Realtime Hit Counter

Tuesday 19 July 2011

علامه شيخ القرآن حڪيم مولانا الحاج احمد ملاح رح، بدين وارا سنڌي


بسم الرحمٰن الرحيم.
اول نام الله جو، ڏيندڙ ڏيهه ساري،
ڏيئي نه پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو.


علامه شيخ القرآن حڪيم مولانا الحاج احمد ملاح رح، بديني بدين وارا سنڌي

قرآن حڪيم کي سنڌي منظوم ترجمي جي صورت ۾ لکڻ وارو، قادر قدر ڪلام فعال لما يريد ۽ ڪن فيڪون جي مالڪ جي ڪائنات ۾ پهريون سنڌي انسان جي ورسي ۽ وفات جي سلسلي ياد ۽ ڀيٺا خراج تحسين سلام پيش ڪرڻ خاطر هي مضمون يا آرٽيڪل لکيو آهي.

هي مضمون مون: ڊاڪٽر محقق ريسچر محترم محمد اسماعيل ميمڻ، شعبه تقابل اديان ۽ ثقافت اسلامي، فيڪلٽي آف اسلامڪ اسٽڊيز، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، سنڌ. 2007 ع تان ورتو آهي، جيڪو مون وٽ قلمي نسخي يعني مخطوطات جي صورت ۾ رکيل آهي. هي قلمي نسخو منهنجي پٽ اويس احمد جوکيو جي هڪ دوست وٽان مليو هو.

علامه شيخ القرآن حڪيم مولانا الحاج احمد ملاح رح

سنڌ اها سونهاري سرزمين آهي. جيڪا علمي ۽ ادبي طور زرخيز آهي. سنڌ جي اصل اهل علم شخصيتن پنهنجي علم فڪر ذريعي سڄي دنيا ۾ پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ديس واسين جو نالو روشن ڪيو آهي. انهن شخصيتن کي ڳڻڻ لاء وڏي وقت ۽ وڏي ڏاهپ جي ضرورت آهي انهن مان هڪ علامه شيخ القرآن مفسر الحاج احمد ملاح رح جي نالي (نانءَ) سان سڃاتو وڃي ٿو. علامه مولانا شيخ القرآن الحاج احمد ملاح جو تعلق لاڙ جي علمي ۽ ادبي علائقي سان آهي.(سندن ڄمڻ جي تواريخ_7-شعبان،1389هه، مطابق 19-جولاءِ1969ع.ڏسو ڪتاب سنڌي عظيم انسان، ليکڪ ميمڻ عبد الغفور سنڌي، سال 1980، ماڊرن بوڪ اسٽور، لاڙڪاڻه،سنڌ. جوکيو شفيق احمد ) هن جي جنم جاءِ ماڳ مڪان ڳوٺ ڪنڊو ضلع بدين، سنڌ آهي.علامه مولانا شيخ القرآن حڪيم الحاج احمد ملاح جون ڪيتريون ئي علمي ادبي ۽ سماجي خدمتون آهن. علامه مولانا شيخ القرآن حڪيم الحاج احمد ملاح سنڌ جو هڪ مهان شاعر آهي. علامه مولانا شيخ القرآن حڪيم الحاج احمد ملاح هڪ في البديهه ۽ قادر الڪلام شاعر آهي. هن وٽ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جو اڻ کُٽُ خزانو آهي. علامه مولانا شيخ القرآن حڪيم الحاج احمد ملاح جو هڪ علمي ادبي ڪارنامو آخري آسماني الهامي ڪتاب قرآن حڪيم جو منظوم ترجمون (يعني سڄي قرآن حڪيم جو سنڌيء سنڌيء ۾ شاعري وارو / بيتن ۾) ترجمون آهن

هن(قرآن حڪيم جي منظوم) ترجمي سنڌي ادب کي دنيا ۾ هڪ وڏو مقام ڏياريو آهي. منظوم ترجمون سنڌيءَ ٻوليءَ جي لفظن جو خزانه (ڌن ڀنڊار کاڻ) نظر اچي ٿو. اهڙو عام فهم ترجمون آهي. جو هن کي هر شخص آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو. سنڌيءَ شاعريءَ کي سونهن بخشيندڙ ترجمون آهي. هن وقت تائين ڪوبه غير سنڌي عالم ۽ شاعر قرآن حڪيم جو منظوم ترجمون ڪري نه سگهيو آهي. جنهن ڪري هيءُ ترجمون سنڌيءَ ٻوليءَ جو هڪ وڏو ادبي معجزه آهي.
هي مضمون مون هڪ ريسرچر محقق دوست محترم ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ جي ٿيسز تان ورتو آهي. جيڪو هن پنهنجي پي.ايڇ.ڊي لاء مقالي طور پنهنجن مبارڪن هٿن سان لکيو آهي جنهن جو قلمي نسخو مون وٽ فوٽو اسٽيٽ جي صورت ۾ موجود آهي.(جوکيو شفيق احمد).
موصوف هن ٿيسز کي پنجن بابن ۾ ورهايو آهي.

باب پهريون:-نور القرآن جي ٻوليءَ جو ادبي جائزو؛ هن باب کي ٻن فصلن ۾ ترتيب ڏنو ويو آهي؛

1. نور القرآن جي ٻولي جو لغوي جائزو.
2. نور القرآن جي ترجمي جي مختلف ترجمن سان ڀيٽ.

باب ٻيون:-نور القرآن قرآن ۽ سنڌي ٻولي جي وسعت؛ هن باب کي پڻ ٻن فصلن ۾ ورهايو ويو آهي؛

1.نور القرآن ترجمي لاءِ مختلف سنڌي ٻولي جي لفظن جو استعمال.

2.نور القرآن منظوم ترجمي ۽ شاهه عبد اللطيف ڀٽائي تارڪ رح جي ٻولي.

باب ٽيون:-نور القرآن ۾ تجنيسين ۽ صنعتن جو استعمال؛

باب چوٿون:-ترجمي جو شعري انداز؛هن باب کي ٻن فصلن ۾ ورهايو ويو آهي؛

1. واقعات جي بيان جو انداز.

2.ترجمي واري ٻوليءَ ۾ تحت اللفظ کي قائم ڪرڻ.

باب پنجون:-علامه مولانا شيخ القرآن الحاج احمد ملاح رح ۽ نور القرآن( منظوم ترجمي ) متعلق سنڌ جي عالمن، دانشورن، اديبن شاعرن جا تاثرات.

نور القرآن (سنڌي منظوم ترجمون) سنڌي ٻوليءَ جو دنيا ۾ پهريون سنڌي واحد (ڇڙو اڪيلو ) ترجمون آهي. جيڪو مڪمل سنڌيءَ شاعري ۾ ڪيو ويو آهي. هن باب ۾ سنڌ جي مختلف مڪتبه فڪر رکندڙن عالمن، دانشورن، اديبن، شاعرن، ۽ سڄاڻ شخصتين کان علامه مولانا شيخ القرآن الحاج احمد ملاح رح جي شخصيت ۽ نور القرآن (سنڌي منظوم ترجمي متعلق تاثرات ورتا ويا آهن، ته انهن جي نظر ۾ علامه مولانا شيخ القرآن الحاج احمد ملاح رح جي علمي حيثيت۽ نور(القرآن منظوم سنڌي ترجمي)جو مقام ڪهڙو آهي. مختلف شخصيتن پنهنجي پنهنجي انداز سوچ فڪر سان راءِ ڏني آهي. جنهن سان علامه مولانا شيخ القرآن الحاج احمد ملاح رح ۽ سندس نور القرآن (سنڌي منظوم ترجمي) جي حيثيت ظاهر ٿئي. جيڪا نهايت اعلي درجي جي آهي.

بحث جا نتيجا ۽ فائدا:- هن مقالي جي ترتيب مان هيٺيان نتيجا ۽ فائدا حاصل ٿيا:

1. هن مقالي جي ذريعي اهو ثابت ٿيو ته سنڌ عالم (علماء فاضل ڏاها حڪيم)جا بين الاقوامي حيثيت رکن ٿا.

2. منظوم (سنڌي)ترجمي (نورالقرآن) تي تحقيق ذريعي ثابت ڪيو ويو آهي ته سنڌي ٻولي هڪ وسيع ٻولي آهن، جنهن ۾ لفظن جو اڻ کُٽُ ذخيرو(لفظن جو ڀنڊار) موجود آهي.

3. هن مقالي جي ذريعي سنڌي ٻولي ٺيٺ عوامي لهجي ۽ شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح جو ورجاءُ ۽ حفاظت ڪيئي ويئي آهي.
4. علامه مولانا شيخ القرآن الحاج احمد ملاح رح جهڙي وساريل علمي شخصيت متعارف ٿئي ٿي.

5. هن مقالي ۾ تحقيق ذريعي ثابت ڪيو ويو آهي ته موجود وقت سنڌي شاعريءَ ٻوليءَ کي بچائڻ لاء ان جي حقيقي حيثيت قائم رکڻ لاء علامه مولانا شيخ القرآن الحاج احمد ملاح رح جهڙن شاعرن ڏات ڌڻين جي واٽ وٺڻ جي ضرورت آهي.
6. هن مقالي جي ذريعي قوم جي نئين نسل کي پنهنجي ورثي کان واقت ڪيو ويو آهي.
7. سنڌ جي هڪ علمي خزاني (ڀنڊار، ڌن، دولت) کي ظاهر ڪيو ويو آهي.

8. هن مقالي جي ذريعي ثابت ڪيو ويو آهي ته سنڌي ٻولي آخري الهامي ڪتاب (قرآن حڪيم) کي پنهنجي شاعريءَ انداز ۾ محفوظ رکڻ جي صلاحيت رکندڙ آهي.
ريسرچر محقق ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ.

نوٽ هڪ ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته اسان سنڌي عوامي ماڻهو بي قدرا، صم بڪم يعني انڌا ٻوڙا فرقي پرست نالائق آهيون. اسان کي پنهنجي سلف صالحين علماء حڪماء فضلاء ڏاهن جي ۽ انهن جي خدمتن جي ڪابه خبر ناهي. منهنجي ان ڳالهه جي تصديق هيٺ بيان ڪيل ڳالهين مان ثابت ٿيندو ته:
1. سنڌ جي تهذيب يعني موهن جي دڙي بابت آڳاهي ڏيندڙ انسان جان مارشل هڪ انگريز هو.
2. سنڌ عظيم شاعر شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح جي رسالي بابت به هڪ جرمن انسان مسٽر ارنسٽ ٽرمپ هو. ان ڪري ته سنڌي ماڻهو ڀنگ جا پياسي نشن پتن ۾ پيا هيا، سلفي ۾ چرس ڀري سوٽا هڻي سمهي پيا نه ماضيء جي معلومات نه حال جو احوال، نه مستقبل جي سُڌِ.

3. علامه مولانا شيخ القرآن الحاج احمد ملاح رح ڪيترو عظيم انسان آهي جنهن الله تعالي جي نازل ڪيل آخري ڪلام قرآن حڪيم جو سنڌي منظوم يعني بيتن شعرن ۾ نور القرآن جي نالي سان سنڌي ترجمون ڪري سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪيو. پراهو ڪوهه نور جو لعل موتي بي بها انمول سالن جا سال بدين، سنڌ جي مٽيءَ م ڀڀوتجي ويو پر نه سنڌي ادبي بورڊ جي عياشن ڪرپشن جي ڪوڏين، فرقي پرستن، الله جي ازل ويرين سنڌين فردن۽ سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ تعليم دشمنن کي خبر پئي ته ڪو ان کي شايع ڪرائڻو آهي؟

علامه مولانا شيخ القرآن الحاج احمد ملاح رح جي ان شاهڪار سنڌي منظوم ترجمي نور القرآن کي حيدرآباد جي هڪ سنڌي علمي سوسائيٽي شايع ڪرائي پذيرائي ڏياري هئي، جنهن جو مونکي نالو هن ياد ناهي، اهو ٻن جلد ۾ ترجمون مون کي هيئنر لڀي نه ٿو.

تنهن کان پوءِ سنڌ جي انهيءَ شاهڪار جي سُڌِ ''تفضل حضرة السمو الملڪي الاَمير الوليد بن طلال بن عبد العزيز آل سعود صاحب جي کي پيئي ته هنن فوراَ '' قرآن مجيد ۽ ان جو سنڌي ترجمون نالي نور القرآن مترجمه مولانا الحاج احمد ملاح،1415هه ۾ نالي سان پنهنجي ذاتي خرچ سان هڪ لک تقريباَ جي تعداد ڇپرائي شايع ڪرايو. جيڪو نسخو اسان کي جامعه ابي بڪر گلشن اقبال، ڪراچي، سنڌ ۽ اسريٰ فائونڊيشن حيدرآباد، سنڌ جي هٿان نصيب ٿيو، مون به اهڙا سوين نسخا پنهنجي پرين يارن صديق محبن سنڌي مسلم، سنڌي هندن کي هديةَ پيش ڪيا.
سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻوليءَ جو
ادنيٰ خادم سڄڻ.
جوکيو شفيق احمد

***
مولانا حاجي احمد ملاح - اشرف عبدالله ميمڻ
مولانا حاجي احمد ملاح
اشرف عبدالله ميمڻ
سنڌ امن، سلامتي ۽ شانتي جي ڌرتي آهي. جنهن ڪيترن ئي صوفين، بزرگن، عالمن مفڪرن ۽ شاعرن کي جنم ڏئي ماتا جو ڪردار امن طريقي سان نڀاهيو آهي. سنڌڙي پنهنجن سپوتن ۽ محب وطن کي سچائي ۽ ساڃاهه جي ستي پيارڻ سان گڏوگڏ محبت، اخوت، ڀائپي ۽ همدردي جهڙن قيمتي اوصافن جو دامن مضبوطي سان پڪڙڻ جي هدايت ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي ۽ کين سنڌڙيءَ جا هڙئي لاڏلا سندس ماتا جي حڪم ۽ فرمان جي تابعداري ڪندي مشڪل پنڌ کي سوکو ۽ آسان بڻائي ويا آهن. انهن منجھان حاجي احمد ملاح به هڪ هو. جنهن ڪوڙ ڪپت، ٺڳي ۽ ڪٽپرڻي جهڙن موذي مرضن جون پاڙون پٽي، حق، سچ، علم ۽ ساڃاهه جي پوک پوکي.
حاجي احمد ملاح لاڙ جي شهر بدين ۾ تڏهن اک کولي جڏهن جهالت جو جهان اڏيل هو سوين بلڪه هزارين ان نڀاڳ جي ٻيڙي تي سوار هئا. هن سماج جي ماڻهن اسلامي احڪامن جي وڏي هيراڦيري ڪئي ۽ بدعت پکيڙي حاجي احمد ملاح ته انهن سڀني ڳالهين جو ڪٽر ويري هو. بدعت جهالت جي ڪوڙن رواجن ۽ رسمن کي ٽوڙڻ ۽ وهمن توڙي وسوسن کان ماڻهن کي آجو ڪرڻ جي لاءِ مولانا صاحب پاڻ پتوڙيو. مولوي صاحب وڏو شاعر، متقي، پرهيزگار ۽ عالم هو. مولوي صاحب پنهنجي خطبي ۽ شاعري ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ سجاگي جي لهر پيدا ڪئي. مولوي صاحب جو وڏو ڪارنامون سنڌي ٻولي ۾ منظوم قرآن شريف جو ترجمون آهي. مولوي صاحب پنهنجي سموري زندگي حق تعاليٰ جي وحدانيت جي پرچار ڪندي گذاري ۽ پنهنجي شاعري جي ذريعي ماڻهن ۾ خدا جي وحدانيت جو شعور ڏنو. مولوي صاحب جي هڪ مشهور شعر جو مصرع آهي ته:
نه پالي ٿو پرور ته پالي ٿو ڪير،
سنڀالي نه سو، پوءِ سنڀالي ٿو ڪير،
کڻي پاٽ مان وجھي پيٽ ۾،
نون نالين مان نڪالي ٿو ڪير.
http://sindhipeoples.blogs​pot.com/2011/03/blog-post_​275.html

علامه شيخ القرآن حڪيم مولانا الحاج احمد ملاح رح جي حياتيءَ بابته وڌيڪ سنڌي ادبي بورڊ جي هيء لنڪ ڳنڍ ڄار وزٽ/ ملاحظه ڪندا
http://www.sindhiadabiboar​d.org/Catalogue/Personalti​es/Book44/Book_page20.html

No comments:

Post a Comment