Realtime Hit Counter

Wednesday 27 April 2011



نعره جنهن هنيو وطن سنڌ يا ڪفن آهي، سورهيه بادشاهه
سنڌ جو ساهه سيباڻو آهي، سورهيه بادشاهه
منهنجي روح جو راڻو آهي، سورهيه بادشاهه
منهنجي جيء جو جيارو آهي، سورهيه بادشاهه
منهنجي اندر جو آواز آهي، سورهيه بادشاهه
منهنجي عزت آبرو عظمت، سورهيه بادشاهه
منهنجين اکيان نور آهي، سورهيه بادشاهه
گلن جي سرهاڻ آهي، سورهيه بادشاهه
وک وک تي عيان منزل ڏانهن رَسَڻ جي روشني آهي، سورهيه بادشاهه
بس رهنما سنڌ جو صرف هڪ آهي، سورهيه باشاهه
سنڌ جو سياڻو نماڻو آهي، سورهيه بادشاهه
سنڌ جو سرواڻ ۽ اڳواڻ آهي، سورهيه بادشاهه
رهبر نيارو سنڌ جو آهي، سورهيه باڊشاهه
سنڌ جو شان مان وارو علمبردار آهي، سورهيه بادشاهه
سنڌ جو سرواڻ سچو آهي، سورهيه بادشاهه
حرن کي حريت سيکاري وطن يا ڪفن وارو آهي، سورهيه بادشاهه
جيڪو نه جڙيو جماعت شهيد پاڳاري، سورهيه بادشاهه
پڇٿايو تنهن چئي هئي هئي آهي،سورهيه بادشاهه
لفظ هڪ هڪ سچ ٿيو ڪلام آهي، سورهيه باشاهه
ورتي معافي نادانن بعد شهادت آهي، سورهيه بادشاهه
مرقد موچاري ٿي مٿي ملاء اعلي آهي، سورهيه بادشاهه
۽ اعلي علين منجهه مڪين آهي، سورهيه بادشاهه
سنڌ جو مان وارو املهه ماڻڪ موتي آهي، سورهيه بادشاهه
سنڌ جي سچي فڪر وارو آهي، سورهيه بادشاهه
نه ڪڏهن ڪنڌ جهڪايو سو آهي، سورهيه بادشاهه
حيات رهندو هميشه دلين ۾ آهي، سورهيه بادشاهه
مري به موت کي ڏني مات آهي، سورهيه بادشاهه
ڪين ڊڳو، شهادت واري ڏينهن به آهي، سورهيه بادشاهه
اڄ به سنڌ جي آجپي جي علامت آهي، سورهيه بادشاهه
اٿئي درد جي سنڌ جو ته راهه وٺ! سورهيه بادشاهه
نظم هي جاري رهڻو تاء قيامت آهي،سورهيه بادشاهه
سندس شان اڃا وڌ ۾ وڌ ٿيڻو آهي،سورهيه بادشاهه
سنڌ جي ماضي لکي ويو سونن ورقن تي آهي، سورهيه بادشاهه
سنڌ جو حال احوال آهي، سورهيه بادشاهه
سنڌ جو مستقبل به وابسته رهڻو آهي، سورهيه بادشاهه
اسان جي مال ميراث مليڪت ڌن دولت دل آهي،سورهيه بادشاهه
فقير درِ سگ هي مسڪين جوکيو آهي، سورهيه بادشاهه

No comments:

Post a Comment