شاهه جي رسالي جا عربي ترجما
by Jokhio Shafique Ahmed on Friday, February 11, 2011 at 12:03pm
شاهه جي رسالي جا عربي ترجما
گذريل صديءَ جي آخري چوٿائيءَ دوران شاهه جي رسالي جو عربي زبان ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. سومري غلام مصطفيٰ ”دادوي“ شاهه جي رسالي مان ڪجهه بيت چونڊي انهن جو عربي ترجمو ڪيو. 184 صفحن جو اهو ڪتاب ”التوحيد“ عربي مرڪز حيدرآباد پاران 1992ع ۾ شايع ٿيو. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر خليل الرحمان جو نالو به ڄاڻائجي ٿو، جنهن شاهه جي رسالي مان ڪجهه بيت چونڊي عربي ترجمو ڪري شايع ڪرايا. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي 256 هين عرس جي موقعي تي 2009ع ۾ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سياحت ۽ ثقافت کاتي پاران ڇپرايل هڪ اشتهار ڌيان ڇڪايو، جنهن ۾ شاهه سائينءَ جي سر سارنگ مان هڪ بيت جو انگريزي ۽ فارسي ترجمي کان پوءِ هيٺ انگريزي ۾ ڄاڻايل هو: Now in Arabic also (۽ پوءِ ان جو انگريزي ترجمو به ڏنو ويو هو). سنڌي متن سان عربي شعر ڏسڻ بعد ائين لڳو ته: ”ڊاڪٽر فضل رحيم سومري مرحوم جو عربي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيل شاهه جو رسالو سوڌي سنواري ڇپايو ويو آهي.... بنا دير سيڙجي وڃي اهو ڪتاب خريد ڪري کولي ڏٺم، تڏهن سرهائي ٿي جو سنڌي متن سميت انگريزي ۽ عربي ترجمي سان چونڊ شعرن جو مجموعو هٿن ۾ هو، جيڪو تيونس (Tunisia) ۾ مقيم پاڪستاني سفارتڪار فيض محمد کوسي پاران سهيڙيل ۽ ترجمو ڪيل هو، جنهن شاهه جي رسالي مان چونڊ ڪلام جو ٻن اڍائي سٽن ۾ مختصر ۽ جامع نثري ترجمو ڏنو. مترجم پنهنجي مهاڳ جي آخري سٽن ۾ ڄاڻايو:
Lela -Chanesar, Marvi, Kamode, Ghatu, Rip and Khahori surs, which were not translated by Dr. Soomro have now been translated afresh….
(ليلان- چنيسر، مارئي، ڪاموڏ، گهاتو، رپ ۽ کاهوڙي سُر، جيڪي ڊاڪٽر سومري (ڊاڪٽر فضل رحيم سومري) ترجمو نه ڪيا هئا، سي تازو ئي ترجمو ڪيا ويا آهن.... هڪ سفير ۽ ٻئي فقير جي ڪيل پيار جي پورهيي جو ڪو ملهه ئي ناهي ۽ نه ئي ڪا ڀيٽ ئي آهي پر وقت ۽ وسيلن جي ڳالهه آهي. 1980ع کان 1984ع دوران ڊاڪٽر فضل رحيم سومري (مرحوم) شاهه جي رسالي جو يارهين جلدن ۾ ٽيهن ئي سرن مان ترجمو ڪري ليٿو شيٽ تي ڪتابت ڪرائي ڇپائي پڌرو ڪيو، پر اهو سڄو ڪم ان دور جي محققن ۽ نقادن طرفان ”ردي ڇپائي“ ۽ ”غير معياري ڪم“ ڄاڻايو ويو، پوءِ به انهن سڀني ڳالهين کان بي پرواهه ڀٽائيءَ جي هن پانڌيئڙي ۽ رسالي جي پارکوءَ سموري ذهني ۽ مالي توانائي خرچ ڪري شاهه جي فڪر ۽ بيتن کي عربي زبان ڏئي عربي ترجمي جي شاهراهه تي سنگ ميل جو پهريون پٿر کوڙيو پر سندس وفات کان پوءِ، سندس حياتيءَ ۾ ڪيل اهو پُر اهتمام پورهيو لاوارث ٿي ڇڙ وڇڙ ٿي ويو، جنهن بعد ڊاڪٽر سومري مرحوم پاران ڪيل رسالي جي عربي ترجمي بابت مختلف ڄاڻڪاري وسيلن، ببليوگرافين، لطيف ذهني چٽا ڀيٽيءَ واري ڪتاب، لطيفيات بابت سوالن جوابن وارن ڪتابن ۽ محققن جي مقالن ۾ ڪٿي به ڪا تسلي بخش يا صحيح ڄاڻ نه ٿي ملي. جيئن: شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران ڇپايل ببليو گرافي 1996ع ۾ ڊاڪٽر سومري جي ڪيل عربي جي ترجمي بابت فقط ٽن جلدن ۾ 15 سرن جي ڄاڻ ملي ٿي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي مقالن واري ڪتاب ”ڪٺمال“ (ڇپايل سنڌالاجي 2002ع) جي صفحي 157 تي ڄاڻايو آهي ته: ”ڊاڪٽر فضل رحيم سومري شاهه جي رسالي جو ڪجهه حصو ترجمو ڪيو“. سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايل ببليو گرافي 2000ع، ص 74 تي 12 جز (جلد) ترجمو ۽ صفحي 113 تي ڄاڻايل آهي ”سڄو رسالو ترجمو ڪرايو....“ شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان ڇپايل ”لطيف ذهني چٽا ڀيٽي“ 2004ع، ص: 148 تي ڏنل معلومات وارا انگ اکر ڊاڪٽر فضل رحيم سومري پاران شاهه سائينءَ بابت 35 صفحن واري الڳ ڇپايل سوانح حيات ”حيات و افڪار السيد عبداللطيف بتائي“ کي آڏو رکي لکيا ويا ۽ ان کي رسالو ڄاڻايو ويو (اها سوانح حيات 1984ع ۾ ڇپائي وئي). جڏهن سنڌالاجي لائبريريءَ ۾ موجوده عربي ترجمي جا ارڙهن جلد ٻُڌايا وڃن ٿا. ڊاڪٽر فضل رحيم سومري پاران ڪيل رسالي جي عربي ترجمن بابت يارهن جلدن ۾ سرن جو سٽاءُ هيٺينءَ ريت آهي: جلد هڪ؛ ٻه سر، سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ. جلد ٻيو: اٺ سُر؛ سر سامونڊي، ڪيڏارو، سارنگ، آسا، مومل- راڻو (مومل- راڻو جا عربي ترجمي سان 14 صفحا قصو ڏنل آهي)، سر سورٺ، کنڀات، سريراڳ، (سر سريراڳ جي عربيءَ ۾ مختصر تشريح پڻ ڏنل آهي). جلد ٽيون: هڪ سر ”سهڻي“ (عربي ترجمي سان 8 صفحا قصو ڏنل.) جلد چوٿون: ٽي سُرَ: سر سسئي آبري، معذوري ۽ ديسي. جلد پنجون: ٻه سُرَ، سر ڪوهياري ۽ حسيني. جلد ڇهون: هڪ سر؛ رپ (ڏيڍ صفحا سُر جي عربي تشريح. جلد ستون: ٻه سُر، سر کاهوڙي ۽ بروو سنڌي. جلد اٺون: پنج سُر، سر ڪاپائتي، پورب، ڪارايل، پرڀاتي، ڏهر (هن جلد جي شروعات ۾ شاهه سائينءَ جي مختصر سوانح حيات ۽ ٻي ڄاڻ سان گڏ آخر ۾ پنهنجي گهر جي ايڊريس ۽ ٽيليفون نمبر پڻ ڄاڻايو آهي) جلد نائون: هڪ سر مارئي (عربيءَ ۾ ان سُرَ کي ”بنت الصحرا“ لکيو اٿن.) جلد ڏهون: ٽي سُرَ، سرُ ليلان- چنيسر (5 صفحا عربي قصو)، سر ڪاموڏ کي نوري ڄام تماچي لکيو اٿن ۽ ٽي صفحا مختصر قصو ڏنل آهي) ۽ سر گهاتو. جلد يارهون: ٻه سُرَ، سُر بلاول ۽ سر رامڪلي. ٽيهه سُرَ ترجمو ڇپائڻ بعد ڊاڪٽر سومري مرحوم، شاهه سائين بابت 35 صفحن جي سوانح حيات بابت الڳ ڪتابڙو پڻ عربيءَ ۾ شايع ڪرايو، جنهن ۾ شاهه سائينءَ جي حياتي ۽ دور، بزرگن جي سنڌ ۾ آمد، ڪلام ۽ پيغام کان سواءِ ڪجهه مورخن ۽ ماخذن جا نالا ۽ حوالا پڻ ڏنل آهن. گڏو گڏ شاهه سائينءَ جي ڪجهه چونڊ بيتن جو عربي ترجمو (سنڌي متن سميت) شايع ٿيل آهي. اهڙيءَ طرح الڳ سوانح عمري سميت ڪل يارهن جلدن ۾ ٽيهن سرن جا هڪ هزار، ڇهه سئو، ٽيهه صفحا پيار جو پورهيو سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي لائبريريءَ جي لطيفيات واري ڪٻٽ ۾ سانڍيل آهي.
اياز عالم ابڙو/ ڄامشورو
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com

No comments:
Post a Comment