Realtime Hit Counter

Thursday 28 April 2011

الله, محمد عليه الصلواة والسلام ۽ سندن اصحاب ڪرام رضه: شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح جي تعليمات ۽ فڪر جي روشنيءَ ۾

الله جل جلاله، سيد الانبياء سيدنا محمد مصطفيٰ احمد مجتبيٰ خاتم الانبياء عليه الصلواة والسلام ۽ سندن اصحاب ڪرام رضوان الله عنهم اجمعين: شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح جي تعليمات ۽ فڪر جي روشنيءَ ۾ ؟

شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح جن
شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح جو_ الله تعالي ۽ سندس ٻانهي سيدنا محمد مصطفي احمد مجتبي عليه الصلواة ۽ سندن اصحاب ڪرام رضوان الله عنهم اجمعين بابت فڪر ! :

ته شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح جن پنهنجي خالق الله بديع السموات و الارض ۽ سندس پياري رسول آخر الزمان محمد رسول الله صلي عليه وسلم ۽ وري پنهنجي ان رسول محمد ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي اصحاب ڪرام رضوان الله تعالي عنهم اجمعين جي واکاڻ م ڇا ٿا چون؟ پڙهيو وڃي! پر پهرين هيٺ لکيل قرآن حڪيم جي تلاوت ڪري پوء ترجمه ڀيٽي ڏٺو وڃي، تنهن بعد شاهه رح جا بيت پڙهيا وڃن ته؛ شاهه ڪهڙي سوره جو ترجمه ڪيو آهي؟

الفتح
سُوره الفتح مدني آھي ۽ ھيءَ اڻٽيهه آيتون ۽ چار رڪوع آھي

الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع)48

27. بيشڪ الله پنھنجي پيغمبر کي سچو خواب ڏيکاريو، ته جيڪڏھن الله گھريو آھي ته پنھنجا مٿا ڪوڙائي ۽ وار ڪترائي تعظيم واريءَ مسجد ۾ بي ڀوا ٿي ضرور گھڙندؤ (۽) نه ڊڄندؤ، پوءِ جيڪي نه ڄاڻندا آھيو سو الله ڄاتو پوءِ اُن کان اڳ ھڪ ويجھي فتح ڏني.

28. (الله) اُھو آھي جنھن پنھنجي پيغمبر کي ھدايت ۽ سچي دين سان موڪليو ته اُن کي سڀني دينن تي غالب ڪري، ۽ الله شاھد ڪافي آھي.

29.مُحمّد الله جو موڪليل آھي، ۽ جيڪي سندس سنگتي آھن سي ڪافرن تي ڏاڍا سخت آھن ۽ پاڻ ۾ مھربان آھن کين رڪوع ڪندڙ سجدو ڪندڙ ڏسندو آھين الله جو فضل ۽ رضامندي طلبيندا آھن، انھن جي نشاني سندن منھن ۾ سجدي جي اثر کان (پڌري) آھي، اھا سندن وصف توريت ۾ آھي، ۽ سندس وصف اِنجيل ۾ آھي، (اھي) اُنھيءَ پوک وانگر آھن جنھن پنھنجو سَلو ڪڍيو پوءِ اُن کي مضبوط ڪيائين پوءِ ٿلھو ٿيو پوءِ پنھنجي سلي تي سڌي بيٺي جو ڪڙمين کي پئي وڻي (اسلامي غلبي جو به آخر اھڙو حال آھي) تانجو مؤمنن جي (ڏسڻ) ڪري ڪافرن کي ڪاوڙائي، جن ايمان آندو ۽ منجھائن چڱا ڪم ڪيا (تن کي) بخشش ۽ وڏي اجر جو الله انجام ڏنو آھي.

http://www.bhurgri.com/bhurgri/048_sd_quran.php

هي مٿين آيتن جو ترجمه آهي؛ جيڪو شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح سائين سر يمن ڪلياڻ م ڳايو هو، جنهن کي سنڌ جي منافق مجوسين يهودين اديبڙن رسالي مان ڪڍي ڇڏيو وري جي چون ته شاهه جو رسالو قرآن آهي ؟ منافق جون ٽي نشانيون
1، امانت م خيانت 2 ڪوڙ ڳالهائڻ 3 وعده وفائي نه ڪرڻ 4 گاريون ڏيڻ

بسم الله الرحمن الرحيم.

1 _سر ڪلياڻ.
فصل پهريون.

االله عليم اعلي عَالَمَ جو ڌڻِي
قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهي قديم،
والي، واحد، وحدهُ، رازق، رَبُ، رحيمُ
سو ساراههِ سچو ڌڻي، چئي حَمدُ حڪيمَ
ڪري پاڻَ ڪريمُ جوڙي جوڙ جهان جي
ڪري پاڻَ ڪَريمُ جوڙي جوڙ جهان جيون

(1) جوڙي جوڙ جهان جي جڏهن جوڙيائين
خاوند خاصُ خَلِقَي مُحَمَدُ صلي الله عليه وآله وسلم مڪائين.
ڪَلمو تَنهن ڪريمَ تي چٽو چايائين.
اَنَا مولاڪَ و اَنتَ محبوبِي اِئين اُتائين
ڏِکي ڏنائين، ٻَئِي سَرائون سَيدُ چئي

(2) جوڙي جوڙ جهان جِي پاڻ ڪيائين پروار
حامِي،هادي،هاشمي سردارين سردار
سُونهي صحابين سَٿَ ۾ منجهه مسجد مڻيادار
چارئِي چڱا چوڌار، هُوَا هيڪاندا حبيب سين

(3) وحدهُ لا شريڪ لهُ چَئو چَوندو آءُ
فرض واجب سنتون تِنئَون تَرڪ مَ پاءِ
توبه سَندي تسبيحَ پَڙِهي سَا پُڄاءِ
نِگا پنهنجي نفس کي، سَئِين رَاهَ سُونهَاءِ
سُپَرِيان جي ڳالَهڙِي، هِيءَ هِنين سين لاءِ
تَه سَندي دوزخ باهِ، تو اوڏيائي نه وڃي.

شاه عبد اللطيف ڀٽائي رح جو رسالو.
مرزا قليچ بيگ رح. صفحه _11
سنڌي لينگوئيج اٿارٽي،
حيدرآباد_سنڌ
سن 2007


تمدن اسلاميءَ ۾ سنڌيءَ جي اهم حيثيت ۽ سائين جي ايم سيد
املاء ڪندڙ جوکيو شفيق احمد

فاتح قوم ، مفتوح قوم جي ملڪ وٺڻ بعد ، سڀ کان پهريون انهن جي ملڪي زبان جون پاڙون ڪپيندي آهي ، تاڪه زبان کي ختم ڪري ، قوم جون قومي خصوصيات ۽ انجو علمي سرمايو ناس ڪري ختم ڪري ڇڏي ، جنهن تي انهي , قوم جي غيرت ، فڪر ، تخيل ۽ قومي ڪردار جو بنياد هوندو آهي ، انهن مٿان ڌاري زبان مڙهي انهن کي ذهني غلاميء ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي آهي ، تاڪِ (ته جيئن) ان قوم جو روح فنا ٿي وڃي ، غيرت ۽ حميت هلي وڃي ، ۽ هو فاتح قوم جي مقابلي ۾ ڪڏهين به اسري ۽ اڀري نه سگهي.

اهو مسلمه اصول آهي ته جسماني غلامي ، قومن کي ختم ڪري نه سگهندي آهي؛ جيڪڏهن قوم کي ڪابه غلامي هميشه لاءِ نيست نابود ڪري ڇڏيندي آهي ته اها ذهني غلامي آهي، جا (جيڪا) محض زبان جي بدلائڻ ذريعي آڻي سگهبي آهي.
صفحه _257 موجوده سياسي مسئلا_ سائين جي ايم سيد.

سنڌي زماني جي سردين گرمين ۾ پاڻُ جهلي جُداگانه زبان جي حيثيت حاصل ڪري ويئي، جڏهن ٻيون سندس هم نسل زبانون گهڻو ڪِري پيون.ديباچو !_2

تمدن اسلاميءَ ۾ سنڌيءَ جي اهم حيثيت.

مضمونَ جي شروع ۾ بيان ٿي چڪو آهي ته قومي ۽ زباني مسئلي تي اسلامي تهذيبَ ۽ تمدن جي نقطي نگاهه کان پڻ سوچيو وڃي ٿو ، ۽ ان نقطي نظر کان صرف عربيءَ کي ئي قومي زبان بنجڻ جو حق حاصل ٿي سگهي ٿو. مگر اردو جا طرفدار جي اسلامي جذبي کي اردو زبان جي خاطر استعمال ڪرڻ چاهين ٿا، سي دعويٰ ڪن ٿا ته اردو زبان اسلامي تمدن جي جي پيداوار آهي ۽ ِاها ئي مسلمانن جي بنايل زبان آهي انهيءَ ڪري انهي کي قومي زبان بنايو وڃي. مگر تواريخ شاهد آهي ته جيڪڏهن هن برِعظيم هندوستان جي ڪنهن به زبان تي صحيح اسلامي فڪر جو اثر پيو ۽ جنهن کي سڀ اول مسلمانن پنهنجو ، ڪري سمجهو (سمجهيو) سا فقط سنڌي زبان ئي آهي.

هيٺيون حقيقتون انهي نظريي جي تائيد ڪن ٿيون:- الف_ سنڌي ٻولي انهي ملڪ جي زبان آهي جو برعظيم ۾ سڀ کان اول مسلمانن جي حڪومت هيٺ آيو. اهي قُرُونُ اُولَي ا جا عرب مسلمان هيا جن اصحاب، تابعين ۽ تبع تابعين (هئا)هيا ۽ اهي صحيح اسلامي فڪر ۽ ڪردار سان سان سنڌ ۾ داخلا ٿيا ۽ انهي ڪري سنڌ باب الاسلام بني ۽ سنڌ جي ٻوليءَ تي پڻ صحيح اسلامي فِڪِرَ ۽ تَمَدُن جو اثر پيو.

ب_ انهن عَرَبَ مسلمانن پنهنجي رواداريءَ، صحيح علمي ڄاڻ ۽ ملڪ جي ڀلي خاطر سنڌي ٻوليءَ کي زور وٺايو، ايتري قدر جو سنڌي زبان جي شاعرن کي عرب دنيا سان روشناس ڪرايائون.چوٿِين صدي هجريءَجي هڪ عرب عالم پنهنجي ڪتاب ”روضَةُ العُقَلا“ ۾ سنه187 هه کان به اڳ جو هڪ تاريخي واقعو بيان ڪيو آهي ته ڪيئن هڪ سنڌي شاعر عباسي خليفن جي مشهور وزير يحيٰ بن خالد برمڪِي کي پنهنجو سنڌي زبان ۾ چَيَلُ قصيدو ٻڌايو ، جنهن تي کيس هڪ هزار دينار انعام طور مليا. مطلب ته عربن سنڌي ٻوليءَ کي زور وٺرايو ۽ انکي ساڳيو عربيءَ جھڙو درجو ڏنو. چوٿين صدي هجريءَ ۾ جڏهين سنڌ ۾ عربي دورِ حڪومت قائم هو ، تڏهن مشهور عرب سياح ،ِابنِ حوقل ، لکي ٿو ته ملڪ جي خاص زبانون سنڌي ۽ عربي آهن. هن حوالي مان ظاهر آهي ته عربن ، عربيءَ سان گڏ سنڌيءَ کي به ملڪي ٻوليءَ جي درجي تي پھچايو.

(ج) ھن برعظيم ۾ سنڌي پهرين زبان هئي ، جا عربي خط ۾ لکي ويئي . ”روضة العقلا“ جي مصنف سنه 187ھه کان اڳ انھي سنڌي شاعر جي سنڌي ۾ چيل قصيدي جو هڪ شعر عربي خط ۾ نقل ڪيو آهي ، جو هن اڳين ڪتابن تان نقل ڪيو هوندو: جنھنجي معنيٰ ته اھو سنڌي قصيدو بروقت عربي خط ۾ نقل ڪيو هو. هيءَ حقيقت ثابت ڪري ٿي ته سنڌي ٻولي ٻي صدي هجريءَ جي آخر کان وٺي ،عربيءَ خط ۾ لکجڻ شروع ٿي ۽ اڄ ڏينھن تائين انھيءَ خط ۾ لکجي پئي.هن وقت به سواءِ عربيءَ جي ، فقط سنڌي ٻولي دنيا جي مکيه ٻولين مان هڪ واحد زبان آهي، جا انهيءَ اوائلي اسلامي تمدن جي اثر هيٺ خَطِّ نَسَخَ ۾ لکي وڃي ٿي.

انھن مٿين حقيقتن مان ظاهر آهي ته هن برعظيم جي مڙني ٻولين ۾ فقط سنڌي ٻوليءَ کي اسلامي تمدن جي نقطي نظر کان اهم درجو آهي. انجي ڀيٽ ۾ اردوخ ته ڪنڌ کڻڻ جي قابل ئي قابل ئي نه آهي. اردو مغلن جي تنزل جي دور جي پيدائش آهي ، جنهن وقت قُرون اُوليٰ وارو اسلامي فڪر ۽ تمدن ختم ٿي چڪو هو. عربن سنڌيءَ کي عملا ۽ ارادتا (عملن ۽ ارادتن) ترقي ڏني ،مگر مغلن اردو کي عملا ۽ ارادتا( عملن ۽ ارادتن) زور ڪونه وٺايو ، بلڪ اها فوجي ضرورت سبب (سببان) پيدا ٿي . مغلن جي فوج ۾ هندو ، مسلمان سڀ شامل هئا ، انهيءَ ڪري اردو کي اصلا يا اصولن مسلمان جي ٻولي چوڻ به حقيقت جي برعڪس ٿيندو . جيئن عربن جي دور ۾ سنڌيءَ کي ملڪي ٻولي جو درجو حاصل هو. تيئن اردو کي مغلن جي دور ۾ ملڪي ٻوليءَ جو درجو ڪٿي به حاصل ڪونه هو. اردو فقط هڪ کچڻي (کچڙي) هُئي جا شاهي لشڪر جي بورچيخاني(رَڌڻي) تائين محدود هُئي . سنڌي هن برعظيم ۾ اسلامي طاقت جي بنيادجي بنيادي ٻولي هُئي ۽ انهيءَ ڪري اها خود داري ، غيرت ، مردانگي ۽ صحيح اسلامي فڪر جو آئينو بني. اردو مغلن جي زوال وقت زور ورتو ۽ اها هندوستان ۾ مسلمانن جي زوال جي نمايان نشان (سڃاڻپ) آهي. مسلمانن جي زوال جي پيدا ڪَيَل ٻوليءَ کي دورِ آزاديءَ جي ٻولي بنائڻ نفسياتي طور غلط آهي. جيئن ته غلامانه دور ۾ هن ٻوليءَ ترقي ڪئي . انھيءَ ڪري انجي افڪار (فِڪر) تي به غلاميءَ جو رنگ چڙهيل آهي : مرثيه خواني ، شڪسته ذهنيت ، نااميدي ، طعنه زني ، مدح سرائي ، مُشاعِرن جي دماغي عياشيءَ ۾ ڀٽن واري واھ واھ_ اردو جي شاعريءَ جون نُمايان (واضح) خصوصيتون آهن . اردوءَ جي نثر جو وڏو حصو اڌارن خيالن ۽ ترجمي بازيءَ جو ڀنڊار آهي . خيالن جي علاوه (کانسواءِ) ٻين ٻولين مان ورتل لفظن ۾ رڳو تذڪير ۽ تانيث( مذڪر ۽ مئونث) جو صحيح فرق به قائم نه ڪيو ويو آهي ؛ نتيجو اِهو آهي جو اردوءَ ۾ ” ڪتاب“ مونث ، ”شرم“ مونث ته ”عَقُل“ به مونث آهي ، ۽ ”اخبار“ مذڪر آهي . ظرف زمان جو اِهو حال آهي ”ڪَلَّھ“ (ڪالھ) به ”ڪَلَّ“ آهي ته سُڀاڻي به ”ڪَلَّ“ آهي. باوجود ڪِن حضرات جي وَڏِين دعوائن جي ، اردو جي ترقيءَ جو معراج اِهو آهي!!
سائين جيم سيد جي ڪتاب جو مضمون پورو ٿيو.

(سنڌ جا موجوده سياسي مسئلا)
لیيکڪ :- سائين جي ايم سيّدُ_ تان ورتل
صفحه _ (257 ، 269 ،270 ، 271) هي مواد
اصل ڪتاب ۾ سائين جيم سيد جي هٿن
مبارڪ سان لکيل آهي

http://profjokhio.blogspot.com/2010/11/blog-post_27.html

No comments:

Post a Comment