Realtime Hit Counter

Friday 29 July 2011

سنڌ جي زرعي زمين جي حقداري! علامه مفتي مولانا محمد مراد انڍڙ هاليجوي رح جو. ڊاڪٽر اسرار احمد کي جواب_ جوکيو شفيق

سنڌ جي زرعي زمين جي حقداري! علامه مفتي مولانا محمد مراد انڍڙ هاليجوي رح جو. ڊاڪٽر اسرار احمد کي جواب_ جوکيو شفيق



نوٽ:- مقالي پڙهڻ کان پهريون ؛ سنڌي ماڻهن کي سُڌِ هجي؛

ته سنڌي علماء ڪرام؛ غير سنڌين کي، سنڌين تي ظلم ڪرڻ ويلي اهڙو سچ چئي چپ ڪرائي آهي، جنهن جو مثال هي هڪ دستاويز آهي، جيڪو مون لکي، ان م ڪابه سواء ٽائپنگ غلطيء جي گهٽ وڌ ڪرڻ بنا دوستن جي اڳيان پيش ڪري رهيو آهيان، ته سنڌي علماء سنڌ جي مسئلن تي ڪابه سودي بازي نه ڪئي آهي ماضيء جو رڪارڊ شاهد آهي.

هيٺيون مقاله سنڌ جي وڏي ۾ وڏي، مذهبي ديني سياسي عالم دين،

علامه مولانا محمد مراد انڍر هاليجوي صاحب رح مهتمم جامعه حماديه- سکر، سنڌ

جن، ڊاڪتر اسرار احمد مرحوم جي دعوت تي استحڪام پاڪستان جي نالي ڪانفرس منجهه،

ميونسپل ڪارپوريشن جي جناح هال لاهور ۾ پڙهي وڃي؛

لاهور جي پنجابين لوڀين لاهورين جا ٺپ ٺاري ڇڏيا هيا.

ملاحظ ڪندا_جوکيو شفيق احمد

(*)*(*)(*)

سنڌ جي زرعي زمين جي حقداري!

علامه مفتي مولانا محمد مراد انڍڙ هاليجوي رح جو،

.ڊاڪٽر اسرار احمد کي جواب

هن وقت امة مسلمه پوري دنيا ۾ ۽ خاص ڪري پاڪستان ۾ ڪيترن ئي خطرن ۾ گهريل آهي. شعور وارو هر ماڻهو پنهنجي جذبات ۽ احساسات جي آڌار تي اظهار خيال ڪندو آهي. اڄ ڪلهه زبان ۽ قلم سان جن خطرن جي نشاندهي ٿي رهي آهي، اهي خطرا گهڻي ڀاڱي موجود ته ضرور آهن پر انهن جي ترتيب ۽ درجي بندي هر هڪ پنهنجي انداز فڪر جي مطابق ڪندو آهي.

آءُ دين اسلام جي ادنيٰ خادم ۽ پيروڪار ۽ علم دين جو طالب آهيان تنهنڪري مونکي پهريون نمبر صرف ۽ صرف ڪفر و الحاد جو خطرو نظر اچي رهيو آهي. ڪفر و الحاد جا محرڪات هر جاء تي جدا جدا آهن، نيشنلزم جي حامل ديني علم کان بي خبر سنڌي نوجوان کي الحاد طرف ڌڪڻ جو گهڻو ذمو انهن جو آهي، جيڪي اسلام جي منافقانه نعرو هڻن ٿا يا پنهنجي مڪروه سياسي عزائم جي هٽي چمڪائڻ لاء اسلام جي من ماني ۽ غلط تشريح ڪن ٿا ۽ پنهنجي آقائن جي هر ڪُڌي ڪمَ کي اسلام جو لبادو پهرائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ان سان انهن جي مڪروه فعل کي قبول ته ڪوئي ڪونه ٿو ڪري پر ابتو ماڻهو اسلام کان بيزار ٿي رهيا آهن ته '' اسلام آهي ته، اسان جي توبه''

مون ڪجهه عرصو اڳ پنهنجي مذهبي ساٿين سان ان مسئلي تي اختلاف ڪيو هو جڏهن قابل قدر ۽ واجب الاحترام دوستن ۽ بزرگن جيڪي '' پراڻا سنڌي '' آهن، جن سنڌي نيشنلسٽن خلاف شرعي فتويٰ مرتب ڪرڻ جي فرمائيش ڪئي هئي، ان وقت منهنجو موقف اهو ئي هو ته '' ڪفر جي فتويٰ ان مسئلي جو حل ڪونهي.

مونکي انديشو آهي ته اهي '' مشتعل نوجوان'' فتويٰ ٻڌي الله کان ڊڄڻ بجاءِ اعلانيه الحاد جو اظهار ڪندا.

اڄ ڪتابچه '' استحڪام پاڪستان '' ۾ پنهنجي موقف جي تائيد محسوس ڪري ذهن ۾ فورا هي شعر گردش ڪرڻ لڳي ٿو: معني جيڪو حل اوهان تجويز ڪيو آهي يعني '' اسلام نظام عدل جو عملي نفاذ '' اهو حل يقيناَ اعلي ۽ افضل آهي ۽ هن عاجز جي ته زندگيءَ جون سموريون توانانيون ان ۾ صرف ٿيون آهن ۽ هاڻ جڏهن قاديانن جي بمن جي حملي سبب جسم جي طاقت به جواب ڏيندي وڃي ٿي تڏهن به دل جي اها خواهش موجد آهي. پر اسلام جي نظام عدل جو نافذ ڪرڻ اوهان يا منهنجي هٿن ۾ ڪونهي، اسان اڄ تائين عاجز آهيون.

ٻيو حل هي ته اسلام جي صحيح تعبير انهن نوجوانن اڳيان پيش ڪجي ۽ کين ٻڌائجي ته صحيح اسلام اهو ناهي، جيڪي چند مفاد پرست ڪرائي جا ڪارڪن پنهنجي داتائن آقائن کي خوش ڪرڻ ۽ دولت هٿ ڪرڻ يا پنهنجي '' گهٽ ڄاڻ ۽ گهٽ عقل'' ڪري نادان دوست جو ڪردار ادا ڪندي پيش ڪري رهيا آهن، بلڪه صحيح ۽ حقيقي اسلام ۾ هر فرد ، ملة ۽ هر طبقي جي حقن ۽ مفادات جو پورو لحاظ رکيو ويو آهي.

جيڪڏهن سياسي چالبازين کان تنگ ۽ شهري آزادين جو خواهان آهيون ته اسلام کان وڌيڪ ان جو حامي ۽ طرفدار ڪنهن ٻئي مذهب ۽ نظريي کي نه لهندؤ

جيڪڏهن اوهان معاشي ناهمواري ۽ اقتصادي استحصال جو خاتمو چاهيو ٿا ته اسلام کان وڌيڪ دولت جي منصفانه ؛ تقسيم جهڙ پروگرام ٻئي ڪنهن وٽ ڪونهي.

'' پنجاب کان نفرت'' جي عنوان ۽ سنڌ جي زمينن تي پنجابي آبادگارن کي آباد ڪرڻ جي مسئلي کي اوهان شايد طرفين کان معلومات حاصل ڪِئي بغير، پنهنجي اندازي سان بيان ڪيو آهي. هن مسئلي جي اصل حقيقت هي آهي ته سکر بئراج جي منصوبه بندي ۽ سنگ بنياد وقت سنڌ ۾ تحريڪ خلافت جي قيادت هيٺ انگريزن کان ترڪ مولات جي مهم پنهنجي زور(عروج) تي هئي. سنڌ ۾ سيد العارفين سيدنا مولانا تاج محمود امروٽي نورالله مرقده ۽ رئيس المجاهدين علامه مولانا محمد صادق (کڏي وارا-ڪراچي،سنڌ)، حڪيم (علامه مولانا) فتح محمد سيوهاڻي، مولانا حماد الله هاليجوي رح، ( رئيس المهاجرين رئيس جان محمد جوڻيجو ۽ ٻين ڪيترن ئي اڳواڻن سبب هن تحريڪ کي جيڪو عروج حاصل ٿيو ان جو مثال سڄي برصغير(ننڍي کنڊَ) م نه ٿو ملي. هزارين خاندان پنهنجو مال و اسباب، وطن (سنڌ) ۽ مائٽ ڇڏي افغانستان هجرت ڪري ويا هئا. ڪن جواولاد اڄ به افغانستان ۾ موجود آهي.

انگريزي فوج ۾ ڀرتي وڏي ڳالهه آهي، سنڌ جي هزارين (سنڌي) مسلمانن ته ترڪ موالات جي دور ۾ سول نوڪرين تان به استعفائون ڏنيون هيون، جن جم مان اڄ به ڪجهه حال حيات آهن ۽ وڏن جي جهاد جي ياد تازه ڪري رهيا آهن. فوج ۽ سول ملازمين / نوڪرين ۾ سنڌين گهٽ هجڻ ۾ توهان جي بيان ڪيل سببن سان گڏ هڪ مکيه سبب اهو به آهي . تحريڪ ترڪ موالات جو جوش اڃان ٿڌو ئي ڪونه ٿيوهو ته ايتري ۾ ٻه ٻيون تحريڪون عين ان وقت شروع ٿيون جڏهن سکر بئراج جڙي راس ٿيو ۽ انگريزن (بئراج واريون) زمينون تقسيم ڪرڻ شروع ڪيون. هڪ تحريڪ واهن جي کوٽائيء سان مسجدن جي متاثر ٿيڻ ڪري شروع ٿي جنهن جي قيادت سيد العارفين مولانا سيد تاج محمود امروٽي نورالله مرقده جن ڪرڻ فرمائي. جنهن جو عام اثر ته سموري سنڌ شدت سان ظاهر ٿيو پر خاص طرح سکر بئراج جي ساڄي پاسي واري علائقي ۾ ته هڪ بغاوت واري ڪيفيت پيدا ٿي پئي ۽ ٻي تحريڪ سنڌ جي جوڌي جوان سورهيه بادشاهه سائين حضرت پير صبغة الله شاهه پاڳاري جي تحريڪ '' حُرُ تحريڪ '' هئي جنهن خصوصيت سان درياهه جي کاٻي پاسي واري علائقي کي پنهنجو مرڪز بڻايو، سنڌ جا سنڌي مسلمان عموماَ ۽ حر مجاهد خصوصاَ انگريز (پليد سامراج) خلاف ميدان ۾ لهي پيا. جنهن وقت سنڌ جا غيرتمند سنڌي مسلمان آزادي ۽ اسلام جي جنگ لڙي رهيا هئا عين ان وقت ۾ انگريز پنجاب کان پنهنجي اعتماد وارا '' بنده '' آڻي (لڏائي) سنڌ جي زمينن کي آباد ڪرائڻ شروع ڪيو۽ پنجابي قاديانين کي سنڌ جون زمينون جاگير ڪري ڏنائون. هي سبب بلڪل غلط آهي ته'' جيئن جو پنجاب جا ماڻهو وڌيڪ محنتي آهن ان ڪري کين زمينون ڏنيون ويون'' جن سنڌين خلافت تحريڪ سان غداري ڪري انگريزن کان حاصل ڪيون هيون جيئن'' نوابشاهه جا سنڌي قادياني'' سي انگريز جا پٺو هئا. تن جي زمينن جو رڪارڊ ڏسو! ته هڪ ايڪڙ به غير آباد ڪونه هيو ۽ في ايڪڙ پيدوار ۾ پڻ سڀ کان وڌيڪ هئا. هر باشعور ماڻهو سمجهي سگهي ٿو ته تعاون ۾ ڪو مخالف ڌر جو ساٿي ئي بڻجي ته رنجش پيدا ٿيڻ لازمي امر آهي، آزاديءَ جي مجاهدن جي ملڪيت تي قبضو ته پري رهيو.

ان کان پوءِ جڏهن ڪوٽڙي بئريج ۽ گُڊو بئراج جڙي راس ٿي ۽ زمينون ورهائجڻ شروع ٿيون ته سڀ کان وڏو حصو(علي الحساب) فوجي فارمن طور ڏنو ويو جيڪو هزارن ايڪڙن تي مشتمل آهي. باقي حصي مان سرڪاري ملازمن ۽ فوجي جنرلن ڪرنلن کي نوازيو ويو ۽ باقي رهيل زمين کي وڏن وڏن بلاڪن جي صورت ۾ عام نيلام ڪيو ويو، جنهن ۾ ننڍي کان ننڍو بلاڪ 32 ايڪڙن جو هئو.. سنڌ جا مقامي ماڻهو جيڪي مينهن، قدرتي ٻوڏ ۽ اُونهَن کوهن مان معمولي پيداوار اُپَتِ ڪندا هئا تنهن جو وڏو حصو حڪومت کي بطور '' ليز مني '' ادا ڪيو ويندو هو. چاليهه پنجاهه سالن کان غير آباد ۽ بنجر زمينن تي هزارين روپيه ان اميد تي خرچ ڪري چڪا هئا ته واهن جي مٺي پاڻي اچڻ کان بعد اهي سموريون زمينون سرڪاري اگهه ۽ مالڪاڻه حقوق سان کين ملنديون پر (اي بسا خاڪ شد) موجب اهي سموريون ٻنيون مقامي ڪڙمين کي ڏيڻ بجاءِ وڏن وڏن بلاڪن جي صورت ۾ عام نيلام لاء پيشِ ڪيون ويون جن تي مقامي ماڻهن جا ڪکاوان گهر ٿورا گهڻا باغ کوهه ٺهيل جڙيل هئا. جيڪي غريب پنهنجي ٻچن کي ٻن ويلن جي رکي سڪي ماني، پيٽ ڀري کارائڻ جي سگهه نه ٿي رکي سگهيا، سي پنجاب کان آيل سرسبز چوڌرين سان ڪٿي مقابلو ڪري ٿي سگهيا. نتيجي طور پنجاب کان گهرايل چوڌري جيڪي ون يونٽ جي عزائم جي پورائي لاهور منصوبي ۽ سازش تحت آندا ٿي ويا تن پنهنجون تجوڙيون کوليون ۽ ويچارا مقامي ماڻهو مُنهُن ڏسندا ئي رهجي ويا. ڪنهن به مقامي ماڻهوءَ کي هڪ بلاڪ به خريد ڪرڻ جي طاقت ميسر نه ٿي ۽ ائين سموريون زمينون پنجاب کان آيل (پيٽ ڀريل) آبادگار وٺي ويا. وڏي ڳالهه ته اها آهي جو جيڪي مشرقي پاڪستان جي سول ۽ فوجي آفيسرن کي ڏنيون ويون هيون، مشرقي پاڪستان جي ٽٽڻ (الڳ ٿيڻ) ڪري اهي سموريون زمينون به پنجاب کان آيل (پنجابي) ماڻهن کي ڏنيون ويون ۽ هڪ بلاڪ به ڪنهن مقامي سنڌيءَ ماڻهوءَ کي نه ڏنو ويو.

انهن حالتن ۾ اوهان ٿڌيءَ دل سان غور ڪري فيصلو ڪيو ته ٻاهران آيل انهن ماڻهن سان مقامي سنڌ جا (سنڌي) ماڻهو محبت ڪندا يا نفرت ؟

جيستائين انهن معاملن ۾ انقلابي ڦير ڦار نه ٿو ڪجي ته صرف (رڳو) زباني اخوت (ڀائپي) جو درس ڪيڏو به اثرائتو ڏنو وڃي، انهن ماڻهن تي ڪوبه اثر نه ڪري.

گهٽ ۾ گهٽ منهنجي همت ته جواب ڏيئي چُڪِي آهي. شايد ڪو وڏي حوصلي وارو اوالعزم بزرگ اهو ڪم سر انجام ڏيئي سگهي.

چشم ما روشن دل ما شاد

ورتل سنڌ جو ڪيس

سنڌ ساگر پارٽي

مورخه. مارچ 1988ع


1 comment:

  1. zabardast very well said sir we dont hate any nation just they dont exploit us

    ReplyDelete