قران حڪيم جي تفسير جا ڪي انقلابي نڪتا:
خاص طور ساميداري جو نتيجو ؟
۽ امام انقلاب عبيد الله سنڌي
ڇا جبر نا جائز آهي ؟
قَد تَّبَيَّنَ الرُّشْدُ مِنَ الْغَيِّ ۚ فَمَن يَكْفُرْ بِالطَّاغُوتِ وَيُؤْمِن بِاللَّـهِ فَقَدِ اسْتَمْسَكَ بِالْعُرْوَةِ الْوُثْقَىٰ لَا انفِصَامَ لَهَا ۗ وَاللَّـهُ سَمِيعٌ عَلِيمٌ ﴿٢٥٦﴾
دين مڃائڻ ۾ ڪا زبردستي نه آھي، (ڇوته) بيشڪ گمراھيءَ کان ھدايت (جدا ٿي) پڌري ٿي آھي، تنھنڪري جيڪو طاغوت (يعني خُدا کانسواءِ ٻـين معبودن) کي نه مڃي ۽ الله کي مڃي تنھن بيشڪ اھڙي مُحڪم ڪڙي کي ورتو، جنھن کي ڇڄڻ نه آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي. (٢٥٦) سورة البقرة
مترجمه سيدنا تاج محمود امروٽي رح
There is no compulsion in religion. The right direction is henceforth distinct from error. And he who rejecteth false deities and believeth in Allah hath grasped a firm handhold which will never break. Allah is Hearer, Knower. (256) By Allama Pickthal. RA.
لا اڪراه في الدينٗ. يعني دين ۾ ڪوئي جبر ناهي ڇو ته :قد تبين الرشد من الغي. هدايت گمراهي بلڪل صاف صاف ظاهر ڪيون ويون آهن ۽ جڏهن ته سڌو رستو ظاهر ٿي چڪو آهي انهنءَ رستي تي هلڻ لاء ماڻهو کي مجبور ڪرڻ ۽ بربادي کان بچائڻ جبر ناهي. هي امام ولي الله جو ترجمو آهي. جنهن جو مطلب آهي ته اسين دين کي هڪ قسم جي ڊڪيٽيٽرشپ(قانون آئين تي سختي سان عمل ڪرڻ ) سان هلائينداسين! ڇو ته جڏهن هڪ ڳالهه صاف ڪئي وئي ته اها صحيح آهي، پوءِ ان جي مخالفت جو موقعو ڪنهن کي به ڏئي سگهجي ٿو _؟ هرگز نه...!
قرآن حڪيم جي دعوت ڪنهن قوم ۾ پهچي ٿي ته شروع ۾ اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته قرآن جي ڊڪيٽيٽرشپ ڇو قائم ڪئي وڃي ؟ پر جڏهن ان قوم جي زبان ۾ هدايت گمراهي ( رشد ۽ غي ) جو امتياز ٿي وڃي ( رشد يعني هدايت ۽ غي معني گمراهي ) ۽ هي کولي کولي سمجهايو وڃي ته قرآن حڪيم سموري جو سمورو هدايت ( آئين ڪانسٽيٽيوشن ) آهي ته پوءِ ان جي مخالفت جي ڪئن اجازت ڏيئي سگهجي ٿي. اهڙي طرح هوريان هوريان سڀني قومن ۾ رشد ۽ هدايت ظاهر ٿي ويندي ۽ سڀني قومن جي بين الاقوامي جماعت بنجي ويندي.
قرآني انقلاب جو نتيجو :
لِّلَّـهِ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَمَا فِي الْأَرْضِ ۗ وَإِن تُبْدُوا مَا فِي أَنفُسِكُمْ أَوْ تُخْفُوهُ يُحَاسِبْكُم بِهِ اللَّـهُ ۖ فَيَغْفِرُ لِمَن يَشَاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشَاءُ ۗوَاللَّـهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ ﴿٢٨٤﴾ سورة البقرة
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سا الله جي ئي (ملڪيت) آھي، ۽ جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو جيڪڏھن پڌرو ڪريو توڻي اُھو لڪايو (ته به) الله اوھان سان اُن جو حساب ڪندو، پوءِ جنھن لاءِ گھرندو تنھن کي بخشيندو، ۽ جنھن لاءِ گھرندو تنھن کي عذاب ڪندو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي. (٢٨٤) سنڌي ترجمه
سيدنا تاج محمود امروٽي رح
لله ما في السموات و ما في الارض ٗ(سوره البقره) ( آسمانن ۾ الله تعالي جي بادشاهي ئي قائيم آهي ۽ جو ڪجهه آهي اوهان جي دلين ۾ آهي انکي مخفي رکو يا ظاهر ڪريو سڀ جو سڀ حساب الله کي ڏيڻو پوندو. هن جو مطلب هي آهي ته اصل ۽ ڪامل حڪومت الله تعالي جي ئي آهي. ڀلا جيڪو دل جي ڳالهه ئي نه ٿو سمجهي اهو وري حڪومت ڇا ڪندو ؟ اهڙي طرح قرآن حڪيم هر هڪ انسان جي اندر الله ( خدا ) جو تصور قائم ڪري ٿو، جنهن جي اڳيان حساب ڏيڻ واسطي هر وقت تيار رهڻ گهرجي ۽ هي انساني اجتماع جي ترقيءَ جو پويون ڏاڪو آهي. َقرآن حڪيم پنهنجي انقلاب سان دنيا ۾ جيڪا ڪيفيت پيدا ڪري ٿو ان جو نمونو حضرت محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم ۽ سندن اصحاب سڳورا آهن ۽ هيءَ انقلاب کي هلائڻ لاء مرڪزي جماعت هئي.
سرمائيداري جو نتيجو :
كَلَّا إِنَّ الْإِنسَانَ لَيَطْغَىٰ ﴿٦﴾ أَن رَّآهُ اسْتَغْنَىٰ ﴿٧﴾ سچ آھي ته بيشڪ ماڻھو سرڪشي ڪندو آھي. (٦) جڏھن اُھو پاڻ کي بي پرواھ ڏسندو آھي. (٧) بيشڪ تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽي وڃڻو آھي. (٨) سنڌي مترجمه
سيدنا تاج محمود امروٽي رح
ڪلا اِنَ الانسان ليطغىٰ ٗ. انسان يقيناً ظغيان (سرڪشي ) اختيار ڪري ٿو. انسان جڏهن سرمائيدار بڻجي ضرورت کان زياده پيسه ڪري ٿو تڏهن سرڪشِي اختيار ڪري ٿو ان وقت پنهنجو پاڻ کي قانون جو مالڪ سمجهي ٿو. ان جو هڪڙو مثال فرعون آهي. جيئن ته ان جي به متعلق قرآن ( حڪيم ) فرمائي ٿو؛ '' اذهب الي فرعون انه ليطغيٰ ٗ يعني فرعون ڏي وڃ جو هو سرڪشي اختيار ڪري چڪو آهي . پوءِ جيڪو به بادشاه خدا ( الله ) جي قانون کان مُنهُن موڙي
۽ پنهنجو قانون خدا جي ٻانهن تي هلائڻ گهري ٿو اهو سرڪش آهي ۽ جيڪو سندس تابعداري ڪري ٿو ۽ ساڻ موافقت ڪري؛ اهو به سرڪش آهي. قرآن حڪيم انهي سرڪشي کي دور ڪرڻ آيو آهي (نازل ڪيو ويو آهي) ۽ هي بين الاقوامي سندس اهم نڪتو آهي. اسان طغيان جو هي مطلب ڳوٺ پير جهنڊي ۾ اچڻ کان پوءِ سمجهي ڇڏيو هو ته قانون جو مالڪ ڪنهن بادشاه کي سمجهيو وڃي؛ ۽ اسان ان وقت انهيءَ جو مثال انگلستان جي بادشاه جو ڏيندا هياسين ۽ فرعون جي قول ؛ ان ربڪم الاعليٗ ( مان توهان جو وڏو رب آهيان ) جو حل انهيءَ کان بهتر اسان جي سمجهه ۾ نه ايندو هو ته هو مصر جي قانون جو مالڪ بنجڻ گهري ٿو.
سوشلسٽ انقلاب ۾ شاهه ولي الله رح:
الغرض قرآن جي انقلاب جو قانوني پهلو ته آئون اول کان ئي سمجهندو سمجهندو ۽ سمجهائيندو رهيس؛ مگر سائينٽفڪ ۽ اقتصادي انقلاب اگرچه حجة الله (شاهه ولي الله جي لکيل ڪتاب ) ۾ پڙهيم مگر تڏهن يورپ سوشلسٽ انقلاب جي مطالعي ڪرڻ کان اڳ ان کي چڱي طرح سمجهي نه سگهيو هوس ۽ نه وري قيصر ۽ ڪسريٰ جي متعلق شاهه ولي الله جيڪي ڪجهه (ڪتاب) حجة الله البالغة ۾ لکيو هو تنهن کي ئي سمجهي سگهيو هوس ته هن جو مطلب ڇا آهي؟ هيئنر اسان جنهن سرمايه پرستي جي مخالف سوسائٽي جا داعي آهيون، ان سوسائٽي ۾ ڪنهن به نواب، خان ۽ زميندار کان داخلا ٿيڻ نه ڏنو ويندو. خلافت راشده تائين انهي حقيقت جو سراغ ملي ٿو؛ اوسيتائين هي فڪر ملي ٿو ۽ هن زماني ۾ شاهه ولي الله انهي فڪر جو باني آهي ۽ اها نئين شيء نه آهي جو آئون پيش ڪري رهيو آهيان. جيڪو مسلمان هن فڪر جو دشمن آهي، آئون ان سان ملڻ (گڏ ٿيڻ ) نه ٿوگهران. هن فڪر تي عمل ڪرڻ جو نمونو رسول الله صلي الله عليه وسلم، سيدنا ابوبڪر صديق ۽ سيدنا عمر فاروق رضوان الله عنهم اجمعين جي زماني تائين محدود ڪريان ٿو.
آئون اگرچه سوسلشٽ (يعني مارڪسٽ) ناهيان مگر سرمائيه پرست به ناهيان ۽ سرمايه شڪني کي پنهنجي رسول الله صلي الله عليه وسلم ۽ سندن خلفاءِ جي سيرت ۾ ڏسان ٿو اهو ئي منهنجو ايمان آهي ۽ هندوستان ۾ سمجهائڻ گهران ٿو.
بعد هن کان هي عنوان رهيل آهي جيڪي ٽائيپ ڪري رهيو آهي
بعض دوستن جي غلطي :
جو شخص چوي ٿو ته قانون جو مالڪ بنجڻ ڪري جيڪا سرڪشي پيدا ٿئي ٿي آئون ان جي تشريح ائين نه ڪندو هوس، سو ڪوڙ آهي. حقيقت هي آهي ته انقلاب جو هي روح اسانجي تعليم ۾ اڳ به موجود هو مگر اسانجي هڪ دوست ۽ اسان جي هڪ عزيز اسان جي تعليم کي ڪڍي ڇڏيو آهي؛ حالانڪ اسان انهن ٻنهين ڄڻن کي اهي سموريون ڳالهيون پڙهايون ۽ لکايون هيون ( مولوي احمد علي لاهوري ڏانهن اشارو) ماهوار توحيد
پنهنجي پاران (امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌيءَ جي پٽيلي بابت وضاحت، معلوم هجي ته :مولانا احمد علي لاهوري رح جو پيءَ شيخ حبيب الله جيڪو پهريون سک مذهب جو پيروڪار هو؛ جيڪومولانا عبيد الله سنڌي جي تبليغ بعد مسلمان ٿي ڪلمه پڙهيو هو، اهو جڏهن مري ويو ته مولانا احمد علي لاهوري ۽ مولانا عزيز احمد ۽ ٻيو اولاد يتيم ٿي پيا تنهن تي مولانا عبييد الله سنڌي صاحب انهن جي والده سان شادي ڪري، موصوفن کي يتيمي ئي محسوس ٿيڻ نه ڏئي پالي پوسي وڏو ڪيو هو ) – جوکيو شفيق احمد
شرڪ جي حقيقت جدا جدا درجن ۾:
اسان پنهنجي علمي زندگي جي ابتدا ۾ شرڪ ۽ توحيد کي فقط عبادت جي طريقن ۾ بند سمجهندا هئاسون. اسانجي توحيد هيءَ هئي ته جنهن کي عبادت چيو وڃي ٿو ان جي طريقن کي الله تعالي جي ذات ۾ منحصر ۽ بند ڪرڻ ۽ شرڪ مان هي مراد وٺندا هئاسون ته عبادت جي طريقن کي الله تعالي کانسواء ٻئي ڪنهن لاء استعمال ڪرڻ مثلاََ غير الله کي سجدو ڪرڻ ۽ غيرالله جو قسم کڻڻ وغيره. اسان کي اهو تصور حضرت شاهه اسماعيل شهيد جي ڪتاب جي مطالعي مان ٿيو هو ان ۾ قانون جي طاقت الله تعالي جي لاء خاص ڪرڻ جو ذڪر هو، پر نهايت مختصر درجي تي؛ يعني صرف هن معنيٰ ۾ ته ڪنهن به شيءِ جو حلال ڪرڻ يا حرام الله جو حق آهي ليڪن انهيءَ تحليل ۽ تحريم ( حلال حرام ) کي قانوني شڪل ۾ تبديل ڪرڻ جو عقل اسان کي ڪونه هو. پر جڏهن اسان جديد لٽريچر جو مطالعو (اسٽڊي ) ڪيو تڏهن اسان تحليل ۽ تحريم بجاء قانون جو لفظ استعمال ڪرڻ لڳاسين ۽ شرڪ جي معني اها ٻڌائڻ لڳاسين ته قانون سازي جي طاقت غيرالله ۾ مڃڻ شرڪ آهي ۽ اهڙي طرح سورة مدثر جي آية '' کانهم حمر مستمره'' ( گويا اهي ٽهندڙ گڏهه آهن، جيڪي شينهن کان ڀڃن ٿا ) جو ترجمو انقلاب ئي ڪندا هواسون. مگر افسوس جو اسانجي دوستن، جن پرپٺ اسانجي تعليم جو روح برباد ڪري ڇڏيو.
نظريه انقلاب تڪميل :
هيئنر اسان انقلاب جو ٻيو به مطالعو ڪري ان جي تڪميل ڪئي آهي. اسان لاديني انقلاب کي ڏٺو آهي ۽ ان کان فائدو حاصل ڪري پنهنجي انقلابي نظريي کي مڪمل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان جي تعليم هيئنر انقلاب کان ڪڏهن به خالي نه آهي
اسان جي بعض عالمن جو جمود
تقوي ڇا آهي؟
قرآن ڇو بنظير آهي ؟
جاري آهي
مٿيون مضمون : ماهوار '' توحيد'' ڪراچي- سنڌ
جون جولاءِ 1946 ع تان ساگر سووينئر امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح
جي ياد ۾ علمي مجلس -سنڌ وارن شايع ڪرايو هو تان ورتو ويو آهي
مسڪين شفيق احمد جوکيو
امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌي رح
بابت سندس ذاتي حياتي بابت ملاحظه ڪندا هي لنڪ
امام انقلاب عبيد الله سنڌي ليڪک پير علي محمد راشدي
http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book32/Book_page1.html
سنڌي ادبي بورڊ جي ڏنل سائيٽ تي مولانا عبيد الله سنڌي بابت ارلي لائيف يعني ڄمڻ وغيره جا سن غلط لکجي ويا آهن تنهن ڪري صحيح معلومات هي آهي وڌيڪ تفصيل پاڻ به ملاحظه ڪيو وڃي هيٺين سائيٽ وزٽ ڪري ؟
Maulana Ubaidullah Sindhi was an Indian Muslim religious and political leader, who was a student of Shaikhul Hind Maulana Mehmud Hasan. Under the movement "Tehrek-a-Reshmi Rumal" which was raised by Hasan from the Darul Uloom Deoband.
Early Life
Ram Singh Zargar was a Sikh of Chilanwali in the district of Sialkot. On 12 Muharrarm 1289 AH (10 March 1872) he had a son. However, he died 4 months prior to the birth of his son. The grandfather took the responsibility of the child’s upbringing. After 2 years the grandfather also died. The mother took the child and came away to the maternal grandfather's house. After the maternalgrandfather’s demise, the child went to Jampur where his uncle lived. It was at this town that he received his initial seculareducation. In 1884, he borrowed a book of Maulana Ubaidullah Paaily, namely Tuhfatul Hind and read it with much interest. Thereafter he had the opportunity of reading Maulana Shah Ismail Shaheed's book, Taqwiatul Iman. In this way, the desire forIslam was created in his heart. On his own, he named himself Ubaidullah after the author of Tuhfatul Hind and he learnt to performSalah as well. On 15 August 1887, he decided to leave his home and family out of the love for Islam. He was 15 years old at the time. With a Muslim friend, Abdul Qader, he reached Kotla in Muzaffargarh where he embraced Islam on 29 August 1887. When his relatives began searching for him, he left for Sindh and lived with Hafez Muhammad Siddique, a great saint of his time. He developed a deep attachment for him and regarded him as his spiritual father. It was also due to him that he made Sindh his motherland, hence the tide Sindhi. Hafez Muhammad made special dua for him to obtain an excellent tutor. In September 1888, he proceeded to Deoband where he took admission at Darul Uloom Deoband. He was afforded the grand opportunity of benefiting from Sheikhul Hind. Thus, the dua of Hafez Muhammad was accepted. Very soon, he mastered Arabic and all the Islamic subjects. He was so intelligent that he studied Sunan Nasai and Ibn Majah (detailed works of hadith) in only 4 days each while he completed As Sirajiyyah (a text book on the laws of succession) in a mere 2 hours. After qualifying, he left for Sukkhur where he was married to the daughter of Maulana Azeemullah Khan, a teacher at Islamiyah High School. In 1901, he established the Darul Irshaad. He remained engrossed in propagation for 7 years. He was requested in l909 by Sheikhul Hind to proceed to Deoband. Here he accomplished much for the student body, Jamiatul Ansaar. Sheikhul Hind then requested him to transfer his work to Delhi where he worked with Hakeem Ajmal Khan and Dr. Ansari. In 1912, he established a madrassah, Nazzaaratul Ma'arif which achieved much in the field of propagating Islam. At the suggestion of Sheikhul Hind in 1915, he migrated to Afghanistan. He stayed for 7 years inKabul. He encouraged King Amanullah Khan of Afghanistan to fight the British. For this reason he had to leave Afghanistan as well. He proceeded to Russia where he spent 7 months. He was afforded official treatment as a guest of the state. During this period, he studied the ideology of socialism. He was unable to meet Lenin because he (Lenin) was severely ill at the time. Thereafter in 1923, he left for Turkey and initiated the third phase of the Waliullah Movement in 1924. He issued the Charter for the Independence of India from Istanbul. He left for Makkah in 1927 and remained there until 1929. During this period, he brought the message of the rights of Muslims and other important Deeni issues to the masses. In 1936, the Indian National Congress requested his return to India and subsequently he was given permission to return.
Maulana Ubaidullah entire life was one of endeavor and difficulty. He was once asked if he ever had a day of comfort during his 30 years of exile. He replied: "Undoubtedly I did not sleep for even one night with ease for this entire period".
Maulana Saeed Ahmed Akbarabadi describes the return of Maulana Ubaidullah to Delhi after his exile thus:
"All the people proceeded to the Delhi station to await his arrival. I had conjured up an image of Maulana by looking at the present leaders. I expected him to have a turban on his head and to be wearing a juba (robe). He would be a passenger of the first class, he would at least have one servant with him, at least 2-3 heavy suitcases, a heavy bedding, 2-3 flasks, 3 -4 heavy receptacles of food and majesty and grandeur apparent on his countenance. However, when the train reached, all these thoughts were left stagnant. The people frantically began searching the first and second -class coaches. Meanwhile, a man with nothing on his head, wearing a kurta of coarse cotton cloth with a coarse sheet around his neck emerged from the third class. Those who recognised him immediately ran towards him. This was Maulana Ubaidullah Sindhi. The hair of his beard and head was completely white. He was about 65 years old. People began searching for his goods, but where did he have any luggage? Whatever was on his body was all that he owned. I have not seen a person and probably will not see in future one who has renounced material pleasures so totally". Once Maulana came from Okla to Delhi (a distance of approximately 8 miles) on foot during a hot day. He returned on foot as well because he did not have sufficient money to board the bus. Maulana Saeed Akbarabadi comments that he (Maulana Ubaidullah) did not mention this to anyone nor could they realize this from his countenance. Someone who came by bus saw him walking and when Maulana was asked if he had indeed come walking, he admitted doing so. In addition, because of having to travel on foot he had to leave very early that day. As the food was not yet ready when he departed, he had to forgo the meal, which he only had after Asarin Delhi. This is the mettle, which he was made of. He made a programme of teaching Shah Waliullah’s Hujjatullahil Baalighah to Maulana Akbarabadi who would then write an exegesis in his own words. Thereafter he had to leave for Lahore to visit his daughter. Here he fell seriously ill and died on 22 August 1944.
References
- Mawlānā ʻUbayd Allāh Sindhī : ʻālāt-i zandagī, taʻlīmāt awr siyāsī afkār
by Muḥammad Sarwar. Publisher: Lahore, [1976]
- Khutbāt o maqālāt-i Maulānā ʻUbaidullāh Sindhī. murattib Muḥammad Sarvar.
by ʻUbaidullāh Sindhī; Muhammad Sarwar Publisher: Lāhaur, Sindh Sāgar Ikādamī [1970]
http://www.worldlingo.com/ma/enwiki/en/Maulana_Ubaidullah_Sindh
No comments:
Post a Comment