Realtime Hit Counter

Tuesday 14 June 2011

ملڪيت جي برابريءَ واري تقسيم ۽ ذاتي مليڪت: تعليماتِ امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح جي روشنيءَ ۾ _جوکيو شفيق احمد


ملڪيت جي برابريءَ واري تقسيم ۽ ذاتي مليڪت ۽ امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح

جوکيو شفيق احمد

علامه غلام مصطفيٰ قاسمي رح جن پنهنجي استاد، امام انقلاب عبيد الله سنڌيء جي تعليمات جي روشنيء ۾ هڪ ڪتاب سماجي انصاف ۽ اجتماعيت، حڪيم الهند امام شاهه ولي الله جي نظر ۾ لکندي؛ اسلامي فڪر مطابق ملڪيت جي برابري واري تقسيم ۽ (حڪيم الهند ) شاهه ولي الله رح جو فلسفو؛ مطابق هينئن ٿا بيان ڪن ته، هتي هڪ سوال ٿو پيدا ٿئي ته: هن دور ۾ به هر معاشي نظام سسٽم جو بنياد ڪنهن نه ڪنهن فلسفي تي رکيل هوندو آهي ته ڇا (حڪيم الهند ) شاهه ولي الله به پنهنجي تاليفات (جوڙيل ڪتابن) ۾ عدل انصاف واري دولت جي تقسيم مساوات واري نظام سسٽم تي زور ڏيندي ان نظام سسٽم لاء ڪو فلسفو پيش ڪري ٿو يا نه ؟

ان جو جواب هي آهي ته: بيشڪ ( حڪيم الهند) شاهه ولي الله صاحب جن هڪ جامع فلسفو به پيش ڪيو آهي.اهو فلسفو ڪارل مارڪس جي فلسفي وانگر جڙتو نه آهي؛ بلڪه ( حڪيم الهند) شاهه ولي الله صاحب جي فلسفي جو بنياد اسلام جي حڪمت ۽ ان جي روح تي رکيل آهي.

شاهه صاحب جي نظر ۾ سڀ کان اول انسان لاء معاشي خوشحال هجڻ ضروري آهي. جڏهن انسان کي ذهني سڪون ملندو آهي، تڏهن اهو مذهب ۽ اخلاق جو ڳولائو ٿيندو آهي. جنهن جو اصول سبب ڪارڻ هي آهي ته جيستائين ماڻهو انسانيت واري پهرين درجي کي طئي نه ٿو ڪري، ان وقت تائين ٻين حيوانن کان ممتاز (الڳ )ٿي انسانيت Humanجي مٿاهين درجي تي پهچي نه ٿو سگهي. شريعت ۽ اخلاق جي ذميداري انسانن تي ئي هوندي آهي، حيوانن تي نه!

حڪيم الهند امام شاهه ولي الله ۽ ڪارل مارڪس جي نظرين ۾ بنيادي فرق:

ان مان هيئن به نه سمجهڻ گهرجي ته اهو فلسفو ڪارل مارڪس جي مادي فلسفي سان مشابهت رکي ٿو،

ڇاڪاڻ ته ڪارل مارڪس به اخلاقي اصولن ۽ حڪمن کي معاشي ضرورتن جي تابع قرار ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو ته جڏهن اخلاقي اصولن ۽ معاشي گهرجن جو پاڻ ۾ ٽڪر هوندو آهي، تڏهن اخلاق ۽ مذهب کي پنهنجي شڪست مڃي معاشيات جو غلبو مڃڻو پوندوآهي.

اصل حقيقت هيءَ آهي، ته معاشيات جي باري ۾ شاهه صاحب جن جي ٻڌايل اصول جو بنياد؛

قرآن شريف جي حڪمت ڀري تعليم ۽ ان جي عملي شڪل پيغمبر عليه الصلواة والسلام جن جي سنة تي آهي، ان ڪري ولي اللٰهي فلسفي ۾ معاشي ضرورتن ۽ مذهب ۽ اخلاق ۾ ٽڪراءُ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. شاهه صاحب جن اسلام جو مطلب ٻن لفظن اقتراب ۽ ارتفاق سان بيان ڪيو آهي، خدا پرستي ۽ انسان دوستي کي انسانيت جو بنياد قرار ڏنو آهي. انسان دوستيءَ جو صحيح مطلب، مال ۽ دولت جي برابريءَ واري تقسيم آهي ته جيئن ائين نه ٿئي جو معاشري ۾ هڪ ته وڏو سرمائيدار بنجي وڃي ۽ ٻئي کي کائڻ لاء مانِي ۽ اوڍڻ لاءِ ڪپڙو به نه ملي سگهي.

فاشٽ نظام سسٽم :

فاشٽ نظام ۾ سمورو زور هڪ فرد جي انفراد ( انفرادي) ، صلاحيت ۽ ذاتي ملڪيت تي ڏنو ويو آهي، ان سان اجتماعي ۽ تمدني زندگيءَ ۾ معاشي فلاح ۽ خوشحالي جو اچڻ ناممڪن کڻي نه هجي، ته مشڪل ضرور آهي. اهوئي سبب ڪارڻ آهي جو شاهه صاحب رح فرد جي ڀيٽ ۾ اجتماعيت زور تي ڏنو آهي. حڪيم الهند شاهه ولي اللهه صاحب جي فلسفي ۾ سڄي ڪائنات حقيقت ۾ هڪ وحدت (هيڪڙائي) آهي، جنهن جو نالو ان جي فلسفي ۾ شخص اڪبر آهي.

شخص اڪبر

طبيعت الڪل

نفس الڪل

هيگل ۽ روح عالم

هنن مٿين چئني عنوانن جي تشريح يا صراحت وضاحت ڪرڻ منهنجو مقصود مطلوب ناهي. جي ڪڏهن واندڪائي جي مهل هوندي ته هنن تي لکندس. پر جيڪڏهن ڪنهن دوست کي انهن عنوانن جو مطالعو ڪرڻو آهي ته هيٺ ڄاڻايل ڪتاب مطالعو ڪري سگهي ٿو.

تنهنڪري وري مان ساڳي عنوان تي واپس اچي لکي رهيو آهي ته :

ذاتي مليڪت :

سرمائيدارن جي مدد يا طرفداري نه رڳو پيسي وارا سرمائيدار ڪندا رهندا آهن. پر سرمائيدارن جوهڪ قسم يعني علمي سرمائيدار به ڪندا آهن. انهن جو ڪم هوندو آهي ته دولت مند سرمائيدارن جي بيحيّائِي وارين حرڪتن ۽ دولت کي گڏ ڪرڻ جي طريقن کي جائز ڪري ڏيڻ ۾ شريعت جي آڙ وٺندا آهن. حالانڪ اسلامي شريعت جو روح، سرمائيداريء نظام سسٽم خلاف آهي. قرآن حڪيم جي رَاءِ مطابق فرد هجي يا ڪا جماعت هجي دنيا جي ڪنهن به شيءِ جا اهي ذاتي مالڪ نٿا ٿي سگهن. هر شيءِ جو اصلي مالڪ ته رڳو الله تعالي ئي آهي، جنهن ان شيءِ کي پيدا ڪيو آهي. انسانن نائبن ( نيابت نائب نواب خليفه) وارا فرائض انجام ڏئي ٿو ۽ ان ۾ هر هڪ شيءِ معاشري (Society) جي ملڪيت ۾ داخل آهي. جئن ته سورة البقرة جي آية ''هو الذي خلق لڪم ما في الارض جمعاَ'' جو تفسير ڪندي ولي اللٰهي سلسلي جي هڪ مشهور شخصيت شيخ الهند علامه مولانا محمود حسن رح جن لکيو آهي ته '' جهان جو سڀ شيون الله تعالي جي حڪم ''خلق لڪم ما في الارض جميعاَ:''مطابق سڀني انسانن جي ملڪيت معلوم ٿين ٿيون. يعني سڀني شين جي پيدا ڪرڻ مان الله تعالي جو ارادو انسانن جي مختلف حاجتن کي پورو ڪرڻ آهي ۽ ڪا به شيء ذاتي طرح ڪنهن جي ملڪيت نه آهي، هر شيء اصل پيدائش ۾ سڀني جي گڏيل آهي ۽ ڪنهن طرح سان ته سڀني جي ملڪيت آهي، پر جهڳڙي کي ٽارڻ خاطر ۽ نفعي کي حاصل ڪرڻ لاء ڪنهن هڪ جو قبضو مقرر ڪيو ويو آهي ۽ جيسين ڪنهن به شيء تي ڪنهن به هڪ ماڻهوءَ جو قبضو باقي آهي، ان وقت تائين ڪوبه ان ۾ هٿ چراند نٿو ڪري سگهي. هائو پر مالڪ کي پاڻمرادو هيئن ڪرڻ گهرجي جو ضرورت کان وڌيڪ تي قبضو ڄمائي نه ويهي پر ٻين کي ڏئي ڇڏي، ڇو ته ٻين جا حق به ته اصولي طرح هن سان واسطو رکن ٿا. اهوئي مطلب آهي جو گهڻي مليڪت ضرورتن کان وڌيڪ گڏ ڪرڻ سٺو ڪم نه ڳڻيو ويو آهي، جيتوڻيڪه زڪواة به ادا ڪئي وڃي ۽ انبياء سڳورا ۽ اولياء ڪرام شاهوڪاريءَ کان پاسيرا پئي رهيا آهن، حديثين مان اها ڳالهه چٽي سمجهه ۾ اچي ٿي، بلڪه ڪن صحابن سڳورن ۽ تابعين وغيره ضرورت کان وڌيڪ مال پاڻ وٽ رکڻ کي حرام چيو آهي.

جاري آهي.

بحواله: سماجي انصاف ۽ اجتماعيت شاهه ولي الله جي نظر ۾

علامه غلام مصطفيٰ قاسمي رح

مترجمه علامه محمد قاسم سومرو،

ساگر پبلشنگ هائوس،

ڪراڄي، سنڌ

يا

سماجي انصاف اور اجتماعيت شاهه ولي الله ڪي نظر مين

تاليف:

علامه الدهر علم النقل و العقل

غلام مصطفيٰ قاسمي السندي رح

شاگرد رشيد امام انقلاب عبيد الله سنڌي

ناشر: شاهه ولي الله اڪيڊمي،

حيدرآباد صدر

سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ڪراچي

http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book32/Book_page1.html

http://ubaidullah-sindhi.co.tv/

No comments:

Post a Comment