Realtime Hit Counter

Sunday 12 June 2011

گيان، وِگيان جي ڀونءِ ٿر من موهن گياني

Taken from Daily Awami Awaz Newspaper (Sindhi)

گيان، وِگيان جي ڀونءِ ٿر

من موهن گياني

پهرين قسط

ريگستاني راڄ جي، ڳالهه ڪريان ڪيهي،

ڪن پچارون پاڻ ۾، سي واري تي ويهي،

ته ”ايندي ماروئين مارئي، شل پکن ۾ پيهي“

اڪنڊ مون ميلاپ جي، آهي جهانگين کي جيهي

منهن جي تن تيهي، آهي سڪ سنگهارن جي (سچل)

ڏاهن جو چوڻ آهي ته ڪڏهن نه ڪڏهن هر ڪنهن ڀوميءَ کي وارو ملندو آهي. ڪڏهن ڪنهن سوچيو هو ته راولپنڊيءَ جي مرگلا جهڙين بنجر پهاڙين تي به دنيا جي خوبصورت شهرن مان هڪ ۽ پاڪستان جي گادي جو هنڌ ٺهندو؟ پر جيئن اسلام آباد انهن پهاڙين جو ڳاٽ اوچو ڪري بيٺو آهي تيئن ”ٿر“ ڪنهن زماني ۾ قدرتي نظارن سان مالا مال هوندو هو، جڏهن هاڪڙو ۽ مهراڻ نديون وهنديون هيون، پارينگر، ڪيرٽي ۽ نوهٽو جهڙا بندرگاهه هوندا هئا. پر درياهه جي رخ بدلائڻ ڪري ٿر هڪ ريگستان جي صورت اختيار ڪئي ۽ غلط اکر جيان دنيا وارن جي حافظي جي سليٽ تان ميسارجي ويو! پر ڌرتيءَ ان کي پنهنجي پيٽ، تخم وانگر پالڻ شروع ڪيو ۽ صدين تائين هن جي ٻار وانگر پرورش ڪئي. اڄ وري ٿر دنيا جي نظرن ۾ اهميت حاصل ڪئي آهي. جڏهن ”پٽاڻي اولاد“ وانگر ڪارو سونو (Back Gold) يعني ڪوئلو ان جي ڪک مان ڄائو آهي. جنهن جو ڪاٿو ماهرن موجب پاڪستان ۾ ڪوئلي جي ذخيرن جي 90 سيڪڙو جي برابر چيو وڃي ٿو. اهو خزانو ٿر جي اڃايل ريتيءَ جي پيٽ ۾ سمايل هو. حالانڪه هن کان اڳ ٿر جي ڌرتي کي هڪ ”پٽ“ گرينائيٽ جي صورت ۾ ۽ هڪ ”ڌيءَ“ چيني مٽي (China clay) جي صورت ۾ قدرت اڳ ۾ ئي عطا ڪيا آهن. پر انهن جي اهميت تڏهن ٿي جڏهن ڪوئلي ملڻ جو پتو پيو ۽ ٻاهر ملڪن جي ماهرن جو خيال آهي ته هتي ٻين معدنيات جا به ذخيرا آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته سون، موتي، تيل ۽ گئس به هتان لڀي پون. ٿر ۾ هر ڪنهن ڳالهه جي لاءِ پنهنجو منفرد انداز آهي جيڪڏهن ٿر تي لکجي ته گمنام سڄاڻ ماڻهن جو ذڪر به ضرور ڪرڻ گهرجي جيئن لطف به اچي. ٿري لوڪ ڪاغذ تي لکڻ پڙهڻ جي متعلق هڪ ڳجهارت جي نموني دوهو چوندا آهن.

”هر هر ڀونءِ پاتڙي، هاريءَ چتر سڃاڻ،

هٿن واهي ٻاجهريءَ، نين ڪڍان ليڏا(هر معنيٰ قلم، ڀون پاتڙي= ڪاغذ، هاري= لکندڙ، هٿن وهائي ٻاجهري= هٿن سان لکبو آهي، نين ڪڍان ليڏاڻ= اکين سان پڙهبو آهي) ڀڃڻي: قلم سان ڪاغذ تي لکندڙ هٿن سان لکيو آهي ۽ پڙهڻ وارن اکين سان پڙهيو آهي.

تواريخ ۽ جاگرافي سڳين ڀينرن مثل آهن، ڪنهن به هنڌ جي تواريخ سمجهڻ لاءِ جاگرافي جي ڄاڻ ضروري آهي. هر ڪنهن ماڳ جي، رهائش، ذاتيون، سڀا، قدبت، تهذيب، ثقافت، ٻولي ۽ ويچار مختلف هوندا آهن. انهن جو اثر به الڳ الڳ پوي ٿو. انهيءَ لاءِ اسين ٿر ڏانهن اسهڻ کان اڳ، هن جي متعلق مختلف ماڻهن جا رايا ۽ ٿر جي متعلق محققن جي تحقيق ۽ ڄاڻ مان لاڀ حاصل ڪندا هلون ته اڳتي هلي سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ سير جو لطف به ڪجهه وڌيڪ ايندو.

ٿر جي اڳوڻي سڄاڻ ڊپٽي ڪمشنر عبدالقادر منگيءَ مٺيءَ ۾ ”ٿر سيمينار 1992ع“ جي موقعي تي چيو هو: ”ٿر سنڌ صوبي جو پٺتي پيل علائقو آهي، هتان جي ماڻهن ۾ وڏيون خوبيون آهن، هو بهادر، ايماندار، قناعت پسند، محب وطن ۽ مهمان نواز آهن. ٿر ۾ وسڪارو ٿيو ته اهو سال ٿر واسين لاءِ سڀاڳو چئبو پر جيڪڏهن نه ته پوءِ ڏاڍي ڏکن ۽ سورن واري زندگي گذارين، پر ڪڏهن به همٿ نه هارين“. ٿر معدني دولت سان مالا مال آهي، تاريخي لحاظ کان به ان کي وڏي اهميت حاصل آهي. هتان جي ٻولي، تهذيب، ثقافت ۽ قديم آثار پنهنجي بي زبانيءَ سان محققن کي لکڻ جي دعوت ڏيئي رهيا آهن.

محبوب علي چنا صاحب ساڻيهه ۾ لکيو ته سنڌ جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ واري عجيب و غريب خطي ”ٿر“ جي هن نموني جي تشريح ڪئي آهي: ”قدرت جي هٿ وڏي هندي رڻ پٽ حدون چٽن اهڃاڻن ۾ چٽيون آهن ۽ اسان کي فقط حدبندي ڪرڻي آهي. پوري سمجهڻ لاءِ اسان ”مرو سٿلي“ لفظ جي ترتيب ڪرڻ چاهيون ٿا جو زوردار نموني ۾ هن ”موت جي خطي“ لاءِ موزون وجيه تسميه آهي. هي لفظ ٻن سنسڪرتي لفظن جوڙڻ سان ٺهيو آهي. مري= مرڻ ۽ سٿالي= خشڪ ۽ بي برگ و گياه زمين. مڪاني کريل اچارن جي ڪري سٿالي مان ”ٿل“ ٿيو، جو يوناني لفظ (Oasis) نخلستان جي مترادف آهي. پوکيل ٽڪرا واريءَ جي دڙن جي مقابلي ۾ تعداد خواهه ججهائي ۾ ”ڪين“ پر برابر آهن. جو مان هن قديم رومن تشبيه (آفريڪا ۽ نخلستان چيتي جي قسم پلنگ جي نوار جي پٽن وانگر آهن) جي بدران ائين چوندس ته هندي وڏي رڻ پٽ جي شڪل چيتي جي کل جي پٽن وانگر آهي، جنهن جا ڊگها ڪارا پٽا واريءَ جي وڏن ۽ ويڪرن پٽن وانگر ڏيکائي ڏين ٿا ۽ گهٽ واريءَ واري ميدانن تي چڙهيل ويٺا آهن، انهن جي سطح تي ڪيترا ٿوري آبادي وارا ڳوٺ، وانڍ پکڙيل آهن. هن جي اولهين سرحد جي تشبيح جي ساڳي طرح شروع ڪئي ويئي آهي، ڪوبه انگريز سياح سنڌ جي ماٿريءَ ۾ قدم رکندو ته هن کي لبيا جي رڻ پٽ تي نيپولين بوٽا پارٽ جا چيل هي لفظ ياد ايندا ته: ”سمنڊ سان قريب ۽ قريب، رڻ پٽ مشابهت ڪري سگهي ٿو ته ”ڪنارا ڄڻ نيل جي ماٿري آهن“ محبوب علي چنا اڳتي لکي ٿو ته نيل جي ندي ”سنڌو“ ۾ جيڪڏهن حيدرآباد کان اچ طرف اوڀاري مسافري ڪبي ته نظر جي حد اوڀر طرف واريءَ جي ڀٽن سان گهيرجي ويندي، جيڪي نديءَ جي سطح کان ٻه سئو فٽ کن مٿي ڪر کنيون بيٺيون آهن. انسان کي ڌيان ڌرڻ تي مجبور ڪنديون ته هي جيڪا خلا هن سر سبز ماٿري جي شڪل ۾ نموندار ٿئي ٿي سا ضرور ڪوه قاف جي وهندڙ برف جي ڇپن مان ڳري نڪتي هوندي. هن جي گڏيل پاڻي ”مروسٿالي“ جي تسلسل ۾ رخنو وڌو آهي نه ته رڻ ارٿڪو شيا (Arachosia) جي بيابانن سان وڃي ڳنڍجي ها. (هي بيابان ايران جي اتر اوڀر ۽ افغانستان جي اتر طرف روس ۾ واقع آهن).

”شري رائچند هريجن“ پنهنجي تصنيف ”تاريخ ريگستان“ ۾ لکي ٿو ته ”ٿر“ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ”سٿل“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي بيٺل يا نه وهندڙ يعني خشڪ ملڪ (جتي ڪو درياهه نه هجي) انهي سٿ لفظ جو اچار اول ڦري ٿيو ”ٿل“ يعني خشڪ، زمين (ضد جي معنيٰ پاڻي) ۽ ٿل جو اچار ڦري ٿيو ”ٿر“.

نيپولين بوٽا پارٽ اهڙي ڌرتيءَ کي ”ريتي جو سمنڊ“ سڏيو آهي، ساڳي ريت مسٽر پيرومل مهرچند آڏواڻيءَ به پنهنجن لفظن ۾ ڄاڻايو آهي: ٿر جا ماڻهو هيٺئين نموني سان تشريح ٿا ڏين (1) ٿر کي ريگستان به چون. ريگ= واري، آستان= جاءِ، يعني واريءَ جي جاءِ، (2) هن ڀاڳي ۾ واريءَ جون ڀٽون گهڻيون آهن. ڀٽ کي ٿر جا ماڻهو ”ٿري“ يا ”ٿڙهي“ چوندا آهن، جنهن مان ٿيو ”ٿر“ (3) کير جي ملائي (Cream) کي به ٿر چوندا آهن. هڪ ته ريتي اڇي جهڙي کير، ٻيو ته جڏهن هتان هاڪڙو ۽ مهراڻ نديون وهنديون هيون ته سڄي سنڌ جي دل (Cream) مٿاهون علائقو هو تنهن کي ”ٿر“ سڏيندا هئا. انسائيڪلو پيڊيا برٽينڪا ۾ ڄاڻايل آهي ته اٺين صدي عيسوي ڌاري ٿر مان وهندڙ هڪڙو درياهه، اتر کان ڏکڻ طرف وهي ڪڇ جي ويجهو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، هن درياهه جي ڪري ٿر وارو علائقو تمام سر سبز ۽ شاداب هو. پر شايد چوڏهين صدي عيسوي ڌاري زبردست ٻوڏ جي ڪري پنجاب ۾ ندين ۽ نئين جي ڦير گهير ۽ سنڌو درياهه جي اولهه طرف رخ ڦيرائڻ ڪري هڪڙو درياهه ٻن دٻن ۾ تبديل ٿي ويو ۽ لڳ ڀڳ 1790ع ڌاري بنهه سڪي ٺوٺ ٿي ويو ۽ ماڻهن توڙي مال جي زندگي جو دارومدار برسات تي ٿي پيو ۽ اها چوڻي وجود ۾ آئي ته: ”وٺو ته ٿر، نه ته بر“.

ماڻهن جن ٿر نه ڏٺو آهي انهن جي ذهنن ۾ ٿر لاءِ مختلف ۽ عجيب خيالات، جذبات ۽ احساسات آهن، ڪي سمجهن ٿا ته ٿر صفا هڪ ريگستان آهي جتي وڻ ٽڻ، پاڻي، واهه، ڪجهه به نه آهي، ميلن جا ميل سفيد ريت ئي ريت آهي. پر سرڳواسي رائچند هريجن جي لکيل ”تاريخ ريگستان“ جنهن لاءِ هن صاحب محدود وسائل هوندي به جفاڪشي محنت ڪئي، ڏک ڏٺا ۽ ٽائيم ڏنو سو لک لهڻي، ٿرين تي هن ٿورا ڪيا.

ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا

ڀلائي ڀير ڳڻي ڳڻيا ڪيترا؟ (شاهه)

هن جنهن نموني ٿر تي جامع ۽ هر هڪ ڳالهه جي وضاحت مشاهدي جي بنياد تي ڪئي سا هميشه سونهري اکرن ۾ لکي ويندي. انهيءَ جي لاءِ غلام محمد گرامي صاحب مهاڳ ۾لکيو آهي ته ”ڪيئن صديون اڳي ٿر آباد ۽ شاداب هو، هاڪڙي ۽ مهراڻ جي واري جي دامن ۾ سوين ڀريل ۽ ڀڪليل شهر هئا. بندر ۽ بازاريون هيون، وڻج ۽ واپار جا مرڪز هئا. ماڻهو سکيا ستابا هئا. هرڪو مڇي ماني وارو هو (اڄ ڪلهه راٻڙيو/ دال روٽي وارو آهي، ڇاڪاڻ جو مڇيءَ جي جڳهه، جهڻ (لسيءَ) ورتي آهي)زندگي پنهنجي حسن ۽ جمال سان جلوه گر هئي. اديبن، عالمن، سگهڙن ۽ شاعرن ڀٽن ۽ ڀانن جي سونهري ٻولن ۽ روپ ورنن قولن سان هن خطي جو هر هڪ حصو بهڪي رهيو هو. اوج ۽ عروج واري زماني ۾ هن زمين تي رومانوي داستانن، سورهيائي ۽ حب وطني جي عظيم ڪهاڻين جنم ورتو، مومل ۽ راڻي، سورٺ ۽ راءِ ڏياج، ڍولامارو، عمر مارئي، ليلا چنيسر، سڏونت ۽ سارنگا، مهر راڻيءَ ۽ راءِ لاکي، دودي ۽ علاوالدين جي تاريخ ۽ نيم تاريخي قصن جي پيدائش جي هن سر زمين سان وابسته آهي هن کي سنڌ جي عظيم ڪلاسيڪل شاعرن توڙي ساڃاهه ۽ سرت وارن شاعرن ۽ سگهڙ دل کولي ڳائي وڃائي سنڌي ادب ۾ لافاني حيثيت بخشي ڇڏي آهي ۽ اهي سمورا قصا سنڌي ادب لاءِ هڪ آدرشي ۽ مثالي علامت بنجي چڪا آهن.

هي اهوئي ٿر آهي جنهن جي ڪنڊ ڪڙڇ جو سير سنڌ جي سرتاج شاعر ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح“ ڪيو هو ۽ اتي جي جهانگين، سانگين، ماروئن ۽ پنهوارن جي زندگي جي ترجماني ۽ عڪاسي پنهنجي بيتن ۾ وجد انگيز ۽ روح پرور انداز ۾ ڪئي آهي، خاص ڪري ”سرمارئي“ ٿر جي حسين زندگي جو اهو عڪس آهي جنهن جي مثال عالمي ادب ۾ به مشڪل سان ملي سگهندو.

دخل در محڪولات لاءِ معذرت، شاهه صاحب جي ذڪر تي موزون هڪ دوست جا خيال ذهن تي تري آيا آهن، اهي بيان ڪجن ٿا. ”الله تعاليٰ انسان کي ڪنول ٿيڻ جو گر به ڏسيو آهي ۽ کيس مذهب جي ٻيڙي به ڏني آهي، نبي سڳوري صلي الله عليه وآله وسلم جن انسان کي مذهب ۽ شريعت جي ٻيڙي ڏني ۽ فرمايو آهي ته ”منهنجي امت مان ڪي اهڙا به ماڻهو هوندا جن مان خوشبوءِ ايندي رهندي ۽ هو دنيا بدبودار ٿيڻ نه ڏيندا“. دوست چوي ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي به اهڙن ماڻهن مان هڪ هو.

ها! گوسوامي صاحب سلسلو جاري رکندي لکن ٿا ته: ”هي اهائي ٿر جي سرزمين آهي جنهن جي برادري ۽ برابري اخوت ۽ انساني محبت، غيرت ۽ شجاعت، حب الوطني ۽ مريادا جا جوهر پيدا ٿيا. هي اهائي سرزمين آهي جنهن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تاريخي واقعن جو وڏو ذخيرو موجود آهي. اڃا به ائين چوڻ جڳائي ته سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب، ادب ۽ لوڪ ادب جو پورو اڌ حصو هن ئي خطي جي پيداوار آهي ته وڌا نه ٿيندو، ڊاڪٽر شاهه نواز سوڍر جا ٿر جي باري ۾ تاثرات آهن ته: ”ٿر ۾ جڏهن وسوگ نه ٿيندو آهي، ته ان وقت پکي پکڻ، جيت جڻيا ۽ ويچارا انسان پريشان حال نظر ايندا آهن. وڻ ٽڻ ۽ گاهه ٻوٽا لوساٽجي ۽ ڪومائجي ويندا آهن، خشڪ ۽ بي رحم موسم جي لپيٽ ۾ هر زندگي لاچار ۽ مجبور ٿي پوندي آهي. ڍور ڍڳا ۽ ٻيا جانور هلندي هلندي ڪريو مريو پوندا آهن، پاڻي جي اڻاٺ جي ڪري سوين ميلن ۾ وڇايل واريءَ جي ڀٽون باهه جا الا اڇلائڻ لڳنديون آهن. لڳندو آهي ته هن علائقي ۾ بي رحم فطرت زندگي جي خاتمي جو پڪو ارادو ڪيو ٿو ڏسجي. پر ان جي باوجود ٿري ماڻهو خالق ڪائنات جي رحمت مان مايوس ڪونه ٿيندو آهي. هو مرڻ گهڙي تائين رب جي ٻاجهه ۾ اميد رکيو ايندو آهي. وڏي ڳالهه ته پنهنجو اباڻو وطن ڇڏڻ ۾ جيڪو ٿري ماڻهو کي ڪرب محسوس ٿيندو آهي، اهڙي مرڻ ۾ کيس ڏکيائي ڪانه محسوس ٿيندي آهي. هزارن سالن جي تجربي ۾ ٿر جي ماڻهو ڏٺو آهي ته جڏهن چئني طرفن کان موت جو راڪاس رڙيون ڪندي زندگي کي هڙپ ڪرڻ شروع ڪندو آهي ته اهڙي وقت ۾ ٿر جو ٻاٻيهو (پکي) اچي پرگهٽ ٿيندو آهي، لٽ لائي ڏيندو ڄڻ قدرت جي ستل رحمت کي جاڳائيندو هجي، ڄڻ انساني زندگي جي عيوض موسم جي بکايل راڪاس کي پنهنجي زندگيءَ جو ٻليدان آڇيندو هجي! حالانڪه پکي آهي موسم جي خشڪي کان بچڻ لاءِ ڪنهن ٻئي طرف اڏامي هليو وڃي ته وڃي به سگهي ٿو، پر ٿر جي ماڻهو ۽ هن پکي ۾ شايد اهائي هڪجهڙائي آهي جو ٻئي موت قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن، پر پنهنجو وطن نه ڇڏيندا آهن“.

هي اهوئي ٿر آهي جي وٺل هجي ته جنهن ۾ سفر ڪندي ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب فرمايو ته: ”آءٌ پاڻ کي ٻي دنيا ۾ يا بئراج واري علائقي ۾ يا اسلام آباد کان ايبٽ آباد ڏانهن ويندي محسوس ڪندو آهيان“ سو جيڪڏهن ڪو ائين سمجهندو ته صحيح نموني سان لطف وٺي سگهندو:

جي پوي بارش، ته بس ڪشمير تون،

رشڪ جنت ارم جي تصوير تون،

تنهنجي واري سون ۽ اڪثير تون

ٻئي قسط

پهرئين قسط ۾ اوهان ڪجهه ٿر متعلق پڙهيو اهو سلسلو هلندو رهندو، هاڻي ٿرپارڪر جي ٻئي حصي پارڪر متعلق ڪجهه ڄاڻ وٺڻ ضروري آهي. انهيءَ لاءِ شاهه صاحب فرمايو آهي:

”ڍٽ ڍري پٽ پيئون، پاسي پارڪر،

سڀئي ڀريا سر، پلرجي پالوٽ سين“ (شاهه)

پارڪر، ٿر کان ڏکڻ اوڀر طرف آهي ۽ هيءُ خطو هر ڳالهه ۾ ٿر کان نرالو آهي. پارڪر ۽ ڪڇ جي وچ ۾ ڪڇ جو رڻ آهي. جيڪو هن وقت سڪل آهي، برسات جو پاڻي يا عربي سمنڊ مان وڏي وير جو پاڻي ايندو آهي. پر ڪنهن زماني ۾ رڻ عربي سمنڊ جي چاڙهه هوندو هو، جنهن کي ”کاريءَ“ چوندا هئا. ڪڇ سان آمدرفت لاءِ کاريءَ پار ڪرڻي پوندي هئي تنهن ڪري چوندا هئا ”پار اڪر“ ۽ آهستي آهستي ٿيو ”پارڪر“ جيمس ٽاڊ پنهنجي ڪتاب پارڪر ۾ به ساڳئي نموني ڄاڻايو آهي. ٻيو سبب ته، ننگر پارڪر شهر وٽ ڪارونجهر نالي ٽڪري آهي، يعني پاهڻ يا پٿر جو ملڪ پارڪر معنيٰ پٿر يا پهڻ جو ملڪ، انهي ڪري نالو پيو ”پارڪر“. ڪڇ جو رڻ اڀرندي کان اولهندي 80 ڪوه، اتر ڏکڻ 37ڪوه، ڊيگهه 150 ميل ويڪر، ڀڃ کان ٻلهياري 80 ميل، پکيڙ ڏهه هزار چورس ميل آهي.

ٿر ۽ پارڪر ٻنهي کي ملائي 1834ع ڌاري تعلقو ٺاهيو ويو، پر اهو ڪڇ رياست جي عملداري هيٺ هوندو هو. 1858ع ڌاري ٿرپارڪر تعلقي کي ڪڇ کان الڳ ڪري حيدرآباد ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو. 1882ع ۾ ٿرپارڪر ضلعو الڳ ٺاهيو ويو ۽ ان جو هيڊ ڪوارٽر عمرڪوٽ رکيو ويو. 1906ع ۾ ان جو هيڊ ڪواٽر ميرپور خاص ۾ قائم ڪيو ويو. 1990ع ۾ ٿر نالي ضلعو ڪري ميرپور خاص ضلعو الڳ ڪيو ويو، جنهن جو هيڊ ڪوارٽر مٺي ۾ رکيو ويو. پر عوام جي مسلسل مطالبي کي مڃيندي 1993ع ۾ حڪومت انهن جو پراڻو نالو ”ٿرپارڪر“ ئي بحال ڪيو ۽ هيڊ ڪوارٽر مٺي ئي رهڻ ڏنو. هن ضلعي جي حدود ۾ صرف چار ريگستاني تعلقا آهن. مٺي، ڏيپلو، ننگرپارڪر ۽ ڇاڇرو، اوهان کي تعجب ٿيندو ته ڇاڇرو تعلقو پاڪستان ۾ ايراضي جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو آهي. ٿر جون ڪئي منفرد ڳالهيون اڳتي هلي ڇرڪائينديون، پر انهن کي ڪڏهن به ڪنهن سطح تي اجاگر نه ڪيو ويو آهي.

ٿرپارڪر ضلعو ڪل 8500 چورس ميلن ۾ پکڙيل آهي، 1995ع ڌاري آبادي 9 لکن تي هئي ڇاڪاڻ جو آدمشماري 1981ع کان آباديءَ جو ڪاٿو، واڌ جي شرح جي حساب سان ئي لڳايو پيو وڃي. آبادي جو انگ اکر 1884ع جي ڪيپٽن ريڪس جي حوالي مطابق 41535 ۽ 1856ع جي آدمشماري وقت 51,073 هو ۽ انگريزن جو خيال هو ته ماڻهو جڏهن تهذيبي ۽ ثقافتي طور تي ترقي ڪندا آهن يا غريب طبقو سماجي طور تي ترقي ڪندو آهي ته آدمشماري جو انگ وڌي ويندو آهي. ٿر ۾ آدمشماري ۾واڌ برطانيا سرڪار جي امن ۽ آشتيءَ واري دور کان پوءِ ٿي آهي. معاشري ۾ اهڙيون بهتر ڳالهيون موجود هيون جن جي ڪري آدمشماريءَ ۾ واڌ آئي. جيڪڏهن آدمشماري انهي رفتار سان وڌندي رهي ته 20 سالن ۾ ٻيڻي ٿي ويندي. انهي جي ڀيٽ ۾ انگلينڊ جي آدمشماري 52 سالن ۾ يوريشيا جي 26 سالن ۾، آسٽريا جي 69 سالن ۾ ۽ فرانس جي 105 سالن ۾ وڌي ٻيڻي ٿيندي. اڳي ٿر جي آباديءَ جي صورتحال مختلف سالن ۾ هينئن آهي. 1881ع ۾ 13,394، 1891ع ۾ 15,349، 1941ع ۾ 68,151، 1951ع ۾ 2,49,280 ، 1961ع ۾ 2,95,969، 1993ع ۾ 10 لک هاڻي 12 لک جي برابر. ٿر ضلعي۾ 166 ديهون آهن، هر ديهه ۾ پنج ڇهه مڪان آهن، ضلعو 45 تپن ۽ 18 سرڪلن ۾ ورهايل آهي. تعلقا اهي ئي پراڻا چار آهن، انهن جي ايراضي گهٽ وڌ ڪانه ٿيندي آهي، پکيڙ هيٺينءَ ريت آهي.

ڇاڇرو 3814 چورس ميل، ننگرپارڪر 1617، مٺي 1562، ڏيپلو 1503 چورس ميل ڪل ايراضي 8496 چورس ميل، ٿرپارڪر ايراضي جي لحاظ کان سنڌ جو سڀني کان وڏو ضلعو آهي. جي ڊبليو سمٿ جي سنڌ گزيٽيئر ٿرپارڪر ڊسٽرڪٽ 1919ع موجب به ايتري ايراضي آهي.

قدرت جا رنگ به عجيب آهن، جتي جر جاري وهندو هو، سو اڄ پاڻيءَ جي بوند لاءِ محتاج آهي، چوطرف سڃ لڳي پئي آهي. اڇي واري اڏاميو اچي منهن ۾پوي. وڏيون ڀٽون ۽ سڪل ڏهر پيا ڊيڄارين، نه اهي نديون، نه بندر، نه واهه نه ساوڪ! نه سرسوتيءَ، نه هاڪڙو نه مهراڻ!! ماڻهو ۽ مرون پيا پاڻيءَ لاءِ واجهائين، پوءِ به ٿري ڌڻيءَ جو شڪر ڪيو ويٺا آهن، هيترن ڏکن هوندي به پنهنجا پکا نه ڇڏيندا آهن.

جهڙ ڦڙ مارئين، جت چيها چلڙ چڪ،

اندر ٿو اڄ مري، ساه انين جي سڪ،

پيهون شال پهيون پري، تئان ڏيئي تڪ،

ور پريان سين پڪ، ٻيا ڀاڻ ڀريائي گهوريا. (شاهه)

اوهان ڪراچي کان اسلام آباد ته چند ڪلاڪن ۾ پهچي ٿا سگهو پر 2000ع کان اڳ اسلام ڪوٽ پهچڻ لاءِ اسلام آباد کان آمريڪا پهچڻ جيترو ٽائيم لڳندو، هو سڌا ويندا ته اوتروئي وقت اڳتي ڪارونجهر پهچڻ ۾ لڳندو. پر جي ڪنهن رولوءَ جي ور چڙهيا ته قلم سان گڏ هلندا رهندا ته شايد وڌيڪ مشڪلاتون، رنڊڪون، ڪشالا، لڪون، جهڪون، جهولا، ڏک ڏولا ڏسڻا پوندا، پر ماڳ تي پهچڻ سان بقول طالب الموليٰ:

”جهڪ جهولا ويندا لهي، ٿيندا لايا سجايا“

جي اوهان کي لگن آهي ته آسان محسوس ٿيندو. هن ۾ اوهان کي هڪ نه پر چئن پنجن نه پر شايد صدين جو احوال ملندو، معنيٰ زمان حال، ماضي ۽ مستقبل ٽنهي کي يڪجاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. ”ٿر سيمينار 1992ع“ ۾ آيل مهمانن کي ٿر جي تڏهوڪي ڊپٽي ڪمشنر جناب عبدالقادر منگي ٿر ۽ پارڪر جيئن فور ويل گاڏين ۾ گهمايو، سو مون مسڪين لاءِ محال آهي پر قلم سان گهمائڻ جي ڪوشش ڪندس! اميد ته اوهان گهر ويٺي پيا ياد ڪندا ۽ ٿي سگهي ته اوهان جي به دل ۾ اڄوڪو ٿر جنهن ۾ بجلي ۽ روڊن جو ڄار وڇائجي ويو آهي، گهمڻ جي چاهه ۽ ڏسڻ جو شوق جاڳي پوي.

”شنده ڪي بود مانند، ديده!“

معنيٰ: سڻيل ڪو ڏسڻ جهڙو ٿي سگهندو؟

سو اوهان کي به سڪ ٿئي ۽ شاهه جا اهي وٿاڻ ڏسڻ جي طلب ٿئي ته ٿري مهمان نواز آهن ئي، شاهه صاحب انهي جي تصديق هينئن ڪري ٿو:

”مون گهر اچي جي ٿئي، مينڌرو مهمان،

آڻي جهوڪيان آڳ ۾، ڄيري وجهان ڄاڻ،

تاڻي تنورن ۾، ڀيري هاڻان ڀاڻ،

پيڪن سوڌو پاڻ، گهر تڙ گهوريان پرتان.

جيڪڏهن ٿر وسيل هجي ته هڪ طرف ڪشمير جي جبلن جي چوٽين وانگر ڀٽون سائي چادر پهري نئين نويلي لاڏيءَ جيان گهونگهٽ ڪڍيو ڪر اوچو ڪري دل کي نڀائيندڙ نظارو ڪرڻ جي دعوت ڏينديون آهن ته ٻئي طرف سڌي زمين پنهنجي سيني تي مختلف فصلن جي سنگن سان ساهه کڻندي، اڇن، پيلن ۽ گلابي گلن سان اکين کي ٺار پيئي ڏيندي، شايد شيخ اياز اتي اچي نظارا پسي ٿر کي ”سرڳ“ (بهشت) سڏيو آهي.

ساٿي مون دنيا گهمي، چونڊيو آهي ٿر،

ڄڻ ڪنهن سرڳ سمان آ، واريءَ تي هي گهر،

سانجهي وير امر، رتي ريت تي.

ٿر جي لنگهه نئون ڪوٽ کان نڪرندي اڳي ندي وهندي هئي جنهن کي هاڻي ”پراڻ ڍورو“ چون ٿا. شاهه صاحب به اتان لانگهائو ٿيو هو، تڏهن چيو هو:

ڍٽ ڍري پٽ پيئون، آيون ڪاهي ڪاماري،

وٺا پٽ پراڻ جا، وٺيون ساماري،

ڪڪر ۾ ڪاري، وڄڙين، پسو ويس ڪيا!

ڍورو پراڻ معنيٰ پراڻي درياهه، جنهن ۾ اڄ ڪلهه گهٽ پاڻي هوندو آهي، اڳي اها ندي وهندي هئي ”ٽاڊ راجستان“ ۾ ذڪر آيل آهي ته سنڌو نديءَ جي شاخ هاڪڙي نالي سان امرڪوٽ جي پاسي کان وهندي هئي، ٿي سگهي ٿو اها اهو ڍورو هجي.

سڪي ڍورو ڍيون ٿيو، ڪنڌيءَ ڏنو ڪائو،

سو پاڻي پٽيهل ۾، اڳيون نه آيو،

ماڙهن ميڙائو، ڪنهين ڪنهين ڀڻين.

(ڍورو سڪي ويو، ڪٿي ڪٿي پاڻي بيٺل آهي، ڪپر آڏا ڪنڊا ڏنل آهن، پٽيهل (ڳوٺ جو نالو) ۾ اڳيون پاڻي نه آيو. ماڻهن جو ميڙ ڪنهن ڪنهن هنڌ آهي)

ڏيپلي تعلقي ۾ رحمڪي بازار جي ويجهو به ”پراڻ“ آهي، جنرل آف دي هسٽاريڪل سوسائٽي 1947ع ۾ هڪ هنڌ آيل آهي ته : وڳهه ڪوٽ، ونگو (جنهن تان ارباب ونگي جا ڄام سڏجن ٿا) ٻلهياري، رحمڪي بازار ۽ ويرا واهه سامونڊي بندر هئا. انهيءَ مان محقق انومان لڳائين ٿا ته ”پراڻ“ سنڌونديءَ جي شاخ هئي.

ڍورو ڍري، اسين ٿر جي آجيان ڪندڙ يا پهرين ايندڙ علائقي ۾ داخل ٿينداسين انهي متعلق تاريخ جي حوالي سان ذڪر ڪرڻ مناسب ٿيندو. ”جيمس ٽاڊ“ لکيو آهي ته سنڌونديءَ جي هڪ شاخ لکپت ڀرسان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. اها سنڌ جي اوڀر پاسي وارين ڀٽن جي ڀرسان وهي ٿي، هن کي مٺي ندي يا ”مهراڻ“ به چوندا آهن. ڀٽن ۽ بئراج جي ميلاپ ۽ دنگ واري حصي کي مهراڻو چوندا آهن ٿر کي چئن حصن ۾ ورهايو ويو آهي وٽ، ڍٽ، پارڪر ۽ مهراڻو.

شري رائچند هريجن به پنهنجي ڪتاب ”تاريخ ريگستان ڀاڱو 2“ ۾ لکي ٿو ته ”مهراڻو“ نديءَ جي وهڪري جي ڀر واري ڀاڱي کي چئجي ٿو. ڍورو اتان لنگهي ٿو جنهن ۾ ڪڏهن پاڻي هجي ته ڪڏهن سڪو پيو آهي. هن ۾ ڇاڇري ۽ مٺي تعلقن جو اولهه وارو ڀاڱو ۽ عمرڪوٽ تعلقي جي ڏکڻ اولهه وارو ڀاڱو اچي وڃن ٿا، هتي ڀٽون هڪ ٻئي کي ويجهيون آهن. تنهن ڪري وڏا ڏهر نه آهن، ڀٽن جي وچ ۾ ٻنين جا ننڍا ننڍا ٽڪرا آهن، وارياسي زمين هئڻ ڪري آبادي چڱي ٿئي وڻڪار گهاٽي، خاص ڪري ڪنڀٽ ۽ ٿوهر جام آهن. اڳتي هلي اتر اولهه طرف جتي ڀٽن دنگ ڪيو، اهي ان کي ”ڪس“ چوندا آهن. ”ڪس“، ”دنگ“ ۽ ”ڪنٺو“ ٽيئي لفظ مختلف سرن ۾ الڳ الڳ هنڌن تي شاهه صاحب استعمال ڪيا آهن پر معنيٰ ساڳي آهي جيئن ڇاڇري، مٺي ۽ ننگرپارڪر تعلقن جي سنگم کي ”ڪنٺو“ سڏيو ويندو آهي. مٿي هڪ هنڌ ”ڏهر“ لفظ آيو آهي. ٿري ڏهر انهي ٽڪري کي چوندا آهن جيڪو سڌو سنئون ڏاڍي زمين وارو، ٻن ڀٽن جي وچ وارو حصو هوندو آهي. جنهن ۾ پوک ڪري سگهجي، چراگاهه هجن يا کوه کڻي ڳوٺ آباد ڪري سگهجي، جي ننڍو ٽڪر هجي ته ”ڏهري“ چئبو آهي.

ٿر ۾ زمين جي هر حصي لاءِ هڪ مخصوص نالو آهي، جيئن گوڇار، پوڇانڊو، پٽ، مڙهو، ڊاڳو، گئوچر وغيره وغيره، انهن مان هر هڪ جي معنيٰ اڳتي هلي سمجهه ۾ ايندي.

انسان تي ماحول جو وڏو اثر ٿيندو آهي. جيڪڏهن ٿر وٺل هجي چوياري گڏ هجي، سر سبز چادر ڪنوار جي ريٽيءَ چنيءَ (ڳاڙهي پوتي) وانگر پکڙيل هجي.

”اِيئن سي اٻن انگيا جئين سي چنيءَ چٽ“ (شاهه)

شاهه صاحب جا بيت خودبخود قلم جي نوڪ تي اچي ويندا آهن. ڇاڪاڻ جو شاهه سائين هنن گهيڙن، گهٽين، ڀٽن، پيچرن مان پنڌ پئي دڳ رسيو هو، اوهان سوچيندا ته هي هڪ قدم اڳتي وٺي وڃڻ بدران چار قدم پوئتي پيو وٺي وڃي سو ادا! اوهان ڪڏهن واچوڙو ڏٺو آهي؟ جنهن کي ”هوا جو ڪن“ به سڏيندا آهن. سو جي ٿر ۾ واچوڙي مثل ٿي گهمبو ته به سڀ حقيقت معلوم ڪري ڪونه سگهبي، واري جي دڙن ۾ پير ته ڊهي ويندا، پر پاڻ به گم ٿي ويندا. هتي ڪيتريون ئي بي زبان اڻ ڇپيل ڪهاڻيون دفن آهن، لوڪ ادب لڪل آهي، انهي جي ڳولا ڪير ڪري ته انت نه ايندو، ڪٿي سگهڙن، ڪهاڻيڪارن، شاعرن، ليکڪن، بيتن، ڏوهيڙن، ڏورن، نظم ۽ نثر جي صورت ۾ دنيا جي اڳيان پيش ڪيون آهن، ڪي حقيقتون ۽ راز سيني به سيني خانداني ماڻهن جي دلين ۾ دفن آهن. ڇاڪاڻ جو هو پڙهيل نه آهن پر هنن جي يادداشت پڙهيلن کان وڌيڪ آهي. لوڪ ادب اسان جو عظيم ورثو آهي اها قومن جي بقا، انهن جي ڪارنامن ۽ ماضيءَ جي تاريخ جي پيڙهه جي پٿر جي حيثيت رکي ٿي ۽ ماڙيءَ تيار ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. اها حقيقت ٿر جي واريءَ جيان ڪنئري۽ ڀٽن جي گيسر جيان نرم آهي.

رڻ مان رت جي بوءِ اچي ٿي،

ڳاڙهي ٿي ويئي ريٽ جي ريتيءَ (ناشاد)

انگريزي ۾ چوڻي آهي ته ”جيڪڏهن ڪنهن قوم کي مرده ڪرڻو هجي ته ان قوم جو اڳيون اتهاس ناس ڪيو وڃي ته قوم خود به خود فنا ٿي ويندي“، تاريخ ۽ تمدن جو اڀياس هر ڪنهن قوم لاءِ ضروري آهي. جنهن قوم کي پنهنجن وڏن ۽ ملڪ جي سڌ نه هوندي سو ملڪ ۽ قوم ڪڏهن اڳتي وڌي ڪونه سگهندا.

اوتڙ ڪنهن نه اولياءَ، ستڙ ويا سالم،

هيڪائي هيڪ ٿيا، احد سين عالم،

بي بها بالم، اڳي ڪيا اڳهين.

ٿر جي واري ڪيترن ئي قسمن جي هوندي آهي، ڪٿي رنگ ميرانجهڙو هوندي، ڳوٺن جي ڀر ۾ گهڻو ڪري اڇيءَ جهڙي کير انهي کي ريٽ جون (معنيٰ اڇي ريتي جا ڍڳ يا دڙا)

ڪٿي پٿر جا ڀڳل ڳاڙها ذرا هوندا آهن، انهن کي ”رائو“ چوندا آهن ۽ پري کان موتين وانگر پيا چمڪندا آهن.

لڳو پير لڪن سين، ڇڄن ٿيو ڇيهون،

رائو رڃ ريهون، جتي نينهان نڪڻي (شاهه)

سڀني قسمن جي ريتنِ ۾ هڪ خصوصيت ساڳي آهي، ته تپي به جلد ته ٺري به جلد، اونهاري ۾ ڪيتري به گرمي هجي پر ٿر جي شام هميشه سهاني ۽ ٿڌي ٿيندي آهي.

ٿڌيءَ وسائجانءِ ٿرن جي، مٽي مئي مٿان،

جي پويون ٿئي پساهه، ته نجاءِ مڙه ملير ڏي (شاهه)

ريتي تي جيڪڏهن پير پنڌ هلڻو پوي ته اوهان جيڪڏهن جتيءَ لاهي هٿ ۾ کڻي هلندا ته آسانيءَ سان ۽ جلدي هلي سگهندا ۽ پير به تڪڙو کڄندو نه ته ريتي ۾ گپي ويندو، دڙي جي لهندي يا گس ۾ نديءَ جي پيٽ ۾، ڏرڙ ۾ زمين نرم هوندي آهي. ٿر جا ماڻهو گهڻو ڪري پيرن اوڀراڻا (پيرين اگهاڙا) گهمندا آهن، جنهن لاءِ ڪافي سبب آهن، جتيءَ پائڻ سان ريتيءَ ۾ هلڻ ۾ اولائي ٿيندي آهي، پيرن ۾ پگهر ٿيندو آهي، ريتي جتيءَ اندر هلي ويندي آهي ۽ تڪليف ڏيندي آهي.

کڙيون کيهه ڀڪليون، پگهر سر پيرن (شاهه)

گهڻن ماڻهن وٽ جتيءَ خريد ڪرڻ جا پئسا نه هوندا آهن (پر اڄ ڪلهه ماشاءَالله ٺيڪ ٺاڪ آهن پر تڏهن به گهڻو ڪري چمپل پائيندا آهن) ڪٿي به ڪچهري ۾ ويندا جتي الاهي ويندا آهن ڇو ته ڪرسيون ٽيبل، صوفا ته نه آهن، اهيئي کرڙ، کٿا، کاهيون ئي وڇايل هونديون آهن. گهڻين ذاتين ۾ اهو رواج آهي ته جتي گهر جي ڪپر وٽ الاهي ويندا هئا خاص ڪري زالون ساهورن گهر ۾ جتي پائي ڪونه وينديون آهن. اڄ ڪلهه به پيدل ٿوري پنڌ لاءِ ويندل ماڻهو چوندا ته ”اٺ تي ڪير پاکڙو وجهي، جتي ڪر هٿ ۾ اِهي ٻه وکون پنڌ ته آهي“ سنڌين چواڻي اهو سڏ پنڌ، پوءِ ڀلي ڇو چار ڳائو (ڪوه) ڇو نه هجي. ڍوري کان هيٺ ڍرندي ته ڪن ٻنين ۾ اوهان کي سرنهن، ڄانڀو وغيره پوکيل ملندا، انهن کي اهي ”تليون“ چون، تليون معنيٰ اهو ڪاٺي زمين جو ٽڪرو جنهن ۾ چئني پاسن جو پاڻي اچي ڪٺو ٿئي.

منهن جو تور، تلين ۾، چيها ٿو چاري،

ڍاٽي ڍٽ ڍاري، آيم اٺي مينهڙي! (شاهه)

پاڻ جنهن علائقي مان پراڻ جو ڪنارو وٺو ته اورئين علائقي جو نالو ”مهراڻو“ آهي، اهو نالو ڪيئن پيو سان ڄاڻ وٺڻ ضروري آهي اهو هڪ مهر راڻيءَ ۽ راءِ لاکي جي محبت جو داستان آهي. انهي ڍوري جي ڀرجهلي جي اسين ڪجهه پوئتي وينداسين ته ”نو هٽي“ شهر جا کنڊر ملندا نو هٽي معنيٰ ”نئو سئو هٽ“ عيسوي ڏهين صدي ۾ هتي راجپوتن جو راڄ هو ۽ انهن جي ذات مهر هئي. راجا جي ڇوڪريءَ کي مهر راڻي ڪري سڏيو ويندو هو. مهرن لڙائي ۾ هارائڻ کانپوءِ راءِ لاکي کي صلح ڪرڻ لاءِ مهر راڻي جو سڱ ڏنو هو پر راءِ کي هن جي ستي هئڻ تي شڪ جاڳايو ويو تنهن ڪري هو کيس ڏهاڳ ڏيئي هليو ويو. مهر راڻي انهي ۾ دلشڪستي ٿي ويئي ۽ مري ويئي ۽ کيس چکيا تي چاڙهيو ويو. ان ڏهر کي ”مهر راڻي جو ڏهر“ ۽ پوءِ ”مهراڻو“ سڏجي ٿو. اتي ڪوٽ جا به نشان مليا آهن. ٿر ۾ انهي سلسلي ۾ مختلف ڏند ڪٿاهون ڀاٽ، چارڻ ۽ مڱڻهار ٻڌائيندا ۽ ڳائيندا اهن.

1973ع ۾ سرڳواسي نند لعل ”نندن“ هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر رٽائرڊ ٿيڻ تي چيو هو ته ”ٿر پرميشور جي پياري ڀومي آهي، جنهن جي پوتر پڻي للاٽ تي لڳائڻ سان نراڙ تي نور ٻهڪندو آهي. انهي پويتر ڀومي ڪيترا ڀڳت، فقير، پرڀو جا پيارا پيدا ڪيا آهن ۽ سندن نالو دَرو ۽ پهلاج جي صف ۾ ڇڏي ويا آهن. پر ماروءَ ملڪ ۾ علم، عقل، املاڪ، خلاق، انسانيت، الفت، روحانيت سڀ ڪجهه آهي پر ادب نه آهي. انهي ڪري اسين گمنامي ۾ رهيا آهيون“.

هاڻي هاڪڙو وهندو ويرا واهه کان،

لڳو آهي لوڪ جو، ککر ۾ کڙو،

گجر کڻ گهڙو مهڪي ڀونءَ ملير جي (تاجل بيوس)

هاڻي اسان ٿورو جائزو وٺون ته هتان ڪهڙو درياهه وهندو هو، انهي لاءِ ”هاڪڙو“ جي عنوان سان ”تاج صحرائي“ ٿر سيمينار 1992ع تي لکيل مقالي ۾ چيو هو ۽ پوءِ ڪتاب ”ٿر“ ۾ به عبدالقادر منگي سهڙيو لکن ٿا ته: ”سنڌ مان سنڌوءَ کان علاوه جيڪا ٻيءَ مکيه ندي وهي سنڌ مها ساگر (Indian Ocean) ۾ ڇوڙ ڪندي هئي، ان جو نالو سرسوتي، سرسوتي گهاگرو، ٻهڪندو، سنڪارا، وهندو، ريڻي، هاڪڙو، نارو ۽ مهراڻو هو. هن وقت ان درياهه کي هندستان جو گم ٿيل درياهه سڏيو وڃي ٿو. هاڪڙي درياهه کي ”رگ ويد“ واري پهرين مکيه نديءَ سرسوتي (Sarasuati) به سڏيو ويو آهي. جڏهن ته رگ ويد جي گهڻن ۽ مکيه مترجمن، محققن ۽ سارحن جهڙوڪ زمر، ولسن، گرفت، پالڪر ۽ ڀرگوارشيءَ جو چوڻ آهي ته رگ ويد واري سرسوتي کي، سنڌوندي جو ٻيو وڌيڪ صفاتيءَ ۽ علامتي نالو سمجهڻ گهرجي، جيڪڏهن رگ ويد جي عالمن جي خيالن راين شرحن سان اتفاق ڪندي، انهن کي قبول ڪيو وڃي ته پوءِ سرسوتي فقط هڪ خيالي ندي ٿي پوندي، صحيح به ائين آهي، ويدن، پراڻن، سمرتن ۽ سناتن ڌرم وارن جي ٻين ڪتابن کان پوءِ تاريخ جو ڪتاب اسان کي ملي ٿو، سو ايران ۽ سنڌ جي فاتح سڪندر اعظم (356-323 ق م) تي لکيل آهي. ان ڪتاب ۾ سرسوتي کي هڪ خيالي ندي سڏيو ويو آهي.

جي ڊبليو ولڪسن سرسوتي کي برهما جي استري سڏيندي، کيس گيان، وگيان ۽ ويدن جي ماءُ ۽ ديوناگري رسم الخط جي ايجاد ڪندڙ سڏيو آهي. ان جي تائيد ۾ وري ونسنٽ سمٿ، سرسوتي کي علم ۽ ڪلا جي ديوي سمجهي ٿو.

واروڪ بري، ديوڊ ٽرمپ، ليونارڊو ڪوٽيل وغيره پنهنجن لکيل آرڪيالاجي ڊڪشنرين ۾ رگ ويد جي هن ندي جو ڪوبه ذڪر نه ڪيو آهي، جڏهن ته سنڌو بابت لکيو آهي ته سنڌو تهذيب کي ڄڻڻ، ٺاهڻ، شڪل صورت ڏيڻ ۾ سنڌو اهم مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي.

ورجيلس فيرم مذهبن ۽ اعتقادن واري انسائيڪلو پيڊيا ۾ سرسوتي کي فقط هندن جي هڪ ديوي لکيو آهي. ڊاڪٽر فيئر سروس سرسوتي جو ڪوبه ذڪر نٿو ڪري. باقي سر ويلر چوي ٿو ته سرسوتي گهاگهرو درياهه هو، جنهن جا ٻيا نالا هاڪڙو ۽ راهو هوندا هئا. اهو درياهه راجستان ۽ بهاولپور جي ريگستانيءَ علائقن کي آباد ڪندو هو. ساڳي نموني سان ڊي پي اگروال پنهنجي ڪتاب آرڪيالاجي ۾ لکيو آهي ته: جڏهن گهاگرو وهندو هو، تڏهن اهو ممڪن هو ته ناري سان ملندو هوندو ۽ پوءِ سڌو سنڌوندي ۾ ڇوڙ ڪندو هو، سرسوتي جي ڏند ڪٿا ۾ اهو چوي ٿو ته سرسوتي سنڌندي ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ماڻڪ پتاوالا لکي ٿو ته: ”هاڪڙو جيڪو ناري جو ابو هو سو سنڌ جي اوڀر واري (ٿر) علائقي ۾ گم ٿي ويو. اهو علائقو هينئر ريگستان آهي“ هاڪڙي متعلق لئمبرڪ جو رايو به هيٺ پيش ڪريان ٿو: هتي ان درياهه جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي جيڪو سنڌو درياهه سان تعلق رکڻ وارو نه هو، جيتوڻيڪ ان ۾ اڪثر ڪري سنڌو درياهه جي ٻوڏ ۽ اٿل جو پاڻي وهي، لڙهي پوندو هو. اهو درياهه ٻيو ڪونهي پر اهو ساڳيو درياهه آهي، جنهن کي هندستان جو گم ٿيل درياهه چيو وڃي ٿو، جيڪو گهاگرو يا هاڪڙي نالي سان وڌيڪ مشهور هو. پر ساڳئي وقت ان کي سنڪارو يا نارو به سڏيو ويندو هو. ان درياهه جو اٽڪل اڌ حصو سنڌ مان وهندو هو. ان درياهه جا مختلف ماڳن تي مختلف نالا هئا. جهڙوڪ ريڻيءَ وهندو، نارو ۽ هاڪڙو، ان درياهه جي وهڪري ۽ ڀيٽ مان معلوم ٿئي ٿو ته هاڪرو درياهه، سنڌو درياهه کان ويهن کان ستر ميلن جي وڇوٽي سنڌو جي اوڀر ۾ وهندو هو.

”شال وري هاڪ وهندو رهي هاڪڙو“ ۽ مون هاڪڙي جي هاڪ جي پٺئين پيرين ڳولا ڪئي آهي.

سنڌ ۾ 962ع ۽ 1050ع ۾ زلزلا آيا. ڪڇ ۾ 1819ع ۾ تمام خطرناڪ زلزلو آيو، 1790ع ۾ بياس ندي رخ موڙي سڪي ويئي. 1764ع کان 1765ع ۾ سنڌ جو حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي اروڙ وٽ هڪ شاهي بند ٻڌائي ۽ لاڙ ۾ پراڻ کي بند ٻڌي، سنڌو جي اٿل واري پاڻي کي بند ڪري ڇڏيو. جنهن ڪري آهستي آهستي هاڪڙو سڪندو ويو. ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته: سومرن جي صاحبي واري دور ۾ (1026ع کان 1351ع) هاڪڙي سڪڻ شروع ڪيو هو. جنهن ڪري سومرن پنهنجا تخت گاهه ماهمتور وغيره بدلايا هئا. ساڳي وقت انهي زلزلي ڪوري کاريءَ جي اهميت کي به تمام گهڻو گهٽائي ڇڏيو هو. هاڪڙي جي اهميت بابت ايترو چوڻ ڪافي سمجهان ٿو ته سنڌو تهذيب اتر ۾ ڪالي بيکن ۽ اوڀر ڏکڻ ۾ ٿر، ڪڇ، گجرات تائين ان درياهه جي وهڪري سبب پهتي هئي. مان وڏي يقين سان چوان ٿو ته ٿر جي بندرن نهوٽو، وير واه، رحمڪي بازار، پاري نگر ۽ لکپت وغيره تان غورابن جا غوراب ڀرجي گجرات جي بندرن لوٿل، رنگپور تائين ايندا ويندا هئا ۽ ساڳئي واٽ تان چيني سياح ۽ ٻوڌي عالم، ننگرپارڪر، برهمڻ آباد ۽ اروڙ رستي 644ع ڌاري هوشانگ واپس چين ولايت وريو هو. ٿر ۽ پارڪر تي ڪيپٽن ريڪس جي تحقيق مطابق پهرئين عيسوي جي صدي ۾ پاري ننگر جو بندر قائم ٿيو ۽ پوءِ ترقي ڪندو رهيو. ڪن روايتن موجب جين ڌرم وارن جي حڪومت هئي، ان وقت پاريننگر جي آدمشماري چاليهه هزار هئي ۽ اهو علائقي جو وڏو بندرگاهه هو ۽ عربي سمنڊ مان سڌا جهاز لنگهي پاري ننگر تائين ايندا هئا. هتي انهي زماني جي کنڊرن ۾ جين ڌرن جي پنجن يا ڇهن مندرن جا آثار مليا آهن، جين ڌرم وارن جي دور حڪومت ۾ ماڻهو خوشحال ۽ سکيا ستابا هئا. ٻڌ ڌرم جي اوج واري زماني ۾ (232 ق م) هندستان جو راجا اشوڪاهر پنجين سال هتي ٻڌ ڌرم جون مجلسون ڪوٺائيندو هو. اهو به چيو وڃي ٿو ته ان وقت سنڌوندي جي هڪ شاخ اتان وهي ننگرپارڪر وٽ ڇوڙ ڪندي هئي جا ”هاڪڙي“ جي نالي سڏبي هئي.

ٿر جي قديم تاريخ متعلق جيڪي ڪجهه لکيو ويو آهي. انهي تي اڃان وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪرنل ٽاڊ جي لکڻ موجب ڪن جي راءِ آهي ته ”ٿر“ جو علائقو قديم زماني ۾ ”هاڪڙي ۽ مهراڻ“ جو ميدان ر هيو آهي ۽ هتي جا پراڻا رهاڪو پارسي هئا ۽ انهن جي مناسبت سان پاريننگر جو قديم نالو پارسي ننگر هو. هن شهر جو بنياد 512 ق م ۾ پيو جيڪو هتي وڏو بندر هو. جتي سمنڊ مان جهاز اچي لنگر هڻندا هئا، اهڃاڻ ٻڌائين ٿا ته پراڻي زماني ۾ هتي جهاز ٺاهڻ جا وڏا ڪارخانا هئا.

اڏي اڏي ويا اوڏ، ڇڏي ويا ڀيڻيون،

ٽڪاڻا ۽ ٽول پيا آهن پٽ ۾. (سر ڏهر)

هاڪڙي جي ساک لاءِ هندن جي پراڻي ڌرمي ڪتابن ۽ انهن جي پراڻن ۾ لکيل آهي ۽ صديون پراڻيون ساکيون موجود آهن. پراڻن ۾ رشي پاراسر ۽ ويدوياس (جنهن رامايڻ لکي هئي) جون ملاقاتون سرسوتي ندي جي ڪناري تي ٿيل ٻڌايون ويون آهن. اها گم ٿيل ندي اسان هاڪڙي جي نالي سان سڃاڻون ٿا. ان بنياد تي منهن جي ذهن ۾ اهو شڪ اڀري ٿو ته قديم هندو ادب جو تعلق ٿر ۽ راجستان واري علائقي سان به آهي جتان ڪنهن وقت ۾ درياهه لنگهندا هئا ۽ ڪڇ ۾ ڇوڙ ڪندا هئا. رشي پاراشر متعلق بدر ابڙو پنهنجي ٿر سيمينار 1992ع جي مقالي ”ٿهاريو تڙ“ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”ڪارونجهر ۾ هڪ مهارشي پاراسر جو آستانو آهي، جيتوڻيڪ هو جيني يا ٻوڌي نه هو. پر رشي پاراشر جو هڪ مکيه آستانو نيپال کٽمنڊو، پوکران روڊ تي پوکران کان 50 ميل کن اورتي، ٻن ندين ستي کولا ۽ مدي کولا جي سنگم وٽ آهي. رشي پاراشر ويد وياس جو پيءُ هو ۽ سکديو جو ڏاڏو هو. (رشي پاراشر اها هستي آهي جنهن بابت چون ٿا ته هن جا گيت رگ ويد ۾ شامل آهن.) رشي پاراشر بابت ڪارونجهر ۾ مشهور آهي ته هن هتي هڪ هزار سالن تائين تپسيا ڪئي هئي (تپسيا جو رامائڻ ۾ به ذڪر آهي ته سرسوتي ندي جي ڪناري تي نالا مختلف ۽ جڳهيون مختلف نالن سان آهن. ليکڪ)

ڪارونجهر ۾ ڪافي جڳهيون آهن، جن جا نالا رامايڻ ۽ مها ڀارت سان لاڳاپيل آهن هڪ هنڌ آهي جنهن کي ”ڀيم گوڏو“ سڏيو ويندو آهي. اهي تفصيل انهن ماڳن تي پهچڻ سان ۽ وضاحت ڪندس.

سنڌ آزاد نمبر الوحيد اسپيشل ايڊيشن جون 1936ع ۾ لکيل آهي ته ڪپتان ريڪس صاحب جنهن ٿر جي حالتن جو باريڪ بيني سان مطالعو ڪيو آهي سو پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ”ٿر جي زمين ڀٽن جي شڪل ۾ ٿي وڃڻ، ڌرتي جي ڪنهن سخت اٿل پٿل جو نتيجو آهي، جيئن ڌرتي جي ڌٻڻ يا زمين جي اندر واري طاقت جي پلٽي کائڻ سان ٿئي، هوائن جي لڳڻ سان ائين ڪونه ٿيندو آهي، باقي هاڻي هوائن ڀٽن جي شڪل ۾ ٿوري ڦيرڦار ڪن پيون. جيڪڏهن ڀٽون جي سمنڊ ڪري ٺهيون ۽ پوءِ سمنڊ جي سڪي وڃڻ ڪري ظاهر ٿي بيٺيون ته پوءِ سنڌو ندي جي شاخ ”هاڪڙو“ نديءَ ڀٽن هوندي ٿر مان ڪيئن وهي سگهي هوندي، جنهن جي وهڻ بابت ٽاڊ راجستان ۽ ٻين ڪيترن تاريخن ۾ ثابتيون آهن. ندي جي وهڪري ڪري اتهاسڪار انهي راءِ تي پهتا آهن ته واريءَ جون ڀٽون سمنڊ جي سڪي وڃڻ بعد پوءِ ڪنهن زلزلي سبب ٿين ها ته سڀئي ساڳئي رخ يا ڊول تي، اتر اوڀر کان ڏکڻ اولهه ڪونه ٿين ها، ضرور آڏيون ابتيون ٿين ها، تنهن ڪري ڀٽن جي ٺهڻ جو ڪارڻ پڪ سان چئي نٿو سگهجي ۽ نڪو ڪنهن به تاريخدان انهي بابت پنهنجو آخرين رايو ڏنو آهي. ٿر جي ڀٽن جي بناوت ۽ بيهڪ مان اهو رايو وڌيڪ وزنائتو ٿئي ٿو ته اهي سمنڊ جي ڇولين جو نتيجو آهن ۽ زلزلي جو ڪارڻ ڪيترين روايتن موجب راجپوتانا، ٿر ۽ ڪڇ جا ملڪ سمنڊ جي تري ۾ هئا، جتي هينئر سڪي آهي، اتي ڪو وقت اڳي پاڻي جون لهرون پئي لڳيون، پوءِ زلزلي سبب يا ٻي ڪنهن خدائي قدرت زمين مٿي چڙهي آئي، جنهن ڪري سمنڊ جو پاڻي هٽي ويو ۽ سڪي جا ڀاڱا ظاهر ٿي بيٺا، پر ڪڇ جي رڻ واري زمين اڃا هيٺ هئي ۽ اهو عربي سمنڊ جو ڀاڱو هو. ان وقت سنڌونديءَ جي هڪ شاخ ”هاڪڙو“ نالي پنجاب کان نڪري عمرڪوٽ جي اڀرندي پاسي کان لنگهي ننگرپارڪر وٽان وهي ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي

ٿر جي تاريخ پوري ريت سمجهڻ لاءِ هاڻوڪي صورتحال وساري آڳاٽو وقت اکين اڳيان آڻي ڏسو جڏهن الهندي ڏي جبلن جون چوٽيون نظر اينديون هيون ۽ ٻيا پاسا سمنڊ جي پاڻي هيٺ هئا. سنڌ کي پاڻي مان پر گهٽ ٿئي ڪئين جڳ ٿي ويا آهن، پر انهي زماني جا ڪي ڪتاب موجود نه آهن ته به ”ڀون وِگيان“ (ڌرتي جي علم Geology) وارا انهي وقت جون ڳالهيون پروڙي سگهن ٿا. عالمن ڌرتيءَ جي بنهه تز واري زمين کان وٺي ڌرتي جو هڪ طبق يا تهه (Stratum) جاچي معلوم ڪيو آهي ته هر هڪ تهه ٺهڻ ۾ ڪيترو وقت لڳو هوندو. انهن هر هڪ زماني تي عليحده عليحده نالا (Cambrian, Cretaceousete) رکيا آهن. ڀون وِگياني (Geologists) چون ٿا ته ”جيالاجي“ جي ٽئين زماني(Tertiary age) ۾ سنڌ سميت اتر هندستان جو ڳچ حصو ”ٽيٿيا“ (Tethya Sea) نالي سمنڊ هيٺ هو. جنهن جي ڇولين هماليه جبل کان وٺي ونڌيا جبلن تائين ڇلڪا پئي ڏنا، ڪنهن وقت هماليه جبل طرف اهڙا خوفناڪ زلزلا آيا، جو ڌرتي مٿي چڙهي آئي ۽ سمنڊ هٽي ڏيهان ڏور ٿي ويو! ائين زمين ظاهر ٿي، اهي لفظ پروفيسر ايم بي پٿاوالا جا ته سنڌ گهڻو ڪري سمنڊ مان پيدا ٿيل زمين آهي. (“Sindh is Mainly a Sea Born Land” Professor M.B Pithawalla Marvels of Earth) جنهن مٿئين عنوان سان ڪتاب لکيا آهن. انهي حقيقت جي تصدق لاءِ ڀيرومل مهر چند اڏواڻي پنهنجي ڪتاب ”قديم سنڌ“ ۾ ميجر ايڇ جي ريورتي جي ڪتاب (The Mehran of Sindh Its Tributaries)جي حوالي سان قديم سڀيتا جي شروعات جي عنوان هيٺ لکي ٿو ته ”سنڌ جي پيدا ٿيڻ کانپوءِ به ڪڇ جو رڻ ۽ ٿر ڏي ڪي صديون ساندهه سمنڊ هو، ڪراچي ضلعي ۽ حيدرآباد ضلعي واري لاڙ جا به ڪيترا ٽڪرا سمنڊ جي پاڻي ته ڪي سنڌونديءَ جي پاڻي ويجهڙائي ۾ پاڻي هيٺ هئا، جن مان شاهبندر، سجاول، جهرڪن وارو ٿورو پاسو بنهه ويجهڙائي ۾ پاڻي مان نڪري پڌرو ٿيو آهي. اڳتي لکن ٿا ته ”مهراڻ اها سنڌوندي جي هڪ ڌار شاخ هئي، جا اڀرندي ناري، ڍوري، پراڻ ۽ ڪوري کاريءَ مان وهي ڪڇ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. جيڪڏهن مهراڻ وانگر ”ڪاسڪ“ به اڳي سنڌونديءَ جي هڪ شاخ ڌارا هوندي هئي ته به انهي ۾ تعجب ڪونهي، جنهن صورت ۾ هن بابت ڪجهه به وڌيڪ چئي نٿو سگهجي. ايترو هتي ٻڌائجي ٿو ته مهراڻ يا هاڪڙو جنهن کي جن پارسي تاريخ نويسن ”واهنده“ به سڏيو آهي. سو انهن قديم زماني کان وٺي ميان غلام شاهه ڪلهوري جي وقت تائين اڀرندي ناري جي پيٽ مان وهي، ڏيپلي تعلقي جي ڏکڻ ڏي، ڪڇ جي رڻ جي ويجهو هاڻوڪي ڍوري ”پراڻ“ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو. ”پراڻ“ لفظ جي معنيٰ ئي ”پراڻو يا جهونو درياهه“ آهي. پراڻ ۾ اڀرندو نارو اچي ڇوڙ ڪندو هو ته اها ڦوڪجي وهندي هئي ۽ ڪڇ جي رڻ جو ڪجهه ڀاڱو سرسبز ڪندي ڪوريءَ کاريءَ مان وهي لکپت جي پريان لنگهي، ڪڇ جي نار ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پراڻ جي پريان بند ٻڌايو ته ان جو پاڻي سنڌ ۾ ئي رهي ۽ لکپت ڏي نه وڃي، لکپت جي ساريال پوک جو دارومدار ئي انهي پاڻي تي هو. تنهن ڪري ڪڇ جي راءِ کي لکن جو نقصان پهتو. سن 1758ع کان اڳ سنڌوندي نصرپور کان وهندي هئي ۽ انهي سال اتان رخ ڦيرايائين ته هن پاسي پاڻي اچڻ گهٽيو. سن 1819ع ۾ خوفناڪ زلزلو آيو ته مهراڻ يا هاڪڙو هيڪاري سڪي ويو، ڪڇ جي رڻ متعلق تحقيق ۽ شواهد جمع ڪرڻ جي ڪاوش رائچند هريجن ڪئي ۽ هن ٽاڊ راجستان جي حوالي سان لکيو آهي ته ”تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو ته عيسوي سن کان سوا ٽي سئو ورهيه اڳ جڏهن سڪندر اعظم سنڌ مان لنگهيو تڏهن به اتي سمنڊ جي پاڻي ڇوليون پئي هنيون، ڪي صديون پوءِ به اتي پاڻي هو. ”دي ارٿ اينڊ اٽس انهاٽنئٽنس آر يونيورسل جاگرافي“ (The Earth and Its Inhai Tants are Universal Geography) جي حوالي سان لکي ٿو ته 60 عيسوي ۾ يوناني سياح پيربلس اتان لنگهيو هو جنهن به ڪڇ جي رڻ بابت ذڪر ڪيو آهي ته پاڻي هو. الائسي ريڪلس چوي ٿو ته رڻ چوٿين صدي کان کليل سمنڊ هو، پوءِ ڌرتي جي سخت ڌوڏن سبب زمين هيٺ مٿي ٿي ويئي ۽ رڻ ٺهي پيو ۽ سمنڊ هٽي ويو، ننگر پارڪر جي اتر اڀرندي جو ويرانو آهي سو دراصل سامونڊي بندر ۽ واپار جو مرڪز هو. ”تاريخ فيروز شاهي“ بحواله هسٽري آف انڊيا سر ايليٽ (History of India By Sir Elite) جي مطابق سن 1024ع ۾ سلطان محمود غزنوي سومناٿ مندر تي ڪاهه ڪرڻ بعد ڪڇ جي رڻ مان ٿي موٽيو ته جنهن تنهن پئي ڊپ ڏنس ته هتي جون لهرون تنهنجو لشڪر لوڙهي ڇڏينديون، شايد سگهو ئي پوءِ پاڻي سڪو آهي، جو سن 1360ع ۾ سلطان فيروز شاهه جي لشڪر ڪيتريون ئي راتيون رڻ ۾ گهاريون، پر ان وقت هتي پاڻي جو ذڪر ڪونهي، فقط ڪن خاص ٽڪرن ۾ پاڻي هو.

جنرل آف دي هسٽاريڪل سوسائٽي واليوم VIII (Journal of the Historical Society Vol: VIII) ۾ آيل آهي ته ”ائين سمجهڻ نه گهرجي ته ڪو سن 1362ع ۾ انهي سموري ايراضي ۾ پاڻي ڪونه هو، اڄ تائين ڏيپلي تعلقي جي ڏکڻ طرف ڳوٺ رحمڪي بازار جي ويجهو پراڻ آهي. پراڻ لفظ جي معنيٰ پراڻو درياهه، اڳي سنڌوندي جي شاخ هتان وهندي هئي ته ڪڇ جي رڻ مان دنگين ۽ جهازن جو سفر جاري هو ۽ جهاز ڪناري واري بندرن تي اچي پگهه هڻندا هئا. ونڳا گڍ (وڳهه ڪوٽ) وينگڍ، (ونگو) ٻلهياري، رحمڪي بازار ۽ ويراواهه سامونڊي بندر هئا.

سنڌ گزيٽيئر موجب ندي جو پاڻي گهاري شيخاڻي، تعلقي بدين وارن رڻ پسائي لکپت تائين پهچندو هو، ”امپيئريئل گزيٽيئر“ موجب ”سنڌ ۽ ڪڇ جو رڻ سمنڊ جي حصي جو پيٽ ٿو معلوم ٿئي. پوءِ ڪنهن طبعي يا قدرتي سبب ڪري مٿي چڙهي آيو آهي. هن ۾ ٻيو ڪوبه ساهوارو دائمي رهائش نٿو ڪري سگهي، سواءِ جهنگلي گڏهن (گورخرن) جي، جيڪي رڻ جي ٻيٽن ۾ گاهه جي ڳولا لاءِ ڦرندا رهندا آهن. ڪن ٻيٽن ۾ کارو پاڻي به آهي. هاڻي رڻ جو گهڻو ڀاڱو سڪو پيو آهي. ڪٿي ڪٿي رڃ ڏسڻ ۾ ايندي آهي گرمي سبب ڪٿي ڪٿي پوٺو ٿيندو آهي ته پريان پاڻي ڏيکاري پيو ڏيندو آهي ۽ ويچارا هرڻ پاڻي جي آسري ڊوڙي ڊوڙي ساهه ڏيندا آهن. واقفڪار کان سواءِ ٻيو ماڻهو به سچ مچ پاڻي سمجهندو، ننڍو پٿر به پري کان جبل ڏيکاري ڏيندو آهي.

آرين جي اچڻ کان اڳ ڪڇ جو رڻ ۽ راجپوتانا جو ڪجهه حصو سمنڊ هيٺ هئا ۽ ڪڇ جو رڻ کنڀات جي نار سان ڳنڍيل هو. مها-ڀارت جي زماني بعد عربي سمنڊ کهجندو ويو. ان وقت سنڌوندي جي شاخ هاڪڙو نالي اتر ۾ پنج ند وٽان نڪري بهاولپور، اڀرندي سنڌ (ٿر) عمرڪوٽ وٽان لنگهي ننگرپارڪر وٽ ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ابو الفضل ”آئين اڪبري ۽ ٽاڊ راجستان“ ۾ هاڪڙي بابت اشارا ڏنا آهن.

ڪاڇي پِيئي ڪوڪ، سچ ڪ سنگهارن لڏيو؟

مادر! اوءِ ملوڪ، اٺي ويڙا اڪري (سر رامڪلي)

تازو ٿر مان ڪوئلي لڀڻ مهل جيالاجيڪل سروي جون ٽيمون جيڪي ٻاهرين ملڪن جي ماهرين تي مشتمل هيون، انهن جي رپورٽن مطابق انسانن پهرئين ٻارڻ طور ڪوئلو استعمال ڪيو، ڇاڪاڻ ته ڪره ارض تي جهنگلات ۽ پاڻي جو تناسب وڌيڪ هو، انهن جهنگلن يا ٻيلن کي جڏهن باهيون لڳيون، زلزلا آيا ٻوڏون ٿيون، پاڻي جڳهه خالي ڪئي، انهي اٿل پٿل ۾ باهه لڳل جهنگل دٻجي ويا. زمين کي ماهرن چئن ادوار (دورن) ۾ ورهايو آهي، پهريان چار ارب سال جنهن ۾ ڪابه زندگي نه هئي، ٻيو حياتي وارو زمانو، پوءِ جيڪو زمانو آيو، زندگي وارو انهي کي ٽن يگن (دورن) ۾ ورهايو ويو، پهريون جنهن ۾ قديم جاندار ٿيا، جنهن کي ٽرائيلومائيٽ (Triycelomite) ۽ ٻيو گريپولائيٽ(Graptolite) سڏيو ويو، جنهن ۾ ڊائينوسار ۽ ٻيا چرند پرند ۽ وڻ ٽڻ ٿيا. ٽيون دور جنهن ۾ انسان کير ڏيڻ ۽ سواري ڪرڻ وارا جانور پيدا ٿيا، انهن دورن جا نالا (1) ٽراسڪ (Trasic) (2) جراسڪر (Jerosic) ۽ (3) ڪري ٽيشيس (Cretacious) رکيا ويا، پاڪستان ۽ خاص ڪري ٿر ۾ ٽراسڪ ۽ جراسڪ دور جا آثار ملن ٿا پر ڪرٽيشيس دور جا آثار به ڏسڻ ۾ اچن ٿا جنهن موجب بلوچستان ۽ سنڌ تاس (تاس معنيٰDelta) ”طاس هڪ اهڙي جڳهه کي چئبو آهي، جتي هزارن سالن کان هڪ ٻئي مٿي مٽي جا تهه ايندا رهيا ۽ انهي وچ ۾ نباتات، حياتيات ڳري سڙي زمين ۾ دفن ٿينديون وڃن“ انهي گهڻي عرصي جي گرمي ۽ دٻاءُ جي عمل ۾ ڪٿي ڪوئلي، ڪٿي گئس يا ڪٿي وري تيل کي جنم ڏنو آهي، ڪريٽينشيس عهد جو ڪوئلو آهي ۽ پيلوسين عهد جي پهاڙين ۾ مدفون آهي.

هندن جي جنتري (ٽپڻي) موجب چار يگ (ادوار) آهن جنهن موجب سرسٽي يا پرٿوي (ڌرتي) کي جملي1,95,58,85,106 ورهيه ٿيا آهن جن مان (1) ست يگ جا 17,28,000 ورهيه (2 ) تريتا يگ 12,96,000 ورهيه (3) دواپر يگ8,64,000 ورهيه ۽ (4) ڪلجڳ 4,32,000 ورهيه آهن هينئر ڪلجگ هلي رهيو آهي جنهن جا 5106 ورهيه گذريا آهن، باقي 4,26,894ورهيه ڀوڳڻا آهن. انهن جو ذڪر رگ ويد منڊل ستين سوڪت 95 رچا 2 ۾ ڄاڻايل آهي. جيالاجيڪل وارن جي رپورٽ مطابق ٿر جو ڪوئلو 11 کان 20 ڪروڙ سال پراڻو آهي. انهي جي تصديق يا خيال کي تقويت ڏيڻ لاءِ ڊاڪٽر ابناش چندر بوس پنهنجي ڪتاب ”رگ ويد انڊيا (Reg Vedic India) صفحو 26-27 ۾ لکي ٿو ته:

Sea, the existence of the Rajputana to the South of this Region (Sapta Sindhi) down to the Seventh or Eight millennium B.C has already been referred to. It is further certain that the Arabian sea also sent upon arm towards the Indus through and Crossed a large part of the Province of Sindh. Which is now occupied by DESERT and the Lower Course of the Indus”

(معنيٰ: منهنجي خيال موجب 17 ۽ 18 صدي اڳ ۾ راجپوتانا سمنڊ جو هن علائقي جي ڏکڻ طرف هجڻ جو مون اڳي ئي ورنن (ذڪر) ڪيو آهي. سنڌ جو ڪافي ڀاڱو جيڪو اڄ ڪلهه ريگستان آهي اهو به سنڌو جي شاخن مان هو)

اڳتي هلي ڊاڪٽر داس موجب رگ ويد جي منڊل ڏهين (2,47) ۾ چئن سمنڊن جو ذڪر ڪيو آهي. پهريون، بنگال جو اپسمنڊ، ٻيو هندي وڏو سمنڊ، ٽيون هاڻوڪو عربي سمنڊ پر چوٿين سمنڊ بابت پڪ سان نٿو چئي سگهجي ته ڪهڙو سمنڊ هو. جيالاجيڪل کاتي وارن جو چوڻ آهي ته اڳي هڪ سمنڊ ترڪمنستان کان وٺي سائيبيريا تائين ۽ منگوليا کان وٺي ڪاري سمنڊ تائين هو. جو پوءِ زلزلي سبب گم ٿي ويو، اڳتي جيالاجيڪل کاتي وارن کي کوجنا ڪرڻ سان ائين معلوم ٿيو آهي ته ڪنهن زماني ۾ عربي سمنڊ وڌي راجپوتانا وارو پاسو ۽ هاڻوڪو ٿر ملڪ اڳي پاڻي هيٺ هئا. پوءِ ڌرتي ڌٻڻ سبب سمنڊ هٽي پري ٿيو، سمنڊ پنهنجي نشاني طور راجپوتانا ۽ ٿر جون هاڻوڪيون ڀٽون آهن.

رگ ويد جي منڊل ستئين سوڪت 95 رچا 2 ۾ ڄاڻايل آهي ته سرسوتي ندي جبلن مان وهي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي. اهو اشارو پڻ راجپوتانا واري سمنڊ ڏي آهي. ڀائنجي ٿو ته جنهن زلزلي وقت راجپوتانا کان سمنڊ هٽيو تنهن وقت سرسوتي ندي جو وهڻ بند ٿيو. اڳوڻي سرسوتي جي پيٽ مان هن وقت جيڪو پاڻي برساتي موسم ۾ وهي ٿو سو راجپوتانا جي واريءَ چهي وڃي ٿي، جنهن مان ظاهر آهي ته سرسوتي هاڻوڪي پٽيالا راج مان لنگهي انهي راجپوتانا واري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي، انهي ذريعي سنڌي ٻيڙين ذريعي واپار ڪندا هئا. انهي جا نشان پارينگر، وگهه ڪوٽ، ونگو، ٻلهياري، ويرا واهه، جهڙا بندر هئا.

آرين جي سپيتا جا به ٽي دور لکيا ويا آهن، پهريون ڏٿ ۽ شڪارتي گذران ڪندا هئا، ٻيو جڏهن ڌڻ ڌارڻ سکيا، ٽيون جڏهن کيتي ڪرڻ سکيا، انهي ٽنهي دورن جا ماڻهو اڄ به اوهان کي ٿر جي اندر بکون ۽ جهولا ڪاٽيندي انهي صدين جي سڀيتا ۽ تهذيب کي سيني سان لڳائي ٿر جي ڀٽن، رڻن پٽن ۾ پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪري پنهنجي هستيءَ کي قائم ۽ دائم رکڻ جي جدوجهد ۾ جيئرا آهن.

مينهن اٺي مارئين، لالن سان لڏيندي،

سري منهنجا سومرا، ٿرن ڪين ٿڪيندي،

هميراڻا هٿڙا، مهري ڪين مڃيندي. (شاهه)

چون ٿا ته ذات باري تعاليٰ جو راز معلوم نٿو ٿي سگهي، پر ائين نه آهي، اسان اُهو راز ڳولي لڌو آهي. ”اسين ئي ان جو راز آهيون“.

قدرت پنهنجو نظام اهڙي نموني جوڙيو آهي جو هرڪا شئي پنهنجي محور تي طاقت مطابق ۽ وقت سر سفر ڪري ٿي. انهيءَ جي کوجنا ازل کان شروع آهي ۽ اَبد تائين جاري رهندي. انهيءَ نظام شمسي ۾ ڪائنات جا ڪرشما ڏسڻا هجن ته اُتي وڃجي، جتي لائيٽ، بلب، گوڙ شور نه هجي، ڏينهن جو سج جي ڪرڻن جي تجلن جي تپش ۽ رات جو واريءَ جي ڀٽن جي پاسياڙي مان ليئو پائيندي اوهان جي مٿي تي تارن، نکشترن ۽ چندرما جون پاڻ ۾ سرگوشيون ۽ سرد هوا جا مٺڙا سُر اوهان جي ڪنن ۾ مڌر آلاپ ٻڌائيندا سقراط وانگر ڪنڌ مٿي ڪري آسمان ۾ چند ستارن ۽ گرهن کي غور سان ڏسي سگهو، صديون اڳ ۾ به جيڪي کوجنائون ٿيون اهي به پرسڪون ماحول ۾ ٿيون. انهن مان پهريائين پل، گهڙي، چوگهڙيو، سيڪنڊ، منٽ، ڪلاڪ، ڏينهن، رات، مهينا، سال، موسمون ٿيا ۽ ڪئلينڊر وجود ۾ آيا. هر ڪنهن وگيانڪ، محفق، ماهر پنهنجي طريقي، مذهب، کوجنا ڪري انهيءَ کي چٽيوَ ٿر ۾ اڄ به پنج نوان سال ملهايا وڃن ٿا. (1) انگريز چون عيسوي سن، جيڪي پهرئين جنوري کان شروع ٿيندو آهي، (2) هندو جيڪي پهرين چيٽ کان سنبت سن ڳڻن، (3) ديوالي جي ٻئي ڏينهن وڪرمي سنبت واڻيا ڳڻن، (4) خواجا جيڪي 21 مارچ نوروز کان نئون سال ڳڻن، (5) اسلامي هجري سن جيڪو پهرئين محرم کان نئون سال شروع ڪن. انهيءَ کان علاوه قمري، شمسي جنتري، جولين جنتري جيڪا پوءِ عيسوي سن ٿي، ڪرن تلڪه يا عزته الزيحات جو جائزو ورتو وڃي ته پوءِ تاريخ ۽ سنبت متعلق اسان کي البيروني کان شروع ڪرڻو پوندو. انهيءَ لاءِ ”ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ“ ”سنڌ صدين کان سيمينار“ ۾ پنهنجي مقالي ۾ بحوالا: القانون المسعودي، متن حيدرآباد دکن 1954/1373 جلد اول باب 6 صفحو 150-173 ۾ لکي ٿو ته: البيروني پهريون مورخ هو، جنهن مختلف سنن جو تفصيلي اڀياس ڪيو هو، جي ايامن کان هندستان ۾ رائج هئا. هن پنهنجي تصنيف ڪيل ٻنهي ڪتابن ”انڊيڪا (Indica) ۽ القانون (Canon) ۾ هر هڪ ڪتاب ۾ هڪ مضمون مخصوص طور انهي سلسلي لاءِ وقف ڪيو آهي. ”القانون“ واري مضمون ۾ هن فقط ساڪ سنبت (Saka era) متعلق بحث ڪيو آهي ۽ انڊيڪا ۾ وري انهن مختلف تاريخي سنن بنسبت واضح طور ذڪر ڪيو اٿس، جي هندستان جي جدا جدا حصن ۾ استعمال ۾ هئا، پنهنجو رايو پيش ڪندي ڄاڻايو اٿس ته هتي جي رهاڪن زماني جي هر دور ۾ جيڪي سن عمل پئي آندا آهن، اُهي آڳاٽي زماني ۾ ضرور بي انداز هوندا ”ڇاڪاڻ ته هندن جا تاريخي دور نهايت قديم زماني کان شروع ٿين ٿا“ مکيه سن، جيڪي انهن وقتن ۾ واقعي ڪتب آندا ٿي ويا سي پنج عدد هئا، اُهي هن ريت آهن.

(1) هرشا سنبت: مٿرا ۽ قنوج ۾ (2) وڪرمي سنبت: ڏاکڻي ۽ الهندي وارن علائقن ۾ (3) ساڪا سنبت: اتر هندستان جي ڪشمير سميت سمورن علائقن ۾ (4) ولڀي سنبت: فقط گجرات تائين محدود هو (5) گپتا سنبت: گجرات ۽ ٻين ڪن علائقن ۾. انهن پنجن سنبتن ۾ گمان غالب آهي ته ساڪا سنبت يا ساڪا ڪل انهي حالتن جي پيداوار آهي جي واقعا انهي زماني ۾ سنڌ اندر رونما ٿيا. ساڪا جي حاڪم ”ڪروڙ“ جيڪو ملتان ۽ لوڻي ڪوٽ جي وچ ۾ آهي، اتي سخت شڪست ڏني، انهيءَ جي انت اچڻ واري تاريخ ايتريقدر مشهور ٿي جو بطور سنبت جي استعمال ۾ آندي ويئي. جيئن ته هن سنبت کي جوتشين طرفان عمل ۾ آڻڻ جي شروعات ڪئي ويئي. انهيءَ ڪري ساڪا سنبت عام طور نهايت وسيع پيماني تي استعمال ۾ اچڻ لڳو، حالانڪه هن سنبت جون جنتريون رواجي طور ڪتب آنديون ويون تن جي ابتدا وارا مهينا مختلف علائقن ۾ مختلف نوعيت وارا هوندا هئا، ست سئو سالن بعد ۾ ٻئي هڪ نئين سنبت جي ابتدا ٿي، جيئن ته انهن جي پيدائش سنڌي هئي، ان ڪري کيس سنڌ ملڪ جو سنبت سڏيو ويو (وسن ملک سنده) ”البيروني جي هند“ واري ڪتاب ۾ ان سنڌو سنبت متعلق ذڪر آيل آهي، جنهن حقيقت ڏانهن اڄ سوڌو ڪنهن جو ڌيان نه ويو آهي. اهڙو اشارو ”الارڪنڊ“ جي مضمون ۾ موجود آهي، جنهن ۾ ”برهم گپتا“ جي علم هيئت واري تصنيف کنڊ اکنڊيڪا جي عربي ترجمي جو ذڪر ڪيل آهي. اهرگنا (يعني سال جي مهينن ۽ ڏينهن جو ڳاڻاٽو) جي حساب ڪرڻ واري طريقي متعلق بحث ڪندي البيروني ڄاڻائي ٿو ته: زيج الارڪنڊ (Zaj alarkand) جو طريقو هڪ اڌوگابري ترجمي مطابق هن طور آهي: ”جيڪڏهن اوهان ارڪند معنيٰ اهرگنا سمجهڻ چاهيو ٿا ته پوءِ اول 90 جي انگ کي 6 سان ضرب ڪريو، جيڪو جوڙ اچي ان ۾ 8 شامل ڪريو ۽ ان سان گڏ سنڌو سنبت جا سال پڻ ڳنڍيو يعني اهو وقت جيڪو 117 هجري جي ماهه صفر تائين آهي. سو 109 سال جي ماهه چيٽ مطابق آهي. ان مان 587 وضح ڪريو ته بقايا جو انگ بچندو، اهو ”ساڪا“ يا ”شاڪا“ سنبت جو سال هوندو. هتي اهو ڄاڻائڻ ضروري آهي ته ماه صفر هجري 117 جي پهرئين تاريخ دراصل مطابق آهي چيٽ سنڌو سنبت 109 جي 4 تاريخ جي جيڪو اربع جو ڏينهن هو ٻين لفظن ۾ هينئن چئجي ته ماه صفر هجري 117 جي پهرئين تاريخ برابر هئي سنڌو سنبت 109 پهرئين مهيني جي چار تاريخ جي ان حساب مطابق سنڌو سنبت 109 جو پهريون ڏينهن 657 شاڪا ڪلا ماه چيٽ جي پهرئين تاريخ ڏينهن آچر کان شروع ٿئي ٿو. جو برابر آهي ديماه 103 سن يزدگرد 27 فيبروري 735ع ۽ 28 محرم 117 هجري جي. هجري سن جي فقط نظر کان سنڌو سنبت جو پهريون ڏينهن ماه چيٽ ٻڙي، سنڌو سن جو پهريون ڏينهن هو اڱارو ماه چيٽ جي پهرئين تاريخ 548 شاڪاڪلا (گذشته) ۽ 20 آذرڪاه 7 قبل ازيزدگرد (يعني يزگرد کان اڳ) برابر آهي 4 مارچ 626ع يا ماه رمضان 4 هجري.

جيتوڻيڪ هندستان ۾ قديم زماني کان وٺي ڪيترائي سنه عمل ۾ پئي آيا آهن، تڏهين به فقط ست سنه اهڙا آهن جي عام طور مشهور آهن يا وانا سنبت، هرشا سنبت، وڪرما جيت سنبت، ساڪا سنبت، ولڀي سنبت، گپتا سنبت، سنڌو سنبت، انهن مان پنجن جي شروعات هندستان مان ٿي، باقي سنڌو سنبت هڪ واحد سنه آهي جيڪو بنيادي طور پاڪستان جو ورثو آهي، ان حقيقت جي مدنظر ”سنڌو سنبت“ جي بنياد تي هڪ شمسي جنتري ڏيئي ان کي سرڪاري طور ”پاڪستاني قومي جنتري“ جي حيثيت ڏني وڃي ته جيئن زرعي، مالي خزاني ۽ ٻين انتظامي مقصد لاءِ استعمال ٿي سگهي. جهڙي طرح شمشي جنتري بجاءِ پڻ ڪم اچي سگهي ٿي ۽ اهو فقط بين الاقوامي مقصدن لاءِ قائم رکيو وڃي، جهڙي طرح ”هجري جنتري“ کي مذهبي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.

مَنُ مَريَ مايا مَرَي، مَرَمَرَ جات شَرير (بدن)

آشا ترشنانه مري، ڪه گيا داس ”ڪبير“

”رچرڊ برٽن“ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ وسندڙ قومون“ ۾ لکي ٿو ته جنمپتري هر هڪ هندو ٻار لاءِ ضروري آهي، هن جي عمر جو حساب ڪتاب ان ۾ لکيل هوندو آهي ۽ هو هميشه ان جي صلاح تي هلندو آهي. جنم پتر ۾ ستارن جو جوڙ ۽ صورت، گرهڻ ۽ اهڙين ٻين اهم واقعن جون شڪليون نڪتل هونديون آهن، ماڻهن جي عمر عادتون، ميل ۽ مزاج سڀ ان ۾ ڄاڻايل هوندا آهن، مطلب ته هن جي ڄمار ۾ اهڙو واقعو ڪونه ٿيندو، جو جنمپتري ۾ (واقعي کانپوءِ) نه لڀندو (پر هاڻي ٿر ۽ سنڌ ۾ اهڙا جنمپتري کلڻ وارا جوشي ۽ عالم اڻلڀ آهن) ٽپڻو به جنم پتري وانگر ٺهيل هوندو آهي، اهو مسلمانن جو ”تقويم“ وانگر هڪ قسم جي جنتري آهي ان ۾ يوگ جو مدو، نکشتر، تٿا واري علم هيئت مطابق وقت ڏنل هوندا آهن.

”ڀيرومل مهر چند آڏواڻي“ پنهنجي ڪتاب ”لطيفي سئر“ ۾ ڄاڻائي ٿو ته مها ڀارت جي لڙائي کانپوءِ جيسلمير کان جادو ونسي پنجاب آيا، انهن جو راجا ساليواهن هو. هن نئون شهر ٻڌي گادي جو هند مقرر ڪيو، جيڪو هاڻ ”سيالڪوٽ“ سڏجي ٿو. انهي زماني ۾ ”ساڪ“ يعني ”ستين لوڪ“ زور هئا جي هن کي سامهون ٿيا. راجا ساليواهن انهن ساڪ لوڪن کي ملتان کان 30 ڪوه پري ڪاهرو جي ويجهو اهڙي سخت شڪست ڏني جو سندس ماڻهن کيس لقب ڏنو ”ساڪاري“ معنيٰ ساڪ لوڪن جو ”اري“ (دشمن) هن وڏي سوڀ جي يادگيري قائم ڪرڻ لاءِ انهن مهاڀاري لڙائي واري سال (78ع) کان ساليواهن جو ”ساڪ“ يعني سنبت شروع ڪيائون، جو اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي. راجا ساليواهن جي پوٽي جو نالو ”ڀٽيءَ“ هو، جنهن جو اولاد ”ڀٽي راجپوت“ آهن.

بنا سمجهه جکي، ٿو ڪُتو ڪُچَ مندر ۾،

ٻالڪ ٻڌو ورائي، ڀلي ڀؤ رکي،

گيانيءَ پاڻ لکي، ته سُکي ٿئي ”سامي“ چوي.

هندوئن جي ويدن ۾ نو (9) گره آهن. انهن بابت هن دنيا تي وسندڙ انسان، پکي، جانور، وڻ ٽڻ، ريگستان، جبل مطلب ته هر ڪا شيءِ انهيءَ جي اثر هيٺ آهي ۽ پنهنجن ڪيل ڪرمن (اعمالن) انوسار (مطابق) ليڻا ڏيڻي جا ڦل ڀوڳي ٿو. جوتش وديا جي ودوانن، ڏاڍي کوجنا ڪري، انهن قدرت الاهي جي ڳجهه ۾ هٿ وجهي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. آسمان سورج، چندرما، تارا ۽ ٻيا گرهه پنهنجي نيم (اصول) پرماڻي پرماتما جي مقرر ڪيل حدن ۾ صدين کان هڪ مقرر ٿيل اصول موجب گردش ۾ آهن.

پريم ساگر جي جولاءِ 1996ع جي پرچي ۾ مسٽر جڳديش راٺي لکي ٿو ته: 1) سوريه (سج) هڪ راشي ۾ هڪ مهينو، 2) چنڊ ٻه ڏينهن ۽ 6 ڪلاڪ ۾ 3) منگل 45 ڏينهن ۾ 4) ٻڌ 27 ڏينهن ۾ 5) ورشپت هڪ سال ۾، 6) شڪر هڪ مهيني ۾، 7) شني ڇنڇر 30 ڏينهن ۾، 8) راهو ۽ 9) ڪيتو، 18 مهينن ۾ گردش پوري ڪن ٿا. انهن ئي گرهن جي چال رخ، وقت، رفتار ۽ ڌرتيءَ تي اثرات جي باري ۾ سڌ لڌي جڏهن دنيا جا ماڻهو اڪثر ڪري اگهاڙا گهمندا، جهنگلن ۾ شڪار تي گذران ڪندا هئا ۽ علم رياضي کان ناواقف هئا. تڏهن علم جوتش جو جنم ٿيو، جوتش وديا ۾ انهن، (9) نون گرهن کي اهم ڳڻيو ويندو آهي. (1) سُوريه يا روي (آچر) 2 چندرما (سومر) 3) منگل يا يوم 4) ٻڌ 5) ورشپت يا گُرو، 6) شڪر، 7) شني يا ڇنڇر، 8) راهو، 9) ڪيتو، انهن مان پهرين ستن جي نالن سان هندي مهينن جي ستن ڏينهن جا نالا رکيا ويا آهن. انهن جي ناقص هئڻ ڪري انسان گهڻائي دک ڀوڳي ٿو. انهن لاءِ گيتا ۾ هڪ شلوڪ آهي ته: ”گرها، راجيه پرپڇنتي گرها، راجب هر سنتي گرهيه وياپتم اوم سرو چيو لوڪيه س چراچرم“. معني گرهه ئي راڄ ڏيارڻ وارا آهن ۽ گرهه ئي کسڻ وارا هوندا آهن. گرهن سان ئي سڄو سنسار هلي رهيو آهي. گرهن جي ناراض هئڻ ڪري منش، ديوتا، دئيت وغيره ست ڍگ، تريتايگ ۽ دئاپريگ ۾ به ڪشٽ (دک) ڏٺا. جوتش ۾ 12 راسيون آهن، 1) ميک، 2) ورک، 3) مٿن، 4) ڪرڪ، 5) سنگهه، 6) ڪنيا، 7) تل، 8) ورشڪ، 9) ڌن، 10) مڪرَ، 11) ڪنڀ، 12) مين، اردو ۾ انهن کي چون، 1) حمل، 2) ثور، 3) جوزا، 4) سرطان، 5) اسد، 6) سنبل، 7) ميزان، 8) عقرب، 9) قوس، 10) جدي، 11) دلو، 12) حوت انهن کي انگريزي ۾(1 Airies, (2 Taurus, (3 Gemini, (4 Cancer, (5 Leo, (6 Virgo, (7 Scorpio, (8 Sagittarius, (9 Capricorn (10 Aquarius (11 Libra, (12 Piscus

هنن نالن سان ياد ڪيو ويندو آهي. مطلب ته هر هڪ مذهب يا جوتش دانن جو بنياد انهن 12 راسين تي آهي. هندو پنهنجا نالا ۽ جنم پتري به انهن راسين مان ڳولي پوءِ رکندا آهن. انهن راسين لاءِ به اکر مقرر ٿيل آهن. 1) ميک: چَو، چي، چُو، لَ، لا، لَي، لِي، لُو، لُ، آ، ع، ۽ اُ،

2) ورک: اِ، اُ، اي، او، وَ، وا، بَ، بِ با، وي، وُ، ٻ ۽ ڪي، 3) مٿن: ڪَ، ڪا، ڪي، ڪُ، گهه، ڳَ، ڇ، ڪي، ڪو، ۽ ها، گ.

4) ڪرڪ: هَه، هي، هُه، هي، هو، ڊ، ڊا، ڊي، ڊُ، ڊي، ڊو ۽ ح.

5) سنگهه: مَ، ما، مي مِ، مو، ٽُ، ٽا، ٽي، ٽُ، ٽي، مي ۽ ٽو.

6) ڪنيا: ٽو، پ، پا، پِي، پو، ڻ، ٺ، ٺا، ٺُو ۽ پي، ش.

7) تل: ر، را، ري، رو، ري، رُ، ت، تا، تِي، تُو ۽ تَي.

8) ورشڪ: نَ، نوَ، نا، ني، نو، نُو، ني، يَ، يِ، يا، ييَ، طوءِ، يوءِ، لو، لُو.

9) ڌن: ڀَي، ڀو، ڀِي، ڀ ، ڀا، ڀي، يوَ، ڌ، ڌا، ڦ، ڦا، ڍ، ڍا، ڍو ۽ فا، پي.

10) مڪر؛ ج، جا، جو، ک، کي، کيَ، کو، کا، خو، خا، گ، ذ ۽ ڀو.

11) ڪنڀ: گ، گي، گو، س، سا، سي، سو، ش، شا، ص، صا، ڏ ۽ ڏا.

12) مين: د، دي، د، ٿ، ٿا، جهه، جها، ڄا، دي، دو، چ، ڇا ۽ چي.

انهن کي وري ڪرمن جي ڦل ڀوڳڻ لاءِ 12 ڀاؤ يا آسٿان يا گهرن ۾ ورهايو ويندو آهي. انهن جا نالا آهن. 1) تن، 2) ڌن، 3) سَهجَ، سک، 4) سهرديه، ماتا، 5) سنتان، اولاد، 6) شتروُيا رپوڀاوَ، دشمن ۽ روگ، بيماري، 7) جايا، استري، 8) آيو: عمر يا مرتبو، 9) ڌرم، مذهب، 10) ڪرم ۽ پتا. 11) لاڀ: فائدو، 12) وگيهَ، خرچ، انهن شُپَ، اَشُڀ (چڱا يا برا) گرهه انهن مقامن ۾ پنهنجو ڪم ڪندا رهندا آهن. جيئن دنيا ۾ دوست دشمن آهن. ايئن گرهن ۾ به آهن ۽ هر هڪ گرهه کي پنهنجو کاتو مقرر ٿيل آهي. جوتش وديا مطابق سٺو ۽ خراب اثر ٿيندو آهي، هر گرهه کي پنهنجو منتر هوندو آهي. انهن مان ٽن قسمن 1) پراڻو ڪت، 2) ويدوڪت، 3) تنتروڪت منتر آهن. انهيءَ کانسواءِ هر هڪ گرهه لاءِ لاڀدائڪ (فائديمند) پٿر يا نگ هوندا آهن، اُهي ماڻهو گهڻو ڪري منڊين ۾ جڙي پائيندا آهن. انهن جو وچور: 1) سوريه لاءِ ماڻڪ، يا روبي، ياقوت Ruby 2) چندرما ۽ موتي (Pearl) مون اسٽون (Moon)، 3) منگل: مونگا يا پروال (Cord) عميق لعل 4) ٻڌ: پنو يا زهري(Emeraled) 5) گرو: پکراج (Yellow Sapphire)، 6) شڪر: هيرو+زرقون (Diamond) 7) شني: نيلم فيروزه (Blue spphire)8) راهو: گوميد (Gomed)، 9) ڪيتو: لهسنيو. (Cats eye). انهن راسين پٺيان هر ڪنهن گرهه کي انهن راس لاءِ سٺو يا خراب اکرن مطابق نالا ڏنا ويندا آهن. انهيءَ کانپوءِ جنم نکشتر 28 ڏنا ويندا آهن. اُهي آهن:

1) اشوني، 2) ڀرڻي، 3) ڪرتڪا، 4) روهڻي، 5) مرگشيو، 6) اردرا، 7) پنروسو، 8) پشيه، 9) آشليشا، 10) مگها، 11) پوروا ڦالنگني، 12) اتر ڦالنگني، 13) هست، 14) چترا، 15) سواتي، 16) وشاکا، 17) انوراڌا، 18) جيشٺا، 19) مول، 20) پورواشاڍا، 21) اُتراشاڍا، 22) اَڀجت، 23) شروَڻ، 24) ڌنشنا، 25) ستارا، 26) پورو ڀادرپدا، 27) اتراڀادرپدا، 28) ريوتي.

انهن کانپوءِ هر هفتي جو گرهه ڪنڊليون ٺهن ٿيون، پوءِ چوگهڙيا، چار گهڙيون/پَلونُ جيڪي سج اڀرڻ کان سج لهڻ تائين، ڏينهن جا ۽ رات جا الڳ الڳ چوگهڙيا هوندا آهن. هر هڪ چوگهڙيو ڏيڍ ڪلاڪ جو ٿيندو آهي. پوءِ انهن چوگهڙين کي پلڪن ۾ ٺاهبو آهي، جيڪي ڇٺي وڌاتا لکڻ مهل ڳڻيا ويندا آهن. چوگهڙيا سٺا ۽ خراب ٿيندا آهن. انهن جا نالا آهن. 1) شڀ، 2) لاڀ، 3) امرتَ (سٺا)، 4) چنچل، 5) ادويگ، (وچولو)، 6) روگ، 7) ڪال (خراب)، اوهان جيڪي مٿي (9) نوَ گرهن ۾ جيڪي رتن پڙهيا انهن کي وري سنڌي مهينن جي آڌار تي هن نموني ڳڻيندا آهن. 1) چيٽ: ڪپش مڻي Jasper 2) ويساک: هيرو (Diamond) 3) ڄيٽ: پنا (Emerald)4) آکاڙ: مونگو (Coral) 5) سانوڻ ماڻڪ، لالڙي Ruby 6) بڊو: هرتو تپل Ruby sapphire 7)اَسو: نيلم Bluesapphire 8) ڪتي، 9) ناهري: پکراج Topaz، 10) پوه: فروزاTurqualac 11) مانگهه: تامڙي يا وڪت مڻي Goriest. 12) ڦڳڻ، نيل، راگ مڻي Emethyst 13) پروشتم/اڌڪ: نو رتن منڊي.


Copyrights 2001-2007 © to all researchers, students and educators from Sindh and well-wishers of Sindh to download and reuse information at their own risk. All the resources are free to use for non-commercial and educational purpose. If you have any suggestions, comments or would like to report useful or broken links, please send an email to webmaster sindh2uk

1 comment:

  1. http://homepage.ntlworld.com/myjamro/sindh/sindh_history/Tharparkar.htm
    عوامي آواز جي ٿورن سان

    ReplyDelete