Realtime Hit Counter

Tuesday 29 March 2011

شاه عبدالڪريم بلڙي وارو ۽ سندس شاعري حبيب سنائي

شاه عبدالڪريم بلڙي وارو ۽ سندس شاعري

حبيب سنائي

محترم عمر بن محمد دائود پوٽي پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب بعنوان ”شاه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام“ ۾ لکيو آهي ته هيءُ صوفي بزرگ ۽ شاعر تاريخ 20 شعبان، سن 944 هه، (20 جنوري 1538ع ) تي مشهور شهر متعلوي (هاڻوڪي مٽياري شهر جو پراڻو نالو) ۾ ڄائو هو. ياد رهي شاه ڪريم سنڌ جي بي مثل شاعر ۽ بزرگ شاه لطيف جو تڙ ڏاڏو هو. شاه ڪريم جو اهم ترين همعصر يا پاڙيسري مخدوم نوح هالا ڪنڊي وارو هو. محترم دائود پوٽي ان ڪتاب ۾ اهو به لکيو آهي ته شاه ڪريم مخدوم نوح جي اشاري سان ئي متعلوي جي اباڻوشهر کي ڇڏي وڃي بلڙي جو شهر وسايو. اتي ئي 88 ورهين جي ڄمار ۾ تاريخ 7 ذوالعقد 1032 هه آچر رات وفات ڪيايون.

بلڙي شاه ڪريم نالي واري ڳوٺ يا شهر هاڻي ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ شامل آهي. اڳي اهو حيدرآباد ضلعي ۾ شامل هو. مرزا قليچ بيگ موجب اهو حيدرآباد کان چاليهه ميل پرتي آهي. (احوال شاه عبدالطيف ڀٽائي) مرحوم دائود پوٽي پنهنجي مذڪوره ڪتاب ۾ ٽنڊو محمد خان کان بلڙي تائين مفاصلو 24 ميل ڄاڻايو آهي

قصو ڪوتاهه دائود پوٽي موجب شاه ڪريم ڪل 94 بيت چيا آهن. هن صاحب اهي بيت ۽ شاه ڪريم جون حڪايتون ۽ فرمان هڪ ٻئي ڪتاب بيان العارفين تان کنيا ۽ سوڌيا سنواريا آهن. ياد رهي ته 1904 ڌاري مرزا قليچ بيگ به ”رساله ڪريمي“ نالي سان اهو ڪلام مرتب ڪيو هو. ڪتاب ۾ بيتن جو نه صرف سنڌي ترجمو بلڪ فارسي ترجمو به ڏنو ويو آهي. انهي ڪتاب ۾ ڏنل پهرين پندرهن بيت ۽ سنڌي ترجمو هيٺ ڏجي ٿو. وڌيڪ ٻئي ڀيري. انهن کي پڙهو ۽ لطف ماڻيو.

1

تون چَؤُ اَللهُ هيڪـَـڙو، وائي ٻِي مَ سِکُ

سچو اَکَــرُ مَنَ ۾، سو ئي لکِئــو لِکُ.

ترجمو: تون چؤ ته الله هيڪڙو آهي ۽ ٻي وائي نه سک، اهو سچو اکر وري وري من ۾ پيو لک.

2

ڌَڪين ڌاتِ پئو، هِنــيَــڙو لُــهَه! سَـنداڻ جين،

سَنـڀـاري کيٖ سَـڄَــڻيٖ، وِرۡڄِي تان نهَ وِئـو.

ترجمو: لوهه جي سنداڻ وانگر دل کي ڌڪن جي عادت پيئي، تنهنڪري سڄڻن کي سنڀاري پگھارجي نه ويئي.

3

چرئــِو جِن چِتُ ڪري، سڱ سَڀيئي ڇِن،

جي ڀائِين پِرِيَ مِـڙان، ته مَتِ مُوجي ڳِنُ.

ترجمو: دل ديوانن وانگر ڪري، سڀ ناتا ڇني ڇڏ، جي ڀائين ته دوست کي مِلان ته اها منهنجي نصيحت وٺ.

ساڳيو بيت ٿوريءَ ڦير ڦار سان ٻئي موقعي تي چيو اٿس:

اُٿي چَلُ چرئن جِينءَ، سَڱَ سَڀيئي ڇِنُ،

جي ڀائين پِرِيَ مِڙانۡ، تهَ مَتِ مُوجي ڳِنُ.

4

پِريان سندي ڳالَــڙِي، جيڪو ٻِـئِـي ڪري،

مَت مُوجي ڪَــن ڪَر، تيٖ کيٖ جابُ م ڏي.

ترجمو: جيڪو محبوب جي سخن کان سواءِ ٻي وائي وات آڻي، تنهن کي منهنجي نصيحت ڪَنِ ڪري ڪونه جواب نه ڏي.

5

وائِــيَ ٻِيَ م ڀُلُ، مِــرئان موُران پَکڻان،

بلا سندو سَــڄَــڻي، هو هُلاچو هُلُ.

ترجمو: ٻيءَ ڪنهن ڳالهه تي ٺَڳجي نه وڃ، جيئن مِرُن، ماڪوڙين ۽ پکين جي ڳالهه، خدا جو سنهن ته هي سڀ هُل هُلاچو دوست جو آهي.

6

مَتِيُون ميڙيٖ کانءِ، واچا کِجِي وچ پئو،

جو تو سائِــرُ ڀائيو، سو هُـرُ ٻوئي ناه.

ترجمو: سڀ متيون ميڙي کانءِ (ساڙي ڇڏ)، ۽ واچ (سِڪَ) مان کِجي، وچ ۾ ڪاهي پؤ؛ جو تو درياءُ سمجھيو آهي، سو ته هڪڙي وک به نه آهي.

7

هِيـُـون ڏجيٖ حبيبَ کي، لِڱَ گڏجــن لوڪَ،

کُڏِيـُـون ۽ کروتُــون، اِي پُڻ سَڳَر ٿوڪَ.

ترجمو: دل دوست کي ڏجي، ۽ لڱ لوڪ سان گڏجن (يعني انجمن ۾ خلوت ڪرڻ گھرجي)؛ حجرا ۽ کروٿون، اهي پڻ چڱيون شيون آهن.

8

وِهاڻِــيَ ئِي وَڃُ، تو نه سَرَندو تِنِ ريٖ،

تان سا وڃي ڀَڃَ، پِيَئِي جا ڪاڻِ پرِيَن سين.

ترجمو: توڻي پره ڦٽي آهي ته به اٿي هل، ڇاڪاڻ ته انهن کان سواءِ تنهنجو چارو نه آهي؛ پرين سان ڪاڻ پيئي اٿئي، سا وڃي لاهه.

9

جي جاڳـَـندي مَنَ ۾، سُتي پڻ سيئي،

مَنُ پِرۡيان نيئي، پَـڳهــئو پاڻَ ڳَري.

ترجمو: جي جاڳندي من ۾ آهن، ستي پڻ سي ئي آهن؛ پرين منهنجو من نيئي پاڻ سان اٽڪائي ڇڏيو آهي.

10

مُٺِ ڀِيڙِيائي ڀَلِي، جو اُپٽي ته واءُ،

جو پَڌر وِڌِي ڳالڙي، تو ڇَڏيٖ وڃي ساءُ.

ترجمو: مٺ ڀيڙيل چڱي آهي، جو اُپٽبي ته واءُ؛ جڏهن ڪا ڳالهه پڌري ٿئي ٿي، تڏهن لذت ڇڏيو وڃي.

11

پاڻيهاري سڀڪا، جا سِرِ گھَڙو ڌري،

ڪالههِ سَندي سَڄَڻي، ڪا پورهِي ڀَري.

سنڌي ترجمو: جيڪا به عورت پاڻِيءَ جو دلو سر تي ڌري ٿي، تنهن کي پاڻياري ڪوٺجي ٿو، فرق رڳو هي آهي، ته انهن مان ڪا خاص دوستيءَ خاطر پاڻي ڀري ٿي ۽ ڪا فقط پورهيي خاطر.

12

وَرَ وِسري ته ڪوهُ؟ پَرَ ورُ نه وِسَرئِوسِ،

ڪونه چُوندو ڪڏهِين، تَه اڱَڻِ اونڌائوس.

ترجمو: جيڪڏهن مڙس کان وسري ويئي ته ڇا ٿيو؟ پر مڙس کي نه وساريائين. ڪوبه ڪڏهن ائني ته چوندو ته سندس گھر ۾ اونده آهي.

13

پاڻِيارِيَ سِرِ ٻِهۡڙو، جَرَ تي پکي جِيۡنءَ،

اسان سڄڻ تِيۡنءَ، رهيو آهي روحَ ۾.

(هن جو ترجمو ڪونه ڏنو ويو آهي.)

14

جيڪيٖ گھَرا مَ وَڃُ، جيڪي موٽ مَ سُوهَڻي؛

هيڪڙيائِي هَٿَ ڪَرِ، ٻِيون ڀاڄوءَ جِيۡن ڀَڃُ.

ترجمو: يا ته گهران ٻاهر نه وڃ، يا ته موٽ نه، اهي سوهڻي! هيڪڙائي هٿ ڪر، ۽ ٻين شين کي ڀڳلن شين وانگر ڀڃي ٽڪر ڪر.

15

سوئِـي هيڏان، سوئِي هوڏان، سوئِي مَنِ وَسيٖ،

تي هِين سنَدي سوَجَهري، سوئِي سو پَسيٖ.

ترجمو: اهوئي هيڏانهن آهي، اهوئي هوڏانهن آهي، ۽ اهوئي من ۾ وسي ٿو؛ انهيءَ جي ئي سوجھري، ان کي پسجي ٿو.

sanaihabib@yahoo.com

http://www.sindhiadab.netfirms.com/articals/33.htm

No comments:

Post a Comment