روئڻ به چاهيون ٿا ته؛ روئي به نه ٿا سگهون
ڇو ڀلا! اها ڪهڙا ماجرا آهي؟
اها عطا ڪيل پنهنجن پاران؛ ماجرا آهي
کلڻ به چاهيون ٿا ته؛ کلي به نه ٿا سگهون
ڇو ڀلا! اها وري ڪهڙي ادا آهي؟
اها ادا نه پر؛ پنهنجن پاران جاري ڪيل فتواي آهي
گهمڻ به چاهيون ٿا ته؛ گهمي به نه ٿا سگهون
ڇو ڀلا! اهو ڪهڙو ڪنهن جو؛ حڪم نامون آهي
اها پنهنجن پاران جاري ڪيل سمن ۽ حڪمنامون آهي
ڪنڊ پڪڙي ويهڻ به ڇاهيون ٿا ته؛ ويهي به نه ٿا سگهون
ڇو ڀلا ! اهو وري ڪهڙو ڪنهن جو جوڙايل؛ نئون جيل آهي
اهو به پنهنجن پاران؛ نئون جوڙايل؛ مڇ بلوچستان جو جيل گهر آهي
No comments:
Post a Comment