Realtime Hit Counter

Saturday 23 July 2011

سندم سور ڪنهن کي سڻايان ؟


هي مسڪين جوکيو شفيق احمد:

هڪ هفته اڳ اسپتال ۾ آپريشن دوران تمام ڏکي مهل منجهه هيو!

اڄ طبعيت ته تمام بلڪل چاڪ نوبني نوبهار آهي.
پنهنجا ٻچڙا ڪم آيا ۽ ايندا رهندا؛ رڳو چار يا پنج ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ رهندي دوست پرين حال پڇڻ آيا. ٻاهرين تي ميار ناهي، اهي مستثنيٰ آهن. ڪجهه منهنجن مانجهي دوست يارن کي سُڌِ نه هئڻ ڪري نه اچي سگهيا، پر مونکي ڪنهن کان به شڪايت ناهي، رب رحيم ٻاجهارو سڀني پرين يارن دوستن محبن کي سلامت رکي.

هي تصوير منهنجي پياري پٽڙِي پنهنجي موبل ڪيميرا م قيد ڪري رکي هئي. جنهن جي مونکي ڪابه خبر نه هئي، مون به اڄ ڏٺي آهي. مسڪين فقير عاجز مسافر

هي تصوير مون انهن دوستن کي آئينو ڏيکاري آهي، جيڪي ڪنهن جي به ڏک اهنج ايذاء سان ڪو سروڪار نه رکندا آهن ۽ پر مون سان حجت ڪري مونکي نوڪر سمجهي پنهنجي حيثيت ۽ حسن سلوڪ کي وساري حد کان ٻوجهه بار رکندا آهن.

پر ڪو وڏيرو بيمار ٿيندو ته 200 ڪلو ميٽر ڪارن موٽرن ۽ سي اين جي پيٽرول خرچ ڪري ويندا آهن جو انهن جا سياسي مفاد هوندا آهن اهي پنهنجي دائري م رهن هي منهنجي سهڻي صلاح آهي انهن کي، جي ڪو مال دولت ڌن حاڪميت وارو آهي ته مونکي ان کان ڪابه غرض لوڀ لالچ ناهي؟

اهي دوست طعني زني کان به پاسو ڪن، ڇو ته دنيا ۾ ڪير به ڪنهن جو ڪونهي؛ ته ٻئي کي به ڄڀ جا گهاوو ڏيڻ جائز ناهن، اميد ته مون جن دوستن لاء لکيو آهي. اهي سمجهي ويا هوندا، پنهنجي سياسي قد ڪاٺ وڌائڻ لاء اسان کي ڏاڪڻ سمجهي آسمان تي ونگ وجهڻ جي ڪوجهي ڪوشش ڪندا اهن، اسان ڪنهن جا به نوڪر ناهيون، اسان جو سروڪار سنڌ سان آهي نه ڪنهن فرد سان! اسان پنهنجي ڌرٽي سنڌ امڙ جي خدمت ڪندا رهنداسين بنا ڪنهن نسل پرستي مذهب ۽ تفريق جي
****
حافظ محمد صديق ميمڻ توکي سياست جي سين جي به سُڌِ ناهي! پهرين نسل پرستيء مان نڪر پوء سنڌي قوم جي ڳالهه ڪر! تون اڃا ٻار آهين، تنهنجي هڪ دوست درست چيو هيو ته حافظ کان اهو پڇو ته پنهنجا پرين پيارا يار دوست 100 مان %99 سيڪڙو ڪهڙي ڳالهه جي ڪري ويري دشمن بڻاييي هليو آهين قوم جي ڳالهه ڪرڻ، تنهن جي لاء حافظ محمد اسماعيل ميمڻ فرعون هيو ۽ منهنجي لاء تون !

متڪبر انسان يار دوست لاءِ تحفه جنهن منهنجي 40 سال توهين ڪئي _جوکيو شفيق احمد
by Jokhio Shafique Ahmed on Tuesday, July 5, 2011 at 7:53pm

متڪبر انسان يار دوست لاءِ تحفه : جنهن منهنجي 40 سال توهين ڪئي _جوکيو شفيق احمد
اي متڪبر! تنهنجي منهنجي سوچ ۾، زمين آسمان جيترو فرق آ
تون پاڻ کي آسمان سمجهڻ وارو ماڻهو،
آئون پاڻ کي زمين ڀائڻ وارو.
تون انسان کي ذليل ڪرڻ وارو ماڻهو.
آئون انساني اوڻاين کي، ڪن لاٽار ڪرڻ وارو ماڻهو.
تنهنجي ڄڀ مان هر لفظ، باهه جي اُلَنِ وانگر،
آئون ڏک ڏيندڙ انسان، معاف ڪرڻ وارو ماڻهو.
تون انسان جي خوشيءَ تي، اَرهو ٿيڻ وارو ماڻهو،
آئون انسان جي خوشيءَ منجهه خوش ٿيڻ وارو ماڻهو.
تون انسان ڳالهه چئي، دل ۾ دماغ ۾ چگهه ڪرڻ وارو ماڻهو
آئون ڏک رسائيندڙ تي به، چپ رهڻ وارو ماڻهو.
تون ظلم ظالم سان به، ساٿ ڏيڻ وارو ماڻهو،
مان ظلم ظالم تي، لعنت وجهڻ وارو ماڻهو.
تون مسڪينن سان، نفرت ڪرڻ وارو ماڻهو،
آئون پاڻکي مسڪين جي پيرن جي، ڌوڙ سمجهڻ وارو ماڻهو.
تون هر گهڙي غم الم رنج ڏيئي، روئارڻ وارو ماڻهو
آئون هر گهڙي روئندڙن کي؛ مرڪون مهيا ڪرڻ وارو ماڻهو.
تون ڪوڙو ڪائنر گيدي، مسڪينن لاء انقلابي لٻاڙي ماڻهو،
آئون عمل ڪندڙ، ٺوڪر کائڻ وارو ماڻهو.
تون ڊاڙي ٻٽاڪي واتڙيو ماڻهو،
آئون چپ چمڪائي، سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ وارو ماڻهو.
تون دنيا جي جاهه جلال تي ڪڏڻ وارو ماڻهو،
آئون دنيا جي جاهه جلال کي ڇڏڻ وارو ماڻهو.
توهن هر ڪنهن انسان جي نيت تي شڪ ڪرڻ وارو ماڻهو،
آئون بد نيت منافق کي به مؤمن سمجهڻ وارو ماڻهو.
تون عدل انصاف مساوات جو، ويري ماڻهو،
آئون عدل انصاف مساوات جو، قائل ماڻهو.
تون رِي دليل اڳواٽ ئي فتويٰ، جاري ڪرڻ وارو ماڻهو،
آئون مفروضي تي، فيصلو نه ڪرڻ وارو ماڻهو.
تون بنگلن ماڙين سوارين جو، دلداه ماڻهو،
آئون ڏينهن جا ڏينهن بک تي، رهڻ وارو ماڻهو.
تون يارن سڄڻن جي توهين، ڪرڻ وارو ماڻهو،
آئون ويرين کي به، معاف ڪرڻ وارو ماڻهو.
تون سفر حضر ۾ سور سختيون، ڏيڻ وارو ماڻهو
آئون سفر حضر ۾ يارن دشمن کي به، سک محبت ڏيڻ وارو ماڻهو.
تون گهر آيل مهمانن کي بڇڙو، ڪرڻ وارو ماڻهو،
آئون تڏي آيل دشمنن کي به ماڻ محبت، ڏيڻ وارو ماڻهو.
تون اميري پيري ميري سرداري ڄامن، سوچ وارو ماڻهو
آئون مسڪينن سان ملڻ ۽ محبت کي ترجيح ڏيڻ وارو ماڻهو،
تون نسل پرست؛ سنڌي قوم جو ويري دشمن ماڻهو.
آئون پنهنجي نسل کي، قوم وطن سنڌ لاء قربان ڪرڻ وارو ماڻهو.
تون سڪرات ۾ به، سور پور ڏيڻ وارو ماڻهو،
آئون مقتول مئل کي به، جيارڻ وارو ماڻهو.
تون اعلي نسل ميم مها آتما ماڻهو،
آئون مسڪين سنڌي جوکيو فقير ماڻهو.
دل چڙهي آيل پِتُ،
زبان کان اظهار ٿي ويو افسوس

اڳ سان واڳيل قصو:
باقي رهيو حافظ محمد اسماعيل ميمڻ رحمة الله عليه واسعة مغفره ،سچو انقلابي انسان هو
حافظ محمد اسماعيل ميمڻ کڏي وارا، ڪراچي، سنڌ جا سچا مؤمنن انسان سچا مذهبي اسڪالر نيشنلسٽ هيا، اهو سبق ياد رکي ڇڏ. تون هن جي انفرادي ڳالهين تي نه وڃ تون اهو ڏس ته هن اجتماعي ڏک ڪيترا ڏٺا ؟ جيڪڏهن پاڪستان جي حاڪمن جو پڇ لوڏائو هجي ها ته اڄ کربين روپين جو مالڪ هجي ها؟

مٿيون ڳالهيون توکي تنهنجي منهه تي به ٿڦيندس انشاء الله ! ڊاڪٽر رفيق احمد صديقي جي جنازه تي ڪڇڻ ذلت جي مترادف هو، تو سمجهيو ته شفيق کي سگهه ناهي سچ چوڻ جي، پير مظهر کي چوو ته ڪا نالائقي واري ماستري گهر ويٺي پگهار کڻڻ واري عطا ڪري

دوستن کي معلوم هجي ته : سنڌ وارن جي نظر ۾ سيٺ حاجي عبد الله هارون ميمڻ ڪڇي اصل کڏي ڪراچيء جو نه هو پر هن اسان جي مربي مجاهد اعظم سنڌ علامه محمد صادق کڏي وارن ڪرچي جي ملڪيت مدرسه مظهر العلوم، کڏو-ڪراچي،سنڌ جي آزادي جي قلعي جي زمين تي ڌوکي سان قبضِو ڪري انگريزن جي چوڻ تي حاجي عبد الله هارون ڪالج جوڙايو ، مدرسه مظهر العلوم، کڏو -ڪراچيء کي تباهه ڪري سنڌ جي آزاديء جي تحريڪ کي هاڃو رسايو ۽ سنڌ جي آزاديء جيڪا ممڪنات جي منزل ڏانهن ويجهي ٿي چڪي هئي، ان کي هميشه لاء ناڪام ڪرايو حاجي عبد الله هارون انگريزن جو پٺو پنهنجي ڪاروبار جو وڌيڪ فڪر مند هيو، جو هن جي کنڊ جو واپار سڄي دنيا م هلندو هو ، جنهن تي انگريز پابندي وڌي ، ان مان نڪرڻ لاء هن سنڌ جي قلعي مدرسه مظهر العلوم کڏي ڪراچي ته قبضو ڪري جعلي يتيم گهر ۽ مدرسه اسلاميه جي روپ ۾ سنڌ جي آزاديء جي قلعي مظهر العلوم کڏي تي نظر رکڻ لاء جاسوسي جو اڏو جوڙايو.

حاجي عبد الله هارون اصل گاڏي کاتي ۽ بعد م ڪلفٽن جو ويٺل هو ، زمين جا پنج ايڪڙ يا ان کان مٿي ڳڙڪائي ويو ۽ کڏي جي مسڪينن جي فشر مين جو چيئرمين ٿيو ته جئن انهن جي شڪار ٿيل مڇيء مان به دلال طور ڀته وٺي ڪاڏي منهن ملير جو ڪاڏي کڏو ڪراچي خالص سنڌين جو ۽ عبد الله هارون ڪاليج اهو ڪاليج آهي جنهن جو پرنسپال فيض احمد فيض بنگالين جي دشمن کي ڪيو ويو ، جنهن کي بنگال وڏي شاعر جي مڃتا طور ايوارڊ عطا ڪيو ته واپس ڪيا ، جي ڇو ته جواب ڏنائين بنگالين کي ته توهان پاڪستان اسلامي ملڪ کان ڇو الڳ ٿيو حالانڪ فيص احمد فيض دهريو آهي

ڪنهن به مذهب جو پوئلڳ نه هو هي ملڪ جا ماڻهو مشڪريون آهن پتل جو جڙيل جنهن تي سون جو رنگ لڳل آهي ۽ اسان جا سنڌي ماڻهو ڀورڙا آهن جن کي تواريخ جي خبر ناهي ؟ بس ڀولن وانگر ڪُڏَ ٽَپا ڏيڻ ڄاڻن

هاڻ اچو حافظ محمد اسماعيل ميمڻ کڏي وارن جو ٿورو تعارف پڙهون

موصوف حافظ صاحب پڪو مسلمان نيشنلسٽ ۽جمعيت علماء سنڌ ۽ جو صدر سنڌي نيشنلسٽ سنڌ جي حقن جو پاسدار هو ، سنڌ ۾ پٺاڻن پنجابين پناهگيرن جي آباد ڪاري جو سخت مخالف هو ۽ سنڌ تي سنڌين جي حاڪميت جو حامي هو اهڙي فتويٰ پاڪستان جي وڏي فرعون مفتي محمود کان مڃرائڻ جي ڪوشش ڪئي هيائين جيڪا سڪرنڊ پاليسي ء جي نالي سان الصادق رسالي،کڏي-ڪراچي،سنڌ. وارن ڪيترا ڀيرا شايع ڪئي آهي سن هيو 1969 ع جنهن تي سنڌ جي هزار کن عالمن جي فتويٰ آهي هو مدرسه مظهر العلوم کڏي ڪراچيء جي باني علامه عبد الله ميمڻ رح جو پوٽو ۽ مجاهد اعظم سنڌ علامه محمد صادق رح کڏي وارن، ڪراچي سنڌ جو پٽ هو جيڪو ريشمي رومال جو روح روان هو ۽ عراق ۾ جنرل ٽائون شيڊ کي پنهنجي مريدن جي فوج سنڌي ۽ بلوچن مينگلن کان شڪسٽ ڏياري عراق جي شهر ڪوت العماره م قيد ڪرايو هو جاري آهي

سڪرنڊ پاليسي ڇا آهي: ان بابت مطالعو ڪيو وڃي سنڌ جي تواريخ جو هڪ وساريل ورق ۽ سنڌي علماء عالمن جو هڪ عظيم ڪارنامو جنهن کي فتويٰ به چئي سگهجي ٿو جنهن جي سنڌ تي سنڌين جي حاڪيت جو حق تسليم ڪيو وڃي سنڌ مان غير سنڌين کي نيڪالي ڏئي سنڌ جي سڀني ادارن ۾ سنڌين کي سروسز تي فائز ڪيو وڃي ، جيڪا تحريڪ پييش ڪرڻ جو محرڪ حافظ محمد اسماعليل ميمڻ کڏي وارو هيو جنهن تي سنڌ جي وڏن پيرن حافظ محمود اسعد هالجوي، ۽ سنڌ جي وڏي موحد پير علامه مولانا عبد الڪريم عرف ٻير وارن لاڙڪاڻه، علامه عبد العزيز رتيديري وارن، سيد محمد شاهه امروتي م علامه نور محمد سجاولي ، علامه علي محمد حقاني علامه عبد الله چانڊيو ، سڪرنڊ واري پير احمد شاهه ، علام مفتي عبد الوهاب چاچڙ ، ٺيڙي جي وڏن جيد عالمن اتر لاڙ ٿر جي وڏن عالمن جا سگنيچر آهن
ملاحظ ڪيو وڇي جولاء آگسٽ 2009ع رساله الصادق کڏو ڪراچي سنڌ ۾ جوکيو شفيق احمد
http://jamiatulamaesindh.com/AlSadiq.html

جرنيل سنڌ علامه حافظ محمد اسماعيل ميمڻ کڏي ڪراچيءَ وارن جي
والد گراميء قدر جو تعارف ۽ مجاهدو هن عنوان تحت هيٺين لنڪ تي ملاحظ ڪندا

مجاهد اعظم سنڌ امام مولانا محمد صادق کڏي وارن، ڪراچي،سنڌ
جي وفات، 18 جون،1953 جي ڏيهاڙي جي نسبت سان_جوکيو شفيق احمد
http://profjokhio.blogspot.com/2011/06/18-1953.html?zx=ee3bdf7503380aa7
مسڪين فقير الله جي در جو شفيق احمد جوکيو

No comments:

Post a Comment