا" (72)

۽ توهان (مڇيءَ جو) تازو گوشت کائو ٿا، ۽ (درياءَ ۽ سمنڊ مان موتي مرجان سون وغيره) زيور ڪڍو ٿاجي توهان پايو ٿا.

اللھ تعالي هن آيت ۾ پاڻي جي اهميت بيان فرمائي آهي. هن آيت ۾ اللھ تعالي ٻن دريائن جو ذڪر فرمايو آهي، انهن مان هڪ مٺو ۽ ٻيو کارو آهي. سمنڊن مان ملندڙ شين جو پڻ پروردگار هن آيت ۾ ذڪر فرمايو آهي ته، توهان کي درياءَ ۽ سمنڊ مان موتي، هيرا جواهر وغيره ملن ٿا جن مان توهان زيور ٺاهي پهريو ٿا. توهان کي دريائن ۽ سمنڊ مان مڇيون ملن ٿي جيڪي توهان کائڻ جي استعمال ۾ آڻيو ٿا.

حضرت ڀٽائي رحه هن شعر کي سر مارئي ۾ توحيد وجودي جي طور تي هن طرح آندو آهي:

وريو ورق وصال جو، موڪل ٿي مون،

"لحما طريا وتستخرجون حليت تلبسونها"، تن ۾ تونهي تون،

من منجهاران مون، مارو ڄام ملير جو.

آيت 71: "ن والقلم وما یسطرون" (73)

ن. قلم جو ۽ جيڪي لکن ٿا تنهن جو قسم آهي.

اللھ تعالي انسان کي جيڪي نعمتون عطا ڪيون آهن، قلم به انهن مان هڪ آهي. قلم جي اهميت کي وڌيڪ اجاگر ڪندي اللھ تعالي هن آيت ۾ ان جو قسم کنيو آهي ۽ سورت جو نالو به قلم رکيو آهي.

حضرت ڀٽائي رحه هن آيت کي سر مارئي جي هڪ بيت ۾ هن طرح آندو آهي:

"ن والقلم وما يسطرون"، پاتو پير ڀري،

موڪل ڏي مونکي، ساڻيھ جي سيد چئي.

ذڪر ڪيل آيتن کان سواءِ ٻيا به ٻه ٻه اهڙا لفظ آهن جيڪي قرآن ڪريم جي آيتن جو حصو ٿي سگهن ٿا. هتي مضمون جي طوالت ڪري انهن جو ذڪر نه ڪيو ويو آهي.

شاه ڀٽائي رحه پنهنجي ڪلام ڪيترين ئي سورتن جا نالا ذڪر ڪيا آهن، جيئن:

فاتحه، بقره، آل عمران، نساءَ، زمر، زخرف، حجرات، حجر، رعد، احقاف، سجده، نحل، فاتح، بني اسرائيل، احزاب،، سبا، روم، قلم، يس، يونس،انفال، هود، توبه، نمل، جاثيه، دخان، لقمان شامل آهن.

حوالا ۽ سمجهاڻيون:

(1)علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، شاه جو رسالو، صفحو 14، ناشر مهراڻي اڪيڊمي شڪارپور، ڇاپو ٻيو

(2) هن مقالي ڏنل سرن، بيتن ۽ داستانن جي ترتيب علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جي رسالي جي روشني ۾ آندي وئي آهي ۽ ڪجهه بيتن ۾ جناب غلام محمد ابراهيم شهواڻي جي رسالي کي به مدنظر رکيو ويو آهي.

(3) قرآن ڪريم جي هيءَ آيت سورت بقره جي آيت 38، 62، 112، 155، 262، 274، 277، سورت مائده آيت 69، سورت انعام آيت 48، سورت اعراف آيت 35، سورت يونس آيت 62، سورت احقاف آيت 13 ۾ آئي آهي.

(4) الا اللھ وارا الفاظ، سورت ڪهف جي آيت 16 ۽ ٻين ڪيترن ئي آيتن ۾ آيا آهن.

(5) سورت آل عمران آيت 26

(6) سورت عصر آيت 1

(7) سورت بقره آيت 152

(8) سورت اعراف آيت 172

(9) سورت انفال آيت 66

(10) هيءَ آيت قرآن ڪريم جي 113 سورتن جي شروعات ۾ آيل آهي، صرف هڪڙي سورت توبه جي منڍ ۾ اها آيت آيل نه آهي.

(11) سورت بقره آيت 152

(12) سورت يونس آيت 64

(13) سورت آل عمران آيت 185

(14) سورت عبس آيت 34

(15) سورت نازعات آيت 40

(16) سورت زمر آيت 53

(17) سورت بقره آيت 117

(18) سورت ضحيٰ آيت 5

(19) سورت مائده آيت 54

(20) سورت اخلاص آيت 2

(21) سورت بقره آيت 186

(22) سورت نور آيت 35

(23) سورت فتحه آيت 29

(24) سورت ذاريات آيت 21

(25) سورت ق آيت 16

(26) سورت حم سجده آيت 54

(27) سورت همزه آيت 6

(28) سورت مومنون آيت 36

(29) سورت فاتحه آيت 6

(30) سورت مومن آيت 15

(31) سورت زمر آيت 35

(32) سورت قارعه آيت 11

(33) سورت بينه آيت 8

(34) سورت فرقان آيت 45

(35) سورت ف

<><><>

No comments:

Post a Comment